Tuesday 27 September 2022

ابو شوڪت حمزو ــ انقلابي شاعِرُ

 

سنڌي نظم جي تاريخ تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته پروڙ پوي ٿي ته سنڌي شاعرن وحدت الوجود، وحدت الشهود، گل مينا، بلبل ۽ تاريخي رومانوي داستانن جي ٻيڙي تي سوار ٿي پنهنجي فڪري پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙو پيغام ڌارين ٻولين جي استعارن پهاڪن ۽ رمزن کي بنياد بڻائي لغوي چڪرن ۾ ڦاسائي پيش ڪيو آهي. ۽ اهڙي پيغام کي سمجهڻ لاءِ عام ماڻهو کي وري به ڪنهن ڏاهي ۽ سمجهو جي محتاجي ئي ڏسڻي پئي آهي.

سٺي شاعر ۽ اديب جو هونءَ ته ڪارج اهو هجڻ گهرجي ته هن جو پيغام سمجهڻ لاءِ سندس پڙهندڙن کي ڪنهن ڏاهي ۽ نه وري لغت جي ضرورت پوي، اهڙي شاعري جو ڪوبه حاصل مطلب نه نڪرندو آهي جنهن جو ڪوئي سماجي ڪارج نه هجي، ڊگهي ماضي ۾ وڃڻ کان سٺو آهي ته صرف انگريز جي دور کان وٺي سنڌي شاعري تي پنهنجي وت وس آهر بحث ڪريون ته اهو به سچ آهي ته انگريز جي دور ۾ سنڌي نثر عروج تي پهتو ۽ سنڌي نظم نويسن جهڙوڪ بيدل بيڪس، مصري شاهه آخوند گل محمد هالائي، غلام محمد شاهه گدا، عبدالحسين سانگي ۽ مرزا قليچ بيگ پنهنجا جوهر ڏيکاريا پر سندن شاعري حقي تڪي مذهبي رومانوي ۽ عشقي داستانن ۾ گنجريل رهي سندن دور ۾ سماجي طور تي ڇا وهيو واپريو انهيءَ بابت ڪا گهڻي تفصيل ڪونهي هونءَ ته هجڻ ايئن گهربو هو ته سندن شاعري پنهنجي دور جو آئيني طور سامهون اچي پر اهڙي ڪا اڳڀرائي نظر نٿي اچي، انهن جي شاعريءَ ۾ ڌرتي ڌڻين جي درد جو درمان ۽ ڇوٽڪاري جي راهه لاءِ فڪري رستا هموار ڪرڻ جي جستجو ڪونهي، مٿي ڄاڻايل شاعرن جي شاعري وقت جي وهڪري جي ابتڙ هئي. انهيءَ وقت سنڌي سماج ٽن غلامين ۾ جڪڙيل هو هڪ انگريز، ٻيو هندو ۽ ٽيون سنڌي وڏيرو پر مٿين شاعرن جي شاعري ۾ عشق ۽ عقل جي لڙائي، راڻي کي راضي ڪرڻ جون التجائون، دلبر، مهتاب، محبوب جو چهرو گل لالا مثل ۽ عاشق مزاج هئڻ جون ڳالهيون آهن. مٿين سڀني شاعرن جي شاعري تي هرو ڀرو اوائلي سنڌي شاعرن جو اثر رهيو آهي پر انهيءَ سان گڏو گڏ انهن ڀرپور نموني ڌارين ٻولين جا لفظ به استعمال ڪيا آهن. شاعريءَ جي سماجي ڪارج بابت عبدالواحد آريسر صحيح چيو آهي ته ”جنهن شاعر جي شاعري ۾ ڌرتي وارن جي ڳالهه نه آهي ان شاعر جي شاعريءَ ۽ هڪ وئشيا جي مُرڪَ ۾ ڪو به فرق نه آهي.” جديد سنڌي شاعري جي ڪلاسيڪل سرواڻ شيخ اياز شاعري جي سماجي ڪارج بابت اهو لکيو آهي ته ”شاعري هڪ منار جيان هوندي آهي جنهن ۾ پنهنجي دور جو رخ هوندو آهي، جيڪا شاعري عوام کي ڪو رخ نه ڏئي سگهي اها شاعري نه هوندي آهي“.

