Saturday 21 April 2018

ابراھيم منشي ؛ انقلاب ۽ اميد جو شاعر.



سنڌ جو ناميارو عوامي شاعر منشي محمد ابراهيم  سومرو،     15 -جنوري- 1934ع تي ڳوٺ -جنهاڻ- سومري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان (اڳوڻي ضلعي حيدرآباد) ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق هو، جيڪو ڪڙمت ڪندو هو. غربت جي حالت ۾ به هن پنهنجي پٽ (ابراهيم منشيءَ) کي ملان مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. اڃا چوٿون درجو سنڌي مس پڙهيو ته مارچ 1945ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. گهر جي اٺن نون ڀاتين جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو، -ان- ڪري ابراهيم منشيءَ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي. هنن ڏکين حالتن کان متاثر ٿي، هن 1949ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ابراهيم منشيءَ جو پيءُ پڻ شاعر هو ۽ مولود به چوندو هو، مٿس -ان- جو به ڪافي اثر هو. ابراهيم منشيءَ شروع ۾ رومانوي شاعري ڪئي ۽ ڪافيون چيون.
شاعريءَ وسيلي هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. هو پنهنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو. 1960ع ڌاري شيخ -اياز- جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو. . 66- 1965ع ۾ ماهوار ’روح رهاڻ‘ ۾ سندس شاعري ڇپي. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”پيغام مظلوم“ (1970ع) ۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو ’وڳهه جا وريام‘ (1971ع) ۾ ڇپيو. 1985ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ’گوندر ويندا گذري‘ ڇپيو، جنهن جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو. 1991ع ۾ سندس چوٿون مجموعو ’ڌرتي، دين، ڌرم‘ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو ’ڌؤنري ڏينهن ڌاڙا‘ (1995ع) ڇپيو ۽ ڇهون مجموعو ”اکر اکر اک“ روشني پبلڪيشن پاران 2006ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هي عوامي ۽ انقلابي شاعر 31 -جولاءِ- 2003ع تي هي جهان ڇڏي ويو. 
سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر ابراهيم منشي
تحرير : محمد سليمان وساڻ
جنگ جنگ جنگ آ توسان منهنجي جنگ آ
پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ
سنڌ جي انهن قومي شاعرن جو جڏهن به ذڪر نڪرندو جن ڌرتيء سان ڪيل عشق جي شاعري ڪندي پوري زندگي ڏاڍ جو مقابلو ڪيو انهن عظيم ڪردارن مان مرحوم ابراهيم منشي جو نالو به نمايان هوندو. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جا ڪيترائي سپوت ۽ جوڌا جن پنهنجي پوري حياتي سنڌ جي ڏکن، سورن ۽ جدوجهد لاءِ ارپي آهي. جيڪي سنڌي قوم جي اجتمائي مفادن ۽ سنڌ جي آجپي جي رکوالي ڪندي، تاريخ جو سنهري باب بڻجي ويا آهن. منشي محمد ابراهيم به انهن امر ڪردارن مان هڪ قومي شاعر آهي. ضلعي ٽنڊو محمدخان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ جنهاڻ سومرو پورهيت ڪٽنب سان تعلق رکندڙ منشي محمد ابراهيم 15 جنوري 1934ع ۾ ديني عالم شاعر مولوي محمد اسحاق سومرو جي گھر ۾ جنم ورتو هو. سندن والد به ان وقت بهترين شاعرن مان هڪ ليکيو ويندو هو.
جيتوڻيڪ غربت ۽ غريب خاندان سان تعلق هجڻ ڪري هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو پر پوء به پرائمري تعليم حاصل ڪري ورتائين. انکانپوء هن پنهنجي پوري زندگي محنت مزدوري ۽ ٺيڪيدارن وٽ منشي گيري ڪندي گذاري جنهن ڪري سندس لقب به منشي ٿي ويو. ان وقت هن شاعري جي شروعات ڪئي ۽ گهڻو ڪري قومي شاعري ڪندو رهيو. سندس شاعريء ۾ ٺيٺ سنڌي ٻولي استعمال ٿيل آهي، سولي ۽ سادي. سندس شاعري فطرت ، سونهن ۽ عشق جي شاعري آهي.
هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي
اهڙي ۾ اچڻ تنهن جو ڀاڳن جي ڀري آهي
هو مارشلا هجي جا جمهوري دور پر سنڌ سان پنهنجي ازلي عشق کي نروار ڪندو رهيو خاص ڪري سنڌي ٻوليء کي . هن فوجي آمرن جي ڏهڪاء واري دورن ۾ به سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد تان دستبرداري ڪانه ڪئي.
ڪن رولن سمجھي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،
هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان
ابراهيم منشي 1972 ۾ حيدرآباد ۾ هڪ قومپرست پارٽي جي جلسي ۾ قومي شعر ۽ شاعري پرهي جنهن سبب هن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ان سان گڏ هن قومي ڪارڪن کي 6 مهينا ٽيپ ۽ 5 هزار روپيه ڏنڍ لڳايو ويو هو. پر اهي سڀ تڪليفون هن کي سنڌ ۽ سنڌ سان ٿيل زيادتين خلاف آواز اٿارڻ کان روڪي نه سگهيون ۽ ٻيهر هن 1973 ۾ جلسي ۾ قومي شاعري پيش ڪئي جنهن سبب کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. سائين جي ايم سيد سان هن جو عشق هو ۽ 1974 ۾ هن سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پابندي باوجود شاعري چئي. جنهن جي ڪري پورا 10 مهينا سخت پورهئي سان کيس جيل جي سزا ڏني ويئي. سندس شاعري ڪجهه هن طرح جي هئي:
نٿو جو  سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ  لئه   ڪڙهي
سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.
سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ 1975 ع ۾ مارڪيٽ ۾ آئي ۽ کيس ڀرپور عوامي موٽ ملي پر کيس ٻيهر جيل موڪليو ويو. ضياء الحق جي مارشلا خلاف 1983 واري هلچل ۾ حصو وٺي، گرفتاري ڏنائين.
سندس شاعري جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي، غريب ماڻهو، هاري ، پورهيت ۽ شاگرد رهيا . هن کي جاگيرداري ۽ سرمايداري واري نظام کان تمام گهڻي نفرت هئي جنهن جو هن پنهنجي شاعريء ۾ کليو اظهار ڪيو آهي. ساندس شاعريء ۾ درد ۽ جذبا سمايل هئا، سندس شاعري ۾ نفرت ۽ چڙ هئي، سندس شاعري سچ ته سونهن ۽ سنڌ سان عشق جو سنگم هئي. هو قومپرست سياست جي اهم شخصيتن سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، شهيد فاضل راهو سان به گڏ رهيو. جيتوڻيڪ زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هن جو تعلق وقت جي حڪمرانن ممتاز ڀٽو ۽ ڄام صادق جي ويجهو رهيو پر هن ڪڏهن به ڪا رعايت نه ورتي ۽ نه ئي ڪو سرڪاري عهدو.
برابري،  سراسري،  اسان گھُرون   ٿا     ايتري،
پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايون هيتري
مرحوم ابراهيم منشي جي مشهوري جو هڪ سبب پنهنجي آواز ۾ شاعريء کي ڳائڻ ۽ پيش ڪرڻ به هو. شاعريء کي پڙهڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جو ڏانء کيس ڀلي نموني ايندو هو. هو شاعر هجڻ سان گڏ پاڻ به هڪ لوڪ فنڪار هو. هن پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيڪي ۾ ڳائي آهي. هو اڪثر ڪري سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي تقريبن ۾ پاڻ اچي پنهنجي شاعري پيش ڪندو هو. سندس شاعري سچ ته قومي تحريڪ کي هڪ سگهه ۽ طاقت ڏني هئي.
