Saturday, 22 September 2018

ڪيڏارو ۽ ڪربلا جو ڪرب.




شفيق الرحمان شاڪر
ڪربلا جنهن سان ڪرب يعني اذيت،درد،مصيبت ۽ بلا يعني آزمائش جو عجيب ۽ عظيم داستان سلهاڙيل آهي.جتي سچ ۽ ڪوڙ جو اهو تاريخي معرڪو پيش آيو جنهن ۾ هڪ طرف هٿين  خالي حسيني قافلو ته ٻئي طرف هٿيارن ۽ طاقت سان ليس يزيدي لشڪر پر پوء به حسينيت سر ڏيئي سرخرو ٿي ۽ يزيديت پنهنجي سموري ساز سامان هئڻ باوجود قيامت تائين منهن مٿو پٽيندي رهجي ويئي.شهادت جي اها سختي جيڪا امامن کي درپيش آئي سا هرڪنهنجي سمجھه ۽ شعور جي ڳالهه ناهي.رڳو رند ئي اهو راز پروڙي سگھن ٿا.
سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛
ذَرو ناهِ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ؛
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين.

سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛
رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.
عليءرضه جا شير جنهن شان سان مديني مان هن دردناڪ سفر تي روانا ٿيا سو شان سدائين سلامت رهندو.
چَنڊَ وِھاڻِئَ چَڙِهيا، مَلَّھ مَدِينِئان مِيرَ؛
اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛
عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
ها ڪربلا، هي ئي اهو ميدان آهي جتي امامن سان ظلم ۽ ستم جي انتها ٿيڻي هئي،پر سچ اهو آهي ته هي ئي اهو ميدان آهي جتي خاندان نبوت جي شجاعت،سخاوت،صبر،تحمل،دليري ۽ سرويچيء جا دلڪش منظر آسمان کي ڏسڻا هئا.
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون؛
جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون؛
مُنهُن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛
ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛
ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو.
هيء ڪهڙي ماجرا آهي جو جڳ جي ڪارڻي سرڪار ڪائنات صه جي اکڙين جا تارا،فاطمه رضه جي نيڻن جا ٺار ۽ عليء رضه جي جگر جا ٽڪرا ان عجيب بيوسي ۽ بيحسيء وارين حالتن جو نشانو بڻيا.سهڻو لطيف انهيء راز سان هنن لفظن ۾ پردو هٽائي ٿو ته
دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛
خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛
اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛
اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي.
اهي اونها اسرار دنيا جا طالب نه سمجھي سگھندا.انهن جو مثال ته ان ڳجھه جيان آهي جيڪا هر وقت ڍونڍ جي تلاش ۽ طلب ۾ در در جا ڌڪا کائيندي رهي ٿي، ڳجهه کي ڪهڙي خبر ته عقابي اڏام ڇا ٿيندي آهي؟شهبازن جو شان ڇا ٿيندو آهي؟جھونجھهارڪو جهان ڇا ٿيندو آهي؟سرفروشيء جو سرور ڇا ٿيندو آهي؟اهي جيڪي عشق جي اوچي منزل ماڻي ويٺا اهي محبوب جي محبت ۾ مرڻ لاء هر وقت کڙيون اڀيون ڪري اڳتي اچڻ لاء آتا رهن ٿا.
آيا، اُجارِين؛ تَنڪـ، تَرارِيُون تِـئُرا؛
سانگِــيُون سـائُن ھَٿَ ۾، ڪُلَھِنئُون نه لاھِينِ؛
اُڀا ئِي آھِينِ، مُھائِي مَرَڻَ تي.
رڪ جي راند ۾ مانجھين جو مرڪ ئي اهو آهي ته اهي موت سان اکيون اکين ۾ وجھي مرڪندي پنهنجو سر صدقي ڪري ڇڏين ٿا.
ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛
وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾.

گھوٽن ۽ گھوڙن جو پنهنجو جهان آهي.اهي ڪڏهن قيدن ۾ واڙيل ته ڪڏهن رڻ جي راهن تي نظر اچن ٿا.اهي دنيا جي پويان پنهنجو ايمان نٿا وڪڻن.ڪنهن طالم سامهون پنهنجي سسي نٿا نمائين،ڪنهن جابر سامهون حق جو ڪلمو چوڻ کان نٿا ڪنبن.خسيس دنيائي شين کي ته اهي پنهنجي جتيء جي نوڪ تي رکي ٺوڪر هڻن ٿا.

