Saturday 16 February 2019

هڪ سلڇڻو شاعر ؛ مقصود گل



منظور سولنگي
            تاريخ 5 آگسٽ 1989ع تي مونکي جي نوڪري تعليم کاتي ۾ ملي ۽ اونهاري جي موڪلن ۾ پوسٽنگ تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ڀٽو ۾ تنهنڪري روزانو لاڙڪاڻو کان رتوديرو ۽ اتان مني بس تي ميرپور ڀٽو وڃڻو پوندو هو. ان وچ ۾ سائين قاضي مقصود ”گل“ کي ڏسڻ جو موقعو مليو. شايد ڪتابن جي دوڪان، سنڌڙي ڪتاب گهر تي هڪ اڌ دفعو کيس ڏٺم.سائين ان وقت شگر مل ۾ نوڪري ڪندو هو. سندس شخصيت ڏسڻ لائق هئي. اڇي ڊريس ۾ ملبوس تمام چڱو لڳندو هو، ۽ سياري ۾ مٿان ڪارو ڪوٽ ۽ ٽفن باڪس هٿ ۾ گڏوگڏ ڪو ڪتاب وغيره به ساڻ. اڇا وار ۽ مُک تي مُرڪ . ڏسڻ مان ائين ڀائنبو هو ڄڻ ڪو ساگر خاموشي سان وهندو رهي. حالانڪه قاضي صاحب سان ڪڏهن به ڪچهري ڪو نه ٿي هئي، نه ئي ڏيٺ ويٺ. پر پوءِ به هڪ بس ۾ همسفر، مان سندس شخصيت کان ڪافي متاثر ٿيس. ان لاءِ ته هر انسان پنهنجي وصفن ۾ سڃاپرو هوندو آهي. ۽ مون هن شخصيت کي هميشه سوچن ۾ گم ڏٺو. پوءِ هو ڇا؟ ۽ ڇو؟ سوچيندو هو. پر هميشه سوچن جي ساگر ۾ غرق ڀاسندو هو. ان کان پوءِ ڪنهن دوست غالبن ذوالفقار قادري جو پڻ رتوديرو مان گڏ هلندو هو اسڪول ۽ رتيديري جو رهواسي هو، کان خبر پئي ته هي سائين اديب ابن اديب، شاعر ابن شاعر قاضي مقصود ”گل“ آهي، پوءِ خبر پئي ته سندس سوچ ڪهڙي هوندي. پاڻ مونکي سيبائتي، پرڪشش شخصيت لڳو.نيڪ انسان محبت جو ماڻ ۽ صبر ۾ سوايو. هرڪنهن سان خلق سان ملندو ۽ جلندو هو، ملنسار رلڻو ملڻو ۽ حد درجي جو شريف النفس پاڻ ارپڻ واري شخصيت هو. سياڻن سچ چيو آهي ته، ”ڀت بڻياد تي ويندي آهي.“ سندس خاندان به علمي ۽ ادبي آهي. بزرگ شخصيت قاضي عبدالحئي ”قائل“ جو فرزند اَرجمند هجڻ جي حوالي سان شاعر ابن شاعر. سنڌ جي اندر قاضي خاندان، جنهن کي سنڌ ۾ علمي صبقت حاصل آهي جو فرد هو. سندس والد قاضي عبدالحئي ”قائل“ استاد سان گڏوگڏ اعليٰ پائي جو اديب_ شاعر، سماج سڌارڪ سندس علمي ادبي ۽ سماجي خدمتون آشڪار آهن. هن صاحب جي خوشنصيبي چئبي جو سندس اولاد به نالي چڙهي نڪتي. ۽ هو پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ مهارت رکندڙ. جن مان قاضي خضر حيات مصوري جي دنيا جو وڏو نالو، سندس ننڍو پٽ قاضي منظر حيات علم ادب مصوري جي دنيا جو ماهر، قاضي اختر حيات مصوري جي دنيا جو نامور نالو ۽ قاضي مقصود ”گل“ سيبائتو شاعر، تخليقار ۽ اديب جي حيثيت سان سڃاپرو آهي.
