Friday, 26 October 2018

شاهه سائين جي ڪلام جي انفراديت.


شفيق الرحمان شاڪر
شاعري ادب جي اهڙي صنف آهي جيڪا سدائين ڪائنات جي رازن تان پردو کڻڻ جي جستجو ۾ رهندي آئي آهي.انسان ٻاهر جي دنيا جي حوالي سان جيڪو به مشاهدو ڪري ٿو جيستائين ان کي اندر جي اک سان به محسوس نٿو ڪري سندس سڀ جستجو ۽ تلاش اڌوري رهجيو وڃي. ڪنفيوشس، ڪبير،ٽيگور،وليم بليڪ،وليم وڊز ورٿ،سچل سرمست ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائيء جي حوالي سان ڪيل کوجنا من جي عرفان جو عڪس آهي.سوچ ۽ احساس جي ايڪتا سان تصوراتي ترتيب،ڪنهن ڪامل تخليق جو روپ اختيار ڪري ٿي.
شاهه عبدللطيف ڀٽائي رحه جي سوچن جي اڏام دنيا جي ٻئي هر شاعر کان مختلف نظر اچي ٿي. شاهه صاحب جي منفرد محقق ايڇ ٽي سورلي،شاهه کي اولهه جي ٻين شاعرن کان يڪتا قرار ڏنو آهي سورلي جي نظر ۾ شاهه جي شاعريء ۾ ڇانئيل تاثر مذهبي تصوف آهي.ان کي نه ته مڪمل عاشقاڻي تصور ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو ۽ نه ئي رڳو مفڪراڻو تصوف قرار ڏيئي سگھجي ٿو.توڙي جو پوري رسالي ۾ صوفياڻي عشق جي فضا ئي ڇانئيل نظر اچي ٿي پر ان جي بنياد ۾مذهب جي اونها ئي موجود آهي.سورلي جو چوڻ آهي ته انگريزي شاعريء جي مثالن جو مقصد هي ٻڌائڻ آهي ته رسالي جو پيغام ڪيتري حد تائين خاص قسم جي انگريز شاعرن جي پيغام سان هڪجهڙائي رکي ٿو يا نه؟ شاهه جي شاعريء ۾ عاشقاڻي تصوف جو وهڪرو آهي جيڪو ”شيلي برائوننگ“ جي عاشقاڻي تصوف سان ملندڙ جلندڙ آهي، ” بليڪ“ جي جھنگلي مذهبي توانائيء جو ڪجهه رنگ به منجهس نظر اچي ٿو ۽ ”واٽس“ ۽ ” ڪراشا“ جو سادو انساني آدرش به ملي ٿو.
اصل ۾ اسلام ۽ عيسائيت ٻنهي مذهبن ۾ تصوف نهايت ئي منجھيل ۽ مبهم فلسفو رهيو آهي ۽ مختلف مرحلن ۾ ايترو ته هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهي جو ٻنهي ۾ انهن اثرن ۽ محرڪن کي ڳولهي سگھجي ٿو جن جي سنگم سان اهو فلسفو تيار ٿيو آهي.اها حقيقت آهي ته جرمن ۽ انگريز فيلسوفن  جن شاهه لطيف کي دنيا جي سامهون متعارف ڪرايو تن ۾ ”ارنيسٽ ٽرمپ“ جو نالو اڳيان اڳيان آهي.ٽرمپ 1866ع ۾ شاهه جو رسالو منظر عام تي آندو.ان کان سواء ” اين ميري شمل“ جون اسلام ۽ صوفي ازم جي حوالي سان ڪيل خدمتون تحسين جي لائق آهن.هن مولانا رومي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيء جي فن ۽ فڪر تي ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا.”ايلسا قاضي“ به جرمن فلاسافر ۽ مفڪر آهي جنهن شاهه جي شاعريء جو انگريزيء ۾ ترجمو ڪيو.اهو ترجمو بنيادي مرڪزي خيال جي ويجھو آهي ۽ نهايت خوبصورتيء سان ڪيو ويو آهي.سچ اهو آهي ته روميء کي انگريزيء جا بهترين ترجمو ڪندڙ مليا جنهن ڪري رومي اڄ يورپ ۾ گھڻو مقبول صوفي شاعر آهي.لطيف سائين به روميء جي حسن نظر جا ايڏا قائل هئا جو قرآن مجيد سان گڏوگڏ مثنوي مولانا رومي به هروقت پاڻ سان گڏ رکندا هئا ۽ سندس شاعريء ۾ ڪيترين ئي جڳهين تي مولانا روميء جو ذڪر ڪيو اٿن.شاهه لطيف ۽ روميء جي شاعريء جو بنيادي خيال پاڻ ۾ ملندڙ جلندڙ ۽ هڪ ٻئي جي گھڻو ويجھو هئڻ باوجود به اظهار ۽ بيان جا رستا منفرد ۽ الڳ آهن.رومي طبعي زندگيء کان بلند ۽ بالا جڳهه تي بيهي ڪري زندگيء جو نظارو ڪندي نظر اچي ٿو،توڙي جو ڪيف ۽ سرور،وجد، بي خودي ۽ سرمستيء ۾ رومي طبعي زندگيء جي سمورن سوادن ۽ ذائقن کان واقف نظر اچي ٿو.اظهار جا اهي رستا روح ۾ جسم جي موجودگيء جو پتو لڳائين ٿا جڏهن ته شاهه صاحب جسم جي دروازي مان گذري روحاني منزلن تائين پهچ حاصل ڪري ٿو.روزمرهه جي زندگيء جو مشاهدو جنهن ڪمال جي حد تائين شاهه صاحب جي شاعريء ۾ ملي ٿو اها جھلڪ شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر جي سوچ ۾ نظر ايندي هجي.گلن،وڻن،پکين،جانورن،ٻيٽن،رڻن ۽ ريگستانن، ٻنين،ڍنڍن ڍورن،برن ۽ بحرن جو ذڪر سندس شاعريء ۾ جنهن خوبصورت انداز سان ملي ٿو ۽ انساني زندگيء سان انهن شين جي ڳانڍاپي کي جنهن خوبصورت تمثيلي انداز سان بيان ڪيو ويو آهي اها خوبي شاهه صاحب جي ڪلام کي ٻين شاعرن کان منفرد بڻائي ٿي.شاهه لطيف انهن صوفين جيان نه هئا جيڪي دنيا تياڳي دنيا کان بلڪل بي تعلق ٿي وڃن ٿا بلڪه شاهه صاحب جي شاعري اهو پتو ڌئي ٿي سندن رابطو وقت جي هر لمحي سان فعال ۽ ڳنڍيل هو.سندن روزمرهه جي زندگيء جو مشاهدو ڪمال درجي جو هو.ڪائنات جي حسن کي ڏسي ڪائنات جي خالق تائين پهچڻ جي رستي جو سفر، مشاهدي جي حيران ڪندڙ نتيجن سان سينگاريل نظر اچي ٿو.
پاڻ    ئي      جل    جلاله.   پاڻ  ئي   جان    جمال،
پاڻ ئي صورت پرينء جي،پاڻ ئي حسن ڪمال،
سڀ   سڀوئي    حال،     منجهان   ئي    معلوم ٿئي.
ڪائنات جا راز پاڻهي صوفيء جي من ۾ منڪشف ٿين ٿا جڏهن ته سائنس لاڳيتو ان راز جي کوجنا ۾ مصروف رهندي ٿي اچي. شاه لطيف جي شاعري وحدت ۽ ڪثرت جو خوبصورت سنگم آهي. سائنس ٻڌائي ته انساني خليي يا سيل جو مرڪز ئي زندگيء جو مرڪز آهي جنهن جو بنياد امائنو ايسڊ سان پيو.ڊي اين اي امائنو ايسڊ سان ئي جڙيل آهي جيڪو ڪروموسوم جوڙي ٿو.ايمونو ايسڊ پروٽين جو ايڪو آهي،زمين جيو گھرڙي جو ظهور امائنو ايسڊ ذريعي ئي ممڪن بڻيو جنهن ملي ڪري مرڪز بڻايو ۽ ان نيوڪلس يا مرڪز سان ئي جيوگھرڙي کي وجود مليو.هڪ نظريي مطابق پاڻي ۽ امائنو ايسڊ زمين تي ڪنهن پڇڙ تاري ذريعي پهتا.زمين تي ڪرندڙ اسٽار ڊسٽ ۾ امائنو ايسڊ  جا آثار مليا آهن.ڪنهن ڪيميائي ماهر جي چوڻ مطابق؛ ” هڪ مقرر ٿيل سانچو آهي جيڪو هر جڳهه تي استعمال ٿي رهيو آهي،ڪنهن ڏينهن اهو به معلوم ٿي ويندو ته اها قوت ڪهڙيء طرح هڪ هنڌ جمع ڪئي ويئي آهي جنهن مان مادي جا ڍير تيار ڪيا وڃن ٿا.“