گھوڙَنِ ۽ گھوٽَنِ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا؛
ڪَڏَھِن مَنجِھ ڪـوٽَنِ، ڪَڏَھِن واھي رِڻَ جا.

الست جي جنهن جهان ۾ اها ريت هلي ٿي ته
'ڀَڳو' آئوُن نه چَوان؛ 'مارِيو'، ته وِسَھان؛
ڪانڌَ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندي سُونھان؛
ته پڻ لَڄَ مَران، جي ھُوَنِسِ پُٺِ ۾.
پر يزيديت جا وارثو! هڪڙي ڳالهه ياد رکو ته حسينيت سان ڦٽائي اوهان لاء ٻنهي جهانن ۾ امن ناهي،بچاء جي ڪا صورت ناهي،اوهين وڏي نقصان جو سودو ڪري ويٺا.

جھيڙو لاهِ، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سـيـن؛
سا نه پَسَـنـدين عِـيـدَ، جا ھُوندِي مِيرَ حُـسـيـنَ سـيـن..

پر اها ڪهڙي بهادري آهي جو معصومن کي پاڻيء ڍڪ نٿو ڏنو وڃي،اها ڪهڙي پهلواني آهي جو هٿين خالي ٻارڙن ۽ ضائفائن تي تراڙون سڌيون ڪيون ٿيون وڃن.ها اها ئي ڪربلا آهي،اتي ايئن ئي ٿيندو آهي.
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نه پِيارِينِ؛
اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَهزادا سارِينِ؛
نِڪِريو، نِهارِينِ؛ چَڙهُ، مِيرَ مُحمَّدَ عَرَبِي!
پر سورهين کي سوڀون تڏهن ئي نصيب ٿين ٿيون جڏهن اهي دل جا سڀ وهم وساري ايمان جي طاقت جو ديپ جلائين ٿا،انهن کي موت سامهون ڍالون ڍارڻ جي ڪا ڳڻتي نٿي رهي جو موت ته محبوب جي مشاهدي جو نالو آهي.
سُورِهَ! مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھمَ وِسارِ؛
ھَـڻُ ڀـالا، وِڙِهُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ؛
مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِـئين.
پوء آسمان اهو عجيب منظر به ڏسي ٿو جو

ڏاڙھِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ ته ڏاڙھُونءَ گُلَ جِئَن؛
چوڏِھِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، پِڙَ ۾ پا ڳَڙِياس؛
ميڙي ۾ مُحَمَّدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ؛
تَنھِن سُورِهَ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرِزا ٿِئي.
۽
ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادرِ ٿي ميڙِياسِ؛
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگِھياسِ؛
مِڙَئِي معافُ ڪَياسِ، خالقَ بَدِلي خُونَ جي.
انهيء سموري قضيي ۽ قصي جو اسرار ڪو سمجھي سگھي يا نه پر حقيقت اها آهي ته

جَنَّتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَليا فِردَوسَ ڏي؛
فانِي ٿِيا 'ف
ى اَللهَ' ۾، ھُوءِ سين ٿِيا ھُوءِ؛
رَبَّ! ڏيکارِئين رُوءِ، اُنِين جي اِحَسانَ سين!
باقي غم حسين ته ايمان جو حصو آهي،محبت جي تقاضا آهي،الفت جو اصول آهي،اهو غم ڪائناتي آهي،ڪائنات جو ذرو ذرو غم حسين سان آشنا آهي
حسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ؛
گَھرِ ماڙُھين، جَھنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ؛
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، ته لَڏِيو ھوتَ وَ‏ڃَنِ؛
اَلا! شَهزادَنِ، سوڀُون ڏِئين، سَچا ڌَڻِي!
(روزاني عوامي آواز 21 سيپٽيمبر 2018ع)


Wednesday, 11 July 2018

بک بري ديس جي!


