Friday, 25 May 2018

شاھ جي رسالي۾سُر“پرڀاتي” جو فلسفو


استاد لغاري :
“ پرڀاتي ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،“پِرڀات وارو. يا “صبح وارو”.هي شاھ جي رسالي جو حقيقت تي آڌاريل معنوي سُر آهي. جنهن ۾ سالڪ کي، اسُر ويل جو اُٿي، داتا جي در تي، ڪيرت (ساراھ واريون صدائون) ڪرڻ جي صلاح ڏنل آهي. شاھ صاحب چوي ٿو“اي منگتا ! تنهنجي تُنبي جي تارن تي ته ڪٽ چڙهي ويئي آهي، اِهو ڀانن ۽ ڀَٽ فقيرن جو ڀير ۽ نمونو ئي ڪونهي، جو ڪينرو ڪِلِيءَ تي ٽنگي ۽ بيهاري ڇڏين”.
ايءُ نه ڀانن ڀير ، جيئن ڪيريءَ ٽنگيو ڪينرو ،
سُونهاري  صُبوح  سين،  وجھي  ويٺين  وير ،
توکي  چوندو  ڪير ؟  ڪيرت  ڌاران  مڱڻو .
اي مڱڻا! اي ڏڏ! ڏاتار ته گھڻو ڏيندڙ آهي ۽ ڏيندڙ به اهڙو، جي اُنهيءَ جي سخا جي خبر، سَنهي ۽ گھڻي ڪتڻ وارن کي پئجي وڃي ته اُهي پنهنجا سمورا ساز ۽ سامان، پلڪ ۾ پُرزا پُرزا ڪري ڇڏين.
جيڪين ڏڏن ڏي ، ڳُجھ ڳُجھان ئي ڳُجھ ۾ ،
سو جي  سُڻين ڪڏهين ، ڪيرت وارا ڪي ،
ته ساز مڙيئي سي ، هوند پٿون ڪن پلڪ ۾.
اي مڱڻا ! ڏوھ ته سمورو تنهنجو ئي آهي، تون داتا جو در ڇڏي، ٻين ٺلهن ۽ سکڻن درن تي صدائون هڻندو وتين، اِن ڪري ئي ته تنهنجا حال هيڻا ٿي ويا آهن.
ڏاتار   ڏُک    ڪيا ،   پاڻان   مٿي   مڱڻي ،
“مون   در  ڇڏيو  مڱڻا! مڱين  ڪوھ  ٻيا ؟
تيلاهين    تو   پيا ،   وچان  وِلها  ڏينهڙا” .
پُوريا   در مَ پِنُ ، جن پِنيي پُورت نه ٿئي ،
ڏيھ  ۾  ڏاتر  هيڪڙو ، نانءُ  تنهين جوڳِنُ ،
جو رين رساڻي دِنُ ، ڏيئي ڏُرمائي ڪينڪين.
ڄاڻي    توءِ   مَ  ڄاڻ ، ايءُ   در اَٻوجھن جو ،
اِن  در  سيئي  اگھيا ، جن  نه  ڀانيو “ پاڻ ” ،
رُونجھاڻي    راڄاڻ  ،   آهي   اَٻوجھن   جو .
پرڀاتي، (جاجڪاڻي، وِهاڳ يا وِهاڳڙو) سنڌ جو آڳاٽو راڳ آهي. پرڀاتي جِي لئي،سنڌ جي قديم راڳ “ لوڙائُو” سان به ملي ٿي. هي شاھ جي رسالي جو يارهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 46 بيت، 4 وايون ۽ 2 داستان شامل اهن. هن سُر جو پهريون بيت “ ايءُ نه ڀانن ڀيرُ، جيئن ڪِيريءَ ٽنگيو ڪِينرو ” ۽ آخري وائي “ وڏا ڏاڻ ڏنائين ، کنيائين رختُ ريزالن جو” آهي .
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
جاجڪ !  جيڏا  پس ، ويا سويرا ساڄ کڻي ،
ڪينر ڪِيريءَ ٽنگيو ، ڪنجھي لڳي ڪس ،
تو   گھِرندي  مس ،  لڄ  لنگھڪِي  ڇڏئي .