اهڙي قهري دور ۾ سنڌ جي سرزمين تي هڪ اهڙو انقلابي شاعر به ٿي گذريو آهي جنهن جي شاعري جو محور صرف ئي صرف سماج آهي ۽ بس. هن عام ٻولي ۾ سٺن ۽ سولن لفظن منجهه اظهاريو آهي، پنهنجو انقلابي پيغام اهڙي ته روانيءَ ۽ آساني سان ڏنو آهي جنهن کي هاري ناري عام ماڻهو پڙهيل اڻپڙهيل پڙهي ٻڌي سمجهي پنهنجو مارڳ ٺاهي سجاڳ ٿي وڃي ٿو ۽ وقت جو قهار يعني وڏيرو هوش وڃائي ويهي رهي ٿو. ابو شوڪت حمزي جي شاعري، باطني معنيِ جي چڪرن کان آزاد آهي.

ابو شوڪت حمزي پنهنجي پيغام ۾ سنڌي شاعريءَ جي روايتي موضوعن کي دفن ڪري انقلابي شاعري ڪئي ۽ سنڌ جي روايتي وڏيرن کي اهڙو ته چٽو بيان ڪيو جنهن جو مثال نه اڳ ۽ نه هاڻي ملي ٿو هن انگريز دور ۾ مزاحمتي / انقلابي شاعري ڪئي سندس شاعري سڌي سنئين ۽ موضوعاتي آهي.

ابو شوڪت حمزو 1894ع ۾ چڪ لڳ ڳوٺ حضرت هنباهه ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، هن عملي سياست ۾ قدم رکندي سرڪاري نوڪري کي ٽي ڀتر ڏئي خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي سنڌ جو اصول پرست سياستدان بڻجي ويو ۽ پنهنجي لاڏاڻي 1944ع تائين مختلف تحريڪن جهڙوڪ، خلافت تحريڪ، هاري حقدار تحريڪ، سنڌ آزاد تحريڪ، عدم ادائگي ٽئڪس تحريڪ، ڪانگريس خواهه مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ رهيو. ابو شوڪت حمزي خان جي شاعري سياست ، سماجي، مذهبي ۽ صحافتي ڪردار تي ڪيترن ئي محققن لکيو آهي جهڙوڪ، علي محمد راشدي، حسام الدين راشدي، سيد محبوب علي شاهه، عبدالستار آدم (سکر وارو)، محمدعلي خان (سکر وارو)، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، مولانا عزيزالله ٻوهيو، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر ڪريم لاشاري، ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، غلام علي چنا، گوهر سنڌي وغيره، پر سواءِ چڪ واسي محترم آزاد بخاري کانسواءِ ڪنهن به هن جي شاعري تي تفصيلي روشني نه وڌي آهي.

ابو شوڪت حمزو سياست جي ميدان ۾ پنهنجي شاعري جو ڳٽڪو انقلابي ڏنڊو کڻي داخل ٿيو هو، هي اهو دور هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جون تحريڪون جاري هيون. انگريز پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي وڏيري ۽ هندو کي لقب ۽ لنگيون نوازي سنڌي هاري ۽ غريب ماڻهو جو نڪ ۾ دم ڪيو هو. ان وقت سنڌي معاشرو، جهالت ۽ غربت سبب سودخوري، پير پرستي ۽ مختلف گندين رسمن ۾ ڦاسي چڪو هو.

