Friday 22 June 2018

شاهه جي رسالي ۾ سر حسيني جو فلسفو


استاد لغاري:
“حسيني” عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي “حضرت امام حسين جو” ، “حسين وارو” ، “حسين جو پيروڪار” يا “حسين جو غم” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو وڏو معنوي ۽ حقيقي رازن ۽ رمزن وارو سُر آهي. بظاهر سسئي پنهونءَ جي لوڪ داستان واري هن سُر تي “حسيني” نالو ڪيئن پيو؟ سو اُن بابت ڪا به مُستند روايت موجود ناهي. شاھ جي رسالن ۾ هيٺيان ٻه بيت ملن ٿا؛
حُسيني   جي  هاڪ ، مادر! ماري آهيان ،
ڏينهان ڏورڻ ڏک ۾، راتيان چڪن چاڪ،
ڊڄان  ڀر  فراق ، متان پوئم پرينءَ سين.
حُسيني  حُسين  لئي،  بيبيءَ پاڻ چئي ،
تهان   پوءِ   ٿي،   خبر  ٻي  خلق کي .
روايت آهي ته “حُضورڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن، حضرت بيبي فاطمه الزهره رضي الله عنه کي، حضرت امام حسين رضه جن جي مستقبل بابت، اڳواٽ ئي ٻڌايو هو، ته اهڙو غم وارو واقعو رونما ٿيندو. تڏهن بيبيءَ سڳوري مغموم ٿي ويئي هُئي. پر ٻي عام خلق کي، خبر تڏهن پيئي،جڏهن اُهو (ڪربلا وارو) واقعوٿي چڪو”. اهڙيءَ صورت ۾، اِنهن مٿين ٻنهيءَ بيتن کي، سُرڪيڏاري ۾ بيهارڻ کپندو هيو، پر جيئن ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جا ڪي شارح ، محقق ۽ عالم،شاھ جي سُر ڪيڏاري بابت الڳ الڳ راءِ قائم ڪن ٿا، تنهن ڪري، اِهي ٻيئي بيت سسئي پنهونءَ جي وڇوڙي واري، انتهائي غمگسار ڀاڱي ۾ بيهاري، سُر جو نالو “حُسيني” قائم ڪيوآهي. (والله اعلم) هن سُر ۾ شامل بيت اهڙائي غمگسار۽ افسوس جي بيان وارا آهن، جن جي پڙهڻ ۽ اُچارڻ سان، انسان مغموم ٿي وڃي ٿو.مثلا؛
آتڻ اورانگھي ويا ، اڱڻ مون افسوس !
ڪو پريان کي چوءِ، مُٺيءَ ماتم آئيو !
سُر“حُسيني” کي ڳائڻ مهل،معلوم ٿئي ٿو ته هي راڳ“کنڀاوتي” سان مشابه آهي. هي شاھ جي رسالي جو ارڙهون ۽ سسئي پنهونءَ جي داستان جو پنجون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 213 بيت، 16 وايون ۽ 12 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت“ تان ڪِين ڳوري! ڇُلُ، جان لاڙائُو سِڄُ ٿيو” ۽ آخري وائي“ پرين جي ادا پانڌي! ڪر ڪا ڳالهڙي” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
لَڙ   مَ ،   لاڙائُو   ٿيو ،   لاهِ  مَ  لڏو ،   لڏ  ،
ته ساٿ پريان جي سڏ، مُنڌ! ميڙائو تو ٿئي.
پنڌ ۾ ٿڪجي موٽ نه کاءِ، (ڍري ۽ سست نه ٿيءَ) سج لڙي ويو آهي، لڏو لاهي ويهي رهڻ جي ڪوشش نه ڪر، ٻڌل سامان کڻ، (۽هلندي هل). ته اي اوڳي منڌ! سُهڻي سڄڻ جي ساٿ ۽ سڏ سان، تنهنجو پنڌ ۾ وڃي ميڙو ٿئي.
ڏُکوين   اُهڃاڻ ،   “ڪُلهي    ڦاٽو    ڪنجرو ،
وڃن   گُوندر   گڏيون ،   لوڪ   نه  آڇن  پاڻ ،
سُورن اسان ساڻ ، ننڍي لاڪُون نينهن ڪيو”.
