Tuesday 24 April 2018

ديومالائي اديب ۽ شاعر ؛ شمشيرالحيدري


شمشير الحيدري انگريزي ٻولي (Shamsher-ul-Hyderi) (جنم: 15 سيپٽمبر 1932ع - وفات: 11 آگسٽ 2012ع) سنڌ جو ناميارو محقق، ناٽڪ نويس، شاعر، ڪالم نگار، صحافي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ماهر هو جنهن جا ڪيترائي ڪتاب، مضمون ۽ ڪالم شايع ٿيل آهن. سندس لاتعداد ڊرامه پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن.
سوانح
شمشير الحيدري 15 سيپٽمبر 1932ع تي ڳوٺ ڪڍڻ، بدين ضلعو ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي پڙهائي بدين ۾ ئي پرائي، تنهن کان پوءِ انگريزي پڙهائي ورنيڪيولر اسڪول بدين ۾ ورتائين، اُتي چار درجا انگريزي پڙهڻ کان پوءِ کيس 1947ع ۾ ”سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي“ موڪليو ويو، جتي محمد ابراهيم جويو سندس اُستاد هو. پر سنڌ مدرسي ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪري نه سگهيو ۽ واپس ڳوٺ موٽي آيو. اڳتي هلي ٽنڊي باگي جي ”مير غلام محمد ٽالپر“ اسڪول ۾ پڙهيو. شمشير الحيدري 1963ع ۾ ايم-اي سنڌي ۽ اديب عالم سنڌي جي امتحان پاس ڪيا. ايم-اي ۾ ”آزاد نظم جي اوسر“ تي مقالو لکيائين.
شمشير الحيدري جو مامون ڪامريڊ نذير حسين حيدري سياست ۾ ڪافي سرگرم هو. پهرين مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ پاڪستان جي تحريڪ جي سلسلي ۾ جيل ۾ پڻ ويو. تنهن کان پوءِ پيپلز پارٽي ٺهي ته انهيءَ جوبنيادي ميمبر بنيو. تنهن کان سواءِ هاري ڪميٽي ۾ پڻ هو ۽ انهيءَ جي پولٽ بيورو جو ميمبر هو. هو وڏو هڏ ڏوکي، شاعر، خطيب، مقرر ۽ حڪيم هو، شمشيرالحيدري ننڍي هوندي کان ئي ان کان گهڻو متاثر رهيو ۽ سندس صحبت ۾ حڪمت جو ڌنڌو سکيو. هونئن شمشير جو ڏاڏو ۽ والد به سٺا حڪيم هئا ۽ هنن حڪمت ۾ خوب نالو ڪمايو. انهيءَ حڪمت جي ڌنڌي سبب ماڻهو شمشير کي ”ڊاڪٽر“ سڏيندا هئا. ڪامريڊ نذير حسين حيدري انهيءَ وقت بدين مان ”اعلان حق“ جي نالي سان اخبار ڪڍندو هو. شمشير صحافت جون پِڪون اُتان پيتيون. اڳتي هلي سالن کان پوءِ 1992ع ۾ شمشير اها اخبار ٻيهر جاري ڪئي ۽ انهيءَ جا ڪجهه پرچا ڪڍيا.
سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ جي دوران شمشير اُتان جي ماحول کان ڪافي متاثر ٿيو ۽ پاڪستان ٺهڻ دوران جيڪي مارا ماريون ٿيون، تن کي اکين سان ڏٺائين. پاڻ انهيءَ زماني ۾ ”پاڪستان اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ بدين شاخ جو بنياد رکيائين ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو کيس اسڪول مان ڪراچي وڃي پڙهڻ جي لاءِ سرٽيفڪيٽ مليو.
سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ جي دوران، پهرين سال هو خوب محنت ڪري پڙهيو، پر تحريڪي دماغ هئڻ سبب اُتي به ماٺ ڪري نه ويٺو ۽ 1956ع ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي مرڪزي تنظيم جو پايو وڌائين، جنهن جون شروعاتي گڏجاڻيون مدرسي جي سينيٽوريم هال ۾ ٿينديون هيون. اڳتي هلي ’سنگت سنڌ‘ جي مرڪزي چونڊن ۾ 17 آڪٽوبر 1956ع تي اياز قادري سيڪريٽري جنرل ۽ شمشيرالحيدري جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيا. اپريل 1957ع ۾ اياز قادريءَ جي استعفى کان پوءِ شمشميرالحيدري سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل مقررٿيو. پاڻ 1957ع کان وٺي 1966ع تائين سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو، جڏهن ته خزانچي موتيرام ۽ آڊيٽر ع.ق شيخ هئا. سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ جي دوران پهرين شمشير ’سنڌي بزم ادب‘ قائم ڪئي ۽ محمد ابراهيم جويي کي انهيءَ جو صدرمقرر ڪيو ويو.