(روزاني سنڌ ايڪسپريس 11 جولائي 2018ع)


Saturday, 7 July 2018

شاھ جي رسالي ۾سُر“سورٺ” جو فلسفو


استاد لغاري:
“سورٺ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي “صورت” ، “سُهڻي” ، “حَسين” ۽ “خوبصورت” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو معنوي ۽ حقيقي سُر آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب، راءِ ڏياچ جي مثالي ڪردار کي، يعني الله تعاليٰ جي نالي تي، سِر وڍي ڏيڻ جي حوالي سان، سَربُلند مڃيو آهي.
هڪ زماني ۾، جھوناڳڙھ پرڳڻي تي“راءِ ڏياچ” نالي، وڏو سخي سردار راڄ ڪندو هو.
جنهن جي سخا جي هاڪ ٻُڌي، ٻيا سردار پيا دل ۾ سڙندا هئا. سورٺ اُن سخي سردار راجا راءِ ڏياچ جي پَٽ راڻي هئي. پاڙيسري ملڪ جي راجا اَنيراءُ، هڪ چارڻ (منگتي) کي چيو ته جيڪڏهن تون راءِ ڏياچ جي سسيءَ ڌڙ کان ڌار ڪري، مون ڏانهن کڻي ايندين، ته تنهنجي منشا پوري ڪندس. اها ڳالھ ٻڌي، ٻيجل پنهنجو سُرندو سينگاري، جھوناڳڙھ ڏي راهي ٿيو.
چارڻ ٻنڌا چنگ کي ، جھُوڙا ۽ جھانئين ،
ڏُئلي  راوَڏياچ   جي ،   ڏُوران   ڏٺائين ،
راجا راءِ ڏياچ جي رنگ محل ٻاهران، اهڙيءَ چنگ چوريائين ۽ تند تنواريائين، جو بادشاھ بيخود ٿي ويو ۽ ٻيجل کي پُڪاري چيائين “ اي فقير! جيڪِين گھُرڻو هجئي سو گھُر، پر تند کي بند نه ڪجانءِ”! ٻيجل وراڻيو“ تنهنجي در تي ان ڪري آيو آهيان، جو تون“نانهن” نه سکيو آهين. اي سخي سردار! آئون تنهنجي سِر جو سُوالي آهيان”.
چون ٿا ته سورٺ ان مڱڻهار کي، سِر نه وڍڻ جي لاءِ، سَو سُوال ڪيا، انعام اڪرام آڇيا، قيمتي خزاني جون خُرزينون ڀرائي، سونن سنجن ساڻ، تازا گھوڙا اڳيان آڻي بيهاريا، هيرن ۽ جواهرن سان ڀريل هاٿي حاضر ڪيا، لعل ياقوتن ۽ ماڻڪن جو مٿان مينهن وسايائينس، جن ۾ پنڻو پُورجي ويو، پر مڱڻهار انهن کي هٿ به ڪو نه لاتو.
ڀٽائي صاحب هن سُر جي معنوي پهلوءَ ۾، معراج شريف واري حقيقت ۽ وحدت الوجود واري فلسفي جي اُپٽار ڪئي آهي.
ڏاتار  ۽   مڱڻي،  ڪو  نه  وسيلو   وِت ،
سائي  تال  تندن  جي،  سائي  چارڻ  چِت ،
جي هُتي، جي هِت ، ڳالھ مڙيائي هيڪڙي.
سنڌ ۾ هي قصو جنهن سُر ۾ ڳايو ويو، اُن کي سُر“سورٺ” سڏيو ويو. هن قصي جي حوالي سان چيل ڪافيون، “سورٺ راڳڻي” ۾ ڳايون وڃن ٿيون. هي شاھ جي رسالي جو ٻاويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 53 بيت، 4 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت “الله جي آس ڪري ، ٻيجل ڪِي ٻاڪار” ۽ آخري وائي “ الوداع! وو! الوداع! جانيان ڪِيَڙُئِي جدا ! وو! سورٺيا ساري، معذور وئين ماري” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
الله جي  آس  ڪري،  هلي  آيس  هير ،
هاتڪ! تو حضور ۾،  پرتان  ڀري  پير،