حقيقت اها آهي ته هڪ منظم قوت هن ڪائنات ۾ سفر ڪري رهي آهي جنهن هر شيء کي پنهن جي مرڪز جو پابند ڪري رکيو آهي.شين جي وچ ۾ معيار ۽ مقدار جي گھٽ وڌائي يا توازن سان تشريح جو انداز بدلجي وڃي ٿو.اها منظم قوت انسان جي اندر ذهن جي صورت ۾ موجود آهي.ذهن جيڪو قدرت جي ڪرشماتي تخليق آهي پر ان کي انتشار کان مرڪزيت طرف آڻڻو ٿو پوي ۽ اهو مرڪز انسان جو شعور آهي جڏهن ته لاشعور وري روحانيت جو مرڪز آهي.لاشعور ۾ لامحدوديت جنون جو سبب بڻجي ٿي ان ڪري شعور سان رابطو موجود لمحي جو ادراڪ بخشي ٿو.ان نقطي کي ذهن ۾ رکي جيڪر شاهه صاحب جي ڪلام جو مطالعو ڪبو ته ڪيتريون ئي لڪيل ۽ نيون حقيقتون  نڪري نروار ٿينديونن وينديون ۽ زندگيء جي ڪيترن ئي منجھيل مامرن تران پردو کڄندو ويندو.
(روزاني عوامي اواز 22 آڪٽوبر 2018ع)

Thursday, 18 October 2018

هنجن ڏي هيڪار،جي ڳڻ ڪري نهارئين.



