Thursday 14 February 2019

جمال يار جو شاعر ؛ جمال مرادگبول.



”جمال“ جي معنيٰ ئي آهي سونهن. سونهن تَريءَ هيٺيان لڪائي سگهبي ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته اُها ”سِج“ آهي جنهن جو ذرو جڏهن ”چَنڊ“ جي منهن تي پوي ٿو ته انهيءَ سان به پيو سڄڻن کي ڀيٽجي، جيڪي سدائين سوجهرو آهن. هاڻي جنهن کي ”جمال“ جي تخلص جي چاليهئين پتي به نصيب ٿئي اهو ڪهڙي مقام تي هوندو، اها ڳالهه سمجهڻ مشڪل نه آهي. اهو انهيءَ ڪري نه ته منهنجو به ساڳي تخلص آهي. پر اِهو انهيءَ ڪري ته منهنجي شناسائي به انهيءَ سونهن سان آهي جنهن کي ادبي دنيا ۾ ”جمال مراد“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات جشنِ معمور جي مشاعري ۾ ٿي جڏهن پاڻ پنهنجي وڏائي ڏيکاري سمنڊ جي ڇولين (ميرپور ساڪرو) مان نڪري اچي ڍولو مارل (لطيف ننگر) جي پَٽن تي پهتو. اها سندس وڏائي به هئي ته قرب به هئو. ان کانپوءِ اڄ تائين وِيلَ نه وسرندڙ هن سونهن جي پَرتَوي جي علم ۽ فن مان آئون مسلسل فيضياب آهيان. مون سندس ڪچهرين ۽ شاعري مان جيڪي پِرايو آهي انهيءَ موجب ”جمال“ صاحب رِوايتن جو امين شاعر آهي، پختو سُخنور آهي، فني لحاظ کان استاد شاعر آهي. دؤر جديد ۾ جيڪي شاعر پنهنجين فني صلاحيتن سان معتبر مقام حاصل ڪري چُڪا آهن، انهن مان هڪ معتبر شاعر آهي. مضبوط ايمان ۽ صالح عقيدي سان هو سماجي براين کان ”باغي“ شاعر آهي. بي ربط سماجي نظم ۽ معاشري جي اڍنگي چال خلاف هو سخت مزاحمتي شاعر آهي. اخلاقيات جو مجسم، انسانيت جو علمبردار ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان محبت ڪندڙ هِن شاعر وٽ اعليٰ انساني قدرن جا جهجها جهول ڀريل آهن. سندس ڪلام ۾ اهو سڀڪجهه ملي ٿو جيڪو سماج جي هڪ صالح ڪردار جي ڪردارسازي لاءِ ضروري آهي. پنهنجي ڪلام ۾ هو ٻنهي جهانن جي خلقڻهار جي حمد هيئن ٿو بيان ڪري ته.
تنهنجو در داتا ڇڏي، ٻيو ڪنهن جو در مان ڳوليان،
تو سِوا مالڪ مِٺا، مان عرض هي ڪنهن کي ڪيان.

ظاهري ڪر ڪا ضيائي، ۽ جهجهو روشن ’جمال‘،
ڪر اميدون منهنجون پوريون، سڻ تون سائين سڀ سوال،
تون ئي ڪل تي آهين قادر، رحم توکان ٿو گهران.
مالڪِ دوجهان جي مِهر سان رحمت العالمين آيو جنهن جي اچڻ سان نه صرف ٻئي جهان روشن ٿيا بلڪه سک، امن ۽ آسودگي جا ڄڻ ڪڪر وسي پيا. بي سهارن، اڀرن، يتيمن ۽ اڙيالن جو واهرو آيو. شاعر وٽ دليل آهي ته:
مهر ڪئي مالڪ مٿس، ٻئي جڳ مليا جنهن کي ’جمال‘
سڀني سيني سان لڳايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