اي جاجڪ ! تون تنهنجا سينگا(هڪ جيڏا سرتا) ته ڏس، هُو صبح جو سويرا، وڄائڻ وارا ساز ۽ سامان کڻي، هتان روانا ٿي ويا آهن . تنهنجو ڪينرو (سُرندو ) ته سدائين ڪِليءَ تي ٽنگيو بيٺو آهي ۽ ساز جي ڪنجھي واري ڌاتُوءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي آهي . توکي نئين ڏاڙهيءَ اڃان مس آئي آهي ، ته تو کڻي لنگھن واريءَ لڄ ڦٽي ڪئي آهي .
چارڻ  وس  نه  ڪاءِ ، ته  ڪا  ڪِيرت  جي  ڪري،
جني     سندو    مڱڻو ،   هٿ    تني    جي    آهِ ،
جي ڳارائينس ته ڳاءِ، جي سُمهارينس ته سُمهي رهي.
چارڻ ويچاري جي وس ۾ ڪا ڳالھ ئي ڪانهي ، ته هُو صدا ۽ ساراھ واريون وايون ڪري (يا نه ڪري ) سگھي . هِي جن مالڪن جو مڱڻو (ماڻهو ) آهي، سڀ ڪُجھ اُنهن (مالڪن) جي ئي هٿ وس ۾ آهي . جي هُو چون ٿا “ڳاءِ” ته ڳائي ٿو، جي هُو چون ٿا“سُمهي رھُ” ته ويچارو سُمهي ٿو رهي .
اُٿيو     اَٻوجھاءَ  !    سٻڙ      جو     سڏ      ٿيو ،
جيئن اَئين ڪِيرت ڪٽ نه سِکيا، تيئن پاڻا ريڌو راءَ،
“مڱو   مون    مُلاءَ ،   آئون   اوهان   جو   آهيان ”.
اي اَٻوجھو ! اُٿو ! سُهڻي سخي سٻڙ ڄام جو، صدا قبول ڪرڻ وارو  سڏ ٿيو آهي . جيئن جو اوهين ساراھ ۽ صدائون ڪرڻ قطعي ڪو نه سکيا آهيو! تيئن ئي توهان تي سُهڻو سردار، اڄ پاٻوھ ۽ پيار مان پاڻهي ئي پرچي پيو آهي . ( هُو چوي بيٺو) “اچو ! اوهين اڄ مون کان گھُرو! ڇو جو آئون ته آهيان ئي اوهان جو پنهنجو ”.
ڏڏ     ٿي  ،    ڏان    گھُر ،    ڇڏ   وڄا   جي  وائي ،
سٻڙ        رات     سنباهيا ،     تازِي     تو     لائِي ،
جو ڄاڻي نه ڪائي ، تنهن سين ٻيلي ڌڻي ٻاجھ ڪِي.
صفا اڻ ڄاڻ ٿي پئو! پوءِ وڃي انعام اڪرام حاصل ڪرڻ جي صدا هڻ ! ڄاڻ، علم ، حڪمت ۽ دانائيءَ جي بنھ ڳالھ ئي ڇڏي ڏي. سخي سٻڙ ڄام، رات سنبرائي، سِترائي، تيار ڪري بيهاريا آهن، تازِي گھوڙا خاص تنهنجي لاءِ ئي ! جيڪو مسڪين منگتو، صفا ڪُجھ به ڪو نه ٿو ڄاڻي، تنهن سان لي ٻيلي جي ڌڻي سدائين پئي مهرباني ۽ ٻاجھ ڪئي آهي .
اُٿي   ورُ !  ورناءِ ،  دانهون   دنبورن   جيون ،
اڳيان   اُنڙ ڄام   جي ،   لنگھا !   تون   ليلاءِ ،
جوڙ تندون، ڪر جاءِ ، متان سٻڙ جو سڏ ٿئي!  