            مقصود گل شاعر جي حيثيت ۾ گلن ۾ مهڪندڙ گلاب جي گل جيان نظر اچي ٿو. شاعري جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪيل اٿس، سندس انداز به نهايت سيبائتو، نماڻو ۽ سگهڙ پرائي محب الوطني وارو آهي. جي شاعري تي نظر ڌربي، ته به اسان کي منفرد نظر اچي ٿو ۽ ايئن پيو لڳي ته ڀانت ڀانت جا گل پيا وکرندي نظر اچن. جي ڪڏهن استعارن جي صورت ۾ ته ڪڏهن تشبيهن جي مورت ۾ ته ڪڏهن تمثيلن ۽ تشبيهن جي انداز ۾، مٿيان سڀ انداز منفرد ۽ خودرو. ڪنهن جي به طتبع ئي نه، سي به مڪمل نموني سنڌيانه انداز سڀ پنهنجي سماج تان ورتل کنيل. وري جي موضوعن جو اڀياس ڪريو ته ”ڏندين آڱريون ڏيارائي ٿو ڇڏي“. موضوع به وسعت پذير، ڪٿي جماليات جا ڳڻ ويٺو ٿو ڳائي، ته ڪٿي مزاحمتي انداز اپنائي. ڪٿي مزاج جون وايون وات اٿس ته ڪٿي اجتماعي قدرن تي پيو واڪا ڪندو ته وري ڪٿي قومي گيت جهونگاريندي نظر اچي پيو. ڏسو ته سهي هر رخ ۾ گلاب جي گل جيان پيو ڀاسندو، ڪٿي ٻهڪندڙ انداز ته ڪٿي جلندي نظر اچي ٿو. هر رخ ۾ موتين جي مالها. جيڏانهن به نظر ڪريو. ڪٿ به فڪر جي کوٽ نظر نه ٿي اچي. شاعري جو مقصد به اهوئي آهي ته، هر رخ کان عام جي تربيت ڪرڻ لاءِ انهن جي اخلاق کي سنواري ۽ سڌاري. ان لاءِ ته شاعر معاشري جا اڳواڻ ٿين ٿا. ۽ هو هر بري ۽ نيڪ کي چڱي ريت سڃاڻي وٺن ٿا ۽ پنهنجي قوم جا مخدوم هوندي به خادم ئي رهن ٿا، ۽ انهن کي صلاحون ڏئي سڌي رستي وٺرائڻ ۾ مددگار آهن.مقصود گل شاعري جي هر صنف تي پنهنجو ڪونتل ڪڏايو آهي. خاص ڪري غزل سندس پسنديده صنف پيو ڀانئجي. پر پاڻ هر مسلمان جيان شاعري جي ابتدا حمد نعت سان ڪئي اٿس. پياري حبيب جو شان بيان ڪندي چوي ٿو:
ٿڌڙو بستر ٻانهن سيراندي، تون ته ستل آن فرش تي.
طور تي موسيٰ هوش وڃايو، تنهنجي جتي وئي عرش تي.
تنهنجو شان قلم ڇا لکندو ڄاڻي رب جي ذات پرين.