وِير!لڳاءِ مَ وير، وڍي ڏي ته وٺي وڃان.
الله پاڪ جي آس دل ۾ رکي، آءٌ هن وقت (هن رنگ رتول ڏي) هليو آيو آهيان. اي سياڻا حاذق! تنهنجي حضور ۾، مون وڏي پريت سان پير ڀريا آهن. اي وڏي عقل وارا داناءُ! هاڻي دير نه ڪر، پنهنجو سر وڍي ڏي ته آءٌ هينئر ئي کڻي هليو وڃان.
آءٌ    سُوالي     سر    جو ،     آيس     اڳاهون ،
مٿي   ري   مس   رکان،   پير   کڻي    پاهون،
داتا! سُڻ دانهون، جي ڪريان ڪوڏ ڪپارجيون.
(اي راجا راءِ ڏياچ!) آءٌ ته سواليءَ آهيان تنهنجي سر جو، جيڪو ڪافي پري کان اچي پهتو آهيان. تنهنجي سر وٺڻ کان سواءِ، هي پنهنجا پير، آئون پوئتي هرگز ڪو نه هٽايان. اي وڏا ڏيندڙ سخي! منهنجي سوال جون صدائون سڻ، جيڪي سرهائيءَ سان، تنهنجي سر وٺڻ جون ٿو ڪريان.
ڪِين جو  ٻيجل    ٻوليو،   ڀنِيءَ     ويهي     ڀان ،
راجا      رتولن      ۾،      سيباڻو          سلطان ،
“آءُ       مٿاهون      مڱڻا!       مقابل       ميدان ،
گھوريان لک،لطيف چئي، تنهنجي قدمن تان قربان،
مٿو   هي   مزمان!   هلي   آءُ    ته    هت    ڏيان”.
ٻيجل(ڀان فقير) ڀنِيءَ رات جو، داتا جي در تي ويهي، ڪو عجب جهڙو سوال ڪيو!
سهڻي سلطان راجا کي، رنگ رتولن ۾، اُهو ڳائڻ ڏاڍو پسند اچي ويو،(وڻي ويو).
(حڪم ڪيائين ته) “اي مڱڻا! تون مٿي چڙهي آءُ! سڌو سنئون منهنجي روبرو”. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته “ لکين لک توتان گھوري ڇڏيان ۽ تنهنجي قدمن تان قربان ڪري ڇڏيان. اي منهنجا مٺا مهمان! تون مٿي هلي آءُ! ته هيءُ سر، توکي هت(هندوري ۾) ڏيئي ڇڏيان”.
نِرتي   تند   نياز    سين ،    ٻُرائي    ٻيجل ،
راجا      رتولن      ۾ ،     اُونائي        امل ،
راز   ڪيائين   راوَ   سين،   موچاريءَ   مهل ،
“انا   احمد   بلا   ميم”،   سَين   هنئي   سائل ،
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته “هردوئي هيڪ ٿيا”.
وڏي سرت ۽ سمجھ واري ٻيجل، نياز ۽ نوڙت واري تند، اچي رنگ محل جي ٻاهران ٻُرائي،(وڄائي). راجا راءِ ڏياچ رنگ رتولن ۾، اُنهيءَ سُريلي ساز جي اَمُلھ “رُون رُون”، وڏي غور ۽ فقر سان ڪن ڏيئي ٻُڌي. دل جي راز واري حقيقت، راجا راءِ ڏياچ سان، موچاريءَ مهل(اسر ويل ) جو، اُن سائل ويهي سَلي. “آءٌ احمد آهيان بنا ميم جي”، سُهڻي سُوالي اها صدا پڌري پڪاري. پوءِ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کي اها ڪل پيئي، ته “ٻيئي(راجا ۽ راڳائي) پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا”.
سهسين    آئيا    سورٺيا ،    مانجھي    مڻيادار،
جن ڳڙهان ٻهر ڳائيو،    سهجان     سڀ    ڄمار،
تنبيري جي تند  جي،   اُت   پهرين   هئي   پچار،
آءُ      مٿاهون      مڱڻا!     چڙهي     در     دئار،