اُٿي ! راڳ روپ واري ڌنڌي ڏي وراڻ ڪر، ٻين جي دنبورن جا سُهڻا ۽ سُريلا آواز ڪن ڏيئي ٻُڌ . اي لنگھا! سخي سردار اُنڙ ڄام جي اڳيان، تون وڃي عاجزيون ۽ ڪورنشون ڪر . (سُرندي جون) تندون ٺاهي جوڙي، صحي جاءِ تي لڳائي، تيار ڪري بيهار، متان اوچتو سٻڙ ڄام جو سڏ ٿئي !
ڏاتار”   ته   تون ،  ٻيا   مڙيئي   مڱڻا ،
مينهن  مندائتا  وسڻا ،  سدا وسين تون !
جي گھرِ اچين مون ، ته ميريائي مان لهان.
ڏيهن جو ڏاتار ته هڪڙو ئي تون آهين، ٻيا (جڳ جهان ۾) جيڪي به آهن، سي مڙيئي مڱڻا آهن . مينهن ته وسن ٿا (ڪڏهن ڪڏهن) مند اچڻ تي، تون ته سڀ ڄمار پنهنجيءَ رحمت وسائيندڙ آهين . جي مُحبت سان منهنجي گھر اچين ، ته آئون اگلي عيبدار ئي مانُ واريءَ ٿي پوان .
ڏڏ   وڏو   ڏڏ !   پاڻ   ڪوٺائي   “مڱڻو” ،
نه ڪنهن نيو پاڻ سين، نه ڪنهن ڪيو گڏ ،
سٻڙ   ڪري   سڏ  ،  ڏڏو  ڏوليءَ  چاڙهيو.
مڱڻهار ته موڳو، وڏو ڏڏ ۽ ڪُند ذهن آهي، پر اُن کي سخي سٻڙ ڄام پاڻهي ئي پاڻ وٽ گھُرايو آهي. نڪو هن کي ڪير پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ نڪو ڪنهن پنهنجين ساٿين ۾ اُن کي شامل ڪيو. سُهڻي سخي سٻڙ ڄام پاڻهي ئي پاڻ ڏڏ کي سڏ ڪري ، ڏوليءَ تي چاڙهي، انعام اڪرام ڏيئي، ( مان شان سان ) روانو ڪيو .
شاھ جي رسالي جو سُر “پرڀاتي ” ، سُر“ بلاول ” جو ساٿي سُر آهي. جهڙيءَ ريت “يمن” ۽ “ڪلياڻ” ، “سامونڊري” ۽ “سريراڳ”  يا  “رامڪلي” ۽ “پُورب ” سُر آهن. سُر“پرڀاتي” ۾ ، هڪڙي داتا جي در تان گھُرڻ جي صلاح ڏنل آهي ۽ پُوريل درن تان پنڻ جي سخت منع ڪيل آهي . “ پُوريا در مَ پِنُ ، جن پِنيي پُورت نه ٿئي ، ڏيھ ۾ ڏاتر هيڪڙو ، نانءُ تنهين جو ڳنُ ، جو رين رساڻي دنُ ، ڏيئي ڏُرمائي ڪِينڪِين ” يا “ ڪُوڙا در دنيا جا ، جاجِڪ ! مڱين جي ” . اهڙيءَ ريت سُر“پرڀاتي” انساني روح کي تر و تازه ڪري، پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهچي ٿو ۽ اسان جي لاءِ، معنيٰ ۽ معرفت جا موتي مُهيا ڪري ٿو
 (روزاني مهراڻ 24 مئي 2018ع)

Thursday, 24 May 2018

سنڌ جو سيلاني فقير شاعر ؛ صوفي راضي فقير


تعارف
نالو:
راِ ضي فقير، لشاري قبيلي ۾، رانجهن فقير جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ڇٽي جي رات سندس نالو مهر علي رکيو ويو پر پيار منجهان هن کي اڪثر ماڻهو راضي فقير ڪري ڪوٺيندا هئا.تنهنڪري پاڻ به پاڻ کي راضي سڏرائيندو هو.
جاءِ پيدائش:
راضي فقير ڳوٺ جمال حاجاڻو لڳ پير بلاولي تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد ۾ اک کولي هئي. هن فقير جي پيدائش ربيعُ الاول مهيني جي ٻارهين تاريخ سومر جي رات 1317هه ۾ ٿي.