شفيق الرحمان شاڪر
سهڻو لطيف ٿو فرمائي ته
“ هنجن ڏي هيڪار جي ڳڻ ڪري نهارئين،
ٻگھن سان ٻيهار، هوند ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهن.”
لطيف سائينء جو بنيادي طور تي مخاطب هر انسان آهي.هو انسان کي هن ڪائنات جي جنهن اعليٰ،اشرف،شاندار ۽ عزت ڀرئي مقام تي فائز ڏسڻ گھري ٿو انهيء منزل جو رستو نهايت ئي سادي،آسان ۽ مثالي انداز ۾ اهڙو ته چٽو ڪري ٿو جو ان رستي جي پانڌيئڙن  جي ذهن ۾ ڪو وهم گمان، مونجھارو ۽ دل ۾ ڪو وسوسو باقي نه رهي.سندس شاعريء ۾ هي جو مثالن واريون سمجھاڻيون موجود ملن ٿيون انهن جو مقصد به اهو آهي ته ڳالهه کي اهڙو ته آسان ۽چٽو ڪري پيش ڪجي جو گھٽ کان گھٽ عقل رکندڙ انسان به آسانيء سان اهي عظيم  راز ۽ رمزون سمجھي سگھي.
هنج يا هنجهه هڪ پکي آهي جنهن کي اردو ۽ هنديء ۾ “هنس” چيو ويندو آهي سو شاهه صاحب لاء نهايت ئي مثالي ، وڻندڙ ،عمدو ۽ سهڻوپکي رهيو آهي.سهڻا پکي ته ٻيا به کوڙ آهن پر هنج جون ڪجهه عادتون،خصلتون ۽ فطرت اهڙي ته وڻندڙ  ۽ اعليٰ آهي جيڪا هن کي ٻين پکين تي فضيلت ۽ برتري بخشي ٿي.ڇا هنج پکيء جي سونهن هن کي ٻين پکين کان منفرد ۽ مختلف بڻائي ٿي؟پر انهيء کان اڳ ان سوال جو وجواب ڳولهڻو پوندو ته آخر سونهن آهي ڇا؟سراسري طور تي ان جو عام جواب ته اهو ئي ٿي سگھي ٿو ته جيڪا شيء دل کي وڻي ۽ من کي موهي ۽ نظر کي سهڻي لڳي سا سونهن آهي ته پوء شاهه سائينء جي هن شعر جو ڪهڙو مطلب ورتو وڃي ته
“ صورت گھڻا سهڻا،ٽاڻا سندن ٽوهه،
ريلو ڏيئي روح، جو کائي سو کامي مري.”
يعني ڪيترائي انسان  صورت ۾ اهڙا سهڻا آهن جهڙا ٽوهه سهڻا هوندا آهن پر سندن ٽاڻا يعني خصلتون  ٽوهه جي ڪوڙاڻ ۽ زهر جهڙيون هونديون آهن.جيڪر ٽوهن جي ان ظاهري سونهن سوڀيا تي ڪنهنجو من هرکجي ۽ هو هن مان ذرو چکي ويهي ته ان جي زهر جهڙي ذائقي کان سڙي ۽ کامي وڃي.ته چئبو ته شاهه سائين ظاهري صورت ۽ ڏيک ويک سان سونهن کي نٿو ڳنڍي جو سونهن ڪنهن شيء جي طبعي خاصيتن سان نه پر سندس ڪيميائي خاصيتن سان تعلق رکي ٿي.ايئن کڻي چئجي ته سونهن ڪا جسماني نه پر روحاني شيء آهي.هاڻي اچو پهرئين بيت طرف ته  شاهه سائين انسان کي هنجن جون خصلتون اختيار ڪرڻ ۽ ٻگھن جي خصلتن کان پاڻ کي بچائڻ جي تلقين ڪري ٿو.ٻگھه به هڪڙو پکي آهي جنهن جي فطرت ۽ طبيعت ۾ گندگي ۽ غلاظت سان محبت ۽ چاهت ڀريل آهي.اهو سدائين ڪني پاڻيء ۾ ئي ويهڻ پسند ڪندو آهي ۽ سندس کاڌو پيتو به گندگي ۽ غلاظت آهي.جڏهن ته ان جي ابتڙ هنج سدائين صاف پاڻيء ۾ ئي گھاريندو آهي ۽ گندگي يا غلاظت پسند نه ڪندو آهي.بک مرندي به اهو ڪنهن گندي خوراڪ يا ڪني پاڻيء طرف نهاري به نٿو.
“ پکي ٻيا مچن، هنجهه سدائين ڏٻرا،
ماريء سندي مامري، سدا رڃ رهن،
ستو لوڪ لطيف چئي،هو آڌيء اڏامن،
