Sunday 25 September 2022

انسان دوست وحدت الوجودي فڪر رکندڙ شاعر؛ خوش خير محمد هيسباڻي

 


خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي سوانح حيات

سنڌ ڌرتي اھا مقدس ڌرتي آھي جنهن جي سيني تي هميشه تاريخ جي عظيم ڪردارن جو جنم ٿيو آھي جن ڪردارن پنهنجي فن فڪر ذريعي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آھي. مطلب ته اسانجي هن مقدس ڌرتيءَ کي اھو اعزاز حاصل آھي ته اسان جي ڌرتي تاريخ ۾ ڪنڌ اوچو ڪري ھلندڙ عظيم ھستين تاريخ جي ڪردارن شاعرن اديبن جي ماءُ رهي آھي. شاھ لطيف کان ويندي سچل، سامي، بيدل، نانڪ، گودڙيي جھڙن ڪردارن کي جتي ھن ڌرتي پنهنجي سيني مان جنم ڏنو اتي سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي چمڪندڙ ستاري تصوف جي پرچارڪ شاھ سچل جي سلسي جي صوفي شاعر فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جو جنم به اسان جي ھن سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان ٿيو.

جنم

فقير خوش خير محمد ھيسباڻي رئيس غلام حيدر ھيسباڻيءَ جي گھر ۾ سن 1809ع ۾ ڳوٺ گل محمد ھيسباڻي اڳوڻي ضلعي نواب شاھ ھاڻوڪي ضلعي نوشھرو فيروز ۾ جنم ورتو. فقير صاحب جن کي ٻيا به ٽي ڀائر هئا جن ۾ شير محمد، مير محمد ۽ عرض محمد هئا. فقير خوش خير محمد سڀني ڀائرن کان وڏو هو.
فقير خوش خير محمد ھيسباڻي جا وڏا اصل عربستان جا رهاڪو هئا جيڪي پوءِ اتان لڏي بلوچستان ۽ پوءِ سنڌ ۾ اچي ھميشه لاءِ رھائش پذير ٿيا، جنهن وقت هيءُ خاندان سنڌ ۾ آيو، تڏهن سنڌ تي ڪلهوڙن جو راڄ هو ۽ هي خاندان به آدم شاھ ڪلهوڙي سان گڏجي سنڌ آيو هو. سنڌ ۾ اچڻ سان، هي خاندان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ڪي ڪاڇي جي طرف، شاھ گودڙئي جي ڀرسان ميهڙ تعلقي ڏانهن هليا ويا، ته ڪي ڪنڊياري تعلقي ۾ ڀونئري لڳ اچي آباد ٿيا، جتان وري ڪي ڪرونڊيءَ طرف (خيرپور ضلعي ۾) رھائش پذير ٿيا” (1)

تعليم

فقير خوش خير محمد ھيسباڻي پنهنجي زندگيءَ جا شروعاتي تقريبن ويهه ورهيه پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ گذاريا ۽ پاڻ اتي ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون سندن استاد ان وقت جو مشهور عالم آخوند بخش علي گاڏهي هو. فقير خوش خير محمد جو جنھن گھر ۾ جنم ٿيو اھو گھر ۽ سندس خاندان اڳ ۾ ئي علم ادب سان چاھ رکندڙ ھو فقير سائينءَ جا وڏا عربي، فارسي ۽ قرآن شريف جو علم پڻ ڄاڻندا هئا. فقير سائين جي گھر مائٽن جي علمي ماحول ۽ سندس وڏن جي اثر سبب، فقير صاحب جو به لاڙو علم ڏانهن گهڻو رهيو.
خوش خير محمد ھيسباڻي نوشھرو فيروز جي نقشبندي بزرگ پير شھاب الدين جي فرزند پير عبدالحئي جو طالب ھو. ڪن سوانح نگارن موجب خير محمد جي وڏن جي ان درگاھ سان عقيدت ھئي ڪي سوانح نگار لکن ٿا ته خير محمد ھيسباڻيءَ جو ان درگاھ سان تعلق عثمان فقير سانگي جي اثر ھيٺ ٿيو. بهرحال ان ڳالھ تي ڪو به اختلاف ناھي ته فقير خوش خير محمد نوشھري جي نقشبندين جو طالب ھو. ھن ڪيترين ئي ڪافين ۾ به مرشد عبدالحئي سان عقيدت جو اظھار ڪيو آھي ” (2)

جيئن مٿي بيان ڪري آياسين ته خوش خير محمد جا وڏا نوشهرو فيروز جي مشهور ۽ معروف اولياءَ پيرعبدالحئي صاحب جا طالب هئا، تنهن ڪري پاڻ فقير صاحب جن به اتي وڃي رهيا ۽ پاڻ وڌيڪ تعليم به اتي پرايائون اتي سندن استاد ۽ مرشد شهاب الدين صاحب هو. نوشھرو فيروز کان پوءِ تعليم وري به پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان تڳرن ۾ استاد مولوي عبدالقدوس وٽ ختم ڪيائون.