توکي   گھوٽ    گھرائيو،    خلوت   لاءِ   کنگھار،
“السلام عليڪ ايها النبي”، اي کلي ڪيائين کينڪار،
سئو ۾ سنسار ،   ته    “ ملڪ    ڏنائين    مڱڻي ”.
هتي سوين سوَ سورٺ ملڪ جا ڳائڻا آئيا، سي به وڏيءَ همت وارا، جلويدار ۽ ڏاڍا سهڻا هئا. سي سڀ ساري حياتيءَ، پنهنجي رضا خوشيءَ سان، جھونا ڳڙھ کان ٻاهر ڳائيندا رهيا. هن تنبي وڄائڻ واري جي سهڻي ساز جي، اُتي اڳ ۾ ئي گفتگو ۽ هاڪ (مشهوري) هلندڙ هئي. “اي مهربان ۽ موچارا مڱڻا! تون مٿي هليو اچ، محل جي مکيه دروازن وٽان چڙهي. توکي گھوٽ پاڻ وٽ گھرايو آهي، راوَکنگھار خلاصي رهاڻ ۽ قرب واري ڪچهريءَ لاءِ”. “اي نبي ڪريم!(صلي الله عليه وآله وسلم)تو تي سلام هجي”، ايئن کلي ۽ خوش ٿي، ڀليڪار ڪيائين. پوءِ ساري سنسار(جهان) ۾ ٻڌو ويو ته “سڄو ملڪ ئي، مهربان ۽ موچاري مڱڻي کي، (انعام ۽ اڪرام ۾) عطا ٿي ويو آهي”.
چارڻ! ٻولج ڪِين ٻيو، گھُريوءِ،     سو   گھوريان ،
ڳڙھ سورٺ ئي نه پڙي، جي   تندن   سين   توريان،
ڳُجھِي   آهم    ڳالهڙي،    آءُ    اوري    ته   اوريان،
“ڪُلهنيون ڪوريان؟ڪهِ جاجڪ! جُسي سين ڏيئين؟”.
اي چڱا چارڻ! اڃان ڪُجھ ٻيو به چئو، (ٻيو به گھُري وٺ!) جيڪين تو گھُريو آهي، سو ته گھوري تو کي ڏيان ٿو. سورٺ وارو سمورو ملڪ، جھوناڳڙھ تور ۾ پورو ئي نه ٿو بيهي، جي تنهنجي ساز جي تندن سان ملائي ٿو توريان. منهنجيءَ دل ۾ ، هڪ راز واريءَ ڳالھ سمايل آهي، تون هيڏانهن اورتي اچ، ته اُها تو سان اوريان،(تو سان اُها ڳُجھيءَ ڳالھ سليان). اي جيءُ جا جاجڪ! هيءُ ڪنڌ ڪُلهن وٽان ڪوريان؟ يا جسم ۽ جان سوڌو ئي تو کي ڏيئي ڇڏيان؟”.
حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۾، سُر“سورٺ” کي، مڪمل طور تي، حقيقي ۽ معنوي سُر جو درجو حاصل آهي. هڪ الله تعاليٰ جي نالي تي، ڪنهن سُواليءَ کي سِر وڍي ڏيڻ جو مثال، تاريخ ۾ ٻيو ڪٿي به ڪو نه ٿو ملي. هيءُ سُر وحدانيت کان سواءِ، رسالت جي پُرنُور موضوع جو مرڪوز پڻ بنيل آهي. ڀٽائي رحه فرمائي ٿو “ آءُ مٿاهون مڱڻا! چڙهي در دئار، توکي گھوٽ گھرائيو، خلوت لاءِ کنگھار” . ڪافي عالمن ۽ اسڪالرن مٿيين سٽن کي، معراج شريف جي ماحول سان منصوب ڪيو آهي. وري هي سٽون به ڏسو؛ “ الانسان سري و اناسره”، ورتي ايءَ وائي، راجا، راڳائي، هي دوئي هيڪ ٿيا”. اهڙيءَ ريت، اسين شاھ جي رسالي ۽ ڪلام مان، وحدانيت ۽ رسالت بابت، ڪيترائي اشارا ۽ اُهڃاڻ پڙهي ۽ پروڙي سگھون ٿا. جن تي ايمان آڻڻ ۽ عمل ڪرڻ سان، اسان جا ٻيئي جهان منور ۽ موچارا ٿي سگھن ٿا. اسان کي گھرجي ته شاھ جي رسالي جو، لفظي مطالعي سان گڏوگڏ، ان جو معنوي رخ به معلوم ڪندا وڃون، ته ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون پاڻهي ئي اسان جا قدم چمنديون اينديون.
(روزاني مهراڻ 6 جولائي 2018ع)