            سندس نعت ۾ به اسان کي نوان خيال ۽ روپ ملن ٿا، جيئن هن نعت کي ڏسو ته هن دور جي حالتن جي عڪاسي ڪندي سهڻي سردار جي حضور ۾ ڌرتي جي دردن جون دانهون به ڏنيون اٿس:
ڌرتي تي اڄ باهه بمن جي ڀڙڪا ڏئي ڀڙڪي ٿي.
موت مصيبت بڻجي تنهنجي ڪل امت تي ڪڙڪي ٿي.
رحمت جي ڪا رحم نظر سان برسائج برسات پرين.
قصيدو به سهڻو جوڙي ٿو، جيئن:
اڙين جو هت هميشه آڌار ياعلي آ،
محشر ۾ مومن جو مهندار ياعلي آ.

ڌرتي سان سڪ ۽ چاهت انساني خمير ۾ سمايل هجي ٿي، ڇو ته هو انهي مٽي جي پنوڙي مان سرجيو آهي. لازمي آهي. ته سڪ سوائي رهندي. بقول روميءَ جي:

بشنواز چون حکايت مي کند_ از جدائي ها شکايت مي کند

وري لطيف ان راز کي هيئن بيان ڪيو آهي:

وڍيل ٿي وايون ڪري ڪٺل ڪوڪاري

هن پڻ پنهنجا ساريا، هو هڏن لئه هنجون هاري.

            رومي جي بيت جي معنيٰ آهي. ”جڏهن بانسري اصل کان ڪٽجي ٿي ته پوءِ وصل جي واين ۾ درد ڀريل آواز به تڏهن کانئس نڪرن ٿا. ساڻيهه، ديس ڏيهه، اهو هنڌ جاءِ يا ڀيڻي آهي. جتي انسان شڪم مادر کان پوءِ اک کولي ٿو. اتي پروان چڙهي ٿو، اهائي سرزمين، جيڪا سندس ابن ڏاڏن ۽ پڙڏاڏن جا لاش پنهنجي مقدس سيني اندر سمائي ٿي. اها زمين انسان جو محبوب ۽ مٺڙو ديس هجي ٿو. جنهن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته:

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري

مقصود گل به پنهنجي ڌرتي سان ايمان جي حد تائين عشق ڪري ٿو. جي هن کي ڌرتي جو شاعر چئجي ته ڪو مبالغو نه ٿيندو. ۽ اهڙو پاڻ به اقرار ڪيو اٿس:

ڌرتي جي سڪ سيني لائي، پيار وفا کي پنهنجو ڀانئي.
چنڊ ستارا مرڪون ميڙي، باک ڀليري سوچ سهيڙي

صبح ٿيڻ جي ساک ڏيان ٿو لهندي سج کان لاک وٺان ٿو.
سنڌوءَ مان سنگيت کڻان ٿو، لاک رتا مان گيت لکان ٿو
پنهنجي فن ۾ ماهر آهيان، مان ڌرتي جو شاعر آهيان.

     يا شاعري جذبن جو آواز به آهي، ته احساسن جو عڪس به. شاعر ۽ رومان الڳ نه پر گڏوگڏ هلن ٿا. جت شاعر هوندو تت رومان اَوس ٿيندو. مقصود گل سنڌي ٻولي جو منفرد ۽ برجستو شاعر آهي سندس شاعري ۾ جماليات جو پهلو نت نئي انداز ۾ ساڀيان پذير آهي.

تنهنجي صورت ڏسي چنڊ ٿي چلولو، چنڊ سان گڏ ستارا به ٿا رقص ڪن

تون جي مرڪين ته فطرت به مرڪي پوي، تنهنجي آئي نظارا به ٿا رقص ڪن.

            ٻارن لاءِ لکڻ اولو ڪم آهي. ڇو ته ان لاءِ ٻار ٿيڻو ٿو پوي. ۽ گهڻا اديب ۽ شاعر ان کي وقت جو ذيان ٿا چون. پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ٻار لاءِ لکڻ ان ڪري ضروري آهي، ته اڄ جو ٻار مستقبل جو معمار آهي. ۽ جيستائين ٻارن جي ذهني اوسر نه ٿيندي تيستائين جو اهڙي وڏي بار کڻڻ جو متحمل نه ٿي سگهندو. ان ڪري ضروري بنجي ٿو پوي ته ٻار لاءِ لکجي. ان حوالي سان مقصود گل ٻارن لاءِ تمام گهڻو لکيو آهي کيس ٻارن جو اديب ۽ شاعر چوڻ جڳائي ٿو، مثلا لاءِ سنڌ جي ٻرندڙ معاملي کي ٻاراڻي انداز ۾ ڪيئن ٿو پهچائي ڏسو:

ڊم، ڊم، ڊم ڪالا ڊيم، ٺا، ٺا، ٺا ٺا ڪالا ڊيم

ڪو نه کپي ٿي ڪالا ڊيم، ڪو نه کپي ٿي ڪالا ڊيم.