ابو شوڪت حمزو پنهنجي دور جو ڏاهو ماڻهو هو، هن کي پنهنجي ديس جي مسئلن جي چڱي طرح خبر هئي، انهيءَ ڪري هن پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي اهڙي ته انقلابي شاعري ڪئي جيڪا ظالم وڏيري لاءِ خطرو ثابت ٿي ۽ هاري لاءِ همت جو ذريعو بڻي. هن پاڻ پنهنجي شاعري جا ٽي ڪتاب ڇپرايا، جنهن جا نالا هئا انقلابي ڏنڊو، انقلابي ڪهاڙو ۽ انقلابي بم گولو. پهرين ٻن ڪتابن جي شاعري محفوظ رهجي وئي باقي انقلابي بم گولو ڄڻ ته ابو شوڪت حمزي جي لاڏاڻي سان گڏ هن دنيا مان گم ٿي ويو.

افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ جي هن اوائلي انقلابي شاعر سان محققن سنڌ جي ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾ جائز مقام نه ڏنو.

هن انقلابي شاعر پنهنجي شاعري ۾ سنڌي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي ۽ سندس شاعري فني توڙي فڪري لحاظ کان وقت جو آئينو آهي، سندس شاعري عام فهم ۽ مقصديت سان ڀرپور آهي.

 

هڪ دم اٿو غريبو اڄ وقت آهي آيو،

دنيا ۾ ڌاڪو پنهنجو گڏجي اوهان ڄمايو،

 

باطل جو ڀوءُ رکو ڇو؟ طاقت اوهان ۾ آهي،

ظالم کي زور لائي پنهنجي اڳيان جهڪايو،

 

ابو شوڪت حمزو جڏهن عملي سياست ۾ قدم رکيو تڏهن ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ هلي رهي هئي. پاڻ جڏهن خلافت تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي تڏهن مولانا تاج محمد امروٽي جن سان سٺو واسطو ٿي پيو. ابو شوڪت حمزو ڳالهه کي ڳالهه جي حد تائين رکڻ وارو ڪونه هو، هن جو چوڻ هوندو هو ته زندگيءَ جو مقصد ئي اهو آهي ته هر ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿارجي پوءِ ڀل ڪيترو به نقصان ٿئي ۽ جڏهن انسان ظلم ڏاڍ ۽ ناانصافي خلاف آواز نٿو اٿاري ته سمجهجي ته زندگي جو مقصد فوت ٿي ويو يا ضمير مرده ٿي ويو. ابوشوڪت حمزي پنهنجي زندگي ۾ هيٺين طبقي کي بيدار ڪرڻ لاءِ واعظ به ڪيا ته تقريرون به. حمزي خان کي ڪيتريون ئي تڪليفون آيون پر هن مرد مجاهد حق ۽ سچ جو علم بلند ڪيو. هن ان وقت سنڌ اندر ٿيندڙ سياسي سماجي حالات کي اهڙي طرح ته پنهنجي شاعري ۾ آندو آهي جو سندس جا نظم پڙهڻ کانپوءِ اڻ ڄاڻ ماڻهو کي به ان وقت جي حالات جي خبر پوي ٿي. انهيءَ دور ۾ جهالت زورن تي هئي ۽ بدنصيب سنڌي هاري وڏيرن هٿان ۽ سود خورن هٿان ظلم جو شڪار ٿي رهيو هو، هاري جي عام اخلاقي حالت هڪ حيوان وانگر هئي، پيٽ ۾ بک، بدن اگهاڙو، ٻار بکيا، ۽ جهڳا ڪچا تنگ ۽ تاريڪ هئا، عورتن کي معاشري ۾ جائز مقام ڪونه هو ۽ ماڻهو ناچن، رنڊين ۽ شغل تماشن کي پسند ڪندا هئا. جهالت سبب ڪجهه ريتون رسمون اهڙيون ٿي پيون هون جن ۾ فرض پوري ڪرائڻ بجاءِ فضول خرچيون عام هيون، سنڌ جو پير ڀنگوڙو، بي علم ۽ زاني هو جنهن جو صرف ڏن سان ڪم هو انهيءَ کي مريدن جي ڳڻتي يا ڪو فڪر ڪونه هو، جنهن جو هردم مقصد اهو هو ته هاري / مريد سدا سکيا نه پر صفا ڄٽ هجن. سنڌي وڏيري وري ڇيڙ ۽ بيگر ذريعي غريب هارين کي ٻانهو بڻائي ڇڏيو هو ۽ ان جو مقصد اهو هو ته هاري سدا سُڃا ۽ اَڻ پڙهيل هجن. وڏيرا چورن جا ساٿاري هئا، سندن حصو پتي وٺندا هئا پر هندو پنچائت کان ڊڄندا هئا. جڏهن غريب هاري هندو سود خور جي ظلم جو شڪار ٿيندو هو ته وڏيرا هاري بجاءِ هندن جو ساٿ ڏيندا هئا. پنهنجي ڍل معاف ڪرائي وٺندا هئا پر هارين کي ڪجهه به نه ڏيندا هئا، عورتون کڻائڻ، نڪاح ٽوڙائڻ وڏيرن کي ڄڻ ته مباهه بڻجي چڪو هو. وڏيرا ۽ زميندار پاڻ شادين جو شوق ۽ سرتين رکڻ جو شوق ته ڪندا هئا پر پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن جي شادي نه ڪرائيندا هئا. سنڌي وڏيرن جو حد جي عملدارن سان سهڪار هو، جمعدار سندن وڏو يار هو ۽ انهن سان ٺهيل مختيارڪار هو-----

