Saturday 2 June 2018

چنڊ جي چانڊاڻ جهڙو شاعر ؛ قمر شهباز



رکيل مورائي

سنڌي ٻوليءَ جي قد آور شخص ۽ شاعر قمر شهباز ساهتي پرڳڻي جي اهم شهر نواب شاهه ۾ تيرهين اپريل اوڻويهه سئو اٺٽيهن ۾ جنم ورتو. هو قمرالدين ٻگهئي مان قمبر شهباز بڻيو، اعليٰ تعليم پرايائين ۽ ڪيترن ئي اعليٰ ادارن جي سربراهي ڪيائين، سنڌ ۽ ان کان ٻاهر ادب جي نمائندگي ڪيائين. ادبي وفدن جي اڳواڻي ڪيائين. سنڌي ادب ۾ هڪ آبرو دار سڃاڻ ماڻيائين، هڪ درجن کان وڌيڪ ڪتابن جيترو مراد سنڌي ادب جي جهول ۾ وجهي، سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيائين. سنڌي رسالن ۽ اخبارن جي مختلف ادارن ۾ ويهي سهائتا ڪيائين. ڪيترن ڪتابن جيترو مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ ڇڏيائين.
قمر شهباز جي ادبي سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪار کان وڌيڪ هڪ وڏي شاعر واري آهي. جيتوڻيڪ هن شاعري توڻي نثر ۾ ايترو لکيو آهي، جيترو هڪ عمر ۾ ڪنهن به اعليٰ تخليقڪار کي لکڻ گهرجي.
سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خاص مقام رکندڙ قمر شهباز نثر ۾ ڪهاڻيون به لکيون ته ڪالم به لکيا، ريڊيو ناٽڪ به لکيا ته ٽي وي ناٽڪ به لکيا، فلمي گانا به لکيا ته فلمي ڪهاڻيون به لکيون، ساڳئي وقت هن ريڊيو پاڪستان تي هڪ وڏي صداڪار طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، هن لڳ ڀڳ وڏين سڀني اخبارن ۾ ڳڻپ کان گهڻا ڪالم لکيا، جن ۾ جيتري سنجيدگي آهي، اوتري ئي طنز ۽ مزاح به موجود آهي، هن جا ناٽڪ جن به ڏٺا ۽ ٻڌا اهي اهڙي شاهدي ڏيندا ته هو هڪ اعليٰ ناٽڪ نويس پڻ هئو، سندس ناٽڪن جو مجموعو ”واچوڙن ۾ لاٽ“ جي نالي سان ڇپيل پڻ آهي ۽ ڪيترائي ناٽڪ هو عمر جي آخري حصي ۾ گڏ ڪري رهيو ته جيئن اهي ڇپجي سگهن پر عزرائيل کيس ايتري مهلت نه ڏني.
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ قمر شهباز جو پنهنجو حصو آهي، جيڪو سنڌي افسانوي ادب جي تاريخ ۾ سدائين ياد ڪيو ويندو. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هن جو پنهنجو اسٽائيل آهي، جڏهن هو باقائدي تخليقي طور ڪهاڻي لکڻ کان پري هليو ويو ته، هن ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ انهن ۾ به ڪهاڻي جي گهڻن ئي عنصرن کي شامل ڪيو. جنهن ڪري سندس ڪالم نهايت تخليقي بڻجي ويا جن کي اڳتي هلي ”ڪالم ڪهاڻي“ ڪوٺيو ويو ۽ سندس ڪهاڻين جيتري ئي پذيرائي ماڻيائون. سندس ڪيترائي تخليق ڪيل ڪردار سندس پڙهندڙن جي دلين ۾ اڄ به جيئرا جاڳندا موجود آهن.
ڪالمن کان الڳ قمر شهباز ڪيترن اديبن ۽ عالمن بابت ڪيترائي اهم مضمون، مقالا ۽ خاڪا لکيا آهن، ساڳئي وقت هن ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا آهن. جن کي به سهيڙڻ جي گهرج آهي، ايئن ڪري اسان سنڌي ادب کي وڌيڪ شاهوڪار ڪنداسين.
هي ته سندس اهو ادبي پورهيو آهي، جيڪو هو لڳاتار ڪندو رهيو. پر سچ اهو آهي ته سنڌ ۾ سندس اهم ۽ اصلي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. سندس شاعريءَ جا ڇپيل ٻه ڪتاب ئي سنڌي شاعراڻي ادب ۾ سندس سڃاڻپ بڻيل آهن. جن جا نالا آهن.
1: چنڊ رهين ٿو ڏور
2: بهارن کي چئجو
قمر شهباز، شاعريءَ ۾ جيڪو مرتبو رکندڙ آهي ان جو ذڪر اسان جي ادبي تاريخ ۾ محفوظ آهي. هڪ ئي وقت هو جهڙو حسين شعر لکي سگهندو هئو، اهڙو ئي نثر به لکي سگهندو هئو، جيئن ته هو هڪ صداڪار به هئو، ان ڪري اهو شعر توڻي نثر، اسٽيج تي پڙهڻ جو به هڪ اعليٰ فن رکندو هئو. سندس شعر پڙهڻ جو هڪ باڪمال نمونو هئو، جن کيس ٻڌو هوندو، اهي اهڙي شاهدي ڏئي سگهندا.
سندس فلمن لاءِ لکيل گيت به ٻڌڻ جهڙا آهن ته ڪتابن ۾ ڇپيل شعر به پڙهڻ جهڙا آهن، جن ۾ هو خاص سڃاڻپ رکي ٿو. هاڻ کيس فقط ٻڌي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته هُو هاڻ اسان وٽ جسماني طور موجود نه آهي، اڄ اسان لاءِ کيس ياد ڪرڻ جي صورت فقط هيءَ آهي ته!
هاءِ! اسان جا نيڻ نماڻا
اڄ به تنهنجي لاءِ ويڳاڻا