مقصود گُل جي خوشبوءِ

دنيا ته دم گذر آ،
ڪنهن جو پڪو نه گهر آ.

مقصود گل جي خوشبوءِ،
موجود هر شهر آ...

هڪ هو عظيم انسان،
شاهد ته هر بشر آ.

هر بزم ڪچهري ۾،
مٿانهون معتبر آ...

دعاگو سدائين ’ساس‘
’ارڏا‘ سداءِ ٿر آ...
ملهار سنڌي
محبتن جي موسم ۾ گذاري ويل هند ۽ سنڌ جي مهان شاعر مقصود گل سموري زندگي محبتون ورهايون، سچائيءَ جي راهه تي زندگي بسر ڪئي هئي، پيار ۽ امن جا گيت لکيا هئا، جنهن پنهنجي گيتن ذريعي ڌرتيءَ تي ٿيندڙ انيائن خلاف ڀرپور آواز بلند ڪيو هو. سندس علمي، ادبي خدمتون ايتريون ته وسيع آهن جو انهن جي سهيڙڻ لاءِ تمام گهڻي وقت ۽ مطالعي جي ضروت آهي.
15 اپريل 1950 تي رتيديري جي مشهور تعليمي ماهر، شاعر ۽ اديب قاضي عبدالحئي ”قائل“ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن خوبصورت شاعر 1975ع کان وٺي شاعريءَ جي شروعات ڪئي هئي ۽ سنڌي شاعريءَ جي سمورين صنفن ۾ هزارين شعر لکيا، جن سنڌ جي علمي، ادبي حلقن ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي هئي. سندس پهريون شهري مجموعو ”ڪرڻا ڪرڻا“ جي نالي سان ڇپيو هو. جنهن ۾ ٻارن لاءِ شاعري هئي بعد ۾ سندس رومانوي ۽ مزاحمتي شاعريءَ تي ٻڌل ڪتاب ”رت ڀنا رابيل“ ڇپيو هو جنهن کي تمام گهڻي مقبوليت ملي هئي جڏهن ته ٻارن لاءِ سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”هٺيلي هرڻي“ پڻ انتهائي اهم آهي.