سنڌ جو هاري بي علم ۽ غريب هو وڏيري جي ڇيڙ ۽ بيگر هن جي مٿان هر وقت نازل هئي اهڙي صورتحال کي هيئن بيان ڪري ٿو.

 

گهڻا ظلم آهن وڏيرن هٿان،

اَٻوجهن ۽ بي علم هارين مٿان،

نه هاري کي انسان ڄاڻن مگر،

زميندار وٽ جانور کان بدتر،

سدا تن سندي ڇيڙ بيگر وَهن،

ڏسي ڪو چوي ڄڻڪه ٻانها اَٿن،

 

جڏهن وڏيرن پنهنجي ڇاڙتن کي بڇيو ته هاري غريبن کي ڇيڙ لاءِ حاضر ڪيو ته هاري ويچارن اهي عرض ڪيا ته سائين اسان ٻڏئون پيا اسان کي بخشيو ته ڇاڙتن هيئن چيو.

 

وڏيري چيو آهي مڃيو سو اوهان،

ٻڏو يا بچو مڃون ڇو اسان،

اسان جي چوڻ سان نٿا جي هلو،

اوهان جو مٿو ۽ اسان جو کلو.

 

جڏهن سنڌ واهه غريبن گڏهن سان گڏ ٻڌو. ان کانپوءِ انگريز سرڪار گورنر جي درٻار ڪئي جنهن ۾ ڪنهن به غريب هاري کي نه گهرايو ويو پر زميندارن کي لُنگيون ڏنيون ويون تڏهن حمزي خان پنهنجي نظم درٻار لکي جنهن جا ڪجهه بند هيٺ پيش ڪجن ٿا.

 

سکر ۾ گورنر جي درٻار ٿي،

وڏيرن سندي گرم بازار ٿي،

زميندار سيڻاهه وانگر سيٽجي،

چڙهي ويٺا ڪرسين مٿان ڦوڪجي،

 

سن 1937ع واري اليڪشن ۾هاري اٻوجهه کي ووٽ جي اهميت ٻڌائي ۽ نظم(ووٽ جي اهميت) لکيو جنهن جا ڪجهه بند هيٺ پيش ڪجن ٿا.

 

اهو ووٽ جو ڪين حقدار آهي،

ته هي پير آهي ڪي پڳدار آهي،

اهو ووٽ جو ڪين حقدار آهي،

ته ڀوتار، زميندار آهي.

وڏو آهي حقدار سو ووٽ جو،

رکي قوم جو درد دل ۾ گهڻو

ڪري پاڻ قربان جو قوم تان

اوهان ووٽ گھوريو انهيءَ جي مٿان.