سچ پچ اڄ هو اسان وٽ نه آهي پر سندس ڪوبه شعر پڙهجي ٿو، سندس ڪا به ڪهاڻي پڙهجي ٿي، سندس ڪو به ڪالم پڙهجي ٿو ته اکين اڳيان سندس باوقار شخصيت اچي وڃي ٿي ۽ اسان جا نماڻا نيڻ کيس ڏسڻ لاءِ واجهائين ٿا. ها! اسين کيس ڏسي نٿا سگهون پر کيس ياد ته ڪري سگهون ٿا. کيس ياد ڪرڻ ڄڻ سنڌي ادب جي تاريخ کي ياد ڪرڻ آهي، ڄڻ پنهنجو پاڻ کي ياد ڪرڻ آهي. ڄڻ سنڌ کي ياد ڪرڻ آهي.


سنڌ جي ارڏي دانشور، ليکڪ ۽ شاعر قمر شهباز جي ياد ۾
حميد ڀٽو
سنڌ ۾ موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهيل سوين اهڙن ماڻهن جنم ورتو آهي جن موهن جي دڙي جي 7 هزارن سالن جي تهذيب ۽ تمدن کي جيئارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اهڙن ئي ارڏن ۽ موهن جي دڙي جي ماڻهن جهڙو ماڻهو قمر شهباز پڻ هڪ آهي. تنهنجون يادون، مٺڙا ماڻهو، بادل جئين برسن، هاءِ اڃايل منهنجون اکٽيون بوندن لئه ترسن..! جهڙيون خوبصورت سٽون سرجيندڙ سرجڻهار سائين قمر شهباز 5 مئي تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو پر جيسيتائين ڪائنات ۾ سنڌ ڌرتي جو وجود آهي اوسيتائين قمر شهباز سنڌ واسين جي دلين تي راڄ ڪندو رهندو، هو يارن جو يار، ڌرتي جي وفادار ۽ حلالي پٽ هجڻ سميت سنڌ جي ادب، ثقافت، ٻولي تهذيب، تمدن سميت فن جو پارکو ۽ رکوالو هو جنهن پنهنجي ڏاهپ وسيلي هميشه سنڌ ڌرتي جي تقدس کي مٿانهون رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. قمر شهباز سرڪاري نوڪرين ۾ ڪيترن ئي اعليٰ عهدن تي فائز رهڻ دوران سنڌ جي مسئلن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي هئي.