زنده دفن ڪيئون ٿي، نازڪ نياڻيون جڏهن،
ان دؤر ۾ ته دلبر، ڏيندڙ ڄمار آيو.
ساڳي موضوع جي شاعرانه رِوايتن کي اڳتي هن طرح ٿو نباهي ته:
چارئي تنهنجا چڱا، جن جان ڪئي توتان فدا،
تون خدا جو آهين نائب، جان مِن اي جاودان!
شاعرانه اسلوب ۾ هي حقيقتون دلڪش به آهن، ته ساڳي وقت عقائد جي نشاندهي سان گڏ ايمان افروز پڻ آهن. نعتيه مضمون ۾ شاعرانه دلڪشي جو هڪ سهڻو مثال هن شعر ۾ به آهي ته:
جهومڻ لڳا جهنگ ۽ جبل، بر پٽ بهاري ٿي وئي،
ڪونجون، ڪبڪ، قمري، ڪوئل چيهن جي پڻ چينگار ٿي.

اسلامي تاريخ جو وسيع مطالعو رکندڙ هيءَ شاعر قديم روايتن جو امين آهي يا جديديت جو جهنڊو بُلند ٿو ڪري اهو فيصلو ته شاعري جا نقاد ئي ڪندا منهنجي ڄاڻ صرف ايتري آهي ته جيڪو شاعر رِوايتي شاعري ڪري ٿو اهو ئي دورِ جديد سان هم آهنگ ٿي سگهندو. جيڪو اُڏام کٽولي کان آگاهه هوندو اهو ئي جهاز کان آگاهه ٿيندو. جديد سائنس انهن ئي ”ٿيوريز“ (
Theories) کان شروع ٿي آهي. جيڪو شاعر علم عروض کان آگاهه هوندو اهو ئي شعر جي بحرن ۽ وزنن ۾ تجربا ڪري سگهندو. اها فني جدت آهي، جيڪو تاريخ کان واقف هوندو اهو نون نتيجن جي ڳالهه ڪندو. جيڪو عقيدن کان آگاهه هوندو اهو ئي انهن سان اتفاق يا مخالفت ڪندو. جنهن کي حُسينيت جي خبر ئي نه هوندي اهو يزيديت کي ڇا ننِديندو. انهن کي ڪربلا جي ڪرب جي ڇا خبر ۽ ڪوفين جي طاقت کي سائين جمال صاحب وانگيان ڪيئن سمجهندو ته، ڪوفي ته آهن ئي ڪمزور، اصل طاقت ته ربّ جي رضا آهي جنهن کي ڪربلا ۾ امام عالي مقام قبول ڪيو ته:
سؤ دفعا هو سج کان وڌ، تن جو جوهر ۽ ’جمال‘،
ڪوفين کي ڪهڙي طاقت، اصل هي هو امتحان.

ڪربلا جي ڪوس جو آ، درد ڀريو داستان،
دشمنن دوکو ڪري، قيدي ڪيو ڪُل ڪاروان.
اڳتي ڏسو شاعر پنهنجي درد آشنائي تي ڪيترو نازان آهي ته:
ڪُل قصيدا ڪيترا، آيا لکي شاعر اديب،
هي شهيدي شان تي، سارو ترانو دنگ آ.
سنڌ جو اهو ڪهڙو شاعر هوندو جنهن کي لطيفي رنگ جو آشريواد نه مليو هوندو.
 
سنڌ جو هيرو سچو سرڪار، آ عبداللطيف،
روشني جو چمڪندڙ مينار آ، عبداللطيف.

لاڙ جو هيءَ سهڻو سخنور لطيف کانپوءِ ملاح جي رنگ جي چادر به اوڍي ٿو ته:
ڏيهه ڏوري ايندو هئين تون، اڄ نهارڻ کان به وئين،
يار ڪهڙا حال ٿئي، بس ايئن کيڪارڻ کان به وئين.
مزاحمتي شاعري جا هيٺيان مثال پڙهو ۽ پوءِ ڏسو ته اسانجو هي سُجاڳ شاعر ڪهڙن ڪهڙن قلمي محاذن تي جنگ جوٽيو بيٺو آهي.
 