 

شاهه فيصل ظاهر مهر

هنباهه ـــ چَڪ

دعا

خدا پاڪ توکان مدد ٿو گهران،
تهان پوءِ هٿ ۾ قلم ٿو کڻان.

لکان هال هارين غريبن سندو،
دنيا جي وڏن بدنصيبن سندو.

سَهنِ ٿا اهي ظلم جي سِرَ مٿان،
وڏيرن هٿان سود خورنِ هٿان.

وڏي ڊيگهه آهي انهيءَ ڳالهه کي،
نه طاقت قلم کي لکي ڇا لکي.

هجي عمر خضري ڪريان جي بيان،
ته پورو ٿئي ان جو هڪ داستان.

اکين ۾ هجي آب تالاب جيان،
وڃي خشڪ ٿي جي انهيءَ تي رئان.

نڪو دين تن وٽ نه دنيا وٽن،
جهالت ڪيو آ برو حال تن.

هارين جي عام اخلاقي حالت

ڏسڻ ۾ ته انسان آهن اهي، حقيقت ۾حيوان آهن اِهي،
نه تن پيٽ پورو بدن ڪيئن ڍڪن، گذارو ٻچن جو ڪري ڪيئن سگهن.

جهڳا پڻ جدا تنگ تاريڪ تن، نه گرمي نه سردي نه بارش جهلن،
نه تهذيب تن ۾ ڪا گفتار جي، منجهن آهه عادت بري گار جي.

ڏين ماءُ کي گار جئن زال کي، ڍڳي ڍور کي خواهه ٻئي مال کي،
نه آداب مجلس جا ڄاڻن اهي، نڪي ڪنهن چڱي کي سڃاڻن اِهي.

قسم ڳالهه هر هڪ تي سَوَ سَوَ کڻنِ، خدا کان اِهي ڪين هرگز ڊڄن،
گهٽائن نه گارين ۾ زالون سندنِ، سکن ٻار ٻولي اها جا ٻڌن.

ننڍي ئي سکن علم جيڪي اهو، لَڇڻ ٻڌايان انهن جو ٻيو،
برا حال زالن سندا پاڻ ڪن، سڄو ڏينهن مردن سان رونبو هڻن.

سڄو ڏينهن مردن سان ڏاٽو هڻن، وري شام جو گاهه سِرَ تي کڻن،
ڪري گاهه سو ڌرتتيءَ جو کڻن، اچي گهر ۾ سانجڻ جو سعيو به ڪن.

هٽن تي اهي موڪلن جوءِ کي، نه سوچن ڪري غور اڳ پوءِ کي،
چوي جوءِ کي واڻيو آهه لُچُ، ٺهي ڪين مون سان چوان صاف سچ.

اهو روز مون سان پيو ٿو کَهي، ٺهيل آهه توسان وٺڻ تو ٺَهي،
سُمهن خواه کائن پچائن اتي، ڍڳا ڍور پيشاب ڇِيڻو جتي.

ڇڏن ڇوٽ پيشاب پاچي منجهان، نه ڄاڻن سي ڪعبه ۽ قبلي منجهان،
وضو ڪيئن ڪجي غسل ڪيئن لاهجي، پليتي ڪنا پاڪ بت ڪيئن ڪجي.

پُڇن ڪين ڪنهن کان اِهي مسئلا، رهن علم کان سي سدا ويسلا،
سيارو سڄو ڪي ته تڙ ڪين ڪن، هجي غسل واجب ڪرڻ اگرچه تن.

وهن واهه جنهن وقت ساوڻ اچي، انهيءَ وقت لاهن اهي غسل کي،
سنگت مولوين سان اهي ڪين ڪن، نڪي واعظ تن جو اچي سي ٻڌن.

سڄي رات جاڳن جي ناچو نچن، ڪري پنڌ ڊوڙي ڀڳت تي وڃن.
مزو تن کي ميلن مان ڏاڍو اچي، جتي ڪو تماشو ۽ رنڊي نچي.

عجب تن جون رسمون چئي ڇا چوان، نمونه طرح ٿورڙو ٿو لکان.