Sunday 25 September 2022

مصطفي آڪاش ـــ رنگن ۽ اوجاڳن جو شاعر

 


سنڌ ڌرتي اُها خوشنصيب زمين آهي جنهن انيڪ ڏات ڌڻين ۽ تخليقار ذهنن کي وجود ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو خمير ڏنو آهي، جن جي ڏات جا ڏيئا فهم رکندڙن جي ڏهرن ۾ ٻَري رهيا آهن، سنڌ جي اُنهن مڙني شاعرن پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي اهنجن ۽ سورن کي شاعريءَ جي رليءَ ۾ سبيو آهي، بلڪل ساڳئي انداز ۾ مصطفيٰ آڪاش پڻ ڌرتيءَ سان پيار جي معاملي ۾ عاشق شاعر آهي، هُن پنهنجي انفرادي ڏکن ۽ محرومين کي پوري ديس جي درد وانگر محسوس ڪري پنهنجي شاعري ۾ اجتماعيت جو اهڙو انداز پيش ڪيو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت بي پناه سنجيدگي ۽ سراپا حسن سمايل آهي، اهو وڏي واڪي چئي سگهجي ٿو ته آڪاش جي شاعري هن دور جي سنڌي شاعريءَ جو مٿيون مسند آهي، سندس غزل، بيت ۽ نثري نظم ذاتي تجربن تي ٻڌل ڳوڙهيون تحريرون ۽ خيالن جي مِصري لڳندا آهن، ان شاعري جا لفظ آڪاش مصطفيٰ جي گوناگون ادبي مصروفيتن سان گڏ سندس، پيار، اوسيئڙي، اڪيلائي، پيڙا، نڀاءُ ۽ ڏات مينهن بڻجي اوڙڪون ڪري وسڻ وارا اعليٰ معيار جا تجربا، مشاهدا ۽ احساسن سمفنيون ٿي سامهون اچن ٿيون، جن ۾ استعارا ۽ تشبيهون روح ۽ جسم جي تاڃي پيٽي جيان لڳندا آهن، هُن تفصيلي انداز ۾ انهن ڪيفيتن تي لکيو آهي ته لفظ معنيٰ جي تسبيح ڪيئن ٿا پڙهن، حساسيت ۽ نازڪپڻو اکرن جو ويس ڪيئن ٿو پهري، ڪاڳر جي زمين تي لفظن جا شاهڪار مقبرا ڪيئن ٿا اَڏجن. اڪثر پڙهندڙن جي راءِ آهي ته آڪاش جي رومانٽڪ ۽ مستقل قدرن واري شاعريءَ کي اهميت اُن ڪري به حاصل آهي ته سنڌ جو هر نوجوان سندس خيالن جي اُڏام سان گڏ ٻوليءَ جي مٺاس کي پنهنجي روح ۾ ڦڙو ڦڙو ٿي ڳڙندي محسوس ڪري ٿو، فيس بڪ تي سندس ڏنل ڏات جي بوندن تي مختلف پڙهندڙن جا ايندڙ رايا کيس هڪ اعليٰ مسند تي ويهارڻ جي لاءِ ڪافي آهن، هر پڙهندڙ کي سندس تشبيهون ۽ استعارا ۽ خيالن جا ميلا پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏين ٿا، حساس ذهنن کي اُڏام جا نوان گس ۽ پيچرا جوڙجي ملن ٿا
                                                 - نثار ٻانڀڻ
----------------------

مصطفى آڪاش صحتمند سوچ رکندڙ نوجوان شاعر آهي. کيس موجوده وقت جي جديد سائنسي سهوليتن جهڙوڪ موبائيل ۽ انٽرنيٽ تائين سُٺي پهچ حاصل آهي. ان ڪري مون سندس شاعري پهرين فيس بوڪ تي پڙهي، پوءِ پرنٽ ميڊيا ۽ نيٺ کيس روبرو ٻُڌڻ جو به موقعو نصيب ٿيو. مصطفى جهڙو شڪل صورت ۾، ملڻ ڳالهائڻ ۾ خوبرو آهي، شاعري پڙهڻ وقت به اهڙو ئي وڻندڙ شخصيت جو ڌڻي آهي.
سمجهان ٿو ته مصطفى جي شاعري، اسان جي موجودهه ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي. منجهس اسان جي آس پاس جا منظر، پسمنظر موجود آهن. هن جي شاعري ۾ ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي گهرج پوري ڪندڙ موضوع شامل آهن.
مصطفى شاعري جي ڪنهن هڪ اڌ صنف تائين محدود نه آهي. هن پابند شاعري به ڪئي آهي، ته آزاد نظم، نثري نظم به لکيا اٿس، بلڪ ائين چئجي ته جنهن خيال مصطفى کان جيئن قلمبند ٿيڻ چاهيو، هن، ان کي ان نسبت واري صنف ۾ لکيو ۽ ان سان نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.
جلاوطن ننڊون“ سندس پُڻيٺي جو مجموعو آهي، پر هن ۾ آڪاش تائين اڏام رکندڙ شاعري، نه وسرندڙ، ۽ وري وري پڙهڻ جهڙي شاعري شامل آهي.

