Thursday 8 November 2018

”سر ڪلياڻ“ اول الله عليم



فقير حاجن نظاماڻي
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام ۾ اسان وٽ هڪ رستو موجود آهي، پر افسوس اهو آهي ته اسان ان راهه ڏانهن گامزن نه ٿا ٿيڻ چاهيون. صرف چند روحاني رمزن کان واقفڪار ٿي اُتي ئي موجود آهيون. باقي گهڻائي وارو تعداد اڃان تائين سائين جي ڪلام تي عمل آزمائي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. ڪجهه اتفاق انهيءَ ڳالهه جو ٿيو آهي ته سائين جي سُر ڪلياڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ڪلياڻ لفظ ڪهڙي ٻولي جو آهي؟ ڪهڙي راڳڻي آهي؟ مونکي حيرانگي وڪوڙي وئي، اسان سنڌي سڏائيندڙ سڀ جا سڀ لطيفي سڏايون ٿا، پر اسان جي فڪري سوچ ڪيتري نه ڪمزور ٿي وئي آهي ڇا؟ جو اسان سائين جي پاڪ سنيهي کي سمجهڻ ۾ غافل رهون ٿا. پر هر جڳهه تي به ائين ناهي، ڪي ڪاپڙي ڪي سامونڊي ڪي جوڳي ڪي عاشق لطيف اڃان تائين موجود آهن. جن جي تلفظ جي انداز مان ئي مفهوم ئي معنيٰ چٽي نڪرندي آهي. ڪلياڻ سنسڪرت ٻولي مان نڪتل لفظ آهي جنهن جي معنيٰ سُک ۽ اندر وارو امن آهي. ڪلياڻ هڪ راڳ آهي جنهن جو تعلق ديپڪ راڳ جي اٺن پٽن مان هڪ آهي. هن سُر ڪلياڻ کي سنجهي يا فجر جو ڳائبو، پر لطيفي راڳي فقير سُر ڪلياڻ کي عشاءَ کانپوءِ ڳائيندا آهن. ياد رهي ته جيڪڏهن راڳي فقير سُر پورب آلاپيندا ته اهو سُر ڪلياڻ کان اڳ آلاپيندا آهن. سُر ڪلياڻ مرشد سائين جي رسالي ۾ پهرين رکيو ويو آهي پر مرشد سرڪار جي گنج ۾ پهريون سُر سسئي آهي. جڏهن کان سائين جا رسالا ترتيب ڏيڻ شروع ڪيا ويا آهن تڏهن کان عوام انهيءَ مونجهارن ۾ ڦاٿل آهي. مرشد سائين هادي جي سُر ڪلياڻ ۾ ٽوٽل 3 (ٽي) داستان آهن. 6 ڇهه وايون ۽ 98 بيت آهن.
هي اهو تعداد آهي جيڪو ڌڻي جي در تي ڳايو ويندو آهي. پر هي تعداد ترتيب ڏيندڙن گهٽ وڌ به ڪيو آهي. اهو بحث الڳ آهي. لطيفي تند جي تنوار سان هي سُر ضرب سان شروع ٿيندو آهي. مرشد پاڪ جو هي لافاني آسماني پيغام هر عام و خاص تائين پهچي ٿو. مرشد سائين جو انداز بيان ٻين کان گهڻو مختلف آهي. اصل ۾ هي ڪلياڻ جو راڳ ڪلاسيڪل راڳ سان ملندڙ ته ضرور آهي پر ان جي قيد ويند ۾ بلڪل ناهي. هن راڳ کي لطيفي ڪلياڻ ڪري چئجي ته بهتر رهندو.
اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهه قديم،
والي واحد وحده رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.
سائين جن فرمايو آهي ته اول يعني سڀ کان پهرين به مالڪ هو. الله پاڻ ڌڻي آهي، هو سڀ کان اعليٰ ۽ افضل آهي. قادر يعني هر شيءِ مٿان قدرت رکندڙ ڌڻي آهي. هو پنهنجي قدرت ۾ سڀ کان اول قديم آهي. هو والي ۽ واحد هڪ ئي، راز جو رکوالو به پاڻ ڌڻي آهي. انهيءَ پاڪ رب جي ساراهه ڪريو، سچو ڌڻي آهي، ۽ حڪم رکڻ وارو آهي. ڪريم پاڻ هر ڪم ڪري ٿو، انهيءَ جي جوڙيل هي ڪائنات آهي، هي بيت الله تعاليٰ جي توحيد ۽ وحدانيت جو واضع ثبوت آهي ۽ هن بيت جي مُشابهت سورة الفاتح الحمد شريف سان ملي ٿي جنهن ۾ رب پاڪ پنهنجي ڪتاب ۾ فرمائي ٿو ته الحمدلله يعني سڀ تعريفون انهيءَ ڪريم رب لاءِ، سرڪار مرشد سائين جي بيت جي معنيٰ به انهيءَ ڳالهه مان نڪتل آهي. جيڪو رب پاڪ بابت هي سُر ڪلياڻ ۾ فرمايو آهي.
جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين
خاوند خاص خلقي، محمد صه مُڪائين
ڪلمون تنهن ڪريم تي، چٽو چيائين
انا مولائک وا انت محبوبي ائين اُتائين
لکي ڏنائين ٻئي سرايون سيد چئي
سائين فرمايو ته جڏهن مالڪ پاڻ ڪن فيڪون جو لفظ فرمايو ته هي ڪائنات جو وجود ۾ آئي. ان وقت هن ڪائنات جو والي حضرت محمد صه مقرر ڪيو ويو ۽ انهيءَ ڪريم تي ڪلمون ظاهر به ظاهر پڙهيو ۽ پنهنجو محبوب ڪري موڪليو ويو. لکي ڏنائين يعني دنيا ٺاهي جوڙي تيار ڪري، ٻئي پاسا يا طرف ان حوالي ڪيا ويا. وحدت جي ڳالهه ۾ انتهائي هڪ راز سمايل آهي، جيڪو به انهيءَ راهه حق جو مسافر هوندو اهو انهيءَ ڳالهه کان ضرور واقف هوندو ته هي بيت شاهه سائين ڪهڙي ريت فرمايو آهي هن بيت جي گهرائي هيٺين بيت ۾ پڻ شامل آهي.
وحده لاشريک لہ، چئو چوندو آءُ،
فرض واجب سنتون، تئيون ترڪ ۾ پاءَ
توبه سندي تسبيح، پڙهي ساءِ پچا
ننگا پنهنجي نفس کي، سنئين راهه سنهاءَ
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي
سائين جن جو فرمان هڪ تلخ هدايت جهڙو آهي، جيڪا هڪ اڻ واقف لاءِ هوندي آهي، جيڪا هڪ پاڪ ڌڻي کي هڪ ڪري مڃي فرض، واجب ۽ سنتن کان منهن نه موڙي ۽ ان سان گڏ توبه جي تسبيح به پڙهندو رهي ته بهتر ٿيندو. انهيءَ سلوڪ جي راهه کي اختيار ڪرڻ سان بندو حقيقي رستي تي پهچي سگهي ٿو. هڪ ڳالهه سپرين جي ڏسيل آهي، هن ڳالهه کي هنئين سان هنڊاءِ ته دوزخ جي عذاب کان نجات ملندي، هن بيت ۾ نه رڳو سمجهاڻي آهي پر هن جي انساني فڪري سوچ جي حد به مقرر ڪئي وئي آهي. هن رستي ۾ شريعت، طريقت، حقيقت معرفت جو چٽو سبق ڏنل آهي.
وحده لاشريک لہ، جان ٿو چئين ائين
تان مڃ محمد صه ڪارڻي، نر تون منجهان نينهن
تان تون وڃيو ڪيئن، نائين سر ٻين کي
هي اعليٰ فڪري سوچ جو مرڪز به انتهائي اونهون ۽ افضل آهي. سائين جن فرمايو ته جيڪڏهن تون الله کي وحده لاشريڪ لہ ڪري مڃين ٿو ته حضرت محمد صه ڪارڻي کي عشق ڪري مڃ، جيڪڏهن تون انهيءَ راهه تي گامزن آهين ته توکي در در وڃڻ جي ضرورت ڪابه ڪانهي. لطيفي موج جو انداز لطيف آهي، اسان جي سوچ ۾ هڪ انتهائي ڪمي آهي ته اسان پنهنجي سوچ کي لطيفي فڪر سان ڀيٽيون ٿا. اسان جي عقل جو اهڙو مقام آهي جو سرڪار جي انهيءَ آفاقي ۽ لافاني سوچ سان ڀيٽي سگهون. جيڪڏهن ترقي يافته ملڪ کي لطيفي فڪر ڏنو وڃي ۽ انهن کي تحقيق جي اجازت ڏني وڃي ته اسان جون اکيون کلي وينديون.
هن فڪر ۾ اوهان کي سائنسي علم، آسماني علم، روحاني علم دنيا ۾ رهڻ ڪرڻ جا قائدا، اول، آخر جون ڳالهيون ۽ ٻيا بيشمار فائدا ملي وڃن ٿا. ڪيئي انسان هن روحاني علم مان فائدو پرائي ويا آهن، ڪي ته صرف رڳو عام هڪ ٻه اکرن جي ڀيٽا ڪرڻ ۾ پورا آهن. لطيفي فڪر ڪنهن عام جي سوچ کان تمام پري ويڙهو وسايو آهي. هنن بيتن تي ڪيئي ماڻهو تجربا ڪري ويا، ڪي ڪن پيا ڪيئي اڃان به ڪندا، هنن اکرن کي هنن بيتن ۾ نه هئڻ گهرجي جون به ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون.
وحده لاشريک لہ، جن اُتو سين ايمان،
تن مڃيو محمد صه ڪارڻي، قلب سان ايمان،
او فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اوليا
يا
اوتڙ ڪنهن نه اوليا، ستڙ ويا سالم
هيڪائي هيڪ ٿيا، اُچيو سين عالم
بي بها بالم، آگي ڪيا اڳهين
سائين فرمايو ته هو اوتڙ يعني غلط راهه تي ڪو نه ويا هو سُتڙ ئي سالم رهيا. يعني هي سُتا ئي ڪونه ننڊ عبادت ان جي هو هيڪڙائي ۾ هڪ ٿي ويا احد سان عالم بي بها بالم انهن کي آگي اڳتي سڌي راهه تي آڻي ڇڏيو. ۽ انهيءَ راهه تي قائم ۽ دائم رهيا.