هن ڪافي اهم ڪتاب ترجما پڻ ڪيا هئا جنهن ۾ شيخ اياز جي شعري مجموعي ”هرڻ لکي ڪيڏانهن“ جو اردو ۾ ترجمو آهي ۽ ”چشم کدهر“ جي نالي سان، سچل سرمست جي مثنوين جو اردو ۾ ترجمو عشق سمندر جي نالي سان ۽ ڪرشن چندر جي ڪهاڻين کي سنڌيءَ ۾ ”زندگي ڏي موٽ“ جي نالي سان ترجما ڪيائين جيڪي پڻ ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه سندس ٻه شاعريءَ جا ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپائيءَ هيٺ آهن جڏهن ته هُن رتوديرو مان ٻارن لاءِ سلسليوار رسالو گلدستو پڻ جاري ڪيو هو، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر هو. ”رتوديرو تاريخ جي آئيني ۾“ پڻ سندس اهم ڪتاب آهي.
ان کان علاوه سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌ جي اشوز تي هو لڳاتار ڪالم پڻ لکندو رهيو هو.
هو سموري زندگي متحرڪ رهيو. سندس ڪيترائي ڪتاب نثر توڙي نظم ۾ اڻ ڇپيل آهن، کيس ادبي خدمتن طور ”سچل سرمست ايوارڊ“، ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ، سچل چيئراچيومينٽ ايوارڊ، مهراڻ ايوارڊ، سنڌ چلڊرين اڪيڊمي ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ هئا. هو استاد شاعر هو. اداري جي حيثيت رکندڙ عالم ۽ اديب هو. جڳ مشهور شاعر شاڪٽر عطا محمد حاميءَ کي پنهنجو استاد سڏيندڙ مقصود گل پڻ نرالي لهجي جو شاعر هو. سندس ڪيترن ئي گيتن وڏي مقبوليت حاصل ڪئي هئي جن ۾ سڄڻ سنڌيءَ جي آواز ۾ ڳايل غزل ”تنهنجو حسين خيال وساري نه ٿو سگهان“ غلام شبير سمون جي آواز ۾ ”وقت گذري نه ٿو“ ۽ ٻيا ڪافي ڪلام تمام گهڻو مشهور ٿيا، سندس هڪ غزل جون سٽون آهن ته:   لوڪ ساري ٿئي ڏٺو هي ديد جوڌو ڪونه هو/باهه ڏيندڙ باغ کي پنهنجو ته هو ڪيو ٻيو نه هو!  هُن چيو مذهب کپي پر مون چيو انسانيت/بس سمجهه جو ڦيرو هيو ۽ ٻيو ته ڪو  جهڳڙو نه هو!
مقصود گل روايتي انداز جو شاعر نه هو. هن سنڌي شاعري ۾ نوان لاڙا پڻ متعارف ڪرايا هئا، سرڪش سنڌي ۽ راشد مورائي جي لاڏاڻي کانپوءِ سنڌي ادب لاءِ سندس وڇوڙو تمام وڏو نقصان آهي، هو علم عروض جو وڏو ماهر هو. سنڌ سان کيس عشق جي حد تائين لڳاءُ هو تڏهن ته سندس شاعرِيءَ ۾ ڌرتيءَ جو پيار جھلڪا ڏيندي نظر اچي ٿو. سنڌڙي جي سينڌ جو اڄ مون کنيو آهي قسم/ڀل ته ڏي ايذاءَ تون پر سچ تي کڻبو قلم.
مقصود گل هڪ وڏي شاعر سان گڏ ناميارو سماج سڌارڪ، اعليٰ تعليمي ماهر ۽ بهترين انسان پڻ هو، هو هڪ خوددار انسان هو. زندگيءَ جو ڪافي عرصو سخت بيماري ۾ مبتلا هجڻ باوجود هُنَ ثقافت کاتي يا ڪنهن ٻئي جي اڳيان مدد لاءِ هٿ نه ٽنگيو هو، افسوس! هڪ انتهائي وڏو شاعر، وڏو انسان اسان کان وڇڙي ويو آهي! رتوديرو شهر سوڳ ۾ ورتل آهي، لفظ نه ٿا ملن ته هيڏي وڏي شاعر کي ڀيٽا ڏيان! بس هڪ شاعر جو بيت ٿو ياد اچي ته:
ساڳي خوشبو ڏين ڇڄي گل گلاب جا

وڃي امر ٿين، ڪوي مرن ڪين ڪي!