                                                                     - مٺل جسڪاڻي                 
آئون مصطفيٰ آڪاش جي شاعري کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ، پر شاعري به ڀلا ڪا پڙهڻ جي شيءِ آهي! نه ، شاعري ته احساسن جي راڳڻي آهي، شاعري ته بي چين روحن جي وياڪلتا جو سڏڪو آهي يا وري سمبارا جي پيرن جي پيڙ- شاعري پڙهي نه ٿي سگهجي فقط محسوس ئي ڪري سگهجي ٿي. آءٌ مصطفيٰ جي شعر کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته منهنجو احساس پکين جي آوازن جهڙي لئي سان هم ڪلام ٿئي ٿو. بارش ۽ مٽي جي ميلاپ مان جنم وٺندڙ خوشبوءَ جو احساس جاڳي ٿو پئي. عڪسن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي هڪ باترتيب هجوم سان شناسائي ٿئي ٿي. جنهن جي وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي.
شاعري ته آهي ئي خود زندگي جي وضاحت.، وضاحت جون ڀلا ڪهڙيون وضاحتون ڪبيون. سوين عڪس عڪسن، احساسن ۽ ڪيفيتن جو ميڙ آهي مصطفيٰ آڪاش جي شاعري ۾. ڪو نقاد چئي سگهي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه ته اڳ ۾ به ورجائبو رهيو آهي ته پوءِ آڪاش جي شاعري ۾ نئون ڇا آهي ؟ ان سوال جو روايتي جواب اهو ٿي سگهي ٿو ته آڪاش جي پيشڪش جو انداز يعني اسلوب نئون آهي پر آئون نئين اسلوب تي اڪتفا ان ڪري به نه ٿو ڪريان جو مصطفيٰ آڪاش جي شاعري ۾ مون کي وڏي خوبي سندس شعرن ۾ آيل سواليه ۽ عجب جون نشانيون محسوس ٿين ٿيون. مون کي سندس شعرن ۾ معصوم ٻار جو تجسس نمايان نظر اچي ٿو، معصوميت جو اهو تجسس جيڪو ڏسڻ، چکڻ، ڇُهڻ، سمجهڻ ۽ سکڻ چاهي ٿو. سکڻ جي اها تڙپ مصطفيٰ آڪاش کي گهڻو اڳتي وٺي ويندي - شال هُو ان تجسس کي ماٺو ٿيڻ نه ڏي ..
-
                                                                          جعفر جاني
ادب جي آبياري انساني تهذيب ۽ سڌاري جي اهم نشاني ۽ مهذبپڻي جي روايت آهي. جڏهن دنيا مقتل گاهه ٿي وڃي، منافقيون سماج کي وڪوڙي وڃن، ادارا سمورا کوکلا ٿي وڃن ۽ ماڻهن جو ڪنهن به نظام تي ڀروسو قائم نه رهي تڏهن ادب ۽ اديب جو رستو سندس دلجوءِ جو سبب هوندو آهي. مصطفيٰ آڪاش جي شاعري جي هي وک “جلاوطن ننڊون” پڻ اهڙي علامت آهي، ڇوته کيس احساس آهي ته
لاش پويان لاش ملندا ٿا رهن،
اڄ ته مقتل گاهه رياست ٿي وئي.
انهي بيگانگي ۽ ويڳاڻپ ۾ نفيس ترين صنف شاعري ذريعي سماج ۽ انسان جي اندر جي اڌمن جو اظهار اميد جي نشاني ۽ نئين سورج جا ڪرڻا آهن. مصطفيٰ جي شاعري ۾ صرف سندس ننڊون جلاوطن نه آهن پر هو هر جلاوطن ننڊ جي پيڙا جو داعي آهي. سندس شاعري انفراديت ۾ اجتماعيت ۽ جز ۾ ڪل ۽ ڪل ۾ جز وانگر آهي. سندس رنگارنگي اظهار جدوجهد جي نشاني آهي. سندس شاعري جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهي، جيڪو کيس ڪافي اڳتي وٺي ويندو آهي. کيس مقتل گاهه واري رياست ۾ ننڊن جو بچاءُ ڪرڻ گهرجي ۽ جلاوطني هوندي به پنهنجي ماڳ ۽ منزل تان نه هٽڻ گهرجي. اسان جون نيڪ آشائون هميشه گڏ آهن ۽ کيس اهڙي سهڻي ڪتاب جون واڌايون هجن.
