Thursday 21 February 2019

سڪ ۽سوز جو شاعر ؛ سوز هالائي



جڏهن هالا جو نالو اسانجي ڪنن تائين رسي ٿو ته فوري طور اسانکي اتي جي هٿ هنرن جھنڊي، ڪاشي، پيهون ياد اچن ٿا. پر هالا جي هڪ ٻي سڃاڻپ به آهي  -  سندس علمي ۽ ادبي تشخص.
سنڌي زبان جو سرموڙ شاعر شاهه ڀٽائي هالا جي هڪ ڪنڊ ۾ ابدي آرام ۾ آهي. مولودن جو مؤجد مخدوم عبدالرئوف ڀٽي به هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيو، ته سنڌي زبان جو جديد غزل گو شاعر خليفو گل هالائي به هتان جي مٽيءَ مان نروار ٿيو. مقصد ته علم ۽ ادب جا ڪيترا روشن ستارا هالا جي علم ۽ ادب واري آسمان تي ٽمڪندا ۽ چمڪندا رهيا آهن.
هالن جي مخدوم خاندان کي ڪير نٿو سڃاڻي؟ هو نه صرف سياسي ميدان جا سوار نه آهن، بلڪ علم ۽ ادب ۾ انهن جي حصيداري تمام وڏي آهي. سروري مخدوم خاندان جي باني عالي مرتبت مخدوم سرور نوح رحمت الله عليه نه صرف قرآن شريف جو فارسي ۾ پهريون مترجم هو، پر سنڌي زبان جو سٺو شاعر به هو. مخدوم غلام حيدر صاحب هالا ۾ تمام وڏا علمي ادارا قائم ڪيا. مخدوم طالب الموليٰ اعلي پايي جو شاعر، اديب، موسيقار ۽ سياستڪار هو.
هڪ اندازو آهي ته هالا جو هر پنجون ماڻهو شاعر آهي، يا علم و ادب جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي سان لاڳاپيل آهي ۽ پنهنجون خدمتون آڇي رهيو آهي. ان مردم خيز ۽ علم و ادب سان پرنور  ڌرتي تي  هڪ ٻيو شاعر سوز هالائي آهي، جيڪو اڄڪلهه سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ شمارجي ٿو.
سوز هالائي هالاپراڻا جي هڪ غريب گھراڻي ۾ 5 ڊسمبر 1937ع تي پيدا ٿيو. بهرحال ان جو خاندان مالي طور قلاش ضرور هو، مگر علمي ۽ تهذيبي طرح بيحد خوشحال هو. سوز صاحب جي والده ماجده کي ڀٽائي جو پورو رسالو ياد هو ۽ سندن وڏو ڀاءُ فن موسيقيءَ جو ماهر هو.
اهڙي تهذيبي ماحول ۾ جناب سوز اک کولي ۽ کيس ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ موسيقي جو فن وراثت ۾ مليو. نتيجي ۾ پاڻ شاعر ٿي ويو. سندس موسيقي شناسيءَ جو اندازو هن حقيقت مان لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ انهن چند شخصن ۾ شمارجي ٿو جن کي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي مڙني باريڪين، سر ۽ تال تي دسترس حاصل آهي. سندس پنهنجي شاعري سر ۽ ردم جو انوکو امتزاج آهي، تنهن ڪري ان کي آسانيءَ سان ڳائي سگھجي ٿو.
سوز پنهنجي خاندان جو پهريون شخص آهي، جنهن پوسٽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. پاڻ سنڌي فائينل امتيازي نموني پاس ڪيو. وڌيڪ پڙهڻ جي سگھه نه هئي، سو نوڪري لاءِ هٿ پير هنيائين. مگر ناڪام رهيو. سو پيٽ گذر لاءِ هن مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي. بهرحال هن پڙهائيءَ جو ڪم جاري رکيو. پراڻن هم ڪلاسين جي مدد سان هن انگريزي سکي، ۽ ائين خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ امتحان ڏيندو رهيو. ۽ آخر ۾ ايم اي سنڌي ۾ پاس ڪيائين. ان دوران کيس روينيو کاتي ۾ نوڪري ملي ويئي. جتان پاڻ چند سال اڳ ريٽائر ڪيو اٿائين. ۽ هن وقت وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل آهي. ائين چئجي ته سوز هڪ وڏو جاکوڙي شخص آهي.