آگي ڪيا اڳهين، نسورو ئي نور
لا خوف عليهم، ولاهم يحزنون سچن ڪونهي سور
موبي ڪيو معمور، انگ ازل ۾ ان جو
فقير سائين جن جو فرمان آهي ته جيڪي انهيءَ راهه تي اچي ويا، نور ئي نور واري رستي تي اچي ويا. انهن کي ڪو به خوف ڪونهي ڪو، هميشه سڄڻ کي ڪو به سور ڪو نه هوندو آهي، جيڪو مالڪ انهن جو انگ لکيو آهي انهيءَ تي هو خوش آهن، جيڪو انگ ازل جو لکيل آهي. فقراءَ جي اها به هڪ سڃاڻپ آهي ته هو هميشه لاخوف هوندا آهن، هو صرف پنهنجي ڳالهه ۾ گم رهندا آهن.
وحده جي وڍيا، الا الله سي اورين
هنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورين
معرفت جي ماٺ سين ڏيساندر ڏورين
سُک نه ستا ڪڏهن، ويهي نه ووڙين
ڪلهنئون ڪرين، عاشق عبداللطيف چئي
سائين جن فرمايو جيڪي وحده جي وڍ ۾ اچي ويندا آهن، اهي لا الله اورين ٿا، هنيون انهن جو حقيقت ۾ مبتلا هوندو آهي، طريقت ۾ تورين يعني انهيءَ راهه ۾ رهن ٿا، معرفت جي مان سان ڏيساندر ڏورين ٿا. هو ڪڏهن به سُک نه ٿا سمهن، عاشق هميشه سر جو سانگو لاهي ويهن ٿا. توحيد جي طالب کي هي سمجهاڻي مليل آهي، هي لطيفي بيت قرآن پاڪ جي هدايت وانگر آهي، الله جو پاڪ ڪتاب هدايت متقين کي ڏئي ٿو. مومن سان ڳالهائي، نادان کي نصيحت ڪري ٿو ۽ ان کي خوف به ڏئي ٿو، لطيفي فڪر به توحيد جي طالب کي حقيقي راهه ٻڌائي ٿو، اسان جو انساني عقل اڃان تائين قرآن پاڪ جي علم کي به مڪمل پرکي نه سگهيو آهي ۽ لطيفي فڪر کي به پرکي نه سگهيو آهي.
اڃان انساني سوچ ۾ اڀار ايندو، انساني سوچ اڃان ترقي ڪندي، لطيفي فڪر تي ڳالهائبو، اڃان هن روحاني راهه تي تمام گهڻو ڪم ٿيڻو آهي. هن لطيفي اداري جو ڪو به خاص بنياد نه پيو آهي. جيڪڏهن ڪي ادارا  آهن سي به ماڳ ۽ مڪان ڳولهي لهن ٿا. آهي ڪو مرد مجاهد جيڪو لطيفي فڪر تي ڪو ادارو قائم ڪري اڄ جي جهالت واري دور ۾ لطيفي ڏيئي جي روشني مئل دلين تي، سُتلن ضميرن تي وجهي ته جيئن جو هو روشن ٿي پون. هڪ هڪ بيت رهنمائي لاءِ تيار آهي هڪ هڪ بيت تي عمل ڪرڻ سان اول آخر، ظاهر باطن زندگي سنواري سگهجي ٿي. پنهنجي لطيفي فڪر کي جامع ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جي همٿ افزائي ڪرڻ اسان سڀني جو اخلاقي فرض به آهي ۽ اسان سڀني جي نجات جو سبب پڻ آهي. هڪ هڪ بيت تي ڪيئي ڪتاب لکجي سگهجن ٿا، هڪ هڪ تي عمل ڪرڻ سان ڪيترا ڀٽيڪل انسان سڌي راهه تي اچي سگهن ٿا.
وحده لاشريک لہ، هي هيڪڙائي حق
ٻيائي کي ٻَک، جن وڌو سي ورسياءِ
سائين جن جو فرمان آهي ته مالڪ جو ڪو به مٽ ثاني ناهي هو وحده لاشريڪ آهي اصل ۾ هيڪڙائي جو حق به اهو ئي آهي. جنهن ٻيائي ڪئي، يعني مالڪ سان ڪجهه ٻيو شريڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو، ورسي پوندو لٽڪي پوندو. مالڪ جي وحدانيت جو ڪو به مثل ۽ مٽ نه آهي. الله بس هڪ ئي آهي. توحيد جي شاگرد کي پهرين انهيءَ باب بابت ڄاڻ ڏني ويندي آهي ته هو انهيءَ ڳالهه تي قائم رهي ته هو اڳتي سلوڪ جي رستي هلي نه سگهندو.

 (روزاني عبرت 8 نومبر 2018ع)