(اي اديون ڀينر ڙي!) ڏُکوين جا پار پتا اهي هوندا آهن، ته“اُنهن جي ڪُلهن وٽان چولو ڦاٽل هوندو آهي. هجر ۽ فراق سان هڪ ٿيون پيون هلنديون آهن،پنهنجي درد جو داستان ڪنهن کي به ڪو نه ٻُڌائينديون آهن”. (اي اديون ڙي!اهڙيءَ ريت) سُورن ۽ سختين جي، اسان سان ننڍي لاءِ کان وٺي، دوستيءَ ٿي ويئي آهي.
“ووءِ! ووءِ!”ڪندي وت، متان“ووءِ!” وساريين ،
پاڻي   هار   مَ   پڌرو،   روءِ منجھان ئي رت ،
صبر   وڏو   ست،   سگھا    ميڙي  سُپرين.
(اي سُورن هاڻي سسئي!) هاڻي“وو هاءِ! ووهاءِ!” ڪندي وت، متان “ووهاءِ! ووهاءِ!” واري وائي وساري ڇڏين. پنهنجين اکڙين مان، پڌرو پاڻيءَ نه هار، دل ئي دل ۾ پئي رت جا ڳوڙها ڳاڙ. صبر وڏو ست، ڏڍ ۽ طاقت آهي، جيڪو مٺڙي محبوب سان ملائڻ ۾ دير ئي نه ٿو ڪري.
جفا  وارين  جس!  جس جفا رءَ نه ٿئي ،
سُکن  ساٿ وڃائيو، گولي! ڇڏ مَ گس ،
ليڙن جو،لطيف چئي، ڏونگر آهي ڏس ،
پنهون  هلي  پس، سر ڀر سِري سسئي !
جيڪي محنت ۽ مشقت ڪن ٿيون، انهن کي آفرين هجي! ڪاميابيءَ جي مسرت ۽ مبارڪ باد، محنت کان سواءِ نه ٿي ملي. اي گولن جي گولي! اي ٻانهن جي ٻانهي! تو سُکن جي ڪري پنهنجو ساٿ وڃائيو آهي،هاڻي هجر، فراق ۽ گُوندر وارو گس هرگز نه ڇڏ! سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته، “هيءُ جيڪو ڏاڍو ڏکيو ڏونگر آهي، اهو ئي ڏاگھن جو ڏس ۽ پڪو پار پتو آهي”. اي سُورن هاڻي سسئي! تون سِر ڀر اڳتي سِرڪي، پنهنجي پياري پنهونءَ کي، هلي حاصل ڪر.
جيئن جيئن جھلي جڳ ، تيئن تيئن مون تاڪيد ٿئي ،
ڳهريو  ٿو  ڳالهيون  ڪري ،  ورسيو  ڀُڻي وڳ ،
لوڪ    لتاڙي    ننڊ ۾ ،    پُٺيءَ    لالڻ    لڳ ،
آرياڻي      اورڳ  ،    ڀنڀوران      ٻهر     ٿي .
جيئن جيئن ٿو لوڪ جھلي، مون کي تيئن تيئن ٿي اڃان زور سان اڳتي وڌڻ جي تقاضا ۽ تنبيھ ٿئي. لوڪ نشي(ڳهر) ۾ ٿو ڳالهائي ۽ اوٺي ڌڻ جيان ڀُليو، ڀٽڪيو ٿو گھُمندو وتي. (اي سُورن هاڻي سسئي!) تون سارو لوڪ ننڊ ۾ سُتل ڇڏي، پنهنجي پياري پنهل جي پويان پئي وڃ. (اي سُورسُٻيلي سسئي!) تون ڀنڀور شهر مان ٻاهر نڪري، وڃي آريءَ ڄام جو اولاد اوڙک.(سُڃاڻ).
لڳم   ٻاڻ   ٻروچ   جو ،  امڙ! جھل  مَ مون ،
سڀ رڱينديس رت سين ، ڪيچان اوري ڀُون ،
مادر!  مٿان   مون ،   ڪانگ  لمندا ڪڏهين.