پاڻ پهريون شعر ان وقت لکيائون، جڏهن سندن عمر ٻارهن سال هئي. باقاعده شاعري ويهين صدي جي سٺ واري ڏهاڪي جي وچ ۾ شروع ڪيائين. ائين هڪ وڏي عرصي کان هو شعرن جي گلن سان فضا کي معطر ڪري رهيو آهي. ا98ا ع ڌاري سندس پهريون شعري ڳٽڪو ”رنگ رتا پيچرا“ شايع ٿيو. ٻيو مجموعو ”درشن ڌارو ڌار“ سال    ۾ مارڪيٽ ۾ پهتو. هن وقت هڪ پاسي سندس ٽيون شعري مجموعو تيار آهي، ته ٻئي پاسي هو حمدن نعتن ۽ نوحن تي مشتمل پنهنجو مجموعو به سهيڙي رهيو آهي.
سوز صاحب پاڻ کي رڳو شاعري تائين محدود نه ڪيو آهي. هو نثر ۾ به پنهنجون ڪاوشون ڪندو رهي ٿو.ڪجھ سال اڳ سندس نثري ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام“ ڇپيو هو. ان ڪتاب ۾ سوز صاحب استاد محمد جمن جي شخصيت، فن، همعصرن ۽ دؤر تي لکيو آهي. يقينن اهو ڪتاب موسيقيءَ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ اهم دستاويز آهي. ان کان علاوه هو مختلف گائڪن، سازندن وغيره تي سوانحي خاڪا به لکي انهن کي تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ڪندو پيو وڃي.
سوز صاحب تازو پنهنجي آتم ڪٿا به لکي آهي، جيڪا ڪوي جي ڪٿا جي نالي سان جلد مارڪيٽ ۾ نروار ٿيندي. اميد ته اها هڪ اهم دستاويز ثابت ٿيندي.
سوز صاحب نه صرف سنڌي ۾ پر اردو ۾ به ڪافي لکيو آهي، ڪافي غزل ۽ گيت اردو ۾ منظوم ترجمو ڪيا آهن. هن پنهنجي شاعريءَ جو دروازو هميشه کليو رکيو آهي. هاڻي هن جي اڱڻ تي ٻه گلاب جا گل ٽڙيل آهي، جيڪي ڪوثر ۽ جاويد جي روپ ۾ خوشبو ڦهلائي رهيا آهن.