تعليم:
راضي فقير جڏهن پڙهڻ واري عمر کي پهتو تڏهن سندس والد محترم کيس هڪ مُلان وٽ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وهاريو. فقير جي پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي نه هئي تنهنڪري مُلان فقير صاحب جي والد کي اهڙو اطلاع ڏنو.
راضي فقير کي سندس والد چيو ته:
توکي قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وهاريو اٿم. مُلان وٽ دل لائي پڙهين ته پڙهه نه ته هلي اٺيون چراءِ.“
راضي فقير پيءُ جي چوڻ تي ڪجهه وقت مُلان وٽ پڙهيو پوءِ اُٺيون چارڻ شروع ڪيائين. ان بعد رهڪي پوکي به ڪرڻ لڳو.
سير ۽ سفر:
راضي فقير جڏهن چوڏهن سالن جي عمر جو ٿيو ته رهڪي پوکي وارو ڪم ڇڏي، گهر کي الوداع چئي ڀٽ شاهه طرف روانو ٿيو. ڀٽ شاهه جي روضي ٻاهران رستي تي سندس وقت گذرندو هو. ڪجهه عرصي بعد درياءَ جي اولهندي طرف شاهه اويس قرني جي مزار وٽ ۽ اُن جي آس پاس رهيو ٿي.
اِنهيءَ سفر دوران راضي فقير کي عشق مجازي جي مهيز لڳي ويئي. هن فقير پنهنجي مجازي محبوب کي مخفي رکيو تنهنڪري ويو جھوري ۾ جُھرندو.
راضي فقير ڀٽ شاهه تي ٻيو ڀيرو پهتو، ڇاڪاڻ ته هِن کي مجازي عشق جيڪا چاشني چکائي تنهن سببان هو بيساخته بيت چوڻ لڳو. ڀٽائي ﷥ جي رسالي جا بيت ۽ وايون فقيرن کان ٻُڌي سُڻي گهڻائي بيت ياد ڪيائين. فقير صاحب ان دور ۾ جيڪي بيت چيا تن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ پنج سو هيو اُهي بيتن وارا پنا ڦاڙي درياءَ ۾ اُڇلي ڇڏيائين.
راضي فقير جيڪو سفر پنهنجي ڳوٺ کان شروع ڪيو هو سو ڀٽ شاهه تائين محدود نه رکيائين. سنياسي فقيرن سان گڏجي هنگلاج کان گنگا تائين پهتو.سنڌ سموري جا اڪثر شهر گهمي چڪو هو. سن 1946ع ۾ فقير محمد صالح کٽي سان جيمس آباد جي رستي کان، فقط هڪ روپيو کڻي اجمير شريف وڃي پهتو.
راضي فقير ٺٽي ۽ ڪراچي جو جيڪو سفر ڪيو ان سفر ۾ فقير جو پهريون سوانح نگار فقير گل محمد ساڻس گڏ هيو. هي فقير سفر توڙي حضر ۾ راضي فقير سان ويهه سال گڏ رهيو.
گنگا ۽ هنگلاج جي سفر دوران راضي فقير ڪنهن به مذهب جي قيد ۾ نه رهيو. ڪنهن به ماڻهو کان هن کي نفرت نه هئي.
حضرت شاهه عبداللطيف جئن لئي وارين ڊرٻن ۾ رهندو هو تئن راضي فقير به لئي وارين ڊرٻن ۾ ذڪر فڪر ۾ گُذاريندو هو.
راضي فقير جي خانصاحب حاجي احمد علي خان ڪلهوڙي سان ملاقات:
خان صاحب جي سن 1932ع ۾ دادو ضلعي ۾ ملازمت هئي. فاريسٽ آفيسر جي حيثيت سان مانجهند ويا. جمعي جو ڏينهن هو. هڪ مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ويا راضي فقير سان اُتي سندن ملاقات ٿي. خان صاحب راضي فقير جي انمول ٻولن کان متاثر ٿيو ۽ راضي فقير انگريزن جي دور واري آفيسر جي شفقت ڀرئي انداز کان متاثر ٿيو. اهڙي طرح ٻنهي جي اتفاقيه ملاقات دوستي ۾ اهڙي طرح تبديل ٿي جو سندس زندگي جي آخري گهڙي تائين قائم رهي.
