Saturday 2 June 2018

اياز گُل : خوابن جي وادين جو شاعر



اياز گل انگريزي ٻولي (Ayaz Gul) سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر آهي جنهن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ خيرپور ميرس ۽ پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي تان پڻ نشر ٿئي ٿو.
زندگي جو احوال
نئين ٽهيءَ جو نمائنده شاعر، جنهن جو پورو نالو اياز علي ولد رجب علي دل آهي، هُن سکر شهر ۾ 6 مارچ 1959ع تي جنم ورتو، کيس ننڍپڻ کان ئي علم ادب سان لڳاءُ رهيو، ادبي دنيا ۾ اياز گل جي نالي سان مشهور آهي. هن 1980ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1981ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪري بعد ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ ورتي. هن وقت شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. اياز گل نوجوانن ۾ مقبول شاعر آهي، هن 1971ع کان شاگردي واري دور ۾ شاعري جو آغاز ڪيو، سندس پهريون شعر 1973ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”اديُون“ رسالي ۾ شايع ٿيو. هيل تائين ٻين ڪتابن کان علاوه سندس 6 شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ پڻ اياز گل جو نالو نمايان رهيو آهي. هُو سٺو فوٽوگرافر پڻ آهي، موسيقيءَ سان گهڻي دلچسپي اٿس. سندس گهر ۾ آڊيو، وڊيو ڪئسيٽن ۽ تصويرن جي لائبريري آهي.
اياز گل 1996ع کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ان کان علاوه کيس مختلف انتظامي ۽ اعزازي ذميواريون پڻ مليون آهن، جن ۾:

علمي خدمتون
ميمبر سينيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2003ع کان اڄ تائين. ميمبر سينڊيڪيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (2009-2006)، ميمبر بورڊ آف گورنرس، تعليمي بورڊ، سکر (2006ع کان اڄ تائين)، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو (08-2007)، سيڪريٽري ۽ ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي)، شاهه عبداللطيف، يونيورسٽي (1991ع کان اڄ تائين)، ميمبر صلاحڪاري بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، انچارج ’تنوير عباسي‘ چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (2003ع کان اڄ تائين)، ميمبر بيدل يادگار ڪاميٽي، روهڙي / سکر.، جنرل سيڪريٽري سکر هسٽاريڪل، سوسائٽي. سنڌ.
ايوارڊ
اياز گل کي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ، شيلڊون ۽ ميڊل پڻ مليا آهن. گولڊ ميڊل (ايم. اي، سنڌي ادب ۾ پهرين پوزيشن تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان) 1980ع، -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- جي طرفان اوارڊ (ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ تي) 1978ع، ينگ رائيٽرس گلڊ اوارڊ (ڪتاب ’گل ۽ تارا‘ تي) 1979ع، سِگا طرفان گولڊ ميڊل (ڪتاب. ’ڏينهن ڏٺي جا سپنا‘ تي) 1992ع، -استاد بخاري- سنگت اوارڊ (ڪتاب: ’توبن ڪهڙا ڇانورا‘ تي) 1992ع، اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان شاهه لطيف اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي)1997ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي) 1997ع، سچل سرمست اوارڊ (سچل يادگار ڪاميٽي طرفان) 1997ع ۽ 2000ع، تيرهون اسٽار اوارڊ (سائوٿ ايشيا پبليڪيشن طرفان) 2003ع، پي. ٽي. وي طرفان (بهترين شاعر جو اوارڊ) 2000ع ۽ 2001ع، ’شيخ -اياز-‘ شيلڊ (حسن ڪاڪردگيءَ تي) 2002ع. ۽ ٻيون شيلڊون.
ادبي خدمتون
اياز گل ڪجهه عرصو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سچل چيئر ۾ به ڪم ڪيو. سنڌي شعبي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي مخزن ”ڀٽائي“ جو ايڊيٽر ۽ معاون به رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي رسالي ”سنگت“ جو بنياد وڌائين. سندس ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: 1. سوچون سرها گل (تاج جويي سان گڏ شاعري) 1978ع، 2. گل ۽ تارا (ٻارن لاءِ شاعري) 1979ع، 3. پِيلا گل پلاند ۾ (غزل) 1980ع، 4. ڏينهن ڏٺي جا سپنا (شاعري) 1984ع، 5. توبن ڪهڙا ڇانورا (شاعري) 1992ع، 6. دک جي نه پڄاڻي آ (شاعري) 1997ع، 7. سکر جون يادگيريون (سهيڙيل ۽ ايڊٽ ڪيل) 2001ع، 8. پوان شل قبول (تنوير عباسيءَ تي لکيل مقالن جي ترتيب) 2006ع، 9. روشن آسانجهي (ايڊيٽنگ ۽ ترتيب) 2008ع.
