Saturday 24 September 2022

پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،(حسن درس)


 پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،

ورڙ ان واٽ تي ويٺل، اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو.
لڳي وئي لاڙ سان آ لَنئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون
اسان کي عشق، سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو.
عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،
سڄڻ سگريٽ، سَستي جيئن سڄو ماڻھو سڙي ٿو پيو.
پُراڻو عشق پوڙهي جيئن، وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪتو
ملڻ هي مير محمد جو، جوانن کي جڙي ٿو پيو.
اوهان مُرڪي ملي آخر، هليا ويا شھر پنهنجي ڏانھن،
اسان جي ڳالھ جي ڳل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.
وطن ۾ بي وطن معشوق، عاشق جو ملڻ ڪھڙو،
زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو..!