الا! ان    پکين، سر ۾ سک نه ماڻيو.”
ٻگھن سان ٻيلهه ٻڌڻ بدران هنجن جي صحبت ان ڪري ضروري آهي جو ٻيا پکي هر قسم جو گند ۽ غلاظت کائي مچي پون ٿا پر ويچارا هنجهه بکن سبب سدائين ڏٻرا ۽ ڪمزور رهن ٿا.آخر اها ڪهڙي ماجرا آهي  جو اهي کاڌي پيتي جي هنڌن تي رهڻ بدران رڃ جو سفر اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا؟ شاهه صاحب فرمائين ٿا ته انهن کي هروقت شڪاريء جو خوف رهي ٿو .هتي شڪاريء مان مراد انسان جو نفس يا شيطان آهي جيڪو هروقت انسان کي سڌي رستي تان ٿيڙڻ لاء سرگرم رهي ٿو.جڏهن سڄو لوڪ سمهي ننڊ جا مزا ماڻي ٿو ته اهي هنجهه آڌيء رات جو اٿي اڏامن ٿا.مطلب ته خدا جا اهي پيارا بندا جيڪي رات جو اٿي پنهنجي ڌڻيء کي ٻاڏائين ٿا،آهه ۽ زاري ڪن ٿا ۽ پنهنجن گناهن جي معافي گھرن ٿا،پنهنجي مالڪ سان دل جون ڳالهيون سلين ٿا.سو انهن پکين دنيا جي هن سر ۾ ڪڏهن به لاپرواهه ۽ غافل بڻجي نه گذاريو جنهن ڪري اهي هر وقت سکن بجاء ڏکن ۾ گذارين ٿا.
“ پاڻيء ۾ پونئرا پيا، چلڙ چڪ گھڻي،
ويا چت کڻي، تنهن سر مٿان هنجڙا.“
هنجهن جي فطرت رکندڙ انهن عظيم انسانن جڏهن اندر جي اکين سان دنيا جي دورنگيء جو نظارو ڪيو ته انهن ان جي اصل حقيقت ۽ سچائي ڳولي ورتي ته دنيا جي ان مها ساگر جي پاڻيء ۾ پونئرا پيل آهن ۽ انهيء ۾ چلڙ ۽ چڪڻ سواء ٻيو ڪجهه ناهي تڏهن کان انهن جي دنيا تان دل کڄي ويئي.جڏهن انهن دنيا جي حقيقت کي صحيح سڃاتو ته پوء
“ ڇڏي تانگهه طلب جي، لوچي لاڙهو ٿيا،
موتي جي مهراڻ جا، هنجهن هٿ ڪيا،
هلي هيڪ ٿيا، پکي ماڻڪ پاڻ ۾،. ”
جڏهن انهن جي دلين مان دنيا ۽ سندس فاني شين جو هوس ۽ حرص ختم ٿي ويو ته پوء اهي املهه ماڻڪن جي ڳولا ۽ طلب ۾ لڳي ويا ۽ محنت ڪري مهراڻ جا اهي موتي وڃي هٿ ڪيائون پوء وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي مطابق اهي انهن ماڻڪن سان ملي پاڻ ئي ماڻڪ بڻجي ويا.شاهه صاحب هنجن جي هڪ ٻي خصلت جو به ذڪر ڪري ٿو ته هنجهه سڀ جا سڀ اڇا اجرا ۽ صاف آهن،انهن ۾ ڪا ميرائي آهي ئي ڪانه،جنهن هنڌ تي ڪي گھڙيون گھاري وڃن ته سندن سڳنڌ سان اهو هنڌ ئي سرهو ٿيو وڃي.
“ هنجهه مڙوئي هنجهه، ميرو منجهن ناهه ڪو،
جت  رهن  سنجهه، سو  سر  ڪيائون   سرهو.”
سو اي انسان! ٻگهن جهڙن بد خصلت انسانن سان سنگت سجائي پنهنجي برباديء جو سامان نه جوڙ جو هنجن جو اهو شان ناهي جو ٻگھن سان ويهي بيلهه ٻڌن.
“ هنجن نه اهڙا پار، جيئن ٻيلي ٿين ٻگھن جا،
اٺئي  پهر  ان  کي،         ساڻيهه   جي سنڀار،
هيرو هنجهنئون ڌار، جيوري نه ٻي جات کي.”
هنجهن ۽ ٻگھن ۾  وڏو فرق اهو آهي جو هنجهن کي هر وقت پنهنجي اصل وطن يعني آخرت جي سار سنڀال ۽ يادگيري رهي ٿي  ۽ حقيقت اها آهي ته معرفت جو موتي هنجهن سواء پکين جي ٻي ڪنهن ذات جي حصي ۾ نٿو اچي.