جڏهن ته سندس ڪتاب ”زنگ لڳل زندگي“ ۽ ”رنگن واري دنيا“ ڇپائيءَ هيٺ آهن. هُن جا غزل، وايون ۽ گيت عابده پروين، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ، برڪت ڀٽ، ثمينه ڪنول، شازيه خشڪ ۽ رحمت ميرالي سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي داد ماڻيو. اياز گل پنهنجي شريڪ حيات، ’مستور بخاري‘ ۽ پٽ ’پرين ايا‘ سان گڏ سکر ۾ رهائش پذير آهي. مستور بخاري، پاڻ ليکڪا ۽ آرڪيالاجي شعبي سان لاڳاپيل آهي.
(وڪيپيڊيا)
اياز گُل : خوابن جي وادين جو شاعر
غلام شبير لغاري

گل رڳوخوشبو جي ڪري نٿا سڃاتا وڃن، پر گل احساسن جي ٻولي به هوندا آهن، گلن سان ڪيئي نازڪ سڀاءُ ۽ من ڀاونائون جڙيل هونديون آهن، گلن جون به ڪئين ڪهاڻيون آهن، گل ڳاڙهو گلاب هجي يا سفيد موتيو،گل پنهنجي سونهن ۽ خوشبو جا ڌڻي آهن، گلن مان عيب نٿا ڪڍيا وڃن ڇو ته گلن سان ماحول مهڪندا آهن، گل جو نالو وٺڻ سان حواسن مٿان خوشبو جي ململي چادر اوڍجي وڃي ٿي، گل صدين کان زندگي جي حسناڪين جو اهڃاڻ رهيا آهن، انهن سان ڪيئي تشبيهون جڙيل آهن، فطرت جون سهاوڻيون گھڙيون گذارڻ لاءِ ماڻهو گلستان جو رخ ڪندا آهن، ۽ آئون خيالن جي خوشبو جو واس وٺڻ لاءِ هڪ گل جي نگري ۾ ڀٽڪندو آهيان، ۽ عرق گلاب مان نيڻ پسائي، خمارن ۾ مدهوش ٿي ويندو آهيان، اهو گل جنهن ادب جي باغ کي پنهنجي مڌر خوشبو سان واسي ڇڏيو آهي، ايازگل جنهن جي شاعري جو واس سنڌ جون هوائون وٺن ٿيون، هن جا گيت ڪارونجھر جي چوٽي تي مورن جيان کيڙا ڪن ٿا، ته ڪينجھر ڪپ تي نيرڳين جيان تڙڳن به ٿا،
دک جي نه پـڄاڻي آ
هر شخص ڪهاڻي آ
احساس بنا ماڻهو
اخبار پراڻي آ
شاعري جي صنف غزل کي آڪاش جي وسعتن تائين پهچائيندڙ، ڀٽائي جي دڳ جي هن مسافر سنڌ جي سهڻي شهر سکر ۾ رجب علي دل جي گھر ڇهين مارچ 1959ع ۾ جنم ورتو، سندس نانءَ ايازعلي رکيو ويو، ڪنهن کي گمان نه هو ته سکر جي باغيچي ۾ ٽڙيل گل جي خوشبو سان سنڌ جون محبوب هوائون مهڪنديون، فضائن ۾ سرهاڻ پکڙندي، ننڍپڻ ۾ اسڪول جي هوشيار شاگرد ستين ڪلاس ۾ پڙهائي دوران ڪوتا رچي، سندس رڳ رڳ ۾ شاعري رچڻ لڳي، ڏات جي راڻي پنهنجي نفيس ڀاڪرن ۾ ڀريس، ته ايازعلي مان ايازگل بڻجي ويو، من جي ڀاشا ڪاڳرن جي ڇاتي تي اوتي، شاهڪار تخليقون سرجڻ شروع ڪيائين؛
توکان ٿيندي ڌار
کلندي کلندي يار
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري
هن مرڪن ۽ لڙڪن جون وارتائون شاعري جي سڳي ۾ پوئيندي، غزل جي صنف کي نئين رنگ ۾ رچي، سنڌي غزل جو مزاج ئي بدلائي ڇڏيو؛
چلڪو تنهنجي چوليءِ جو
ڏينهن هيو ڄڻ هوليءِ جو
تاريخن ۾ کتو پيو آ،
جھنڊو منهنجي ٻولي جو
سنڌي شاعري جي کيتر جي هن گل لاءِ مها ڪوي شيخ اياز چيو هو ته “هن جو نالو منهنجي نالي سان ائين وابسته آهي، ڄڻ منهنجي شاعري جي ٽاريءِ مان ڪوئي گل ڦٽو آهي”. شيخ اياز جي انهن لفظن جي سچائي اڄ اياز گل جي ڪلام مان ليئا پائي رهي آهي، سندس شاعري اهڙو باغ آهي، جنهن ۾ چئوڏس گلن جي مهڪڻ جو سماءُ آهي؛