راضِي فقير جي هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلي ۾ آمد:
جڏهن آئون راقم الحروف (غلام رسول اڪرم) ۽ خان صاحب حاجي احمد علي خان ڪلهوڙي مرحوم جو وڏو فرزند محترم لطف علي خان ڪلهوڙو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلي ۾ پڙِهندا هئاسين تڏهن هاءِ اسڪول جا هيڊ ماستر صاحب مرحوم منظور احمد ڀٽو جن هوندا هئا.
ڀُٽي صاحب ۽ خانصاحب جا پاڻ ۾ گهرا مراسم هئا. خانصاحب جي وساطت سان راضي فقير خانصاحب سان گڏجي سن 1955ع ۽ 1956ع ۾ ٻه ڀيرا اڳوڻي ڊائننگ هال ۾ اچي ناصحانه ۽ ظريفانه ٻول ٻڌايا هئا. انهن ناصحانه نقطن کي ”راضيءَ جون رمزون“ ڪوٺيو ويندو هو. اُنهن راضيءَ جي رمزن کي مرحوم الهه بخش ٽالپور سن 1963ع ۾ شايع ڪرايو هيو.
راضي فقير جون رهاڻيون:
راضي فقير جڏهن به خانصاحب احمد علي خان ڪلهوڙي صاحب وٽ ايندو هو ته وڏيرو نبي بخش خان ميراڻي، اڱڻو فقير ميراڻي ۽ محمد عظيم ميراڻي به ساڻس ملاقات لاءِ ايندا هئا. اِنهن صاحبن کانسواءِ ٻيا جيڪي لکيا پڙهيا ۽ سُرت سمجهه وارا ماڻهو گاهي به گاهي فقير صاحب سان ملڻ لاءِ ايندا هئا تن منجهان ڪجھ حضرات هي هئا. جمعدار محمد الياس سومرو، مولوي عبدالرحمان نائچ، حاجي فتح محمّد ڪلهوڙو کڏواري وارو، وڏيرو محمّد بخش ڪلوڙ، الهرکيو ڪلوڙ، قاضي الهرکيو ڪلهوڙو سيد پوري، رئيس الهه بخش سيال، جمعدار سبزل خان نائچ. ڪوڙو مينگهواڙ.
راضي فقير جڏهن ميرپورماٿيلي ۾ هوندو هو ته اڪثر جمع جي نماز مولوي محمّد عالم سومري مرحوم جي ٺهرايل مسجد ۾ اچي پڙهندو هو.
جڏهن خانصاحب احمد علي خان سردار دادن خان اول سان ملاقات لاءِ ويندو هو ته راضي فقير سان سردار صاحب روح رهاڻيون ڪندو هو. فيض محمّد خان ڪلهوڙو ، حضور بخش ڪلهوڙو اهي ٻيئي فقير جا صحبتي هئا. خانصاحب سان پهريون ڀيري جڏهن راضي فقير گڏجي هاليجي شريف پهتو ته بزرگن جماعت کي چيو فقير ڏسڻو اٿو ته هي مُوحد فقير ڏسي ڇڏيو.داروغو صوبدار خان بُلو ڪوٽ بُلا وارو فقير صاحب سان ملڻ لاءِ ايندو هو.
لوءِ صاحبان گهوٽڪي جون اهم شخصيتون جن منجھان حاجي شير محمّد شاهه ، حاجي فخرالدين شاهه، حاجي غلام حيدر شاهه، حاجي غلام حسين پٺاڻ، خير محمّد خان پٺاڻ، سيد علي شاهه وڪيل ۽ ٻين سان فقير وڃي رهاڻيون ڪندا هئا.
ميرپور ماٿيلي جي نائچ قبيلي ۾ نيڪ مرد غلام رسول خان نائچ سُپروائيزنگ تپيدار به خانصاحب وٽ گاهي گاهي اچي راضي فقير سان صحبت ونڊيندو هو.
محترم لشڪر خان مهر جي والد مرحوم اسلام خان مهر جي خانصاحب سان دوستي هُئي ڪڏهن ڪڏهن اِنهن جون پاڻ ۾ روح رهاڻيون ٿينديون هيون.راضي فقير به ان محفل جو حصو هوندو هو.