شمشير الحيدري پهرين نوڪري 1950ع ڌاري پاڪستان رائيس مل ۾ منشي جي حيثيت سان شروع ڪئي. تنهن کان پوءِ پي-ڊبليو-ڊي ۾ ملازمت ڪيائين. اڳتي هلي ”بدين ڪو آپريٽو بئنڪ“ بدين جومئنيجر مقرر ٿيو. 1964ع ۾ بئنڪ بند ٿي ته شمشير به نوڪريءَ کان واندو ٿيو.
شمشير الحيدريءَ جي زندگيءَ جو وڏو حصو صحافت ۾ گذريو. سندس صحافتي ڪيريئر جي شروعات ”هلال پاڪستان“ کان ٿي، جيڪا مرحوم عبدالڪريم منشي ڪڍي هئي. پاڻ سڀ کان پهرين انهيءَ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو، تنهن کان پوءِ نيوز ايڊيٽر ٿيو. 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ”مهراڻ“ رسالي جو نئين سر جاري ڪيو ويو. انهيءَ وقت محمد ابراهيم جويو ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو سيڪريٽري هو. جنهن سان شمشير جي ”سنڌ مدرسي“ واري زماني کان واقفيت هئي. تنهن کيس 1956ع جي شروعات ۾ بورڊ ۾ ڪلارڪ ڪري رکيو. سندس ڪم پروف پڙهڻ ۽ ڪتابن جي بنڊلن تي ايڊريسون لکڻ هوندو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس محنت ۽ ڪم کان متاثر ٿي کيس ”مهراڻ“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ڪري رکيو. اهو دور شمشير جي صلاحيتن جي نکرڻ جو دور هو. شمشيرالحيدري ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۾ يارهن سال نوڪري ڪئي ۽ 1966ع ۾ اها ڇڏيائين.
1966ع ۾، پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي مرڪزي اطلاعات ۽ نشريات جي وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف فلمس اينڊ پبليڪيشن جي سنڌي شعبي جو سربراهه ۽ ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ”نئين زندگي“ جو اهو دور سنڌي ادب ۾ زبردست تحريڪي ۽ تنظيمي دور ثابت ٿيو. شمشير پنهنجي عادت موجب ”نئين زندگي“ کي هڪ ادبي مشن ۽ جذبي تحت هلايو ۽ ڪئين نوان ليکڪ پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ وڏو نالو ڪڍيو. شمشيرالحيدري جي ايڊيٽري واري دور جا ”نئين زندگيءَ“ جا پرچا کڻي ڏسبا ته اهي هر حوالي سان جامع نظر ايندا. نئين زندگيءَ جي ڪيترن ئي يادگار رسالن کان سواءِ جڏهن ون يونٽ ٽٽو ته شمشير نئين زندگيءَ جو يادگار ”سنڌ نمبر“ پڻ ڪڍيو. شمشير اتي يارهن سال رهيو. پوءِ جڏهن پيپلزپارٽي جي دور ۾ مرڪزي مواصلات کاتي پاران ”ڪميونيڪيشن انفارميشن سيل“ کوليو ويو، جنهن جو ڪم مواصلات جي مختلف کاتن بابت فلمون ٺاهڻ، انگريزي رسالو جاري ڪرڻ ۽ اخبارن کي اشتهار ورهائڻ هو. ته شمشير نئين زندگيءَ جي ايڊيٽريءَ تان استعفى ڏيئي انهي کاتي ۾ ڊپٽي مئنيجر بنيو. پر ڏيڍ سال کان پوءِ ڀٽي صاحب جي حڪومت ختم ٿي ته اهو کاتو ٽوڙيو ويو ۽ شمشير کي 19هين گريڊ ۾ سرپلس ٺهرايو ويو. ائين يارهين سالن کان پوءِ وري پي پي گورنمينٽ ۾ کيس ”يُوٿ انويسٽمينٽ پروموشن سوسائٽي“ ۾ سينيئر ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪري مقرر ڪيو ويو. جتان پاڻ 1989ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين.