عطرن جي سرهاڻ تون بيشڪ ڄاڻين ٿو
سوچن ڇا ڦهلائي، توکي ڇا معلوم
اياز گل جي شاعري جي دلبري آهي، جو اها عشق جي اکين سان پڙهي وڃي ٿي، ۽ سهاڳڻين جي مينديءِ رتل هٿن جي خوشبوءَ جهڙا موهيندڙ احساس من ۾ پيهي وڃن ٿا، ۽ دلين جا صدين جيڏا ٿڪ لهي وڃن ٿا، جڏهن موکي جي متارن جيان شاعري جا اڃارا رند من جي پياس اجھائڻ لاءِ ادب جي مٽن ڏي ورن ٿا ته ايازگل جي شاعري خمارن جا کيپ چاڙهي ٿي ڇڏي؛
لڙڪ هئا، گيت هئا، گلاب هئا
صرف پاڳل اکين جا خواب هئا
اسان ۾ يار برابر گھڻيون برايون هن
ڪٿي چئون ٿا اسان تي لٿا ڪتاب هئا.
عبدالواحد آريسر هن لاءِ لکيو آهي ته “ آءُ چوندو آهيان ته شيخ اياز، شاعري جي لفظن کي عقابن وانگر فضائن ۾ اڏائيندو آهي، ۽ ايازگل به پنهنجن خيالن، لفظن ۽ اشارن کي رنگين پوپٽن جي روپ ۾ ڪنهن باوقار محبوب ڏانهن سنيها ڏئي موڪليندو آهي.” اياز گل جي شاعري لاءِ ائين به لکيو اٿس ته “اياز گل نفيس جذبن ۽ نازڪ خيالن جو شاعر آهي، جيتوڻيڪ سندس شاعري ۾ تلوارن جو تيخ به ملي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ اُهي تلوارون ٿري رڍ جي پشم مان ٺهيل تلوارون آهن، نه ڪي مهاراجا پرتاب سنگهه جي ڪارين جون جوڙيل آهن.” منهنجي خيال ۾ ايازگل جي شاعري تي شيخ اياز ۽ عبدالواحد آريسر جي انهي راءِ کان پوءِ هن کي ڪنهن ٻي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي؛
ڇاهي يار ! جدائي توکي ڇا معلوم.؟
ميلي جي تنهائي توکي ڇا معلوم.؟
ايازگل جي شاعري پنجابي، انگريزي، اردو ۽ هندي ۾ پڻ ترجمو ٿي آهي، هن جا غزل سنڌي شاعري جو روح آهن، موسيقي جو رستو وٺي، سندس شاعري مقبوليت جا ڏاڪا پار ڪيا آهن، ٽي سئو کان وڌيڪ گيت ريديو ۽ ٽي وي تي رڪارڊ ٿيل اٿس، جيڪي مشهور ۽ مقبول فنڪارن ڳاتا آهن، ۽ سندس شاعري جا مجموعا “سوچون سرها گل” تاج جويو سان گڏ ڇپيو، “پيلا گل پلاند ۾” “ڏينهن ڏٺي جا سپنا” “توبن ڪهڙا ڇانورا” “دک جي نه پڄاڻي آ” “ميلي جي تنهائي” ڇپيل آهن. ڪيڏي نه وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، جو ايازگل جي شاعري جو هڪ مجموعو “دک جي نه پڄاڻي آ” ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۽ شاهه عبدالطيف يونيوسٽي خيرپور جي ايم اي سنڌي جي سليبس ۾ شامل آهي. مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون پڻ مليون اٿس. ڪي ئي علمي، ادبي ۽ فلاحي تنظيمن جو عهديدار ۽ ميمبر رهيو آهي، ۽ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ 800 کان به وڌيڪ ادبي پروگرامن ۾ مهمان خاص ۽ صدارت طور شرڪت ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل ٿيس،
هن جي شاعري ۾ استعارا ستارن وانگر، تشبيهون پوپٽن جيان ۽ خيال ٿر جي ڪنهن ڀٽ تان ڀڄندڙ هرڻ وانگي ڇال ڏيندا محسوس ٿيندا آهن؛
تنهنجون ٻانهون ڄڻ ڀٽون ٿر جون،
وچ ۾ آءُ ڄڻ ڏهر وانگي.!