هن سنڌ جي وڏي ليکڪ، دانشور، ڪالم نگار، ڊراما نگار، صداڪار، ڪمپيئر، هدايتڪار، سماج سڌارڪ ۽ شاعر قمر شهباز 13 اپريل 1938ع تي محمد مقبول ٻگهي جي گهر نواب شاهه ۾ جنم ورتو. بنيادي ۽ ثانوي تعليم بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگلش ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ مختلف ڪاليجن ۾ بحيثيت ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پڙهائيندو رهيو. ايس ايم ڪاليج ڪراچي ۾ تدريسي عمل سان وابسته رهيو جنهن بعد سندس بدلي ڪندي کيس ڪنڌڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال طور موڪليو ويو، جنهن دوران ملازمت جي حوالي سان سندس مصروفيتون فن، ادب ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائڻ هو، هن ڪنڌڪوٽ ۾ ئي اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيو جيڪو ناٽڪ هن پاڻ لکيو ۽ ان ۾ اداڪاري به ڪئي.

قمر شهباز ڪميشن پاس ڪري وفاقي سرڪار جو ملازم ٿيو، جتي ترقي جا مرحلا طئي ڪندي ڊائريڪٽر پاپوليشن ڊويزن اسلام آباد، ڊائريڪٽر ايڪسپورٽ ائنڊ انٽرنيشنل افيئرس، ڊائريڪٽر آءِ ٽي سي، جنرل مئنيجر ايڪسپورٽ ائنڊ ٽريڊ فيبرڪس، 8 سالن تائين ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گيهه ڪارپوريشن آف پاڪستان، ڊائريڪٽر ٽريڊ ڪارپوريشن، چيئرمين ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۽ سن 1998 ۾ ملازمت تان رٽائرمينٽ وٺي باقي عمر سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ وقف ڪئي. قمر شهباز نوڪريءَ دوران دنيا جي مختلف ملڪن جا دورا ڪيا، انهن ۾ برطانيا، جرمني، آمريڪا، فرانس، سوئيٽزرلينڊ، عرب رياستون، بيلجيم،يوگوسلاويا، سعودي عرب، ملائيشيا، سريلنڪا، سنگاپور، ڪويت، رومانيا، ٿائيلينڊ، مصر، هالينڊ، چين، انڊيا، هانگ ڪانگ سميت ٻيا ملڪ شامل آهن. قمر شهباز 1954ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ ان دوران اسٽيج ڊراما، ٽي وي ڊراما، ريڊيو ڊراما، فلمون، افسانا، شعر، مضمون، ڪالم لکيا، سندس ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي ناٽڪن کي تمام گهڻي عوامي مقبوليت ملي ۽ ڪيترن ئي ريڊيو جي ناٽڪن ۾ صداڪاري پڻ ڪئي. قمر شهباز ٽيليويزن جي، مختلف پروگرامن ۾ ڪمپيئر طور پاڻ مڃرايو.

هو مختلف سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۽ ادارن سان پڻ واڳيل رهيو جن ۾ ايجو ڪيشن سوسائٽي، ميمبر ائڊوائيزري ڪاميٽي براڊ ڪاسٽنگ، ميمبر سينٽرل بورڊ آف فلم سينسر، ميمبر بورڊ آف گورنرس پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سچل چيئر، ميمبر شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، وائيس پريزيڊنٽ پيس ڪاميٽي ڪراچي، سرپرست آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن ۽ مارئي فورم، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي جو سرپرست ۽ مرڪزي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر، سنڌي اسپيڪنگ يونين جي صدر سميت ٻين سماجي توڙي ثقافتي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون. قمر شهباز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”اٺون گهر“، ”ضمير جو موت“ (ڪالم ڪهاڻين جو مجموعو)، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ (شعري مجموعو)، ”قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون“ ۽ ”واچوڙن ۾ لاٽ“ (ڊراما) شامل آهن، جڏهن ته سوين ڪهاڻيون، ڊراما، شاعري ۽ اسڪرپٽ وغيره لکڻ کان علاوه هن ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مسئلن تي مختلف اخبارن ۾ مسلسل ڪالم پڻ لکي سنڌ جي مفادن جو تحفظ پڻ ڪيو.  ڪنهن سونهن ڏني ڪنهن ساهه ڏنو، ڪنهن دردن جو درياهه ڏنو،ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو آيا، ڪهڙا جيءُ جياريا وڇڙيا. جهڙيون خوبصورت سٽون لکندڙ قمر شهباز خوبصورت شاعري لکي جنهن ۾ ڌرتي جو درد سمايل هو. ڌرتيءَ جي درد لاءِ لکي ٿو ته.
سنڌو ديس دليرن جو-شهميرن جو شهزورن جو

هت ڌرتي سونا سنگ ڪري-هت سانوڻ سئو سئو رنگ ڪري

هت چانڊوڪي ڄڻ چاندي آ-هت محبت سڀ جي باندي آ

هت مهمانن کي مان ملي-هت درد وندن کي دان ملي

هت دولهه درياهه خان هو-شتي شهبازين جو شان هو

هن ديسن جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان-هن ديس ۾ ڪيئي لال مڻيا.

