Thursday 21 February 2019

احساسن جي اپٽار جو شاعر ؛ رضوان گل



رضوان گل: نئين ٽهيءَ جي شاعر ۽ نثر نويس، رضوان گل جو پورو نالو رضوان الحقپٺاڻ آهي. سندس جنم 4 آڪٽوبر 1977ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ناليواري اديب، شاعر، محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گھر ۾ ٿيو. رضوان گل سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 2000ع ۾ ايم. ايس. سي جاگرافيءَ ۾ ڪئي آهي. 2001ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار طور تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. رضوان گل ادبي دنيا ۾ 92-1991ع ڌاري پير پاتو، لکڻ ۾ رهنمائي سندس والد ڊاڪٽر بشير احمد شاد ڪئي، جنهن بعد مسلسل لکندو پيو اچي. رضوان ڪيترو وقت روزاني عوامي آواز ۾ مضمون به لکيا. ان کانسواءِ سندس نثر توڙي نظم ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو. هن وقت تائين سندس ڪيترائي ڪالم، مضمون ۽ مقالا ڇپجي چڪا آهن. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور وڌيڪ آهي. رضوان نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ميمبر، هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو انفارميشن سيڪريٽري ۽ انڊس جيوگرافيڪل سوسائٽي، لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري رهيو آهي. ان کانسواءِ ’جيو مئگ‘ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ۽ نيوزليٽر ’شعور‘ سان به لاڳاپيل آهي. رضوان جو وڏو ۽ اهم ڪم انٽرنيٽ تي اديبن ۽ شاعرن جا خاڪا توڙي تصويرون رکڻ آهي. رضوان سنڌي توڙي اردو ۽ عالمي ادب سان لاڳاپيل اديبن جون هزارين تصويرون هڪ ادبي ويب سائيٽ ٺاهي جمع ڪري مهيا ڪيون آهن.
رضوان گل ترجمي نگار به آهي. هن مشهور ڪهاڻيڪار سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون ترجمو ڪري، ڪتابي صورت ۾ ’پنج ڏينهن‘ نالي سان 2005ع ۾ شايع ڪرايون. سنڌ جي اديبن جي خاڪن تي مشتمل سندس ڪتاب ’ساهت ڏيهه جا سرجڻهار‘ 2010ع ۾ شايع ٿيو. ان کان سواءِ اپريل 2012ع ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو ’پيار جي پهرين بارش‘ به ڇپجي چڪو آهي. لاڙڪاڻي جي چونڊ چوڏهن شاعرن جي شاعريءَ تي مشتمل سندس ڪتاب ’ڏات ڏيئا ٻاريا‘ 2010ع ۾ ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان ڇپيو آهي. رضوان گل کي عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران 2002ع ۾ بهترين مقالي نگار طور ’ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ‘، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي، سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر بهترين ڪهاڻيڪار جا تعريفي سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. رضوان گللاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي. هن تازو جاگرافيءَ جي لغت تيار ڪئي آهي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپجي پڌري ٿي آهي. 
)انسائيلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان)