هن جي شاعري جي هر پهلو تي نگاهه ڊوڙائجي ٿي ته چوڏهين جي رات ۾ محبوب جي کليل زلفن جهڙو موهه ملي ٿو، سندس شاعري رومانس جي رنگن جي هوليءِ ٿي لڳي؛
ڏسندي ڏسندي پوڙها ٿي ويا،
خواب اکين جا ڳوڙها ٿي ويا.
اڄ ايازگل جي سالگرهه آهي، ڪيئي اميدن جا پلئه سلهاڙيندي، اها دعا ٿا ڪريون ته غزلن جا رنگين گل ٽڙندا رهن، ۽ آس آهي ته اهڙيون سريليون ڪوتائون سرجيندو رهي ۽ سنڌي ادب جو جھول ڀريندو رهي؛
تون جو سمنڊ جيان کارو ٿي ويو آهين
جذبا پنهنجا پوءِ اڃارا ڪئين ڪندا.
ميلي جي تنهائيءَ جو مالڪ: اياز گل
روشن شيخ
جيئن مرزا غالب جي شعرن جو ”قرض“ دهليءَ جا ڪيترائي نسل نه لاهي سگهيا آهن. ائين ئي سائين اياز گل، جي شعرن جو قرض.... سنڌ جا ڪيترائي نسل نه لاهي سگهندا. ڇو ته اياز گل جنهن پيار سان سنڌي غزل کي اڳتي آندو آهي، ڀلا پوءِ..... اهڙي محنتي/ محبتي شاعر کي وساڻ معنيٰ زندگيءَ کي وسارڻ برابر آهي.
۽ اسين..... جيڪي ڪالهوڪا ٻارَ ٿي ڪري ويسر جي مرض جا شڪار ٿي پيا آهيون، پر.... پر.... سائين اياز دوستن کي سندن جنم ڏينهن تي ضرور ياد ڪندو آهي ۽ سائين اياز جي اهڙي يادگيريءَ کي آئون ته اڪثر ان پيار سان ڀيٽا ڏيندو آهيان، جيڪو پيار لالچ کان بلڪل پاڪ هوندو آهي.
امداد سومري صاحب! هنن ئي صفحن تي ڪي سال اڳ ۾ هڪڙو سوال اٿاريو هو ته ”لکڻ مان ڇا ٿو ٿئي!؟“ پر آئون ڪافي سال گذرڻ کانپوءِ.... امداد صاحب کي اُهو عرض ٿو ڪيان ته ”سائين لکڻ مان گهڻو ڪُجهه ٿئي ٿو!!“ لکڻ ذريعي ئي هن سينوارجي ويل سماجَ ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف، هيئن به چئي سگهجي ٿو،
مسيحا! سنڌ جي سورن جو ڪو علاجُ به ڳول
رڳو بيان نه ڏي ۽ رڳو خطاب نه ڪر
ڇا اياز گل جي اها مٿين شاعري ان سوسائٽيءَ کان نفرت جو جو چٽو عڪس ناهي!؟ جنهن سوسائٽيءَ ۾ مسيحا عزرائيل جو ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙي ئي ”سوڳوار صورتحال“ جي حوالي سان سائين اياز گل هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ”بيان ۽ خطاب ڪلچر، اسان سڀني کي جاهليت، نالائقيت، مايوسيءَ، منفي سوچ ۽ تباهيءَ ۽ برباديءَ جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪيندو پيو وڃي“ ۽ واقعي ئي اڄ اسان وٽ گهڻو علم هوندي به جاهليت سان گڏ ”زنده باد مرده باد“ وارو ڪلچر عام ٿي ويو آهي ۽ اهو ڪلچر (زنده باد، مرده باد) اسان جي هن ديس لاءِ هڪ هاڃيڪار ڪلچر آهي. مسيحائن کان ويندي ٽي وي چئنلن جي مالڪن تائين سڀ ڪنهن کي پنهنجو پيٽ پيارو آهي. مسيحا پيٽ لاءِ قاتل ٿو بڻجي. جڏهن ته ٽي وي مالڪ وري ديس جي ڪلچر کي لوڙهيندي دير ئي نٿو ڪري ۽ اهڙي هاڃيڪار ڪلچر لاءِ ڇا اياز جون سٽون؟ (رڳو بيان نه ڏي....) هن سماج کان نفرت جو هڪ انوکو مثال ناهن؟
ديس لاءِ سائين اياز جا لکيل هيءُ ٽيڙو اوهان پڙهي ڏسو....