هو زندگيء جي آخري سالن ۾ اڪثر بيمار رهندو پئي آيو ۽ کيس ٻه دفعا دل جا دورا پيا. وقت جي حڪمرانن ته سندس ڪا سار نه لڌي پر سنڌ جي هڪ اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر انور علي عالماڻي سندس علاج ڪرائڻ ۾ سندس مدد ڪئي. 31جولاء 2003ع تي دل جي دوري سبب حيدرآباد جي ديوان مشتاق اسپتال ۾ سندس ساهه جو ڌاڳو ٽٽي ويو ۽ منشي سنڌ جي مٽيء سان وڃي مليو.

ڪو  وڏ  ڦُڙو هت وسڻو آ،   هر ديس    دروهي    دَسڻو   آ،
رت  راھ  رتوليءَ   رسڻو آ،     هر ديس     دروهي دَسڻو آ،
برساتن ۾ باهيون وسنديون، کوهن ۾ پڻ کوريون تَپنديون،
ڌرتي ساري ٽامون ٿيندي، سنڌ سموري سامهون ٿيندي،
اُڀ  اُڀارون  کائي  کائي،  نيٺ  پَٽيندو  ساهي     ساهي،
گوريلن  جا   گيت   هوا   ۾،   ٻرندا محبت ميت هوا ۾،
راڄ ۾ ڪو به نه روڳي رهندو، ٺڳ نه ڪو ڪو ٺوڳي رهندو،
اهڙو  ڏينهن   به اچڻو   آ،   هر ديس   دروهي           دَسڻو آ.
هي بڪتر بند هوائي حملا، شينهن مردن ٻڌيا شملا،
وانگي ورندا وِيرن وانگي، سر ڪٽائڻ سنڌوءَ سانگي،
آيا آيا ڄاڻ ته آيا، گيت ڳنوارن ائين پئي ڳايا،
ڪِرندا ڪنگرا ڪوٽ ۽ قلعا، ٻاهر نڪري ايندا ٻلا،
ڪونڌر رکندا ڪنڌ مروڙي، هنن ڇڏيا ٽڪر ٽوڙي،
هي ڳوٺن شهرن ڳهڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.
تاريخ جڏهن تاوان گھري ٿي، در در ڌرتي دانهن ٻُري ٿي،
تازو رت تاوان ڀريون ٿا، ڪنهن جي غلامي ڪيِن ڪريون ٿا،
اهڙا ڪئين اسرار ڏٺاسون، تاريخن جا پيٽ ڀرياسون،
دودا، ننگر، ڀونگر، آيا، اهڙا لکين مائن ڄايا،
جو لهڻو آ سو ڏيئڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.
ڀَونءَ اَٿندي ڀڙڪو کائي، وڻ ٽِڻ قوم پرستي وائي،
ڏهيسر هڻندا دهلن ڏونڪا، وِيرن وانگي ورندا وونڪا،
يورپ جا هي پاليل ڪُتا، نيٺ ته ڀڄندا کائي جُوتا،
اڄ قوم جي ڪُک ۾ ڪانِ لڳو آ، گھر گھر اهڙو گھنڊ وڳو آ،
هر ماڻهو ”منشي“ مرڻو آ، هن ڀونءَ جو پيٽ ته ڀرڻو آ،
هر سُور سنڌوءَ جو سَهڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ

*******************************************

ڪن رولن سمجھي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،
هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان.
اها تيري ميري تو وٽ رک، هت ڳُڻن ڀريو ويهي ڳالهاءِ،
نه ته نڪري وڃ هن نگري مان، هت پير پليت نه ڪو پاءِ،
هي سنڌ انهن آ سنڌين جي، جو سنڌي پاڻ کي صاف سڏاءِ،
نه ته گھر به ويندءِ سِر به ويندءِ، سنڌ مٽيءَ جو مونکي سُنهن،
ڪر کڻي اڄ ڪُونڌر اٿيا، ڪندا تنهنجو ڪارو مُنهن،
ٽنگيل هوندين ٽياسن ۾، هتي ٽولي ٽولي ٽوليءَ سان!