شاعري ئي رضوان جي بنيادي سڃاڻپ آهي ـــ ساجد سنڌي
من ڇڙواڳ جون مڙئي چلولايون ڪڏهن ڪڏهن مٺي مرڪ جي مٺاس ۾ ايترو ته تاثير ڀرين ٿيون جو چاهيندي به ان کان پاڻ پري نه ٿا ڪري سگهون. هينئر منهنجون اکيون ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺل آهن. هڪ معصوم چهرو دنياوي الجهنن کان بي نياز مون سان گڏ اسڪول جي پارڪ ۾ ٽهڪ شيئر ڪري رهيو آهي، سندس ساڄي هٿ جون آڱريون “سامي جا سلوڪ” ڪتاب جي وچ ۾ وچڙيل آهن، هو مون جيان شاعري جي سٽن کي سمجهڻ ۽ سلجهائڻ بنا خوب رٽي رهيو آهي. اسان ٻنهي شاهه، سچل ۽ سامي سميت ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي چونڊ شعرن کي حفظ ڪيو هو، ان وقت سوين شعر اَن ميچوئر ذهن جي ڪئنواس تي نقش ٿي چڪا هئا. بيت بازي جي مقابلي ۾ پاڻ اڳ کان اڳرا رهيا سين، ان معصوم احساسن سان متل مانڊاڻ جي مهڪ شايد پنهنجي وجود کي ايترو واسي ڇڏيو جو پاڻ ٻئي اڄ به شاهه، سچل ۽ سامي جي سٽن جي گهرائي ماپڻ لاءِ ڪوشان آهيون.
ان معصوم دنيا کان شروع ڪيل سفر اڃان به روان دوان آهي، جنهن جي منزل جو پري پري تائين ڪو نانءُ نشان ناهي. ان وچ ۾ پاڻ ڪيترا پنا ڪارا ڪيا ۽ ڪيترن ڪتابن جو ورد ڪيو. ان جو ڪو ڪاٿو ڪونهي.
اڄ هن جي اکين اڳيان اڇي عينڪ چڙهيل آهي، ڪتاب اڄ به سندس دوست آهن ۽ دوستي دلبرين سان ڀرپور ساڳي محبت ۽ معصوميت سان سرشار آهي. هو ڀل بهشت جو داروغو رضوان نه هجي پر کيس محبت ۽ معصوميت جو داروغو رضوان سڏڻ لاءِ دل سٽون ٿي کائي. ڇاڪاڻ ته رضوان جي ڪوتائن ۾ به ايتري ئي معصوميت ڀريل آهي جيتري سندس چهري تي نمايان نظر اچي ٿي. سندس اکين تان چشمو هٽائي ڏسڻ جي به ضرورت ناهي، رضوان گل ته ڪوَتا ڪاڪ جو اهو گل آهي جنهن جي مهڪ مومل جي طلسماتي تجربن کي به تاراج ڪري ڇڏي. ڀل ان کي ڪو منهنجي انفرادي سوچ سڏي پر پنهنجو ڪنهن به سوچ سان ڪو سروڪار ڪانهي:

پيو وقت ٿو وار چاندي ڪري
جواني ڪڏهن ڀي، وري ڪونه ٿي
اسان سر اڏيءَ تي رکي ٿا ڇڏيون
زبان ڪوڙ تي جو وري ڪونه ٿي.

رضوان شاعري جي مختلف صنفن ۾ پنهنجي احساس جي اپٽار سان اندر جي اڃ اجهائيندو رهيو آهي، هن جا نفيس احساس ڄڻ پاڻ مرادو پنن تي پکڙجي ويا آهن، شايد ان ڪري ئي سندس غزلن ۾ هرڻيءَ جا ٽپا مختلف روپن ۾ پاڻ وڻائڻ لاءِ اتاولا آهن. هو سادن ۽ سلوڻن لفظن ۾ داخلي ۽ خارجي احساسن کي پنهنجي منفرد ڍنگ سان پنن تي پٿاريندو رهيو آهي ۽ لفاظيءَ جي ڄار کان پاڻ بچائيندي پنهنجو هڪ الڳ رستو جوڙيو آهي. رضوان گل هڪ ڀلوڙ نثر نويس طور ٻه عدد ڪتاب ڏئي ادبي کيتر ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي. سندس شاعري جو هي پهريون شعري مجموعو “پيار جي پهرين بارش” به يقينن مڃتا جا موتي ميڙي کيس هڪ الڳ سڃاڻپ بخشيندو، توڙي جو اها ادب دوستن کي گهٽ خبر آهي ته شاعري ئي رضوان جي بنيادي سڃاڻپ آهي، شايد هو لکڻ جا اصل محرڪ نظم کان وڌيڪ پختگيءَ سان بيان ڪرڻ ۾ آساني محسوس ڪري ٿو. جڏهن ته شاعري جنهن لاءِ ارسطو پنهنجي ڪتاب (Poetics & Rhetoric) ۾ لکيو ته “شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي” جنهن مان پروڙ پوي ٿي ته شاعر وقت جا تاريخدان آهن، جيڪي پنهنجي دور جي سمورين وارتائن کي لفظن جي مالهائن ۾ پوئي هڪ اهڙي تاريخ رقم ڪن ٿا، جيڪا گهڻي وقت تائين مختلف دورن مٿان اثر انداز ٿيندي رهي ٿي. موجوده وقت ۾ شاعرن جي ڊگهي کيپ ۾ رضوان گل جون ڪوتائون به معاشرتي وارتائن جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿيون ته رومانس سان ڀرپور جذبن جون عڪاس به آهن.