حضرت احمد سائين خانڳڙهه واري بزرگ جي پياري مريد آدم فقير جو فرزند ماستر جمال الدين هر وقت فقير جي خدمت ۾ حاضر رهندو هو. غلام محمّد سيال ونگي وارو، راضي فقير جي خدمت ۾ هڪيو تڪيو رهندو هو. هي فقير صاحب جي گهڻن ئي بيتن جو حافظ آهي. سکر شهر جو مشهور بزرگ حاجي سچل فقير ڪوري ڊيملا مل سکر واروپنهنجي وقت جو نيڪ ۽ بزرگ هو هن سائين سان به فقير جون محفلون مچنديون هيون. عبدالحميد ڪلهوڙو هاليجي شريف جو فقير ، استاد ميان جي سائينداد فقير ڪلهوڙو کڏواري وارو به فقير جي صحبتين منجھان هڪ هُيو.سکر شهر جي برک ۽ بزرگ هستين منجھان ميان عبدالستار پيرزادو ۽ ميان مُڪل جيئي شاهه بادشاهه جي متولي وٽ به اڪثر ويندو هو.
دادلوءِ( پني عاقل لڳ) جي سردار علي نواز خان ڌاريجي به هڪ ڀيرو فقيرصاحب سان ڪچهري ڪئي هئي.فقير صاحب جي گفتگو ۾ هڪ قسم جي چاشني هوندي هئي جيڪا ڪشش جو سبب بڻجندي هئي.
سيد حسن بخش شاهه سڪرنڊ محراب پور وارو، سيد بشير احمد شاهه ۽ سيد شبير احمد شاهه جن سان به فقير جون مثالي محفلون رهيون. ضلعي دادو جو فقير امام بخش سولنگي ۽ مانجهند شهر جو مشهور فقير ٻڍل کوسو به فقير جا صحبتي هئا.
هالا جي بزرگ هستين منجهان حضرت مخدوم غلام محمد ﷥، حضرت مخدوم طالب الموليٰ، حضرت پير خان محمّد شاهه جيلاني هالا پُراڻا ۽ سيد غلام محمّد جندل شاهه جن سان به فقير جون ملاقاتيون ٿيون ۽ رس رهاڻ ۾ وقت گذريو.
درگاهه پير بلاولي جو پانڌي فقير راضي فقير جي عاشق فقيرن منجھان هيو. لنواري شريف مان آخوند محمّد صالح جون به راضي فقير سان رهاڻيون ٿيون.
بر صغير هند و پاڪ جي مشهور سومرا خاندان جي مشهور شخصيتن مرحوم جناب احمد ميان سومرو، جناب الٰهي بخش سومرو، جناب افتخار احمد سومرو۽ جناب ڊاڪٽر منصور احمد سومرو صاحبان جي والد ماجد الحاج مولا بخش سومري صاحب جن جي خانصاحب حاجي احمد علي خان ڪلهوڙي سان دوستي ڀائپي واري رنگ ۾ هئي.
خانصاحب جي ڪري حاجي مولا بخش خان سومرو مرحوم راضي فقير سان قرب ڀريون ڪچهريون ڪندو رهندو هو.
هادي بخش سومرو، جيڪو هن وقت سومرا هائوس شڪارپور جو انچارج آهي. سو به راضي فقير جو صحبتي رهيو کيس راضي فقير جا بيت اڃا به ياد آهن. فقير گل محمد بلاولي ، فقير محمّد صالح کٽي، خدا ڏنو فقير راضي فقير جا هم سفر ۽ همراهه رهيا.
