Sunday 25 September 2022

جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽُو، (شيخ اياز)

 

جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽُو،
مون ائين سمجهيو،
ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي،
اي دنيا ڀرجا محڪومو!
اي مظلومو!
جي محڪوميءَ مان ڪو به ڇُٽو،
مون ائين سمجهيو،
ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي،
ڪنهن هنڌ به منهنجي قاتل جا،
جي هٿُ لڏيا،
ڀل مون کي ڏي ڪيڏو به گُهٽو،
مون ائين سمجهيو،
ڄڻ منهنجي گردن هَلڪي ٿي.