ڪنهن کي آٿت ڏين ٿا روئارن به ٿا
لفظ مرهم جي آهن ته گهائن به ٿا
__
هي شعر منهنجي اندر جا اڌما
هي لفظ منهنجي زبان آهن

ڏسون ٿا ته دونهاٽيل دنيا جي پوتر ڌرتي بيگناهن جي رت سان ريٽيل ۽ عظيم گناهن سان داغدار ٿيل آهي. چوندا آهن ته هر دور ۾ تاريخ پاڻ کي ورجائيندي رهي آهي. موجوده حالتن پٽاندر رضوان گل جا ڪافي شعر غزلن توڙي ٻين صنفن ۾ وقت بوقت ٿيندڙ وارتائن جو آئينو بڻجي پاڻ طرف متوجه ڪندي پنهنجي ڪاهلي ۽ ڪانئرتا مٿان ٺٺوليون به ڪن ٿا.

هر طرف وحشتون، نفرتون، ڪوڙ آ
ڪنڌ ورائي سڄي هيءَ صدي ٿا ڏسون
__
گل کي گولين سان اڏايو ويو
فرش تي پکڙيل هر پتي ٿا ڏسون
__
اسان جي حياتي پراڻو وڳو
ائين وقت جيون کي چوڙي وڌو

ڏس شيشي جا گھر آهن
ماڻهو پر پٿر آهن
ٽهڪن وڇڙي سال ٿيا
لڙڪن جا لشڪر آهن
__
آهي تاريخ شاهد رڳو
سنڌ کي ڪربلائون مليو

رضوان گهڻن شعرن جيان ڪيترن ئي شعرن ۾ دنياوي دهشتن ۽ وحشتن جي دل ڏاريندڙ منظرن کي پنهنجي احساسن سان اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙيون ڪيتريون ئي سٽون هن ڪتاب جي مختلف ورقن ۾ سندس حساس پڻي جي جهلڪ طور موجود آهن، پر سندس شاعري جو گهڻو تڻو حصو رومانيت ۽ جماليات جو ڀرپور اظهار آهي، جنهن ۾ حسن، محبت، وصل، وصال، انتظار، تڙپ ۽ شڪوه شڪايت سميت اهي تمام داخلي ڪيفيتون غم جانان سان سرشار آهن، جن کي پڙهندي دل بار بار پڙهڻ چاهيندي آهي ۽ اها ئي هڪ سهڻي شاعري جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ ڪاميابي آهي جو هر پڙهندڙ سندس سٽن اندر پنهنجي پناهه ڳولي ۽ پنهنجي احساسن کي ان شاعر جي لفظن سان بيان ڪري. يقين نه اچي ته سندس هن ئي ڪتاب مان کنيل ڪجهه هيٺيان شعر پڙهو ۽ سونهن جي پر ڪيف وادين ۾ محبتن جي لذت ماڻيو.
ڪنهن جو آنچل هوا اڏاريو هو
ويڪرا روڊ، ويڪريون ڇاتيون
__
ٺهي اُڀ تي ڪري واڪا وسي جي اوچتو پيئون
نه ٿيون وسرن اسان کان سي گهٽائون ڄامشوري جون

رات سموري تنهنجي يادن
مون سان ڀاڪيون پاتيون آهن
__
تلخ لهجن سان معصوم دل جي مٿان
زهر جملن سندا وارَ ڇو ٿا ٿيو!
مرڪ ريکا ٿيو، دردوَندن جي لئه،
ڪنهن جي نيڻن سندا نار ڇو ٿا ٿيو!
__
تنهنجون اکيون
سونهن جي پهرين منزل
۽ تنهنجا چپ
ان منزل جي پڄاڻي
__
ورق يادگيرين جا ڇو ٿو ورائين
سڀئي ياد ايندئي اهي پنڌ پوڙها
اڙي ڄامشورا، اڙي ڄامشورا.