Friday, 22 June 2018

منجھان دل دڳ لهين.



اڃا تون اواٽ، واٽان پاسي ويسري،
سونهين ٿي سواٽ، ته منجھان دل دڳ لهين.
اي سسئي! اڃا تون اڻ ڄاڻ ۽  اڻ سونهين آهين جو هر هر رستو ڀلجيو وڃين، جيڪر تون ان عشق جي رستي جي سونهين بڻجي پوين ته رستي جو نشان توکي پنهن جي دل اندر ئي موجود ملندو!

شاهه جي رسالي ۾ سر حسيني جو فلسفو


استاد لغاري:
“حسيني” عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي “حضرت امام حسين جو” ، “حسين وارو” ، “حسين جو پيروڪار” يا “حسين جو غم” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو وڏو معنوي ۽ حقيقي رازن ۽ رمزن وارو سُر آهي. بظاهر سسئي پنهونءَ جي لوڪ داستان واري هن سُر تي “حسيني” نالو ڪيئن پيو؟ سو اُن بابت ڪا به مُستند روايت موجود ناهي. شاھ جي رسالن ۾ هيٺيان ٻه بيت ملن ٿا؛
حُسيني   جي  هاڪ ، مادر! ماري آهيان ،
ڏينهان ڏورڻ ڏک ۾، راتيان چڪن چاڪ،
ڊڄان  ڀر  فراق ، متان پوئم پرينءَ سين.
حُسيني  حُسين  لئي،  بيبيءَ پاڻ چئي ،
تهان   پوءِ   ٿي،   خبر  ٻي  خلق کي .
روايت آهي ته “حُضورڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن، حضرت بيبي فاطمه الزهره رضي الله عنه کي، حضرت امام حسين رضه جن جي مستقبل بابت، اڳواٽ ئي ٻڌايو هو، ته اهڙو غم وارو واقعو رونما ٿيندو. تڏهن بيبيءَ سڳوري مغموم ٿي ويئي هُئي. پر ٻي عام خلق کي، خبر تڏهن پيئي،جڏهن اُهو (ڪربلا وارو) واقعوٿي چڪو”. اهڙيءَ صورت ۾، اِنهن مٿين ٻنهيءَ بيتن کي، سُرڪيڏاري ۾ بيهارڻ کپندو هيو، پر جيئن ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جا ڪي شارح ، محقق ۽ عالم،شاھ جي سُر ڪيڏاري بابت الڳ الڳ راءِ قائم ڪن ٿا، تنهن ڪري، اِهي ٻيئي بيت سسئي پنهونءَ جي وڇوڙي واري، انتهائي غمگسار ڀاڱي ۾ بيهاري، سُر جو نالو “حُسيني” قائم ڪيوآهي. (والله اعلم) هن سُر ۾ شامل بيت اهڙائي غمگسار۽ افسوس جي بيان وارا آهن، جن جي پڙهڻ ۽ اُچارڻ سان، انسان مغموم ٿي وڃي ٿو.مثلا؛
آتڻ اورانگھي ويا ، اڱڻ مون افسوس !
ڪو پريان کي چوءِ، مُٺيءَ ماتم آئيو !
سُر“حُسيني” کي ڳائڻ مهل،معلوم ٿئي ٿو ته هي راڳ“کنڀاوتي” سان مشابه آهي. هي شاھ جي رسالي جو ارڙهون ۽ سسئي پنهونءَ جي داستان جو پنجون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 213 بيت، 16 وايون ۽ 12 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت“ تان ڪِين ڳوري! ڇُلُ، جان لاڙائُو سِڄُ ٿيو” ۽ آخري وائي“ پرين جي ادا پانڌي! ڪر ڪا ڳالهڙي” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