هو هميشه سچ ڳالهائيندو هو جنهن سبب مٿس ڪيترائي اديب ۽ ڪامورا ڏمريل هوندا هئا.سندس مختلف اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم “ڄڃ پرائي” ۾ کريون ۽ سچيون ڳالهيون ڪندو هو. قمر شهباز جو گيت چنڊ رهين ٿو دور، تون ڌرتي جو درد نه ڄاڻين، هت هر آشا باندي آهي، بيوس مجبور چنڊ رهين ٿو دور. جڏهن اهو گيت بيدل مسرور سميت مختلف فنڪارن ڳايو ته ان کي اڄ تائين تمام وڏي مڃتا ملي ٿي. قمر شهباز جي شاعري سوين فنڪارن ڳائي آهي ۽ قمر شهباز ولگر شاعري نه لکي هميشه تهذيب ۽ تمدن جي مطابق شاعري ڪئي آهي ۽ قمر شهباز طنز مزاح لکڻ جو بادشاهه ليکڪ هو هن پنج کن سنڌي فلمن جو ڪهاڻيون پڻ لکيون ۽ تن فلمن جا نغما پڻ لکيا. پاڻ جواني ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي تي صداڪاري ۽ اداڪاري پڻ ڪندو هو،
هن ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي. کيس تقرير ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ هوندو هو، کيس وڏي ليڊر واريون صلاحيتون موجود هيون ۽ ڪنهن انسان کي پرکڻو هجي ته ان سان گڏجي ڪو ڊگهو سفر ڪجي يا ڏيتي ليتي ڪجي ته ان انسان جي سڌي سڃاڻپ ٿي ويندي آهي. اتفاق سان سال 2002 کان ڪيترا ڀيرا مختلف ملڪن ۾ گڏجي سفر ڪرڻ جو مونکي پڻ اتفاق ٿيو ۽ هميشه پرڏيهي سفرن ۾ پنهنجي اولاد وانگر خيال ڪندو رهيو ۽ سندس انسانيت واريون لکين خوبيون سامهون آيون. هو هڪ مڪمل انسان هو. ۽ سرڪاري نوڪري دوران وڏي عهدي تي هجڻ باوجود ڪالاباغ ڊيم خلاف 1997ع ۾ هلندڙ مهم ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مظاهرن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي ۽ هن نوڪري جي پڻ پرواهه نه ڪئي ۽ ڌرتي جي خاطر اڳڀرو رهيو ۽ هن ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ڀوڳيو. هن دنيا جي سنڌين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌي اسپيڪنگ يونين جو عمل آندو جنهن ۾ صدر قمر شهباز ۽ ٻين عهديدارن ۾ شمشير الحيدري، حسين هارون، غلام نبي مورائي، سليم ميمڻ، ولي محمد روشن، حميد ڀٽو، رفيق ڀٽو ۽ ٻيا اديب شامل هئا.
سندس خواب هو ته دنيا جا سنڌي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين. جڏهن ته پرائيويٽ ٽي وي چئنلز کان اڳ قمر شهباز طرفان سنڌي چئنلز شهباز کولڻ جو اعلان ڪيو ويو پر مختلف ادارن طرفان سندس اعلان کانپوءِ ترت مختلف چئنلز آندا ويا ۽ شهباز چئنلز جي ڪافي ساري تياري ۽ کڏا مارڪيٽ ۾ آفيس پڻ قائم ڪيائين جيڪو خواب سندس حياتي جي آخر تائين اڌورو رهيو. قمر شهباز جي اولاد ۾ هڪ پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. جڏهن ته قمر شهباز 5 مئي 2009ع تي صبح جو 7 وڳي ڪراچي جي ڪالا پل ويجهو نيشنل ميڊيڪل سينٽر اسپتال ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس ڪراچي ۾ گذري واري علائقي جي قبرستان ۾ مٽيءُ حوالي ڪيو ويو ۽ قمر شهباز پنهنجي شاعري ۾ زندگي ۽ موت لاءِ هن طرح لکي ٿو ته: ”

اچو ته زهر جو پيالو پي ڇڏيون

اچو ته موت کي ڪنهن ريت پروقار ڪيون

جيئون ته اهڙي طرح جو زمانو جيئي ٿو

مرون ته موت کي هڪ ڀيرو اشڪبار ڪيون.