ڪو عدل انصاف ناهي ملڪ منهنجي ۾ ’جمال‘،
قوم جي ڄَڻ هي ڪهڻ جو، ڪارخانو ٿي ويو.

ڪِٿ بلوچن جي مٿان، ٿا بم وسائين بي گناهه،
مدرسو باجوڙ جو، ناحق نشانو ٿي ويو.
***
سنڌ صوبو رهندو هڪڙو، جيسين آهي جڳ ’جمال‘،
رهجي ويندا هِتِ اڌورا، تنهنجا کوٽا سڀ خيال.

توسان گڏ آهن اسانجا، توکي ڪهڙي آ مجال،
تنهن ڪري پيو تون ٻڌائين قوم ساريءَ کي قوال.
***
ڪراچي سنڌ جي دل آ، امن جو شهر چئبو هئو،
انهيءَ ئي شهر ۾ اڄڪلهه، لهن ٿا سِرَ هزارن جا.
***
’جمال‘ آخر عمر ساري، رئيسن کي نه رهڻو آ،
سدائين يار ڪرسيءَ تي، وڏيرن کي نه رهڻو آ.
***
جوئا چوريءَ ۽ گهٽڪي تي، ٿيو ڪو ضابطو ناهي،
کپي ٿو ظالمن کي زر، اسانجي ساڪري هِن ۾.
***
هتي پيا ماستر صاحب، مزا ماڻين ميڊيا جا،
ڪي اخبارن جا ايڊيٽر، اسانجي ساڪري هِن ۾.
هِنن اَٺن منتخب ڪيل شعرن ۾ ڪهڙي حقيقت آهي جيڪا ”سَچ“ سان ٽمٽار ناهي. ڪهڙو ٻول آهي جنهن جو اثر تير ۽ تفنگ کان گهٽ آهي. سنڌ جي تقسيم تي مزاحمت ڪندڙ هيءَ سُڄاڻ شاعر جيڪو ساڪري جي سماجي حالتن تي به آواز اُٿاري ٿو ته، ڪراچي ۾ تسلسل سان ٿيندڙ ڪوس تي به اشڪ هاري ٿو. باجوڙ جي ڏک ۾ به ڏکارو آهي ته بلوچن سان ٿيندڙ ناانصافين تي به نالان آهي. جتي به انسانيت کي چيڀاٽجي ٿو ته هِيءُ باهمت شاعر ڳالهائي ٿو ۽ همت سان حق ۽ سچ جو آواز بُلند ڪري ٿو. هو پُر اميد آهي ته سدائين ظالم کي ڪرسي نصيب نه هوندي، سدائين انسانيت جا فيصلا درندا نه ڪندا. ظلم ۽ استبداد جي ماحول ۾ ايڏيون حوصلي واريون ڳالهيون صرف ’شاعر‘ ئي ڪري سگهي ٿو. ٻاٽ اونداهي ۾ لاٽ صرف شاعر جي اک ئي ڏسي سگهي ٿي. اِها اک اسانجي جمال مراد صاحب کي الله پاڪ نصيب ڪئي آهي ۽ پنهنجي سڄي عمر هِن انهي حق ۽ صداقت جي گس تان ٿيڙ ناهي کاڌو، جنهن جي شاهدي طور سندس سڀ شاعري موجود آهي.
 
تاريخ جو گهرو مطالعو ڪندڙ هيءَ شخص پنهنجي سماج ۾ ڳائجندڙ لوڪ داستانن کي به اشارن ۽ ڪناين ۾ استعمال ڪري لوڪ کي پنهنجائپ جو احساس ڏياري ٿو ۽ خاص طرح ’برووي‘ جو ذڪر جيڪو اسانجي تمام گهٽ شاعرن ڪيو آهي. جمال صاحب اتي پهچي پنهنجي لوڪ داستانوي مطالع جو ڏس ڏئي ٿو جيڪو سندس شاعرانه ذوق جو به مظهر آهي. بروي ۽ مجنون جو ڳالهيون راءِ ڏياچ تائين هنن شعرن ۾ پڙهو.
 