Saturday, 22 September 2018

ڪيڏارو ۽ ڪربلا جو ڪرب.




شفيق الرحمان شاڪر
ڪربلا جنهن سان ڪرب يعني اذيت،درد،مصيبت ۽ بلا يعني آزمائش جو عجيب ۽ عظيم داستان سلهاڙيل آهي.جتي سچ ۽ ڪوڙ جو اهو تاريخي معرڪو پيش آيو جنهن ۾ هڪ طرف هٿين  خالي حسيني قافلو ته ٻئي طرف هٿيارن ۽ طاقت سان ليس يزيدي لشڪر پر پوء به حسينيت سر ڏيئي سرخرو ٿي ۽ يزيديت پنهنجي سموري ساز سامان هئڻ باوجود قيامت تائين منهن مٿو پٽيندي رهجي ويئي.شهادت جي اها سختي جيڪا امامن کي درپيش آئي سا هرڪنهنجي سمجھه ۽ شعور جي ڳالهه ناهي.رڳو رند ئي اهو راز پروڙي سگھن ٿا.
سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛
ذَرو ناهِ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ؛
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين.

سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛
رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.
عليءرضه جا شير جنهن شان سان مديني مان هن دردناڪ سفر تي روانا ٿيا سو شان سدائين سلامت رهندو.
چَنڊَ وِھاڻِئَ چَڙِهيا، مَلَّھ مَدِينِئان مِيرَ؛
اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛
عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
ها ڪربلا، هي ئي اهو ميدان آهي جتي امامن سان ظلم ۽ ستم جي انتها ٿيڻي هئي،پر سچ اهو آهي ته هي ئي اهو ميدان آهي جتي خاندان نبوت جي شجاعت،سخاوت،صبر،تحمل،دليري ۽ سرويچيء جا دلڪش منظر آسمان کي ڏسڻا هئا.
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون؛
جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون؛
مُنهُن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛
ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛
ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو.
هيء ڪهڙي ماجرا آهي جو جڳ جي ڪارڻي سرڪار ڪائنات صه جي اکڙين جا تارا،فاطمه رضه جي نيڻن جا ٺار ۽ عليء رضه جي جگر جا ٽڪرا ان عجيب بيوسي ۽ بيحسيء وارين حالتن جو نشانو بڻيا.سهڻو لطيف انهيء راز سان هنن لفظن ۾ پردو هٽائي ٿو ته
دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛
خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛
اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛
اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي.
اهي اونها اسرار دنيا جا طالب نه سمجھي سگھندا.انهن جو مثال ته ان ڳجھه جيان آهي جيڪا هر وقت ڍونڍ جي تلاش ۽ طلب ۾ در در جا ڌڪا کائيندي رهي ٿي، ڳجهه کي ڪهڙي خبر ته عقابي اڏام ڇا ٿيندي آهي؟شهبازن جو شان ڇا ٿيندو آهي؟جھونجھهارڪو جهان ڇا ٿيندو آهي؟سرفروشيء جو سرور ڇا ٿيندو آهي؟اهي جيڪي عشق جي اوچي منزل ماڻي ويٺا اهي محبوب جي محبت ۾ مرڻ لاء هر وقت کڙيون اڀيون ڪري اڳتي اچڻ لاء آتا رهن ٿا.
آيا، اُجارِين؛ تَنڪـ، تَرارِيُون تِـئُرا؛
سانگِــيُون سـائُن ھَٿَ ۾، ڪُلَھِنئُون نه لاھِينِ؛
اُڀا ئِي آھِينِ، مُھائِي مَرَڻَ تي.
رڪ جي راند ۾ مانجھين جو مرڪ ئي اهو آهي ته اهي موت سان اکيون اکين ۾ وجھي مرڪندي پنهنجو سر صدقي ڪري ڇڏين ٿا.
ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛
وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾.

گھوٽن ۽ گھوڙن جو پنهنجو جهان آهي.اهي ڪڏهن قيدن ۾ واڙيل ته ڪڏهن رڻ جي راهن تي نظر اچن ٿا.اهي دنيا جي پويان پنهنجو ايمان نٿا وڪڻن.ڪنهن طالم سامهون پنهنجي سسي نٿا نمائين،ڪنهن جابر سامهون حق جو ڪلمو چوڻ کان نٿا ڪنبن.خسيس دنيائي شين کي ته اهي پنهنجي جتيء جي نوڪ تي رکي ٺوڪر هڻن ٿا.

گھوڙَنِ ۽ گھوٽَنِ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا؛
ڪَڏَھِن مَنجِھ ڪـوٽَنِ، ڪَڏَھِن واھي رِڻَ جا.

الست جي جنهن جهان ۾ اها ريت هلي ٿي ته
'ڀَڳو' آئوُن نه چَوان؛ 'مارِيو'، ته وِسَھان؛
ڪانڌَ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندي سُونھان؛
ته پڻ لَڄَ مَران، جي ھُوَنِسِ پُٺِ ۾.
پر يزيديت جا وارثو! هڪڙي ڳالهه ياد رکو ته حسينيت سان ڦٽائي اوهان لاء ٻنهي جهانن ۾ امن ناهي،بچاء جي ڪا صورت ناهي،اوهين وڏي نقصان جو سودو ڪري ويٺا.

جھيڙو لاهِ، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سـيـن؛
سا نه پَسَـنـدين عِـيـدَ، جا ھُوندِي مِيرَ حُـسـيـنَ سـيـن..