مٿي ذڪر ٿي آيو آهي ته شمشيرالحيدري هلال پاڪستان کان صحافت جي شروعات ڪئي. تنهن کان پوءِ ڪافي وقت تائين ”خادم وطن“ ۾ پڻ اسسٽنٽ ۽ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. 1983ع ۾ کيس حيدرآباد مان نڪرندڙ ”مهراڻ“ اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اها پير صاحب پاڳاري جي اخبار هئي. جيڪا انهيءَ وقت حُر جماعت جي بليٽن طور فقط ٻارهن سئو ڪاپيون شايع ٿيندي هئي. شمشير اڃا ادارت سنڀالي مس، جو 14 آگسٽ 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي مارشلا خلاف، جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ شروع ٿي ويئي. شمشير کليو کلايو تحريڪ جا تفصيل شايع ڪرڻ شروع ڪيا ۽ اخبار کي ضيائي مارشل لا خلاف هٿيار طور استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. اخبار جا ڪيترائي ڪالم ۽ ايڊيٽوريل مارشل لا جي خلاف ۽ جمهوريت جي بحاليءَ جي حق لکيا. نتيجي ۾ اخبار جي سرڪيوليشن ٻارهن سئو ڪاپين مان وڌي ٻاويهه هزارن تائين پهتي. نيٺ 82 ڏينهن کان پوءِ کيس اخبار کان ڌار ڪيو ويو.
اڳتي هلي 1986ع ۾ کيس ”هلال پاڪستان“ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اتي به ساڳئي 1983ع واري صورتحال ٺهي. 1986ع جي تحريڪ شروع ٿي ويئي ۽ شمشير جو قلم ۽ اخبار جا ڪالم جمهوريت پسند ۽ عوام دوست ڌرين جي حق ۾ هلڻ لڳا. مٿس ڪافي دٻاءُ وڌو ويو ۽ حڪومت پنهنجي ئي اخبار جي اشهتار بند ڪري ڇڏيا. نتيجي ۾ شمشير اخبار کي بند ٿيڻ ۽ نقصان کان بچائڻ لاءِ ايڊيٽري تان استعفى ڏيئي ڇڏي. اُتي پاڻ فقط 43 ڏينهن اخبار جو ايڊيٽر رهيو. پوءِ 1989ع ۾ پي پي پي جي حڪومت آئي ته کيس بيگم نصرت ڀٽو ٻيهر اخبار ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. پاڻ اخبار کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ ڪافي محنت ڪيائين ۽ ڪئين نوان شعبا کوليائين.
شمشيرالحيدري 85-1984ع دوران ماهوار ”هلچل“ ۽ هفتيوار ”هدايت“رسالا ڪڍيا. ”هدايت“ رسالي جو چيف ايڊيٽر محمد ابراهيم جويو هو ۽ ايڊيٽر شمشيرالحيدري. ”هلچل“ جا فقط ٻه پرچا نڪري سگهيا، جيڪي سرڪار ضبط ڪيا.
ادبي خدمتون
شمشير الحيدري کي ننڍي هوندي کان ئي، پنهنجي مامي نذير حسين حيدري جي صحبت ۾ ادب جو چشڪو لڳو. حيدري جي لئبريريءَ ۾ تمام گهڻا ۽ هر موضوع تي ڪتاب موجود هئا. جن کي شمشيرالحيدريءَ کي پڙهڻ جوموقعو مليو. انهيءَ وقت شمشير اردو ٻوليءَ کي علمي زبان سمجهندو هو ۽ اردو شاعري شروع ڪيائين. ۽ ننڍي هوندي کان ئي اخبارن ۾ ٻارڙن جي ٻاريءَ لاءِ اردوءَ مان شعر ۽ ڪهاڻيون ترجمو ڪندو هو. شروع ۾ ”الوحيد“ ڪراچيءَ ۾ ٻاراڻي ڪهاڻي ”ٽي رٺل گڏيون“ شايع ٿيس. پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو. اڳتي هلي سنڌيءَ زبان سان صحيح معنا ۾ واقفيت ٿيس ۽ جديد سنڌي ادب، شاهه، سچل ۽ سامي پڙهيائين ته سنڌي ۾ لکڻ لڳو ۽ 49-1948ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پاڻ پهريون تخليقي نظم ”سنڌ مدرستھ الاسلام“ لکيو، جيڪو مدرسي جي 1949ع واري ڪرانيڪل ۾ ڇپيو.