(حبيب سنائي بلاگ جي ٿورن سان)

بهارن ۾ نه ملياسين، خزان ۾ هاڻ ملنداسين
اکين ۾ اشڪباري جي کڻي آلاڻ ملنداسين
ڏکڻ جي هير ٿڌڙي ۾ ملي وڇڙي وياهاسين
اتر جي اوت ۾ پيارا پرين پڪ ڄاڻ ملنداسين
الاجي ڇو نه ٿيون دل کي وڻن چانڊوڪيون راتيون
اسين تارن جي ڇڻيل ڇاٽ ۾ تو ساڻ ملنداسين
لڪائي لڙڪ اينداسين سجائي مرڪ وينداسين
ڏئي نيڻن کي نئين سر نينهن جي نرواڻ ملنداسين
ڪهين نا آشنا وانگر ڀلائي تو ڇڏيو جيڪر
ته پوءِ مٺڙا محبت جا ڏئي اهڃاڻ ملنداسين
حياتيءَ جي وفا ڪئي “سوز” پوريون حسرتون ٿينديون
جي ملنداسين ته محبت کي ملهائي پاڻ ملنداسين
شهر جانان مان ٿيو گذر آهي
حسرتون پاڻ سان کڻي آيون
نه ته هي صدين جو سفر آهي
اڄ به هن شهر جي هوا
خوشبوءِ اوتڻ لاءِ منتظر آهي
دل جي حالت عجيب تر آهي
زندگي ڏاڍي مختصر آهي
(سوز هالائي)
جت روح کي رنج و الم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جت دل تي ظلم و ستم نه هجي ، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جت پيار مٿي پهرا نه هجن، دانگيء جهڙا چهرا نه هجن
جت برهه تي ڪو برهم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جت محبت ڀريا ماڻ هجن ۽ پاسي پرين پاڻ هجن
جت اکڙين ۾ آگم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جي زخم هجن، مرهم به هجي، هر دم ۾ ڪو همدم به هجي
ڀل لڙڪ لڙن پر غم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جت موتئي جي مهڪار هجي ۽ هيرن ۾ هٻڪار هجي
جت مکڙي ڪا پرنم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جت قدر سڃاپي لڙڪن جو، احساس هجي جت سُڏڪن جو
جت ڪوڙي ريت و رسم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جت روساما پرچا ء هجن ۽ سپرين سان سرچاء هجن
جت قرب سوا ڪو ڪم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
رنگ رتا پيچرا (ص، 40)

نصير مرزا
گلن، اجرڪن ۽ خوشبوئن سان واسيل، ڏوليءَ ۾ ڪانڌين جي ڪلهن تي سوار هيءُ اسان جو سجيلو ۽ سُريلو سرجڻهار “سوز هالائي” پنهنجي جنم واري ڀٽي پاڙي هالا پراڻا منجهان نروار ٿيو ۽ پوءِ امام بارگاهه فيض شاهه جو سلامي ٿي، سنڌو درياهه جي بند تي آيو، جتان پنهنجي آخري آرامگاهه “کُڏي کٿوري” قبرستان ڏانهن روانو پئي ٿيو، تڏهن ڪانڌين جي جلوس ۾ آلين اکين سان، سندس غزل جو هيءُ شعر چپن تي چڙهي آيم:
شهرِ جانان مان ٿيو گُذر آهي
دل جي حالت عجيب تر آهي
سوز هالائيءَ کي سترهين فيبروريءَ جي شام حيدرآباد شهر جي هڪ خانگي اسپتال ۾ آندو ويو، اطلاع ملڻ تي آءِ سي يوُ ۾ هن جي بستري جي پيراندي وڃي بيٺو هوس. تڏهن هن جو مٿي ڄاڻايل غزل جو هيءُ آخري شعر چپن تي هئم:
ڪا گهڙي سوز دل ڀري ته ڏسان
زندگي ڏاڍي مختصر آهي
سوز هالائي، جنهن جو اصل نالو الهه ڏنو ڀنڀرو هو، پر “پُرسوز” آواز ۾ جهونگارڻ سبب جوهيءَ ۾ سندس ڪنهن تپيدار ساٿي کيس “سوز” جو تخلص ڏنو هو. هاڻي درياهه جي بند تان ڪانڌين جي جلوس ۾ هلندي هلندي، سرهاڻ واسين سوز مٿان پيل اجرڪن کي ڏسي، سندس هي ٻيو شعر مون کي ياد پيو
اوڍيل اجرڪ جون ڦُلڙيون ائين لڳن
چنڊ ڄڻ تارن ڀريل چادر ڍڪي
ڪيڏو نه پيار ڪندڙ شاعر هو اسان جو سوز...جنهن سدائين چيو
پريت جي ريت، ڪُريت جون رمزون
جنهن نه سڃاتيون، سو سڌڙيو
سوز، جيڪو هالا پراڻا جي عظيم شاعر خليفه گل هالائي جي ڌرتيءَ جي مٽيءَ پنوڙو هئو، ۽  جنهن هالا نوان جي روايتي ۽ طرحي، غير طرحي مشاعرن وچ ۾ اکيون کوليون هيون، ان ۾ حيرت انگيز طور تي جديد شاعري سان چاهه پيدا ٿيو ۽ ان طرح سان، هالا جي روايتي رنگ ۽ پنهنجي سڀاءَ جي جدت سان، هُن پنهنجي شاعريءَ لاءِ هڪڙو منفرد ۽ سُريلو اسلوب سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو، جنهن کي مون سڏيو سوز هالائي اسلوب...