پر اها ڪهڙي بهادري آهي جو معصومن کي پاڻيء ڍڪ نٿو ڏنو وڃي،اها ڪهڙي پهلواني آهي جو هٿين خالي ٻارڙن ۽ ضائفائن تي تراڙون سڌيون ڪيون ٿيون وڃن.ها اها ئي ڪربلا آهي،اتي ايئن ئي ٿيندو آهي.
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نه پِيارِينِ؛
اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَهزادا سارِينِ؛
نِڪِريو، نِهارِينِ؛ چَڙهُ، مِيرَ مُحمَّدَ عَرَبِي!
پر سورهين کي سوڀون تڏهن ئي نصيب ٿين ٿيون جڏهن اهي دل جا سڀ وهم وساري ايمان جي طاقت جو ديپ جلائين ٿا،انهن کي موت سامهون ڍالون ڍارڻ جي ڪا ڳڻتي نٿي رهي جو موت ته محبوب جي مشاهدي جو نالو آهي.
سُورِهَ! مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھمَ وِسارِ؛
ھَـڻُ ڀـالا، وِڙِهُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ؛
مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِـئين.
پوء آسمان اهو عجيب منظر به ڏسي ٿو جو

ڏاڙھِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ ته ڏاڙھُونءَ گُلَ جِئَن؛
چوڏِھِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، پِڙَ ۾ پا ڳَڙِياس؛
ميڙي ۾ مُحَمَّدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ؛
تَنھِن سُورِهَ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرِزا ٿِئي.
۽
ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادرِ ٿي ميڙِياسِ؛
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگِھياسِ؛
مِڙَئِي معافُ ڪَياسِ، خالقَ بَدِلي خُونَ جي.
انهيء سموري قضيي ۽ قصي جو اسرار ڪو سمجھي سگھي يا نه پر حقيقت اها آهي ته

جَنَّتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَليا فِردَوسَ ڏي؛
فانِي ٿِيا 'ف
ى اَللهَ' ۾، ھُوءِ سين ٿِيا ھُوءِ؛
رَبَّ! ڏيکارِئين رُوءِ، اُنِين جي اِحَسانَ سين!
باقي غم حسين ته ايمان جو حصو آهي،محبت جي تقاضا آهي،الفت جو اصول آهي،اهو غم ڪائناتي آهي،ڪائنات جو ذرو ذرو غم حسين سان آشنا آهي
حسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ؛
گَھرِ ماڙُھين، جَھنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ؛
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، ته لَڏِيو ھوتَ وَ‏ڃَنِ؛
اَلا! شَهزادَنِ، سوڀُون ڏِئين، سَچا ڌَڻِي!
(روزاني عوامي آواز 21 سيپٽيمبر 2018ع)


Wednesday, 11 July 2018

بک بري ديس جي!


(روزاني سنڌ ايڪسپريس 11 جولائي 2018ع)