شمشير الحيدري جي پهريون شعري مجموعو ”لاٽ“ 1962ع ۾ ڇپيو، جيڪو طارق اشرف ڇپرايو. تنهن کانسواءِ سندس ڪجهه ننڍا ننڍا ٻيا به ڪتابڙا ڇپيل آهن. شمشيرالحيدري ڪيترائي ريڊيو ۽ ٽي وي ناٽڪ ۽ ڊراما پڻ لکيا آهن ۽ ٽي وي لاءِ پهريون ڊرامو ٽن قسطن شمشيرالحيدري جو لکيل هو، جيڪو مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو ناٽڪي روپ هو. مٿين ڪم کان سواءِ شمشيرالحيدري ڪيترائي اهم ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو پڻ ڪيا آهن. شمشيرالحيدري جي شاعريءَ تي نظر وجهندي ”مهراڻ شاعر نمبر“ ۾ گرامي صاحب لکي ٿو: ”حيدري جي فن کي تنقيدي نقطه نظر سان ڏسڻ کان پوءِ آءٌ ان راءِ تي پهتو آهيان ته حيدري جي تخليقي قوت، فڪري ۽ اڀياس پنهنجي همعصر ۾ منفرد آهي.“ شمشير الحيدري ءَکي سندس سنگت ۽ سنڌي ادب جي خدمت جي مڃتا طور 6 جون 2010ع تي ”سنڌي ادبي سنگت ـ سنڌ“ پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو.
ڇپيل ڪتاب :
”انسان ڪامل“ شخصيات- (1953ع)،
·         ”ڪاروان ڪربلا“ (تاريخ-1954ع)،
·         ”پورس جا هاٿي“ (ڪهاڻيون-1958ع)،
·         ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ (ترتيب-1961ع)،
·         ”لاٽ“ (شعر-1962ع)،
·         ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا“ (ترجمو، 1963ع)،
·         ”آمريڪا جا سياسي سرشتو“ (ترجمو-1964ع)،
·         ”سوکڙي“ ترتيب-(متفرقه 1964ع)،
·         ”بهترين سنڌي ادب“ (افسانا 1969ع)،
·         ”سنڌي ۾ آزاد نظم جي اوسر“ (1987ع)،
·         ”ڪاڪ محل“ (ناٽڪ 1988ع)،
·         ”تاريخ جو ڪچرو“ (شاعري) شامل آهن.
وفات
شمشيرالحيدري 11 آگسٽ 2012ع ۾ وفات ڪري ويو.
حوالو؛ وڪيپيڊيا

ديومالائي اديب ۽ شاعر ؛  شمشيرالحيدري
تحرير ؛ ابراهيم لاشاري
ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، انهن املهه ماڻڪ انسان منجهان رسول بخش خواجه (جعفري)  اهو خوشنصيب شخص هيو جنهنجي گهر ۾ سمورن صفتن جو باڪمال نينگر شمشير علي  پرهه ڦٽي مهل 15 سيپٽمبر خميس ڏينهن سال 1932ع ڌاري شهر ڪڍڻ ضلعي بدين منجهان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو، ان وقت مٽن مائٽن ۽ پاڙي وارن کين مبارڪن سان پئي نوازيو سنڌ ڌرتي تي ڪيترائي سنڌي اديب پيدا ٿيا ۽ ٿيندا رهندا جن پنهنجي ڪيل ڪمن ۽ ڪردار ڪري ادبي دنيا ۾ چمڪندڙ ستاري جي حيثيت رکندا پيا اچن انهن چمڪندڙ ستارن جي لڙي ۾ شمشير علي پڻ هڪ هيو جنهن جي زندگي ۾ سندس پروش سندس مامي ڊاڪٽر نظير حسين حيدري ڪئي، جنهن جي شفقت هيٺ سندس ادبي رهنمائي پڻ ٿي ۽ پاڻ کي (حيدري ) جي لقب سان مشهور ڪرايائين، جيڪو زندگي جي پهرين گهڙي کان وٺي هميشه هميشه شمشير الحيدري سڏجندو رهندو، شمشير علي کي ابتدائي تعليم مدرسي منجهان ملي، اهو مدرسو بدين شهر جي  غريب آباد محلي ۾ واقع هيو، جيڪو مولوي احمد ملاح قائم ڪرايو هو، چار درجن جي تعليم هن نينگر حاصل ڪئي.