فقيريءَ ڏانهن لاڙو

فقير خوش خير محمد ٿورو علم پرائي، مير علي مراد خان ٽالپر، رياست خيرپور جي واليءَ وٽ، وڃي نوڪري ڪئي. مير صاحب شروعات ۾ کيس ڪارائو ڪري رکيو، پر آخر سندن ايمانداري، هوشياري ۽ سچائي ڏسي کين مختيارڪار ڪيو. خوش خير محمد فقير بابت هي ڳالهه مشهور آهي ته هڪ ڏينهن فقير صاحب پنهنجي وڏي اٽالي سان شاهي شان و شوڪت ۽ ٺٺ ٺانگر سان ٺٽ جي پتڻ تان درياءَ پار ڪرڻ لاءِ اچي رهيا هئا ته واٽ تي هڪ سولنگي قوم جي پوڙهي مائي گاھ جي ڀري ٺاهيو ويٺي هئي، جڏهن فقير صاحب جن جي اٽالي تي نظر پيس، تڏهن چوڻ لڳي ته ابا آهي ڪو ماڻهو، جيڪو مون کي هيءَ ڀري کڻائي؟ فقير صاحب جن يڪدم ٽپ ڏيئي، گهوڙي تان لٿا ۽ مائيءَ کي ڀري وڃي کڻايائون. فقير صاحب جي اميراڻي پوشاڪ ڏسي، مائي سمجهي وئي ته هي ڪو امير ماڻهو آهي، سو هٻڪندي ۽ ڊڄندي چوڻ لڳي ته مون ته ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ٿي چيو، توهان کي ته ڪونه چيم، فقير صاحب کي ڄڻ دل تي ڪنهن هٿوڙو وهائي ڪڍيو. وائڙو ٿي چوڻ لڳو ته مائي آئون ماڻهو نه آهيان ڇا؟ مائيءَ وراڻيو: ابا اوهين ته ڪامورا آهيو. مائيءَ جا اهي لفظ ٻڌي فقير صاحب حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته شايد هنن ڪپڙن ۽ ٺاٺ باٺ جي ڪري، آئون انسانن جي قطار کان ٻاهر نڪري ويو آهيان! بس ان وقت ئي فقير صاحب جي خيال ۾ انقلاب اچي ويو. هڪدم نوڪري ڇڏي، پنهنجي مرشد پير عبدالحي صاحب وٽ نوشهرو فيروز ويو ۽ اتان طلب ورتائين ۽ باقي زندگي فقيري ۾ گذاريائون. فقير خوش خير محمد جي تصوف ۽ فقيريءَ ڏانهن لاڙي بابت خير محمد جي عقيدتمندن جوچوڻ آهي ته فقير سائين جن کي رندي طريقو، حضرت شاھ عنايت جهوڪ واري جي سلسلي جي هڪ عارف بالله “جوڳ ڌڻيءَ ” نالي درويش کان مليو. سندن جوڳ ڌڻيءَ سان به ملاقات اتفاقي ٿي جو ھڪ دفعي جوڳ ڌڻي نوشهرو فيروز کان اچي لانگهائو ٿيو ۽ پير صاحب جن جي اوطاق ۾ اچي ٽڪيو. فقير خير محمد صاحب جن به اڪثر ڪري اتي رهندا هئا ۽ اوطاق ۾ آيل مهمانن جي خدمت چاڪري ڪندا هئا. فقير صاحب جن دستور موجب “جوڳ ڌڻيءَ” جي خدمت ڪئي. فقير خير محمد صاحب ننڍي کان ئي حق ۽ ھيڪڙائي جو پارکو هو، سو پاڻ جوڳ ڌڻيءَ کي چيائين ته قبلا، ڪا الاهي عشق جي عنايت ٿئي ! مست فقير سندس صورت سيرت ۽ اخلاق سبب اڳ ئي مٿس راضي هو، تنهن ڪري ان جي اها گهر موٽائي نه سگهيو ۽ فقير خير محمد کي هڪل ڪري چيائين ته منهنجي پٺيان ٿي ويهه فقير خير محمد صاحب، ارشاد موجب ائين ڪيو. جوڳ ڌڻيءَ کيس اسم اعظم سمجهايو ۽ آخر ۾ ٻڌايائينس ته جيڪڏهن اڳيان ويهاري سبق ڏيانءِ ها ته مون وانگر مست فقير ٿي پوين ها هاڻي تون سالڪ رهندين.