Saturday, 7 July 2018

شاھ جي رسالي ۾سُر“سورٺ” جو فلسفو


استاد لغاري:
“سورٺ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي “صورت” ، “سُهڻي” ، “حَسين” ۽ “خوبصورت” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو معنوي ۽ حقيقي سُر آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب، راءِ ڏياچ جي مثالي ڪردار کي، يعني الله تعاليٰ جي نالي تي، سِر وڍي ڏيڻ جي حوالي سان، سَربُلند مڃيو آهي.
هڪ زماني ۾، جھوناڳڙھ پرڳڻي تي“راءِ ڏياچ” نالي، وڏو سخي سردار راڄ ڪندو هو.
جنهن جي سخا جي هاڪ ٻُڌي، ٻيا سردار پيا دل ۾ سڙندا هئا. سورٺ اُن سخي سردار راجا راءِ ڏياچ جي پَٽ راڻي هئي. پاڙيسري ملڪ جي راجا اَنيراءُ، هڪ چارڻ (منگتي) کي چيو ته جيڪڏهن تون راءِ ڏياچ جي سسيءَ ڌڙ کان ڌار ڪري، مون ڏانهن کڻي ايندين، ته تنهنجي منشا پوري ڪندس. اها ڳالھ ٻڌي، ٻيجل پنهنجو سُرندو سينگاري، جھوناڳڙھ ڏي راهي ٿيو.
چارڻ ٻنڌا چنگ کي ، جھُوڙا ۽ جھانئين ،
ڏُئلي  راوَڏياچ   جي ،   ڏُوران   ڏٺائين ،
راجا راءِ ڏياچ جي رنگ محل ٻاهران، اهڙيءَ چنگ چوريائين ۽ تند تنواريائين، جو بادشاھ بيخود ٿي ويو ۽ ٻيجل کي پُڪاري چيائين “ اي فقير! جيڪِين گھُرڻو هجئي سو گھُر، پر تند کي بند نه ڪجانءِ”! ٻيجل وراڻيو“ تنهنجي در تي ان ڪري آيو آهيان، جو تون“نانهن” نه سکيو آهين. اي سخي سردار! آئون تنهنجي سِر جو سُوالي آهيان”.
چون ٿا ته سورٺ ان مڱڻهار کي، سِر نه وڍڻ جي لاءِ، سَو سُوال ڪيا، انعام اڪرام آڇيا، قيمتي خزاني جون خُرزينون ڀرائي، سونن سنجن ساڻ، تازا گھوڙا اڳيان آڻي بيهاريا، هيرن ۽ جواهرن سان ڀريل هاٿي حاضر ڪيا، لعل ياقوتن ۽ ماڻڪن جو مٿان مينهن وسايائينس، جن ۾ پنڻو پُورجي ويو، پر مڱڻهار انهن کي هٿ به ڪو نه لاتو.
ڀٽائي صاحب هن سُر جي معنوي پهلوءَ ۾، معراج شريف واري حقيقت ۽ وحدت الوجود واري فلسفي جي اُپٽار ڪئي آهي.
ڏاتار  ۽   مڱڻي،  ڪو  نه  وسيلو   وِت ،
سائي  تال  تندن  جي،  سائي  چارڻ  چِت ،
جي هُتي، جي هِت ، ڳالھ مڙيائي هيڪڙي.
سنڌ ۾ هي قصو جنهن سُر ۾ ڳايو ويو، اُن کي سُر“سورٺ” سڏيو ويو. هن قصي جي حوالي سان چيل ڪافيون، “سورٺ راڳڻي” ۾ ڳايون وڃن ٿيون. هي شاھ جي رسالي جو ٻاويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 53 بيت، 4 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت “الله جي آس ڪري ، ٻيجل ڪِي ٻاڪار” ۽ آخري وائي “ الوداع! وو! الوداع! جانيان ڪِيَڙُئِي جدا ! وو! سورٺيا ساري، معذور وئين ماري” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
الله جي  آس  ڪري،  هلي  آيس  هير ،
هاتڪ! تو حضور ۾،  پرتان  ڀري  پير،
وِير!لڳاءِ مَ وير، وڍي ڏي ته وٺي وڃان.
الله پاڪ جي آس دل ۾ رکي، آءٌ هن وقت (هن رنگ رتول ڏي) هليو آيو آهيان. اي سياڻا حاذق! تنهنجي حضور ۾، مون وڏي پريت سان پير ڀريا آهن. اي وڏي عقل وارا داناءُ! هاڻي دير نه ڪر، پنهنجو سر وڍي ڏي ته آءٌ هينئر ئي کڻي هليو وڃان.
آءٌ    سُوالي     سر    جو ،     آيس     اڳاهون ،
مٿي   ري   مس   رکان،   پير   کڻي    پاهون،
داتا! سُڻ دانهون، جي ڪريان ڪوڏ ڪپارجيون.
(اي راجا راءِ ڏياچ!) آءٌ ته سواليءَ آهيان تنهنجي سر جو، جيڪو ڪافي پري کان اچي پهتو آهيان. تنهنجي سر وٺڻ کان سواءِ، هي پنهنجا پير، آئون پوئتي هرگز ڪو نه هٽايان. اي وڏا ڏيندڙ سخي! منهنجي سوال جون صدائون سڻ، جيڪي سرهائيءَ سان، تنهنجي سر وٺڻ جون ٿو ڪريان.
ڪِين جو  ٻيجل    ٻوليو،   ڀنِيءَ     ويهي     ڀان ،
راجا      رتولن      ۾،      سيباڻو          سلطان ،
“آءُ       مٿاهون      مڱڻا!       مقابل       ميدان ،
گھوريان لک،لطيف چئي، تنهنجي قدمن تان قربان،
مٿو   هي   مزمان!   هلي   آءُ    ته    هت    ڏيان”.
ٻيجل(ڀان فقير) ڀنِيءَ رات جو، داتا جي در تي ويهي، ڪو عجب جهڙو سوال ڪيو!
سهڻي سلطان راجا کي، رنگ رتولن ۾، اُهو ڳائڻ ڏاڍو پسند اچي ويو،(وڻي ويو).
(حڪم ڪيائين ته) “اي مڱڻا! تون مٿي چڙهي آءُ! سڌو سنئون منهنجي روبرو”. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته “ لکين لک توتان گھوري ڇڏيان ۽ تنهنجي قدمن تان قربان ڪري ڇڏيان. اي منهنجا مٺا مهمان! تون مٿي هلي آءُ! ته هيءُ سر، توکي هت(هندوري ۾) ڏيئي ڇڏيان”.