بهارن ۾ نه ملياسين، خزان ۾ هاڻ ملنداسين
اکين ۾ اشڪ باريءَ جي کڻي آلاڻ ملنداسين
۱۹۸۴ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تان فيروز گُل جي آواز ۾ مون سوز جو اهو غزل رڪارڊ ڪيو ته هن شاعر ۽ گائڪ فيروز گُل، ٻنهي جي شهرت کي چار چنڊ لڳي ويا. ان بعد مون سندس ٻيا گيت، غزل به رڪارڊ ڪيا....”چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو”....”مارن مون ڏي موڪليا انبن جا تحفا”.....”نيري پاڻيءَ ۾ ڪنول ڏاڍو وڻيو”...”مُند موٽي آئي ڙي راڻل، کِلڻ مِلڻ جي”...”مالڪ مُنهنجي وطن جا سڀ رنگ رک سلامت”...سوز صاحب جي ڏهوڻي ڏات جو اهو ڪرشمو هو، جو ويهين صديءَ ۾، هالا نوان ۽ هالا پراڻا جي حوالي سان مخدوم سائين طالب الموليٰ جن کان پوءِ جديد سنڌي شاعري ۾، ان ديار مان وڌ ۾ وڌ شهرت سوز هالائي کي ئي حاصل رهي. سوز صاحب جي پهرئين شعري مجموعي “رنگ رتا پيچرا” جو مهورت مخدوم صاحب جن هالا پراڻا پهچي پاڻ ڪيو هو. ان بعد سوز صاحب جو ٻيو خوبصورت شعري مجموعو “درشن ڌارو ڌار” کي به بيحد پذيرائي ملي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، شيخ عزيز صاحب ۽ ممتاز مرزا صاحب بعد سوز هالائي سنڌ جي اهڙي چوٿين وڏي موسيقي پارکو شخصيت ثابت ٿي، جنهن همعصر دور جي گائڪن ۽ وڄتن بابت ٽي شاندار ڪتاب تحرير ڪيا...”ڪارون وس ڪيام” ...”ساز ۽ آواز” جيڪو ثقافت کاتي وٽ اشاعت لاءِ ورهين کان پيو آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سوز صاحب ڪيڏو نه واجهائيندو رهيو. سوز صاحب پورا ۲۱ ورهيه، هالا جي سب جيل جو، جيلر به رهيو ۽ هن ان دوران هر قيديءَ جي عزت نفس جو هميشه اهو سوچي احترام ڪيو ته ممڪن آهي اهو قيدي بي ڏوهي هجي، متان ظلمن جو شڪار ٿيل هجي. سوز “ڪويءَ جي ڪٿا” نالي سان دلفريب نثر ۾ پنهنجي آتم ڪٿا به اسان جي وچ ۾ ڇڏي آهي. نما شام وقت، جڏهن پکي پنهنجي واهيرن ڏانهن موٽي رهيا هُئا، تڏهن اسان پنهنجي هن محبوب شاعر سوز کي “کُڏي کٿوري” نالي واري قبرستان ۾ سنڌو درياهه جي بند ڀرسان لحد ۾ سمهاري رهيا هُئاسين، تڏهن اوچتو مون کي هن جي شاهڪار غزل مان هي شعر ياد اچي ويو:
ڏکڻ جي هيرَ ٿڌڙيءَ ۾، ملي وڇڙي ويا هاسين
اُتر جي اوت ۾ پيارا پرين، پڪ ڄاڻ ملنداسين