ماس بروي هو ڏنو، ۽ سِر وڍي راءِ ڏياچ،
ڪئين پچن، کامن، پتنگ ٿا، نينهن ۾ نازڪ نواب.
***
محب هو مُرڪي چيو، هِت بيهه اچان ٿو مان مِٺا،
بنڊ ٿي مان بيهه رهيس، محبوب جي ان موٽ تي.
مشاعرن ۾ جڏهن ’هوٽنگ‘ ڪو استاد شاعري ڪري ٿو ته اُها اصلاح جي شڪل وٺي ٿي پر جڏهن ڪو اڻڄاڻ ويٺو ڄاڻن تي چٿرون ڪري ته اُها ’هوٽنگ‘ اصلاح جي بدران ’جهالت‘ چئبي. جمال صاحب انهيءَ هوٽنگ ڪرڻ واري کي هيئن ٿو تنبيهه ڪري ته:
ڪونه هئي ڪنهن کي خبر، هردم هلي ٿي هِت هوٽنگ،
چئه ڀلا هليا وڃون، يا بند هي گفتار ڪر.
ڪنهن شاعر جي استادانه صلاحيتن جو هڪ امتحان ’طرح‘ تي شعر لکڻ به آهي. محترم ’معمور يوسفاڻي‘ صاحب جي ٻن طرحي مصرعن تي جمال صاحب جا غزل لاجواب آهن. اچو ته ٻن طرحي غزلن جا ٻه بند پڙهي لطف اندزو ٿيون:
ڏينهن، هفتا ۽ مهينا، سال صديون ويا مَٽي،
همنشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.
***
تنهنجو مرڪڻ ۽ ملڻ، ٻيو خوب خوش ٿي خود کلڻ،
ساري دنيا کان سڄڻ، دستور تنهنجا ٻي طرح.
طرحي غزلن کان علاوه به غزل جي شاعر وٽ رومانس جي پچار جهجهيري هجي ٿي، جيڪا ئي غزل جو روح آهي. جمال صاحب به انهي پچار کان واندو ڪونهي.
 
ٿو ڪرين حملن تي حملا، فوج پنبڻين جي وٺي،
تنهنجي نيڻن جي نظر جا، اڄ نوان نيشان ٿيا.
حقائق نگاري جو اظهار به شاعرانه جرئت جو ئي جوهر آهي. جمال صاحب انهيءَ انگ ۾ به يڪتا آهي ته:
وئي عمر اڌڙوٽ گذري، ناهي پيري ڪا پري،
آجيان ڪئي مون اڇن جي، وار ڪارن منهن مَٽيو!
اها ڳالهه صحيح آهي ته جمال صاحب فن سُخن جي سڀني صنفن تي دسترس رکي ٿو. سندس غزل به سُهڻا ته نظم به شاندار، جن مان لاڙ جي مِٽي جي مخصوص هٻڪار اچي ٿي، پر منهنجي ذاتي راءِ اِها آهي ته هو ’ڪافيون‘ جهجهيون لِکي، سندس ڪافين ۾ جيڪو مٺاس آهي، لات آهي ۽ فني پختگي آهي، اُها شاعر جو فني سفر ۾ اعليٰ مقام ٺاهي ٿي. سندس ڪلام ۾ رواني به واهه جي آهي. ڪافي جو بند پڙهو ۽ پوءِ منهنجي دعويٰ تي فيصلو ڏيو.
 