مُنڍا کائي مورين جا هتي، مَتو آهين مانگر مَڇ،
ٿورا ڏينهن اهي ٿُونا تنهنجا، راڻن ڦير يا توتي رڇ،
ڪُنڍيون تنهنجي ڪلين ۾ تون، ڪيڏا ڀڄندين ڀُڄ ۽ ڪَڇ،
تو لُوسي آ للڪاريو اڄ، غيورن جي غيرت کي،
هن دودن ديس دليرن ۽، جرنيلن جي جُرئت کي،
هي لٺين جون تان لوليون تو کي، لوليون ڏيندا لوليءَ سان!
هي دودي دريا خان دلاور، ڌُوپارن جو ديس اٿئي،
هي مانجھين مردن ٻاگھين ٻارن، جھُونجھارن جو ديس اٿئي،
هي سچن سانگين سرواڻن، ۽ سنگھارن جو ديس اٿئي،
شينهن سُتل تو جاڳايا هي، منٽن ۾ تو مات ڪندا،
تو رت تپايو راڻن جو هي، هڏ به تو هضمات ڪندا،
هي سنڌوءَ جا سرواڻ اٿئي جي، ڇيڙيا آهن تو ڇوليءَ سان!
هي ٻولي سچل سامي سانوڻ، شاھ ڀٽائي گھوٽن جي،
هي ٻولي ڪُل کان آھ قديمي، ارڏن ۽ اڻموٽن جي،
هي ٻولي ڏاڏي ناني جي ۽، ماساتن جي سوٽن جي،
آڱر هن ڏانهن جيڪو اُٿاري، تنهن جو ڌَڙ سِر ڌار ڪندا،
هي ”منشي“ سڀ مهمير اٿئي، تو چيري ٽُڪرا چار ڪندا،
هي هولي کيڏي ڄاڻي هر هڪ، هولي ڏسندين هوليءَ سان!
*******************************************
مون کي معاف ڪجو، انصاف ڪجو،
سچ سڀ کي سُڻائي وينداسون،
جن جھانگين ڏنڙي جھول ڀري،
تن ٻول ٻُڌائي وينداسون.

مان ڪنهن کي ڀلا ڇو چور چوان،
ڪنهن ڪانگ چوان ڪنهن مور چوان،
ڳالھه نئين  هي  تازي     آهي،
هر ڪنهن پنهنجو ماضي آهي،
خود ڀيٽ ڪريو اک ٽيِٽ ڪريو،
ڪنهن پيٽ ڀريو ڪنهن چيٽ چَريو،
اسان جڳ ۾ جڳنا جوتي آهيون،
جوت جلائي وينداسون.
درياھ به لاهن چاڙهن ۾،
انسان به ڇانئن ڪاڙهن ۾،
ڪو شيشن ۾ ڪو شِيخن ۾،
هي قاضي هميشه عيش ۾،
تعويذ وٽن ڪو آهي سَڳو،
يا ڪنهن جو رت آ مُنهن لڳو،
کاتا به ڦِريا ماڻهو به مُئا،
ڪنهن ڪِين ٻُڌا ڪنهن ڪينِ سُئا،
جا حق چوڻ تان ٽِيپ لڳي،
اسان سا به ڪمائي وينداسون.
اها ڳالھه اسان لئه ناهي نئين،
اسان روپ ڏٺا آهن اهڙا ڪئين،
ڪو وانگيئڙن جي لاءِ وڙهي،
ڪو مايا ميڙڻ گھاٽ گھڙي،
ڪرسي ته اها ئي ساڳي آ،
ڪنهن لک نه لهي ڪو داڳي آ،
خود ڀيٽ ڪريو اک ٽِيٽ ڪريو،
ڪنهن پيٽ ڀريون ڪنهن چيٽ چَريو،
اسان ساڌا سوڌا ٻيجھلڙا؛
پر ٻول ٻُرائي وينداسون.
مون کي معاف ڪجو، انصاف ڪجو،
سچ سڀ کي سُڻائي وينداسون،
جن جھانگين ڏنڙي جھول ڀري،
تن ٻول ٻُڌائي وينداسون.