شادي ۽ اولاد

فقير صاحب جن پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي خاندان مان ئي صرف هڪ شادي ڪئي جتان فقير صاحب جن کي چار فرزند ٿيا جن ۾ در محمد مست، خير محمد (ٻيو) در محمد (ٻيو) خير محمد (ٽيون) اچي وڃن ٿا، فقير خوش خير محمد ھيسباڻي پنهنجي مرشد ۽ استاد پير عبدالحئي صاحب جن سان گڏ حج تي به ويا مدينه شريف پهچڻ بعد فقير صاحب جن جڏهن حضرت رسول مقبول جي مبارڪ روضي جي زيارت ڪئي، تڏهن هي ڪلام چيائون:

مک ماهي دا ماھ منير هويا،
ساڏا دمدم ساھ سڌير هويا. ”

وفات

خوش خير محمد ھيسباڻيءَ 1294ھ 2 محرم تي ٽڳڙن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي عيسوي سن 1877ع آھي کيس ان ڳوٺ ۾ ئي دفن ڪيو ويو. 1905ع ۾ ٽڳڙن جي ڳوٺ کي درياھ پائڻ لڳو ان ڪري سندس لاش کي ڪڍرائي خيرپور ضلعي جي تعلقي فيضگنج جي ڪرونڊي شھر کان ٽي ڪلو ميٽر اوڀر دفن ڪيو ويو اھو ڳوٺ اڄ تائين صوفي خوش خير محمد ھيسباڻي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو اتي سال به سال 17،18، ۽ 19 ذوالحج تي ميلو لڳي ٿو.” (4)

سماجي ڪردار

فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي سوانح حيات جي مطالعي مان جتي اسان کي ھن درويش جي علم ادب ۽ عقل جو پتو پوي ٿو اتي سندس زندگيءَ ۾ انسان دوستي انساني ڀلائي سماج جي ماڻھن سان محبت ڪرڻ بابت ڄاڻ ملي ٿي ته پاڻ نه صرف هڪ شاعر ھئا بلڪه سماج ۽ سماج جي ماڻھن جو خيال ۽ احساسن جو قدر رکندڙ انسان دوست مثالي سماجي ڪردار پڻ ھئا.
پاڻ ميرن سان تعلق واري وقت ۾ سفارش ڪري ڪيترائي قيدي آزاد ڪرائيندا ھئا مير علي مراد سندس ڏاڍي عزت ڪندو ھو ۽ سندس سفارش تي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيندو ھو. ماڻھن کي جو اھا خبر پئي جو ھر چور چڪار جو مائٽ صوفي خير محمد کي ايلاز منٿون ڪري پنهنجي قيدين لاءِ سفارش ڪرائيندا ھئا. آخر مير علي مراد به تنگ ٿي پيو. ھڪڙي ڏينهن ھن صوفي خير محمد کي سمجهايو ۽ کانئس ڏاڙھيءَ تي ھٿ رکرائي واعدو ورتائين ته ھو ٻيهر ڪنهن ڏوھيءَ جي سفارش نه آڻيندو. ھي فقير اڃا ڏاڙھيءَ تي انجام ڏيئي درٻار مان مس ٻاھر نڪتو ته اتي ئي ھڪ پوڙھيءَ اچي اللھ جو نانءُ وڌس ته مونکي منهنجو پٽ ڇڏائي ڏي. پاڻ ان دم ئي
موٽي آيو درٻار ۾ ۽ مير کي ان پوڙھيءَ جي پٽ کي ڇڏڻ جي سفارش ڪيائين. مير علي مراد کلي چيس ته فقير اڃا ھاڻي ڏاڙھي ڏئي وئين ۽ ھاڻي ئي سفارش کڻي آيو آھين! خير محمد ھيسباڻيءَ مير کي چيو ته پوڙھيءَ اللھ جو نانءُ وڌو ، تارازيءَ جي ھڪ پُڙ ۾ پنهنجي ڏاڙھي وڌم ۽ ٻئي ۾ اللھ جو ناءٌ اللھ جو نانءٌ منهنجي ڏاڙھيءَ کان ڳرو ٿي پيو مير کلي نيٺ فقير جي اھا سفارش به مڃي” (5)