-
                                                 مبارڪ علي لاشاري
مون جو چيو ميندي کيت کي ، اٿي ڦٽي پئو،
مون کي ڪيئي سئو ، رتا گهرجن هٿڙا.
شيخ اياز جو هي ڪرشمه ساز بيت ارداس هئي يا حڪم ! پر ڏسندي ڏسندي سوَن جي بجاءِ هزارين ميندي رتا هٿڙا اڄ پُسي سان ڪڪوريل ڪِرڙن جيئن وک وک تي ، هولي ڏڻ تي هاريل رنگن جئان ڌرتي کي لال گلال رنگن سان منور ڪري رهيا آهن . منجهن سونهن سڳنڌ جا انوکا ، اڻ مِٽ ، تجليدار جهان نظر اچڻ لڳا آهن . انهن روشن رنگن کي سرجڻ ۾ اسان جي نئين ٽهيءَ جي سرجڻهارن ۾ هڪ نئون آواز مصطفيٰ آڪاش جو به شامل ٿي ، اسان جي سماعتن ۽ بصارتن کي لطف جا ڇڄ ڀري ارپڻ لڳو آهي ، ڪنڌ ڪوٽ جي گرم موسمن ۾ جنم وٺندڙ مصطفي آڪاش پنهنجي سڀاءُ توڙي شاعراڻن احساسن ۾ بنهه منفرد، ٿڌي گهڙي جهڙي طبع رکندڙ هي دوست ٿڌن مٺن احساسن سان ٽمٽار املتاس جي وڻ جيان ڀاسندو آهي.
-
 مفتون ڪورائي
مصطفي آڪاش ـــ رنگن ۽ اوجاڳن جو شاعر
شاعر عام ماڻهوءَ کان اُتم هوندا آهن، ڇو ته جئين شاعر سوچي ٿو، لکي ٿو، تئن عام ماڻهو سوچي يا لکي نٿو سگھي. شاعر جنهن ڪرب مان گذري سوچي ۽ لکي ٿو ۽ وري لفظن کي تاڃي پيٽي وانگر اُڻي وزن بحر ۽ رڌم ۾ پورو آڻي جيڪا آفاقي ڳالهه ڪري ٿو، اُها عام ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني بڻجي ٿي. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جو بنيادي موضوع وري به زندگي آهي ۽ جيڪا شاعري الهام ٿي لهي سچ پچ ته اها دنيا جا سمورا رنگ ۽ سمورا احساس ڇيڙي وجھي ٿي. اسان جو پيارو ساٿي مصطفي آڪاش اڃان عمر جي ان حد تائين پهتو آهي، جنهن کي جوانيءَ ۾ سموري دنيا رنگين لڳندي آهي ۽ وري ان عمر ۾ عشق جھڙو واءُ لڳي ته دنيا اڃان به ست رنگي ڀاسندي آهي. ان ست رنگي دنيا جومسافر مصطفي آڪاش به ڏک سک، روئڻ پرچڻ، لڙڪ مرڪ ۽ محبوب جي ماڻن جھڙا تجربا رکي ٿو، جيڪي سندس شاعريءَ ۾ پسي سگھجن ٿا.
شاعر بنيادي طور عاشق مزاج، حسن پرست ۽ پيار ڪندڙ هوندو آهي، انڪري کيس زندگيءَ ۾ جيڪي به ڏک، درد ۽ رسوايون ملن ٿيون، اهو ئي سندس شاعريءَ جو وچور هوندو آهي. مصطفي آڪاش جي سموري شاعري پڙهي اهو محسوس ڪري سگھجي ٿو ته هو به انهن وارتائن مان گذري آيو آهي. سندس شعري مجموعو ”جلاوطن ننڊون“ انهن احساسن تي ٻڌل مجموعو آهي جيڪي هر ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ڪري ٿو،ڇو ته مصطفي آڪاش رڳو پنهنجي ئي تجربن کي شاعريءَ ۾ قيد ناهي ڪيو پر هن جي ارگرد جي زندگيءَ به سندس شاعريءَ جو محرڪ بڻي آهي. اهوئي سبب آهي جو مصطفي آڪاش هڪ سٺو ۽ متحرڪ شاعر ٿي اُڀري پنهنجي ٽهيءَ جي گھڻن شاعرن کي پوئتي ڇڏي اڳتي نڪري آيو آهي ۽ پنهنجي ڊڪشن سان الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي.