انگريزي تعليم ورنيڪيولر اسڪول بدين منجهان حاصل ڪيائين، وڌيڪ تعليم جي شوق ۾ والدين کيس ڪراچي سنڌ مدرسي ۾ داخلا وٺي ڏني پر اتي تعليم پوري ڪري نه سگهيو ۽ گهر جو رخ اختيار ڪيائين، بعد ۾ وري کيس تعليم لاءِ شوق جاڳيو ۽ ٽنڊي باگي جي ( مير غلامحمد ٽالپر) مان تعليم حاصل ڪيائين تنهن بعد بي _ اي ۽  بعد ۾ ايم _ اي سنڌي ادب جا امتحان پاس ڪري پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري  سال 1963ع ڌاري حاصل ڪيائين. شمشير الحيدري صاحب سال 1950 ڌاري شادي ڪئي پوءِ جلدي نوڪري سان سلهاڙجي ويو هن ڪيتريون نوڪريون ڪيون پهريان پهريان هن پاڪستان رائيس مل ۾ منشي ٿي نوڪري ڪئي بعد ۾ وري آب پاشي کاتي ۾ ٽيلي فون آپريٽر مقرر ٿيو، اها نوڪري ڇڏي وري ڪلارڪ بڻجي ويو ۽ اڳتي ترقي ڪندي شمشير صاحب بدين ڪو آپريٽر سوشائٽي ڪمرشل بئنڪ بدين جو مئنيجر مقرر ٿيو، سال 1964ع ڌاري اها بنئڪ بند ٿي وئي، شمشير صاحب نوڪري منجهان پڻ فارغ ٿي گهر ويٺو ٿورڙي عرصي گذرڻ بعد شمشير الحيدري صاحب حيدرآباد ڏانهن رخ رکيو ، اتي اچي سنڌي ادبي بورڊ منجهه ڪلارڪي ڪيائين ،مهراڻ ٽماهي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ، ماهوار نئين زندگي جو ايڊيٽر ، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ پبلشنگ مئنيجر ، روزاني مهراڻ جو ايڊيٽر ،۽ روزاني اخبار هلال پاڪستان جو ايڊيٽر ۽ بعد ۾ چيف ايڊيٽر جهڙن اهم عهدن تي خوش اسلوبي سان فرض سر انجام ڏيندو رهيو، سنڌ جي هن سٻاجهڙي اديب ، باڪمال شاعر کي 9 مئي 1993ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ بڻايو ويو هو، سنڌ جي هن سٻاجهڙي اديب کي ننڍي هوندي ادبي لڳا نه هيو پر سندس مامي ڊاڪٽر نظير حسين حيدري هن جي بهترين علمي ،ادبي تربيت ڪئي اهڙي نموني سان سندس لائبري منجهان کيس ادبي ، سياسي ، مذهبي ، سماجي ، سائنسي ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا ته شمشير الحيدري جي دلچسپي ادب ڏانهن وڌڻ لڳي، سندس ويجهي دوست اختر رضوي صاحب به سندس تمام گهڻي رهنمائي ڪئي ، مهراڻ رسالي واري زماني ۾ سونهاري سنڌ جي نامياري اديب بزرگ شخصيت محترم محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ محترم مولانا غلام محمد گرامي صاحب پڻ وقت به وقت کيس ادبي گس ڏيندا روشناس ڪرائيندا رهيا، تنهن بعد شمشير الحيدري ادبي ميدان ۾ مشهوري ماڻڻ لڳو، پهريان پهريان شمشير الحيدري اردو ۾ شاعري ڪئي ۽ اردو زبان کي علمي زبان سمجهندو هو ۽ ننڍي ڄمار ۾ اخبارن ۾ اردو (ٻارڙن جي ٻاري) لاءِ اردو مان شعر ۽ ڪهاڻيون ترجما پڻ ڪندو هو،  سندس شروع ۾ الوحيد ڪراچي مان ٻاراڻي ڪهاڻي (ٽي رٺل گڏيون ) ڇپجي شايع ٿيون، هيون بعد ۾ هن جي دلچسپي سنڌي ادب ڏانهن وڌي ۽ پوي آهستي آهستي سنڌي شاعري جي هر صنف ۾ پاڻ مڃرايائين ۽ آزاد نظم لکڻ جو ڪوڏيو هو هن غزل واري صنف سان پڻ پاڻ مڃرايو، سندس شعر ۾ لفظن جو استعمال سادو ۽ بهترين نظر ايندو آهي، پاڻ شعر جي صورت ۾ ٻڌائي ٿو ته:
اسين حال هيڻا اوهان جي خدائي ، وڏي ڳالهه آهي ،
هلي پئي اڃا زندگي جي لڙائي ، وڏي ڳالهه آهي .