سياست، صحافت ۽ ادب جي شعبن ۾ لاڙڪاڻو هميشه اڳرو رهيو آهي. هتان جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگيءَ سبب نه رڳو ملڪي پر بين الاقوامي شهرت ۽ مڃتا ماڻي آهي. ادب جي شعبي ۾ اهڙا ڪيترائي خاندان آهن جن ڪيترين ئي پيڙهين کان وٺي ساهت جي آبياري ڪئي آهي. اهڙن ئي خاندانن مان رتي ديري جو قاضي خاندان پڻ هڪ آهي، جنهن جا فرد ادب کان علاوه ٻين شعبن ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. انهن فردن مان هڪ گھڻ پاسائين شخصيت قاضي مقصود حيات ولد قاضي عبدالحئي ”قائل“ آهي، جيڪو 15 اپريل 1950ع تي رتي ديري ۾ پيدا ٿيو. کيس سنڌي ادب ۾ مقصود گل جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.
قاضي مقصود گل ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ورتي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتي ديري مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي ۽ پوءِ حيدرآباد مان تعليم جون سنَدون حاصل ڪيون. بِي اي ڪرڻ بعد پنهنجي خانداني پيشي استاديءَ سان 1969 ۾ وابسته ٿيو. پهرين پوسٽنگ هاءِ اسڪول سيتا روڊ ضلعي دادو ۾ بحيثيت ڊرائنگ ٽيچر ٿي. ان دؤران اقتصاديات ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. 1973 ۾ شگرمل نئون ديرو ۾ تربيتي آفيسر طور چونڊيو ويو، جنهن کان پوءِ سندس ترقي ٿي ۽ ڊپٽي مئنيجر بڻجي ويو. گل، هن وقت قاضي عبدالحئي قائل ماڊل اسڪول رتوديرو جو پرنسپال آهي.
مقصود گل جي شخصيت جا هونئن ته ڪافي پهلو آهن پر سندس بنيادي سڃاڻپ جو اهم حوالو شاعري آهي، جنهن ۾ شروعاتي دؤر ۾ اصلاح پنهنجي والد کان ورتائين ۽ پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر ڊاڪٽر عطا محمد حامي کان رهنمائي حاصل ڪندو رهيو. هن جي شاعريءَ جو اڪثر موضوع ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين جا ڏک ۽ تڪليفون رهيو آهي. جڏهن به ڪنهن ظالم، قومي حقن تي راتاهو هنيو ته هن جو قلم تلوار جي تيز ڌار جيان وهيو. ڪيترن ئي سالن کان اخبارن ۾ سندس چؤسٽا شايع ٿيندا رهيا آهن جيڪو سلسلو روزاني عوامي آواز ۾ ڪافي وقت تائين جاري رهيو. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حوالي سان ٺهڪندڙ انهن چؤسٽن ۾ پڻ هڪ دؤر جي منظوم تاريخ سمايل آهي.
مقصود گل کِلڻو، مِلڻو، محبتي ۽ زنده دل ماڻهو آهي. ساڻس گڏ ويهي ڪچهريون ڪبيون آهن ته وقت جو احساس ئي ناهي رهندو. هن جي گفتگو ۾ اهڙو ته سحر آهي جو هر ماڻهو ساڻس ملاقات ڪرڻ بعد سندس محبت جو قائل ٿيڻ کان سواءِ رهي ئي نه ٿو سگھي. چوندا آهن جيڪي ماڻهو ظاهر ۾ تمام گھڻو خوش لڳندا آهن انهن جي اندر ۾ دردن جون ڪهاڻيون سمايل هونديون آهن. گل پنهنجي والد جي وڇوڙي جي درد جي ڪٿا هن سٽن ۾ به بيان ڪئي ته:
تن کان پُڇجي درد ڪهاڻي،
جن کان پنهنجا ڌار ٿيـن ٿـا.
سڄاڻ قلمڪار علي دوست عاجز مقصود گل جي شاعري جي مجموعي ”رت ڀنا رابيل“ ۾ ”شاعر گل ۽ خوشبو گيت“ جي سِري هيٺ لکيو آهي: ”سائين قاضي صاحب فطري طور معصوم جذبن جو ڌڻي آهي، سندس شاعريءَ ۾ گلن جهڙي ڪوملتا، خوشبو ۽ نفاست آهي، جن جي اقرار توڙي انڪار جي موسيقي روح جي تارن کي ڇُهندي ٿي وڃي اهڙي معصوميت مون ٿورن ماڻهن ۾ ڏٺي آهي.“
روئي   ٿا   کِلون  ۽  نير  هاريون،
اسان جي به ڄڻ آهي ٻارن جي دنيا.