                                                                        - غلام مصطفيٰ سولنگي

مصطفيٰ آڪاش نئين ٽهيءَ جو نڪور آواز آهي،جنهن مختصر وقت ۾ پنهنجي تخليقي اظهار ذريعي گهڻن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرايو آهي،نه رڳو ڌيان ڇڪرايو آهي پر ڪافي مڃتا جون مالهائون به ماڻيون اٿس.آڪاش جي شاعريءَ جا رنگ انڊلٺي احساس جي حاصلات جي پنڌ ۾ پختا ٿي رهيا آهن،جن کي هو پنهنجي سوچ جي سندرتا ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ سڦل دڳ جو راهي بڻيل آهي.
آڪاش جي شاعري داخليت جي پهرين منزل کان خارجيت جي سفر تي سهڙڻ شروع ڪيو آهي ۽ هن وٽ جتي ذاتي درد جا عڪس بي چين دلين تي آٿٿ جي بارش ٿي لهن ٿا، اتي هن وٽ سماجڪ موضوئن جا به چڀندڙ احساس سچيت هئڻ جي عڪاسي ڪن ٿا.ان سان گڏ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جي اجتماعي سجاڳيءَ لئه باشعور ذهن جي جاڳرتائي عمل جو ردعمل هن جي تخليق کي سگهه ڏئي رهيو آهي.
آڪاش ۾ جتي تخليقي گڻ آهن اتي هو انساني گڻن جا وکر وهائيندو رهي ٿو،۽ ڪوي اميد آهي ته هن جي ڏات جو احساساتي وکربه پئي پراڻو نه ٿيندو،۽ هن جي ذات ۽ ڏات جي روشني اوندهه ۾ ڏيئي جي لاٽ مان للاٽ بڻجي سوجهري جو ڦهلاءُ وسيع ڪندي،۽ هي آڪاش مڃتا جون ڦول مالهائون پائيندو رهندو،پر هڪڙو ننڍڙو عرض ته؛” هئڻ جو حال ماضي نه ڪري.“

- 
                                                                       گل بهار باغائي

ڪنهن قبر تي اڄ به تنها، شام جو،

ڪنهن قبر تي اڄ به تنها، شام جو،
ٿا رڙن نيڻن جا سپنا، شام جو.

مرڪ جي روشن گهٽين ۾ ساڻ ها،
گم ٿيا غم ايندي رشتا، شام جو.
تنهنجي گهرَ جي ٻاهران بيٺا رهيا،
ديدَ جا ڌُنڌلا ٻه رستا، شام جو.
تن گُلن جا لاش ٿو کـڻـندو وتان،
تو جي چـوٽيءَ مان ڪڍيا ها، شام جو.
مان انهن جي ئي سهاري ٿو جِيئان،
جي وچن تو پاڻ ورتا، شام جو.
وقت تي ’آڪاش‘ ڪا ناهي ميار،
شام کي ئي خواب پرتا، شام جو.

مسافتن سان جو هم سخن ٿيون،

مسافتن سان جو هم سخن ٿيون،
ننڊون اکين مان جلاوطن ٿيون.

گلاب سان گڏ ڏنائون جيڪي،
ڪنڊن جون نوڪون اڃا چُڀن ٿيون.

وري وڇوڙن کنيا مٿي ڪر،
ته خواهشون سڀ وري دفن ٿيون.

جوان دل جون حسين آسون،
اوهان جي دم سان جوان رهن ٿيون.

شهر جون شامون ۽ سمنڊ، ساحل،
گهٽيون به تنهنجو سکي! پُڇن ٿيون.

ادب جي دنيا ڪٺور ٿي پئي.
حساس سوچون سندم ڪفن ٿيون.

سُڪون سارا ڦٽي وڃن ٿا.
اوهان جون يادون جڏهن اچن ٿيون.