اهڙا ٻيا کوڙ سارا شعر رضوان جي ڪتاب “پيار جي پهرين بارش” جي وسڪار ۾ وڏي ڦڙي جيان پنهنجي وجود جي گهرائي ۾ لهندي محسوس ٿيندا.

ساجد سنڌي
حيدرآباد

ڳوڙها ڳاڙي ٿڪي آ تنهائي

ڳوڙها ڳاڙي ٿڪي آ تنهائي
تنهنجي پويان يڪي آ تنهائي

سڀ اڪيلو ڇڏي ويا آهن
هيءَ منهنجي سکي آ تنهائي

تيز سردي ۽ برف باريءَ ۾
رات مون سان ڏَڪي آ تنهائي

ساٿ ڪوئي به ڪونه ٿو ڏي پر
ڏس ته ڪيڏي سخي آ تنهائي

تنهنجا ميسيج ٿا اچن هاڻي
ائين لڳي ٿو جَھڪي آ تنهائي

تون اچي وئين ته اڏامي ويئي
ڄڻ ته ڪوئي پکي آ تنهائي
 
دلين ۾ نفرتون آهن
دلين ۾ نفرتون آهن
بظاهر الفتون آهن

اندر جون موسمون پن ڇڻ
ته ڪهڙيون رونقون آهن

پيو ٿو چهرا بدلائي
وڌي ويون حيرتون آهن

محبت ٿي وڃي حاصل
اندر ۾ حسرتون آهن

هنيائين ڪُکِ ۾ خنجر
چيائين حجتون آهن

ڀلي ڪچليو، ڏيڻ خوشبو
گلن جون عادتون آهن



عشق جي امتحان ۾ آهيون،
عشق جي امتحان ۾ آهيون،
ڪنهن انوکي جهانَ ۾ آهيون.

هيءَ دنيا لڳي پئي بازار،
پاڻ هڪڙي دڪان ۾ آهيون.

نيڻ تو جو کڻي نهاريو آ،
ساري محفل جي ڌيان ۾ آهيون.

سچ تي سوڀ سولڙي ناهي،
رهزنن جي نشان ۾ آهيون.

گل کي ماڪ چميون ڏيندي چيو،
هاڻي تنهنجي امانَ ۾ آهيون.

منهنجو دشمن سمورو شهر ٿي ويو
منهنجو دشمن سمورو شهر ٿي ويو
اوپرو آهي پنهنجو ئي گھر ٿي ويو

پيار امرت جيان تو هٿن سان ڏنو
تو پڄاڻان هي جيون زهر ٿي ويو

سمنڊ تي وقت توسان گذاريو اهو
تيز ڇولي ٿي آيو، لهر ٿي ويو

تنهنجي مرڪڻ سان اُجرو صبح ٿي پيو
تنهنجي ڪاوڙ ته سانجھي پهر ٿي ويو

هر ڏسا گُھگھ اوندهه انڌوڪار هو
تنهنجي مرڪڻ سان جانان سحر ٿي ويو

وقت پيو ٿو وار ڪري
وقت پيو ٿو وار ڪريپيو ٿو چاندي وارَ ڪري

بند ڪمرو ۽ ديوارون
ڪنهن سان هو گفتار ڪري

دل منهنجي شيشي وانگر
ڏک تنهن ۾ ٿو ڏار ڪري

هو جو ڪوڙو ڪانئر آ
اکيون ڪنهن سان چار ڪري

موت مٺا ماڻهو ماري ٿو
روز اسان کان ڌار ڪري

گل کي وارن منجهه هڻي
خوشبوءَ سان ڪو پيار ڪري


ڪنهن کي آٿت ڏين ٿا روئارن به ٿا
ڪنهن کي آٿت ڏين ٿا روئارن به ٿا
لفظ مرهم جي آهن ته گھائن به ٿا

هونءَ دردن جو دارون به آهن مگر
لفظ پيالا زهر جا پيئارن به ٿا

هو ته سيني ۾ طوفان بڻجي ڪڏهن
زندگيءَ جي ڏيئي کي اُجھائن به ٿا

ڪنهن جي جذبن جا قاتل به بڻجيو پون
پوءِ غيرت ۾ ڪنهن کي ڪُهائن به ٿا

هن جي چهري ۽ زلفن جي واکاڻ ۾
لفظ معنائون پنهنجون وڌائن به ٿا