همعصر ۽ شاگرد

فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جن جا طالب ڪافي انداز ۾ هئا، جن ۾ سيد محمد علي شاھ منگرجي وارو، قاضي محمد پريل ٽالپر وڏن وارو، شاھ محمد ديدڙ، درياءَ خان ڪلهوڙو پڻ آھن. فقير صاحب جن جو پنهنجي مصروف زندگيءَ ۾ درس تدريس جو ڪم گهٽ ٿو نظر اچي جنهن جو سبب اھو به ٿي سگھي ٿو ته سندن گهڻو ڌيان الاهي ياد ڏانهن هوندو هو جنهن ۾ ھو محو هوندا هئا شايد ان ئي سبب جي ڪري پاڻ ڪي گهڻا شاگرد تيار ڪري نه سگھيا پر پوءِ به پاڻ سنڌ جي وڏن شاعرن عالمن ۽ صوفي بزرگن سان ڪشاديون ڪچهريون ضرور ڪندا ھئا جنهن ڪري سندن همعصر فقير ۽ اهم صوفي شاعر به گهڻا ئي ٿي گذريا آهن، جن مان عثمان فقير سانگي، فقير نانڪ يوسف اڳڙن وارو، فقير بيدل روهڙيءَ وارو ۽ فقير غلام حيدر شر گودڙيو وغيره اچي وڃن ٿا.

شعر و شاعري

فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ھٿ اکر شاعري ذايع ٿيڻ بابت ڊاڪٽر تنوير عباسي لکن ٿا ته:
سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن متعلق عام روايتن وانگر فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام جو سندس ئي ھٿن سان لکيل نسخو درياھ ۾ لوڙھيو ويو !خوش خير محمد جي خاندان جي بزرگ سائين فقير فتح علي ھيسباڻيءَ ٻڌايو ته صوفي خير محمد جي پٽ در محمد مست (جيڪو سچ پچ مست ھو) ائين چئي نسخو درياھ ۾ ڦٽي ڪيو ته بابي ڀي اللھ نال گھڻيان ٺڳيان ڪيتان ھن”.(6)
اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي ته هن درويش جو ڪلام ائين ضايع ٿيڻ کانپوءِ به ختم نه ٿي سگهيو ۽ هن صوفي شاعر جو ڪلام فقير سائينءَ جي مريدن عقيدتمندن ۽ سنڌ جي اهل علم ماڻهن جي ڪوششن سان سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي جاءِ والاري. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ اھا ڳالھ بنا ڌڙڪ جي چئي سگھجي ٿي ته ھن صوفي درويش جو ڪلام نج انسان دوست وحدت الوجودي فڪر رکندڙ صوفياڻو ڪلام آھي.
هوت ملئي هنج ۾ جاءِ اهڙي جوڙ
ٿانءُ رک ٿانهر جو ٻيا ٽپڙا سڀئي ٽوڙ
وٺ راهه رب جي منهن نه ڪاڏي موڙ
توڪل رساوئي توڙ، خوشي سان خير محمد چوي .
حوالا:

1. www.google.com// htp.sindhiadabiboard.com
2.
عباسي، تنوير “ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي”، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2008ع ص 21
3. www.google.com//htpsindhiadabiboard.com
4.
عباسي،تنوير “ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي”، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2008ع ص 24
5.
ايضاً ص 23
6.
ايضاً ص 11

 

نينهن پڙھائي نماز
عشق ٿي آيو امام اسان جو
حضرت عشق اسان جو دائم
ڏينهن قيامت تائين قائم
نوڙي ڪيو سي نياز
سجدو ٿي آيو سلام اسان جو
عشق جي بازي عاشق ڄاڻن
مام محبت سالڪ سڃاڻن
رند ڪي سمجھن راز
ڪلمو قرآن آھي ڪلام اسانجو
خير محمد بيان چوان مان
اعليٰ عشق جو شان چوان مان
عرش ۾ آھي آواز
جلدي پهچايو پيغام اسانجو.

جانب جدائيءَ جو مون کي ڏاڍو آھ عذاب

ساعت ساعت سڄڻ ٿيون اکيون ھارن آب

لالڻ لاچاريءَ کان ٿيون ڏين عجيب عتاب

ماندي ھت مري ٿي تنھن ڏي مڪئي ڪونه جواب

خيرمحمد خوش خواب، ڪيئن ويچارن وڇڙين اچي؟.

 

آيا اڄ ڪي سلام عجيبن جا

خط پروانا ڪيئي لکيائون

هاواڻا هئا حبيبن جا

 

ڪانگ نياپو چئج نڌر جو

قاصد قول قريبن جا

 

خير محمد خوش دلبر مليو

وٺجان ڪنجڪ ڪريمن جا.

وڇڙيا ملن يار لھندا غم غبار

گڏ ٿي گذاريون دم نه ٿيون ڌار

دلڙي اُداسي من گھڻو ماندو

برھ ڍولڻ کان مور نه واندو

لَئون سڄڻ جي ڪيو لاچار

روز سڄڻ لئه ڪانگ اڏايان

پنڌ پِرينءَ جا واٽ واجهايان

تن اندر آ ڍوليا تنهنجي تار.