اوهان جي اڪنڊ ٿي تري روز تن ۾،
اصلئون اوهانجي محبت آ من ۾،
اچو يا اماڻيو، نياپو، نيشاني،
اسانجي هِن دلبر دوست جي سخن جي سفر جي خوبين ۽ صلاحيتن جي ڪٿ اڃان ٿي ئي ڪونهي، جڏهن سنڌي ادب ۽ شاعري جا نقاد سندس ڪلام جي زرخيزي ۽ ڪارج جي ڪٿ ڪندا تڏهن ئي سندس علمي ۽ شاعرانه حيثيت جي پروڙ پوندي.
 
ٻوليءَ جي خوبين، صنعتن، فني ڪاريگرين، پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ ڪناين جي خزاني سان مالال هن سخنور جي سخنوري تي ڪو استاد شاعر ئي قلم کڻي سگهي ٿو. اسين ته سندس سحر انگيز شخصيت جي سحر ۾ ئي گهيريل آهيون. عمر دراز جا دعاڳو ۽ سندس اولاد جي ڀاڳن جا خواهشمند آهيون. جيترو جمال صاحب زندگيءَ جي معاملن کي منهن ڏيڻ ۾ باهمت آهي، جيترو شاعرانه خيال جي اظهار ۾ حوصلهء مند آهي، اوترو ئي دوستيءَ جي ناتن نڀائڻ ۾ سچو ۽ جرئتمند آهي. دوستن ڏانهن پير ڀري وڃڻ ۾ کيس سياري، اونهاري جون تبديليون روڪين ئي ڪونه، آئون ذاتي طور سندس قرب جا قدم ڀري اچڻ جو سدائين مقروض رهيو آهيان، آئون وٽس پڄان نه پڄان، سندس اچڻ جو سدائين آسروند آهيان ۽ پاڻ اهي ڀال ڀلائي سگهندو به آهي. سندس هِن شعر سان ڳالهه کي مڪمل ڪبو ته:
حُسن تنهنجي جا هزارين، معتقد آهن مريد،
مون جهڙا مِسڪين ٿيا، مزدور تنهنجا ٻي طرح.
 

ڊاڪٽر اسد جمال پلي
لطيف ننگر- عمرڪوٽ
 
0345-3455058


دلربا درشن ڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو،
دلربا درشن ڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو،
نُور جو جَلوو پَسايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
شمع جي ٿي سوجهري سان، شام جون ماڙيون ڏٺيون،
محب مس هو مُسڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
جنهن جي آمد سان سڀيئي، بُت ڀُري ڀورا ٿيا،
ويرين کي غم وَرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
زير ظالمَ ٿي ويا، سَڪرات سڀني کي لڳي،
جابرن کي جنهن جُهڪايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
ڪيتريون بَدعادتون ۽ بند بُرائيءَ کي ڪَيو،
ٿي ڀَلو تن تنهن کي ڀانيو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
جنهن اَشاري ساڻ آڱر، جي وِڌو چيري قَمر،
”بُوجهل“ بيوس بَنايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
شانَ ”احمد“ جي اڳيان، هر ڪنهن جي هستي وئي هَلي،
مُصطفيٰ تن کي مَڃايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
دُشمنن جي لاءِ دوزخ، ٿي دنيا ويئي سڄي،
جوش ۾ جن جيءَ جَلايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