واقعي ئي قمر شهباز اهڙي طرح زندگي گذاري جو سندس زندگي ٻين جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻي. قمر شهباز جي سنڌ کي اڃا تمام گهڻي ضرورت هئي پر بيوقتائتي موت کيس هن جهان مان وٺي ويو. موت جي لاءِ قمر شهباز چواڻي…….موت اسان کي مات نه ڏيندو-پرت ناهي پڇتاءُ مڱڻا موٽي آءُ

شاعري
رات انڌيري ڪيسين، نيٺ اُجالو ٿيندو،
سک جو سورج ڏياڻ ته اڀريو، منزل جو ڏس ڏيندو.
ڪين رُڪياسين، ڪينَ جهڪياسين،
توڙي اوکو پنڌ، سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ.
سنڌڙي تنهنجي سينڌ نه اُجڙي،
تو تان جندڙي گهوري ڙي!
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو،
اسان کي ته گهورن سان گهائي ڇڏيائون.
بهارن جي بيباڪ مستيءَ جان موهي،
سوين پيچ الفت جا پائي ڇڏيائون.
اُفق کان سندس لال چڻگون چورائي،
اڙي ڪنهن جو جهوپو جلائي ڇڏيائون.
پري ڪر، پري ڪر، پري ڪر هي شعلا،
ڏسين ٿي ته دل ئي دکائي ڇڏيائون.
نماڻيون نماڻيون، هي نيڻن جون پياليون،
مون کان مئي جي مستي ڀلائي ڇڏيائون.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
جڏهن تنهنجي رنگين محفل ۾ سائين،
اداسيءَ جي تصوير بنجي مان آيس،
ڌڪاري ڇڏين ها ڌڪاري ڇڏين ها!
خاموش راتين ۾ هڪ سوال بنجي،
خوابن ۾ تنهنجي، ٽپي جي مان آيس،
تون ماري ڇڏين ها تون ماري ڇڏين ها!
يادن کان منهنجي جي ڇرڪي اٿين ٿو،
تصور جي تهه ۾، لڪي جي مان آيس،
وساري ڇڏين ها وساري ڇڏين ها!
جوان تنهنجي محفل سدائين آ سائين،
فقط سُرڪڙيءَ لئه، سِڪي جي مان آيس،
پياري ڇڏين ها پياري ڇڏين ها!
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ

ڇا لاءِ بهارن ۾، اڄ بوءِ ڀنل ناهي (قمر شهباز)



قمر شهباز

هر     رات           اُداسي      آ،      هر    صبح            ستم  آهي،
ڪجهه پنهنجي نصيبن جو، ڪجهه تنهنجو ڪرم آهي.

ڇا       لاءِ     بهارن      ۾،        اڄ      بوءِ       ڀنل          ناهي،
هر    مکڙي     آ      ڪومائي،      هر    گل      ۾ زخم آهي.
خاموش    فضائن    ۾      آواز       هي        ڪهڙو    آ،
آڪاس    ٿو     جهونگاري،    يا    منهنجو صنم آهي.
هر   وار    اُڃايل    کي،    ڪجهه      زياده اُڃائين ٿو،
يا     روح    ئي    پياسو    آ،    يا    پيالي    ۾ خم آهي.
تون   دل ۾    جڳهه   ڏيئي،    پوءِ    پل ۾    ڀُلي ويٺين،
هن   دل ۾    ليئو پائي،    ڏس    تنهنجو    ئي غم آهي.
ڪيئي    ڀيرا    خيال آيم ، مان  توکي وساريندس،
ڪا  ريت   ته ڪانهي  پر،     هي     دل جو مرم آهي
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ

مچ مٿان ڪي سچ جا ساکي، آيا ميڙو ٺاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
ڪاريءَ ڪڪريءَ مان برسي، ڪالاٽ لهوءَ جي آهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
پنڌ پري آ، پنڌ پري آ، آءُ لاڳاپا لاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
جيسين دم آ، غم ئي غم آ، سانت سکن جي ناهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
تنهنجي منهنجي اک جو اُلڪو، بيٺو سينو ساهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
اڄ جا سپنا ڪلهه جون يادون، کلندي چڙهنديون ڦاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
مَڇ ته ڏاڍو مڇريو آهي، بَڇ تي بيٺو باهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.