لَڙ   مَ ،   لاڙائُو   ٿيو ،   لاهِ  مَ  لڏو ،   لڏ  ،
ته ساٿ پريان جي سڏ، مُنڌ! ميڙائو تو ٿئي.
پنڌ ۾ ٿڪجي موٽ نه کاءِ، (ڍري ۽ سست نه ٿيءَ) سج لڙي ويو آهي، لڏو لاهي ويهي رهڻ جي ڪوشش نه ڪر، ٻڌل سامان کڻ، (۽هلندي هل). ته اي اوڳي منڌ! سُهڻي سڄڻ جي ساٿ ۽ سڏ سان، تنهنجو پنڌ ۾ وڃي ميڙو ٿئي.
ڏُکوين   اُهڃاڻ ،   “ڪُلهي    ڦاٽو    ڪنجرو ،
وڃن   گُوندر   گڏيون ،   لوڪ   نه  آڇن  پاڻ ،
سُورن اسان ساڻ ، ننڍي لاڪُون نينهن ڪيو”.
(اي اديون ڀينر ڙي!) ڏُکوين جا پار پتا اهي هوندا آهن، ته“اُنهن جي ڪُلهن وٽان چولو ڦاٽل هوندو آهي. هجر ۽ فراق سان هڪ ٿيون پيون هلنديون آهن،پنهنجي درد جو داستان ڪنهن کي به ڪو نه ٻُڌائينديون آهن”. (اي اديون ڙي!اهڙيءَ ريت) سُورن ۽ سختين جي، اسان سان ننڍي لاءِ کان وٺي، دوستيءَ ٿي ويئي آهي.
“ووءِ! ووءِ!”ڪندي وت، متان“ووءِ!” وساريين ،
پاڻي   هار   مَ   پڌرو،   روءِ منجھان ئي رت ،
صبر   وڏو   ست،   سگھا    ميڙي  سُپرين.
(اي سُورن هاڻي سسئي!) هاڻي“وو هاءِ! ووهاءِ!” ڪندي وت، متان “ووهاءِ! ووهاءِ!” واري وائي وساري ڇڏين. پنهنجين اکڙين مان، پڌرو پاڻيءَ نه هار، دل ئي دل ۾ پئي رت جا ڳوڙها ڳاڙ. صبر وڏو ست، ڏڍ ۽ طاقت آهي، جيڪو مٺڙي محبوب سان ملائڻ ۾ دير ئي نه ٿو ڪري.
جفا  وارين  جس!  جس جفا رءَ نه ٿئي ،
سُکن  ساٿ وڃائيو، گولي! ڇڏ مَ گس ،
ليڙن جو،لطيف چئي، ڏونگر آهي ڏس ،
پنهون  هلي  پس، سر ڀر سِري سسئي !
جيڪي محنت ۽ مشقت ڪن ٿيون، انهن کي آفرين هجي! ڪاميابيءَ جي مسرت ۽ مبارڪ باد، محنت کان سواءِ نه ٿي ملي. اي گولن جي گولي! اي ٻانهن جي ٻانهي! تو سُکن جي ڪري پنهنجو ساٿ وڃائيو آهي،هاڻي هجر، فراق ۽ گُوندر وارو گس هرگز نه ڇڏ! سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته، “هيءُ جيڪو ڏاڍو ڏکيو ڏونگر آهي، اهو ئي ڏاگھن جو ڏس ۽ پڪو پار پتو آهي”. اي سُورن هاڻي سسئي! تون سِر ڀر اڳتي سِرڪي، پنهنجي پياري پنهونءَ کي، هلي حاصل ڪر.
جيئن جيئن جھلي جڳ ، تيئن تيئن مون تاڪيد ٿئي ،
ڳهريو  ٿو  ڳالهيون  ڪري ،  ورسيو  ڀُڻي وڳ ،
لوڪ    لتاڙي    ننڊ ۾ ،    پُٺيءَ    لالڻ    لڳ ،
آرياڻي      اورڳ  ،    ڀنڀوران      ٻهر     ٿي .
جيئن جيئن ٿو لوڪ جھلي، مون کي تيئن تيئن ٿي اڃان زور سان اڳتي وڌڻ جي تقاضا ۽ تنبيھ ٿئي. لوڪ نشي(ڳهر) ۾ ٿو ڳالهائي ۽ اوٺي ڌڻ جيان ڀُليو، ڀٽڪيو ٿو گھُمندو وتي. (اي سُورن هاڻي سسئي!) تون سارو لوڪ ننڊ ۾ سُتل ڇڏي، پنهنجي پياري پنهل جي پويان پئي وڃ. (اي سُورسُٻيلي سسئي!) تون ڀنڀور شهر مان ٻاهر نڪري، وڃي آريءَ ڄام جو اولاد اوڙک.(سُڃاڻ).