مٿي ذڪر ڪيل شخصيتن جي نالن لکڻ منجهان منهنجي مراد هي آهي ته هي فقير وڏو سيلاني هو. کليل دل ۽ کُليل دماغ جو صاحب هيو، نهايت کرو ۽ سچو فقير هيو. سندس مجلس ۽ محفل سدا آباد رهندي هئي. هن بزرگ جي انمول، سچن ۽ کرن ٻولن جي مٺاس ۽ چاشني جي ڪري هي بزرگ مشهور هيو. هن سان جنهن به هڪ ڀيرو رهاڻ ڪئي۽ مجلس ۾ ويٺو ته ڏيهن کي وڃي ڏس ڏيندو ۽ اُنهيءَ ڏس پتي تي محبتي ۽ معزز ماڻهو لکيا پڙهيا توڙي ڪورا ڄٽ به اچي فقير جي ڪچهري ۾ ويهندا هئا.
جيڪي نالا لکيا ويا آهن سي معاشري ۾ مانائتا رهيا آهن. فقير سان ٻين عام ماڻهن جي به وڏي انگ ۾ صحبت رهي. اِهي نالا نهايت ئي مختصر ۽ خاص لکيا ويا آهن. فقير اُن چشمي جي برابر هيو. جيڪو چشمو بر ۽ بيابان ۾ هجي مٺو به هجي ، ان جو پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ آساني به هجي ته پوءِ ڪئن نه پياسا پرند چرند ۽ درند اچي حاضر ٿيندا؟ راضي فقير شادي نه ڪئي مجرد رهيا. سن 1963ع ۾ 18 ذي القعد 1384هه تي انگريزي ڪئلينڊر مطابق 65 سال ۽ اسلامي ڪئلينڊر مطابق 67 سالن جي عمر ۾ وفات فرمايائون. سندس مزار پير بلاولي ۾ آهي. راضي فقير جي وصال کي ڀاروان اٺيتاليهه سال ٿي ويا آهن ۽ .........راضي فقير جو هي رسالو راضي فقير جي وفات کان سورهه سال اڳ ۾ لکجي چڪو هو. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي لکجي ته چوهٺ سالن گذرڻ بعد جون 2011ع تائين ڪنهن به صاحبِ حيثيت رسالي کي ڇپائڻ جي سعادت حاصل نه ڪئي. راضي فقير جي وفات حسرت آيات کان اٺيتاليهه سال پوءِ خانصاحب حاجي احمد علي خان ڪلهوڙي جي فرزند جناب عبدالعليم ڪلهوڙي صاحب هڪ طرف پنهنجي والد مرحوم ۽ ٻي طرف راضي فقير مرحوم جي ارواح کي راحت رسائي ته ٽين طرف خود پاڻ به سعادت حاصل ڪئي آهي.
الحمد لله جزاڪ الله في الدارين خيرا

پروفيسر غلام رسول ” اڪرم“ سومرو
ميرپور ماٿيلو
بندا هن بر ۾ ويسارو ٿي نه ويهه ،
ماڳ تنهنجو مهند ٿيو هي پرائو ڏيهه،
سدا جت ساڻيهه، رک محبت انهيءَ ملڪ جي.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
موڳا هن ملڪ ۾ تون غافل ٿي نه ُگذار،
ماڳ تنهنجو مهند ٿيو هي فاني سڀ سنسار،
جتي قاضي رب قهار،اتي شل ڪاڻياري ڪانه ٿئي.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
جيڏو تون خاوند اوڏو آسرو آهه،
ڪانهي مون ڪميڻي کي واحد توري واهه،
اجھو آ هين الله، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانه ڪا
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
صمد، صاحب، ڌڻي، احد چوندو اچ،
 پڙهي فرض واجب سنتون راهه وٺي تون رچ،
 ننگا پنهنجي نفس کي سدا سڻائج سچ ،
توبهه ڪر تاڪيد سان, ڪوڙ ڪڍي سڀ ڪچ،
 صحي سپيريان جي ڳالهه تي، پتنگ وانگر پچ ،
محبت جي ميدان ۾ نسنگ ٿي تون نچ ،
سندو دوزخ مچ، تو اوڏو ئي نه اچي.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
صمد صاحب ڌڻي تّواب توڙئون رهيو تن،
سڃاتو سبحان کي ُڪن کان ڏيئي َڪن،
مڃيم محّمد ڪارڻي محّبت رکي من ،
ٻيائي ڏيئي ٻن ،ٿيس حوالي حق جي.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
صمد صاحب ڌڻي, وائي وهائج وير،
 کٽين جي هارائين متان ٿئين دلگير،
 لا تقنطوا من رحمة الله سڀيئي لنگهندا سير،
 سچو سخن سبحان جو سڻين ٿيو سڌير،
 جن سان محّمد مير، تن کي ڪانه باک بهير ۾.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
وحده لاشريڪ لہ واحد ِوهائج وٽ ،
کٽين جي هارائين ته هي تنهن جو هٽ،
 پرين ڏيندءِ پٽ، ڀري جام جنت جو.