مقصود گل مصور به آهي ته بيباڪ ڪالم نگار پڻ. مختلف سياسي سماجي مسئلن تي هن مستقل مزاجيءَ سان ڪالم به لکيا آهن، جن ۾ سندس انداز بيباڪ ۽ جُرئت منديءَ وارو رهيوآهي. شاعري ۽ ڪالم نگاري جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کان ڪافي مختلف شعبا آهن، پر هن ٻنهي سان تمام ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي. هن سنڌ جي سينڌ جو قسم کڻي چيو ته سچ تي قلم کڻڻ کان ڪڏهن به نه مُڙبو پوءِ ڀل ته ڪيترا به ايذاءَ ڇونه اچن:

سنڌ جي سينڌ جو مون اڄ کنيو آهي قسم،
ڀل ته ڏي  ايذاءَ  تون پر سـچ تي کڻبو قلم.

قاضي مقصود گل شاھ لطيف ادبي سنگت رتي ديري جو سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت رتي ديري جو سيڪريٽري، سنڌڙي ڪتابي سلسلي جو سرواڻ، ٻاراڻي ادبي رسالي ”گلدستو“ جو روح روان ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو ميمبر هئڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ادبي ۽ سماجي ادارن سان مختلف حيثيتن ۾ سلهاڙيل رهيو آهي. انهيءَ حوالي سان سندس حيثيت هڪ منتظم واري به آهي، ته پبلشر واري پڻ. سنڌڙي ڪتابي سلسلي پاران هن ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپرايا، جن کي پڙهندڙن پاران مانائتي موٽ ملي.
قاضي مقصود  گل بحيثيت شاعر، ڪالم نگار، منتظم ۽ پبلشر ته پنهنجون خدمتون اڄ سوڌو سرانجام ڏيندو رهي ٿو، پر هُو هڪ ڀلو ڪهاڻيڪار به آهي، ته سيبتو مترجم پڻ. هن خاص طور تي ٻهراڙي جي پسمنظر ۾ تمام خوبصورت منظر ڪشي ۽ ماحول مطابق ٺيٺ ٻوليءَ واريون ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس ڪهاڻيون جديد ڪهاڻيءَ جي گھرجن مطابق آهن. ”ڪرامت“ سندس بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي.
قاضي مقصود گل نه فقط گھڻو، کرو ۽ وقتائتو لکيو آهي، پر انهيءَ مواد کي وقت سِر شايع به ڪرايو آهي. سندس لکيل تحقيقي مقالا ۽ مضمون موقعي جي مناسبت سان مختلف رسالن ۽ اخبارن جي خصوصي ترتيب ڏنل صفحن ۾ اڪثر شايع ٿيندا رهيا آهن. مٿين سڀني صنفن کان علاوه هن ترجمي واري شعبي ۾ پڻ پاڻ ملهايو آهي. سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”زندگيءَ ڏي موٽ“، سچل سرمست جي فارسي ڪلام جو اردو ترجمو ”عشق سمندر“، شيخ اياز جي شاعري جو اردو ۾ ڪيل ترجمو ”اي آهو چشم ڪِڌر“ ان ڳالھ جو دليل آهن. ان کان علاوه سندس ڪتابن ۾ ”رت ڀنا رابيل“ شاعري، ”وِکريل موتي“ ترتيب، ”ڪِرڻا ڪِرڻا“ ٻاراڻي شاعري، ”هٺيلي هرڻي“ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ ”رتوديرو“  (تاريخ) شامل آهن. مقصود گل ڌرتيءَ ڌڻين کي هميشه محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيندي چيو ته:
گل ورهايو محبت مان جھوليون ڀري،
ڪيــن   نفرت  جا  اڇليو  پٿر دوسـتو.