لڳم   ٻاڻ   ٻروچ   جو ،  امڙ! جھل  مَ مون ،
سڀ رڱينديس رت سين ، ڪيچان اوري ڀُون ،
مادر!  مٿان   مون ،   ڪانگ  لمندا ڪڏهين.
اي منهنجي مٺڙي امڙ! مون کي رنڊ روڪ نه ڪر، ڇو جو مون کي ٻاجھ ڀريي ٻاروچل جي جدائيءَ جو، دل ۾ ٻاڻ(تير) لڳل آهي. آئون ته ڪيچ کان اورتي واري سموري ڌرتي، پنهنجي رت سان، سڀ رڱي ڇڏيندي. اي منهنجي پياري جيجل! (تون ڏسجانءِ) جي پنهل جي پيار ۾، آئون رستن تي مري ويئي، ته منهنجي مڙھ کي کائڻ لاءِ، ڪڏهن ڪارا ڪانگ پيا ايندا ويندا.
ڄاڻي   سُڃاڻي ،   مون   کي   ڇڏي   هليا ،
آئون ڪيئن ڇڏيان پانهنجو،اديون! آرياڻي ،
ڀريم  جو  پاڻي ، سو ڪيچين ڪم نه آئيو.
پُوريءَ طرح سُڃاڻي، ڄاڻي واڻي(هاسيڪار) مون مُٺيءَ کي، ڀنڀور۾ ڇڏي هوت هليا ويا. اي اديون ڀينر! آئون آخر ڪيئن ڇڏي ڏيان؟ پنهنجو محبوب آرياڻي. (آئون آرياڻيءَ تان هٿ ڪيئن کڻان؟). (افسوس!) مون جيڪو پيار جو پاڻيءَ ڀريو، سو ڪيچين لئي(مون کي) ڪم ئي ڪو نه آئيو.(ڪيچين قبول ئي ڪو نه ڪيو).
سُورن   سانڍياس ،   پُورن   پالي   آهيان ،
سُکن  جي، سيد  چئي ،    پُکي نه پيياس ،
جيڪس!آئون هياس ، گُري گُوندر ول جي.
مون کي سُورن سانڍيو آهي، (منهنجيءَ دردن حفاظت ڪئي آهي) ۽ مون کي ڳڻتين پالي، نپائي وڏو ڪيو آهي. سُهڻو سيد چوي ٿو ته، “ منهنجي ڀاڳ ۾، سُکن جو ڪُڻو ڪڏهن نڪتو ئي ڪو نه هيو”. (جڏهن سُکن ڪُڻا ڪڍيا، ته آئون انهن جي ڀاڳ ۾ آيس ئي ڪو نه).لاشڪ! ته آئون ڄائي ڄم کان، درد،غم،ڏک ۽ گُوندر ول جي ڳُٽلِي(ڳُرِي) هئي.
معلوم ٿئي ٿو ته شاھ جو سُر“حسيني” سسئيءَ جي سُورن جو مرڪز آهي، جنهن مان وڇوڙي جا وڍ ۽ ورلاپ، سسئي جي ٻين سُرن ڏانهن منتقل ٿين ٿا. هي هڪ اهڙو المناڪ سُر آهي، جنهن جي مطالعي مان، سسئي جي سُورن، دردن، غمن، وڇوڙن ۽ عاجزين جا آلاپ پڻ پڌرا پسجن ٿا. “ڀينر!ڀنڀوران ، ڀڄو تان اُبهو !” ، “ ساٿي توءِ هلن ، پٿر جي وار ڪريان ” ، “مُٺ مُٺ سُور سڀڪنهين، مون وٽ وٿاڻان ”. انهن مڙني مثالن مان، سُورائتي سسئيءَ جون رمزون ۽ روح پرور رضائون پڻ پسڻ ۾ اچن ٿيون. انسانيت جي بقا به دردن ۽ سُورن جي سهڻ ۾ پوشيده ۽ پنهان آهي. جيڪو انسان ڪاميابيءَ ماڻڻ جو مُتلاشي آهي، ته اُن کي عملي طرح اهڙا سُور سَهڻا پوندا. تڪليف بنا تفريح نه ٿي ملي. خود سسئيءَ به انهيءَ ڳالھ جي تصديق ڪري ٿي “ جيڪي فراقان ، سو وصالان نه ٿئي” يا “ سُونهائي سُورن، ڪِي هيڪاندي هوت سين ”. اسان کي گھرجي ته اسين شاھ جو سُر“حسيني” پڙهون، اُن کي پنهنجو آئيڊيل ۽ آئينو بنايون ۽ پنهنجو مستقبل سنوارڻ جي سجائي ڪوشش ڪريون.

(روزاني جيجل 21 جون 2018ع)