ديس وسارين ٿو؟
سؤلو آ، ان کان گهڻو
پاڻ نه مارين ٿو؟
ديس وسارين ٿو!
اندر ۾ ڄڻ متقل
نانگ ويهارين ٿو
۽ اڄ 6 مارچ هن لاڏلي شاعر جو جنم ڏينهن، آئون کيس دل جي گهراين سان سائين اياز کي جنم جون واڌايون پيش ڪيان ٿو ۽ زندگيءَ جي 53 هين سال ۾ قدم رکندڙ سائين اياز ڪو عام شاعر ناهي. متان اوهين سمجهو ته آئون ڪو سائين اياز وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ هيءُ سٽون لکي رهيو آهيان.
پر اصل حقيقت هيءُ آهي ته اسان وٽ سياست تي لکندڙ کوڙ سارا دوست ويٺا آهن ۽ ڪالهه... رات مون اِهو سوچيو ته ڇو نه هن هفتي سنڌي ٻوليءَ جي اُن شاعر کي ياد ڪجي، جنهن لاءِ سڀ ڪجهه ”پرينءَ“ جو پيار ئي آهي (ياد رهي ته سائين اياز جي پُٽ جو نالو به ”پرين“ آهي)

جي تنهنجي پيار جو پاڇو انهيءَ تي ناهي ني!
هي زندگي ته رڳو رُڃَ، رُڃَ آهي ني!
پري جو آهيون ته ڄڻ، درد جي سفر ۾ هئون
ٻنهي کي وقت پيو ڳاههَ وانگي ڳاهي ني!
سڄي حياتي جنين رات ۾ گُذاري آ
ڪڏهن ته ڪوئي، انهن تي به ڏينهن لاهي ني!
وِصال پنهنجو مقدر به ٿي سگهي ٿو پر
سوال آهي اهو، هوءَ ڀي ته چاهي ني!

گرمين جي حوالي سان مشهور شهر ”سکر“ ۾ پيدا ٿيندڙ اياز گل جي طبيعت بلڪل ”گُل“ جهڙي آهي. وڏي ڳالهه ته مهان ڪويءَ شيخ اياز جي ”سالگرهه“ به هن ئي مهيني جي شروعاتي تاريخ ۾ آهي. ائين کڻي چئون ته مارچ مهينو اسان جي ”ادبي استادن/ مرشدن جو مهينو آهي ته ان ۾ ڪو حرجُ ناهي. شيخ اياز جي شاعريءَ جو تسلسل اياز گل به آهي، جنهن هن مهل تائين سنڌي ادب کي شاهوڪار شاعري ڏني آهي. پنهنجي پهرين شعري مجموعي ”سوچون سرها گل“ کان ويندي.... ”ڏک جي نه پڄاڻي آ“ اياز گل جيڪو پورهيو ڪيو آهي، اهو سڄو پورهيو، پيار جو پورهيو آهي.... ۽ هاڻ.... اُهو پيار جو پورهيو سائين اياز ”ميلي جي تنهائي“ تائين اچي پهچايو آهي. اسان جون اکيون ”ميلي جي تنهائي“ لاءِ منتظر آهن.
اوهان کان پري ڀي نهاري سگهان ٿو!
مان اهڙيون اکيون، ڪيئن ڌاري سگهان ٿو!
ڀلي مان حسابن ۾ ڪمزور پوءِ ڀي
سندءِ مهربانيون شماري سگهان ٿو!
نئون نانءُ دل تي، لکان ڪيئن ٻيو ڪو؟
ٻريل کي وري ڪيئن ٻاري سگهان ٿو؟


۽ سائين اياز جي سالگرهه جي ڪيڪ تي ”ميڻ بتيون“ نه پر اسان جون ”نينهن بتيون“ ٻرنديون. ڇاڪاڻ ته سائين اياز جي شاعريءَ جون پاڙون، هن ڌرتيءَ ۾ کتل آهن.