نِرتي   تند   نياز    سين ،    ٻُرائي    ٻيجل ،
راجا      رتولن      ۾ ،     اُونائي        امل ،
راز   ڪيائين   راوَ   سين،   موچاريءَ   مهل ،
“انا   احمد   بلا   ميم”،   سَين   هنئي   سائل ،
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته “هردوئي هيڪ ٿيا”.
وڏي سرت ۽ سمجھ واري ٻيجل، نياز ۽ نوڙت واري تند، اچي رنگ محل جي ٻاهران ٻُرائي،(وڄائي). راجا راءِ ڏياچ رنگ رتولن ۾، اُنهيءَ سُريلي ساز جي اَمُلھ “رُون رُون”، وڏي غور ۽ فقر سان ڪن ڏيئي ٻُڌي. دل جي راز واري حقيقت، راجا راءِ ڏياچ سان، موچاريءَ مهل(اسر ويل ) جو، اُن سائل ويهي سَلي. “آءٌ احمد آهيان بنا ميم جي”، سُهڻي سُوالي اها صدا پڌري پڪاري. پوءِ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کي اها ڪل پيئي، ته “ٻيئي(راجا ۽ راڳائي) پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا”.
سهسين    آئيا    سورٺيا ،    مانجھي    مڻيادار،
جن ڳڙهان ٻهر ڳائيو،    سهجان     سڀ    ڄمار،
تنبيري جي تند  جي،   اُت   پهرين   هئي   پچار،
آءُ      مٿاهون      مڱڻا!     چڙهي     در     دئار،
توکي   گھوٽ    گھرائيو،    خلوت   لاءِ   کنگھار،
“السلام عليڪ ايها النبي”، اي کلي ڪيائين کينڪار،
سئو ۾ سنسار ،   ته    “ ملڪ    ڏنائين    مڱڻي ”.
هتي سوين سوَ سورٺ ملڪ جا ڳائڻا آئيا، سي به وڏيءَ همت وارا، جلويدار ۽ ڏاڍا سهڻا هئا. سي سڀ ساري حياتيءَ، پنهنجي رضا خوشيءَ سان، جھونا ڳڙھ کان ٻاهر ڳائيندا رهيا. هن تنبي وڄائڻ واري جي سهڻي ساز جي، اُتي اڳ ۾ ئي گفتگو ۽ هاڪ (مشهوري) هلندڙ هئي. “اي مهربان ۽ موچارا مڱڻا! تون مٿي هليو اچ، محل جي مکيه دروازن وٽان چڙهي. توکي گھوٽ پاڻ وٽ گھرايو آهي، راوَکنگھار خلاصي رهاڻ ۽ قرب واري ڪچهريءَ لاءِ”. “اي نبي ڪريم!(صلي الله عليه وآله وسلم)تو تي سلام هجي”، ايئن کلي ۽ خوش ٿي، ڀليڪار ڪيائين. پوءِ ساري سنسار(جهان) ۾ ٻڌو ويو ته “سڄو ملڪ ئي، مهربان ۽ موچاري مڱڻي کي، (انعام ۽ اڪرام ۾) عطا ٿي ويو آهي”.
چارڻ! ٻولج ڪِين ٻيو، گھُريوءِ،     سو   گھوريان ،
ڳڙھ سورٺ ئي نه پڙي، جي   تندن   سين   توريان،
ڳُجھِي   آهم    ڳالهڙي،    آءُ    اوري    ته   اوريان،
“ڪُلهنيون ڪوريان؟ڪهِ جاجڪ! جُسي سين ڏيئين؟”.
اي چڱا چارڻ! اڃان ڪُجھ ٻيو به چئو، (ٻيو به گھُري وٺ!) جيڪين تو گھُريو آهي، سو ته گھوري تو کي ڏيان ٿو. سورٺ وارو سمورو ملڪ، جھوناڳڙھ تور ۾ پورو ئي نه ٿو بيهي، جي تنهنجي ساز جي تندن سان ملائي ٿو توريان. منهنجيءَ دل ۾ ، هڪ راز واريءَ ڳالھ سمايل آهي، تون هيڏانهن اورتي اچ، ته اُها تو سان اوريان،(تو سان اُها ڳُجھيءَ ڳالھ سليان). اي جيءُ جا جاجڪ! هيءُ ڪنڌ ڪُلهن وٽان ڪوريان؟ يا جسم ۽ جان سوڌو ئي تو کي ڏيئي ڇڏيان؟”.
حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۾، سُر“سورٺ” کي، مڪمل طور تي، حقيقي ۽ معنوي سُر جو درجو حاصل آهي. هڪ الله تعاليٰ جي نالي تي، ڪنهن سُواليءَ کي سِر وڍي ڏيڻ جو مثال، تاريخ ۾ ٻيو ڪٿي به ڪو نه ٿو ملي. هيءُ سُر وحدانيت کان سواءِ، رسالت جي پُرنُور موضوع جو مرڪوز پڻ بنيل آهي. ڀٽائي رحه فرمائي ٿو “ آءُ مٿاهون مڱڻا! چڙهي در دئار، توکي گھوٽ گھرائيو، خلوت لاءِ کنگھار” . ڪافي عالمن ۽ اسڪالرن مٿيين سٽن کي، معراج شريف جي ماحول سان منصوب ڪيو آهي. وري هي سٽون به ڏسو؛ “ الانسان سري و اناسره”، ورتي ايءَ وائي، راجا، راڳائي، هي دوئي هيڪ ٿيا”. اهڙيءَ ريت، اسين شاھ جي رسالي ۽ ڪلام مان، وحدانيت ۽ رسالت بابت، ڪيترائي اشارا ۽ اُهڃاڻ پڙهي ۽ پروڙي سگھون ٿا. جن تي ايمان آڻڻ ۽ عمل ڪرڻ سان، اسان جا ٻيئي جهان منور ۽ موچارا ٿي سگھن ٿا. اسان کي گھرجي ته شاھ جي رسالي جو، لفظي مطالعي سان گڏوگڏ، ان جو معنوي رخ به معلوم ڪندا وڃون، ته ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون پاڻهي ئي اسان جا قدم چمنديون اينديون.
(روزاني مهراڻ 6 جولائي 2018ع)


Friday, 22 June 2018

منجھان دل دڳ لهين.



اڃا تون اواٽ، واٽان پاسي ويسري،
سونهين ٿي سواٽ، ته منجھان دل دڳ لهين.
اي سسئي! اڃا تون اڻ ڄاڻ ۽  اڻ سونهين آهين جو هر هر رستو ڀلجيو وڃين، جيڪر تون ان عشق جي رستي جي سونهين بڻجي پوين ته رستي جو نشان توکي پنهن جي دل اندر ئي موجود ملندو!