شمشير الحيدري غزل ، گيت ، آزاد نظم ، تمام گهڻي انداز ۾ لکيا  هو هن سماج جي پيڙهيل انسانن ۽ فرسوده رسمن جي خلاف ۽ جاگيرداري نظام کي ننديندي پنهنجي شعر جي صورت ۾ ٻڌائي ٿو ته:
اچ اچ گڏجي ڌوم مچايون،
پنهنجو پاڻ ملهايون،
عمريون گذريون روئندي رڙندي،
گيت خوشي جا ڳايون،
هر هنڌ زر جو زور ٽٽي پيو ،
انسان ڪشمڪش مان نڪري پيو،
اچ همت سان پاڻ به ساٿي،
پنهنجو ڀڳ ورايون،
شمشير الحيدري  غزل ۾ درد ، فراق ، هجر ، وصال جي ڪيفيت کي  واهه جو رنگ ڏئي ٻڌائي ٿو
اچ منهنجي اڱڻ تي منهنجا محبوب اچن شايد ،
ورهين جي وڇوڙي جا سڀ سور لهن شايد.
ابليس کي چئي ڇڏيو ، سجدي جي تياري ڪري ،
دنيا تي انا الحق جا اسرار کلن شايد ،
سوري تي سڏڻ وارا ، هڪ ڳالهه ته سوچي ڇڏ ،
مقتل ۾ اچڻ وارا منصور هجن شايد .
شمشير الحيدري جي شاعري جو پهريون مجموعو (لاٽ ) سال 1961ع ڌاري ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو شمشير الحيدري 25 کان مٿي سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪتاب ڏئي سنڌي ادب کي آسود ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي ۽ سندس ٻيا ڪجهه ڪتاب جنهن ۾ انسان ڪامل ، ڪاروان ڪربلا ، پورس جا هاٿي ، تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ، تاريخ  سنڌ ڪلهوڙا دور ، بهترين سنڌي ادب ، جر ٿر تک تنوار ، فليم اينڊ فليوٽ آمريڪا جو سياسي سرشتو ، سوکڙي ، سنڌي ادب ۾ آزاد نظم جي اوسر ، ڪاڪ محل ، تاريخ جو ڪچرو ان کان علاوه ڪيترائي ٽي وي ڊراما جهڙوڪ منزل ، علاج ، ٺاهه ، پلٽڻ ، شامل آهن شمشير الحيدري کي کي سنڌي ادب جي خدمت عيوض 6 جون 2010ع  تي سنڌي ادبي سنگت طرفان (لائيف ٽائيم اچيومنٽ ) ايوارڊ سان نوازيو ويو ، سنڌ جو هي باڪمال شاعر 79 سال 10 مهينا 26 ڏينهن زندگي جا گذاري هن فاني جهان سوين شاعرن اديبن 5 پٽن 3 نياڻين  کي الوداع چئي جمعي جي ڀلاري ڏينهن ڪينسر جهڙي موضي مرض سان وڙهندي زندگي جي جنگ هاري  لاڏاڻو ڪري هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو سندس مزار سنڌ جي مشهور شاعر تاجل بيوس جي ڀر سان چوڪنڊي قبرستان ۾ واقع آهي سندس نموني طور غزل عرض ڪجي ٿو .
تنهنجي نيڻ ۾ جو نهاري ويو ،
ڄڻ ته سنڌو جي ٻئي ڪناري ويو.
تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو ،
وقت جي سينڌ کي سنواري ويو.
تنهنجي چپڙن جي چوس جنهن کي پئي ،
جام امرت جا ڪيئي هاري ويو .
اهڙي مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو ،
هڪڙي دل سا به ڪٽ وساري ويو ،
هڪڙو شمشير هو زماني ۾ ،
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو .
(روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)