جنهن تي ٿيو ”قُرآن“ نازل، ”ٽيھ روزا ۽ نَماز“،
قُرب مان ڪلمون پڙهايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
خُود خدا جنهن کي پَسائي، قُدرتي ڪاريگري،
عربي عرشن تي گهرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
ميزبان سان گڏ ٿي ”مَلڪنَ“، آجيان ”احمد“ جي ڪئي،
”مرحَبا محبوب آيو، جڳ سڄو روشن ٿيو“.
رهنما راڻي سان رب سڀ، رازَ جون ڳالهيون ڪري،
باغ جنّت جو گُهمايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
”لااِلٰهَ“ جي لات سان، مُوذي منافق ويا مَري،
ٿي سڀن جو ويو صفايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
ٻئي جَهان جنهن کي مليا، ٿي مِهرَ مالڪ جي ”جمال“
سڀني سيني سان لڳايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
**********
دلرُبا دلبر لکان، يا رُوحَ جو رهبر لِکان،
دلرُبا دلبر لکان، يا رُوحَ جو رهبر لِکان،
ناز پرور مان لکان، يا سُونهَن جو سرور لکان،
چنڊ جيئن چهرو لکان، يا گُلبدن گوهر لکان،
پرت پَرور مان لکان، يا درد ڏيندڙ دلرُبا،
دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
تو سوا آرام ناهي، ۽ نٿي سُهڻا سَري،
رات ڏينهن بس تُنهنجي دلبر، تات ٿي تن ۾ تري،
حال هيڻو ٿي پيو، ۽ مامري ۾ مَن مَري،
ڪيئن لکان مان جيءَ جا جانب، تو ڏنو جورو جَفا،
دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
تو ڪيو مونکي سدائين، بيوَسو ۽ بي قَرار،
رات ڏينهن تنهنجو سدا، اکڙين ۾ آهي انتظار،
پيچ پختا مونسان پائي، جيءَ منهنجي کي جيار،
ڇڏ اجايا محب ماڻا، ڪين ٿي مونکان خفا،
دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
ياد آهي، ياد رهندو، تنهنجو بس جَلوو “جمال”،
عشق اُلفت جو رَهي ٿو، جيءَ اندر ڏاڍو جَلال،
مهرباني ڪر ملڻ جي، تُنهنجي من ۾ آ مَقال،
شاد ۽ آباد توکي، شل ڪري خاوند خُدا،
دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
**********
ڪُوڙا سياسي ليڊر
وري صاف ڪُوڙا، ڪي ڪردار ايندا،
ڏوهاري ڏيهن جا، ڪي ڏهڪار ايندا،
اَٻُوجهن ۽ اڀرن لئه، ڪي آزار ايندا،
وَري سُورَ ساڳيا، ۽ ويچار ايندا،
وٺي ووٽ پوءِ، ٿي وهلور ويندا،
ٻٽن ئي ڏينهن ۾، ٿي مغرور ويندا.

ڪندا ڪونَ ڪم ڪو، رُڳو دم دِلاسا،
مِلڻ ۽ کِلڻ ويو، ڪندا پويان پاسا،
مَڻن جي هُئي محبت، اُها ٿي وئي ماسا،
نوان ڄڻ پيا موري، غمن جا گوساٽا،
گُناهن ۾ غافل، ٿي غرقور ويندا،
غريبن جي لاءِ، ٿي ناسُور ويندا.

زمينن جا کاتا، پلاٽن تي قبضا،
ملندو نه نلڪو، نڪو روڊ رستا،
سدائين سراسر، ڪندا ڪُوڙ ڪورا،
ڪيو ڇا اڳوڻن، ڪندا هاڻ هي ڇا،
بُکن ۾ ٿي بيحال، مزدُور ويندا،
اَٽي، ۽ لٽي لئه، ٿي مجبوُر ويندا.

انڌن ۽ منڊن جو، ويندا فنڊ کائي،
ڏسي جُهور پوڙهي، ۽ مسڪين مائي،
هَلي چال اهڙي، ڪندا لائي چائي،
ڇڏيندس نه گهر ۾، رهيو پيسو پائي،
ڀَري ڀِڀّ پنهنجا، ٿي ڀرپُور ويندا،
ڇڏي ديس پنهنجو، لڏي ڏُور ويندا.

“جمالَ” آهي جڳ ۾، هي قانُون ڪهڙو،
ملي جنهن کي ڪُرسي، سو نِڪري ٿو اهڙو،
سَکر سان سچو آ، غريبن لئه ڪُوڙو،
تڏهن جابرن سان، اسان جو آ جهيڙو،
زماني ۾ ظالم، ڇَڏي زور ويندا،
ڪڏهن نيٺ آخر، ٿي ڪمزور ويندا.