اي منهنجي مٺڙي امڙ! مون کي رنڊ روڪ نه ڪر، ڇو جو مون کي ٻاجھ ڀريي ٻاروچل جي جدائيءَ جو، دل ۾ ٻاڻ(تير) لڳل آهي. آئون ته ڪيچ کان اورتي واري سموري ڌرتي، پنهنجي رت سان، سڀ رڱي ڇڏيندي. اي منهنجي پياري جيجل! (تون ڏسجانءِ) جي پنهل جي پيار ۾، آئون رستن تي مري ويئي، ته منهنجي مڙھ کي کائڻ لاءِ، ڪڏهن ڪارا ڪانگ پيا ايندا ويندا.
ڄاڻي   سُڃاڻي ،   مون   کي   ڇڏي   هليا ،
آئون ڪيئن ڇڏيان پانهنجو،اديون! آرياڻي ،
ڀريم  جو  پاڻي ، سو ڪيچين ڪم نه آئيو.
پُوريءَ طرح سُڃاڻي، ڄاڻي واڻي(هاسيڪار) مون مُٺيءَ کي، ڀنڀور۾ ڇڏي هوت هليا ويا. اي اديون ڀينر! آئون آخر ڪيئن ڇڏي ڏيان؟ پنهنجو محبوب آرياڻي. (آئون آرياڻيءَ تان هٿ ڪيئن کڻان؟). (افسوس!) مون جيڪو پيار جو پاڻيءَ ڀريو، سو ڪيچين لئي(مون کي) ڪم ئي ڪو نه آئيو.(ڪيچين قبول ئي ڪو نه ڪيو).
سُورن   سانڍياس ،   پُورن   پالي   آهيان ،
سُکن  جي، سيد  چئي ،    پُکي نه پيياس ،
جيڪس!آئون هياس ، گُري گُوندر ول جي.
مون کي سُورن سانڍيو آهي، (منهنجيءَ دردن حفاظت ڪئي آهي) ۽ مون کي ڳڻتين پالي، نپائي وڏو ڪيو آهي. سُهڻو سيد چوي ٿو ته، “ منهنجي ڀاڳ ۾، سُکن جو ڪُڻو ڪڏهن نڪتو ئي ڪو نه هيو”. (جڏهن سُکن ڪُڻا ڪڍيا، ته آئون انهن جي ڀاڳ ۾ آيس ئي ڪو نه).لاشڪ! ته آئون ڄائي ڄم کان، درد،غم،ڏک ۽ گُوندر ول جي ڳُٽلِي(ڳُرِي) هئي.
معلوم ٿئي ٿو ته شاھ جو سُر“حسيني” سسئيءَ جي سُورن جو مرڪز آهي، جنهن مان وڇوڙي جا وڍ ۽ ورلاپ، سسئي جي ٻين سُرن ڏانهن منتقل ٿين ٿا. هي هڪ اهڙو المناڪ سُر آهي، جنهن جي مطالعي مان، سسئي جي سُورن، دردن، غمن، وڇوڙن ۽ عاجزين جا آلاپ پڻ پڌرا پسجن ٿا. “ڀينر!ڀنڀوران ، ڀڄو تان اُبهو !” ، “ ساٿي توءِ هلن ، پٿر جي وار ڪريان ” ، “مُٺ مُٺ سُور سڀڪنهين، مون وٽ وٿاڻان ”. انهن مڙني مثالن مان، سُورائتي سسئيءَ جون رمزون ۽ روح پرور رضائون پڻ پسڻ ۾ اچن ٿيون. انسانيت جي بقا به دردن ۽ سُورن جي سهڻ ۾ پوشيده ۽ پنهان آهي. جيڪو انسان ڪاميابيءَ ماڻڻ جو مُتلاشي آهي، ته اُن کي عملي طرح اهڙا سُور سَهڻا پوندا. تڪليف بنا تفريح نه ٿي ملي. خود سسئيءَ به انهيءَ ڳالھ جي تصديق ڪري ٿي “ جيڪي فراقان ، سو وصالان نه ٿئي” يا “ سُونهائي سُورن، ڪِي هيڪاندي هوت سين ”. اسان کي گھرجي ته اسين شاھ جو سُر“حسيني” پڙهون، اُن کي پنهنجو آئيڊيل ۽ آئينو بنايون ۽ پنهنجو مستقبل سنوارڻ جي سجائي ڪوشش ڪريون.

(روزاني جيجل 21 جون 2018ع)