پري ٿي سگهان ٿو، سڀن موسمن کان
مگر ڪيئن ڌرتي ڌُتاري سگهان ٿو

سو ڌرتيءَ جي هن دادلي شاعر لاءِ ڪالم جي ڪلائيمڪس..... ۾ به ايترو چوندس ته، ”سائين! هيپي برٿ ڊي!!“
روزانه عبرت تان ورتل
شاعري
منهنجي ڌرتي وارا اڄ ڀي
سانجهي ويلَ سويرا ڳولن
سنڌڙي سورج آهي جنهن کي
سوَ سوَ گهور انڌيرا ڳولن
آ چاهيان ٿو سي چُمن جيڪي
سنڌ جي سڪ جا حوالا نيڻ
ڪالھه هڪڙو ئي هٿ کڄيل هو اڄ
هڪ، ٻه، سئو، هزارَ ٿيندا وڃن
سنڌ جو ڪرين ٿو سودو!
تنهن کان ته خودڪشي ڪر
ٿورو تون جاڳُ ۽ پو
جيئڻ جي خاطري ڪر
اسان ھجون نه ھجون
شل اوھانکي ياد ھجون
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
وقت ڪيا ويرانا ماڻهو
تنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو
توکي ارپڻ آيا آهن
لڙڪ کڻي نذرانا ماڻهو
مان جو اڄڪلهه هيکل آهيان
جوڙن ٿا افسانا ماڻهو
منهنجو هُو هڪڙو ڀي ناهي
تنهنجا سڀ زمانا ماڻهو
وڇڙي ويندا جي وڇڙڻ جا
ڳولن روز بهانا ماڻهو
ڪهڙا جڳ سان ليکا ڪرڻا
يار اسان مستانا ماڻهو
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
توکان ٿيندي ڌار، کِلندي کِلندي يار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔
تنهنجي پويان ڪير اسان جي، سپرين لهندو سار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔
ساهه ۾ تنهنجي ساهن جي، اڃان به آ مهڪار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔
رات کُٽي ۽ باک ڦٽي پيئي، جنهن پل ويڙهيئي وار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔
پاڻيء تي ڄڻ ليڪا هئا، تنهنجا قول قرار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔
وري ملڻ جي مهل وري، شال هينئين جا هار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
اُجاڙ گهرَ جي ڪَٻٽَ جو، ڪتابُ ٿي ويندين
جي خوابَ ڏِسندين نه پيارا ! ته خوابُ ٿي ويندين
سدائين بند رهين جي، کُلين نه ڪنهن آڏو
پئي پئي ئي ائين تون خراب ٿي ويندين !
نه ڪنهن جي جاڳَ ۾ هوندين، نه ڪنهن جي سپني ۾
اگر ائين ئي ڏُکيو ڪو نصاب ٿي ويندين
هي جيڪي پيرَ کنيا ٿي نه !، پيارَ ڏي اَڄڪلهه
ڳڀا ڳڀا تون مٺا ! بي حساب ٿي ويندين
وطن جو نانءُ گهڻو ئي وتئه، ڪيئي ڪجھه نه
ائين ڪندو جي رهين، مهڻي ــ هاب ٿي ويندين
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
هزارين گهرَ جو اُجاڙي ٿي خودڪشي اَڄڪلهه
مِرُون ڀي ڪين ٿيڻ چاهي آدمي اَڄڪلهه
کِڙي ٿو چَنڊُ ۽ سورجُ به روزُ نِڪري ٿو
مگر ٿئي ئي نٿي پوءِ به روشني اَڄڪلهه
کُلي به روئجي ته پَڇتاءُ، گهٽِ ٿئي ئي نٿو !
کِلي به ڪين ٿئي ٿي، دِلي خوشي اَڄڪلهه
شهرَ ۾، ڳوٺَ ۾، واهڻَ ۾، هُوءَ ملي ئي نٿي
ڪٿي ڪٿي نٿو ڳوليان مان، زندگي اَڄڪلهه
اسان، اوهان کي ائين ڀي ڪڏهن وَڻيا آهيون ؟
نٿي وَڻي جي، مڙيئي خير شاعري اَڄڪلهه
سدائين پيرَ ڪڍڻ جو ئي ڊَپُ رهي هر دَم
اها به ڪهڙي ڀلا آهي دوستي اڄڪلهه ؟
اسان کي ڪهڙي پئي آ، جو سچُ ڳالهايون !؟
سُڪونَ سان ٿا ڪيون پاڻَ، نوڪري اَڄڪلهه