ءٌءٌءٌءٌءٌ
وحده لا شريڪ لہ , جن ُاتو ڏينهن ازل،
تن مڃيو محّمد ڪارڻي مٺو مير مرسل،
ان تان خوف خلل، مولا مڙيئي معاف ڪيا.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
وحدو لاشريڪ لہ جڏهن وائي واريائون،
 تڏهين ڪلمي سان ڪفر جي، ٻيائي ٻاريائون،
 ُمدعي ماريائون، مڃي محمد ڪارڻي صه
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
وحده جي وڍيا, سي ڪن الله ڏي آر،
 هِنيون حقيقت گڏيو طريقت رکن تار،
 معرفت جي ميدان ۾ ڏورين در ڏاتار،
 ُسک نه ُستا ڪڏهين ساري سڀ ڄمار،
 وحدت وارو وار، اصل ڪم عاشقن جو.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ّ وحد تان ڪثرت ٿي, ڪثرت وحدة ڪار،
حق حقيقي هيڪڙو ٻيا وڃائج ويچار،
ُهو هلاچو هر و ار، رک سدائين روح ۾.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
وحدًتا ڪثرة ٿي، وحدت ڪثرت ڪم،
 حق حقيقي هيڪڙو ٻيا وڃائي سڀ وهم،
 هو هلاچو هم، بالله سندو سڄڻين.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ



Saturday, 19 May 2018

صاحب طريقت شاعر؛ سائين چيزل شاهه


چيزل شاهه

چيزل شاهه: مشهور صوفي ۽ ڪافي گو شاعر سيد چيزل شاهه پنهنجي وقت جي وڏي صوفي شاعر سيد رکيل شاهه جو فرزند هو. سيد چيزل شاهه بلوچستان جي ڳوٺ فتح پور تعلقي گنداواهه ۾ 1332هه مطابق 1914ع ۾ ڄائو. سندس ڏاڏنگ مان سيد عبدالغني ’سوا ڪيري‘ وارو به وڏو صاحب ولايت بزرگ ٿي گذريو آهي. سيد رکيل شاهه پنهنجي فرزند سيد چيزل شاهه کي تعليم ڏيارڻ لاءِ مولوي استاد پير بخش شاهه وٽ ڇڏيو، جتي هن ديني تعليم، عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. جڏهن سيد چيزل شاهه جي عمر چوڏهن سال ٿي ته سندس شادي پنهنجي ڏاڏنگ مان ڪرائي وئي. ٻي شادي جيڪب آباد جي بخاريساداتن مان ڪيائين. کيس ٽن پُٽن: سيد صادق شاهه، سيد نياز حسين شاهه عرف حيدر شاهه ۽ سيد رکيل شاه عرف علي اڪبر شاهه جو اولاد ٿيو.
سيد چيزل شاهه ننڍپڻ کان وٺي صوفي شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي درگاهه تي پيءُ سان گڏ حاضريون ڀريندو هو ۽ سندس شاهه شهيد جي سلسلي جي اهم شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو. هن 21 سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ جي هٿ تيبيعت ڪري صوفي طريقي جي راهه اختيار ڪئي ۽ پيءُ جي پيرويءَ ۾ درگاهه جهوڪ شريف جي طالبيءَ ۾ رهيو. سيد رکيل شاهه صوفيءَ جي لاڏاڻي بعد صوفي چيزل شاهه سجاده نشين ٿيو. چيزل شاهه درگاهه رکيل شاهه فتح پور ۾ذڪر ۽ فڪر کان سواءِ ننگر جو به بندوبست ڪندو هو. سندس سڄي زندگي هڪ سچي صوفيءَ جو مثال هئي. سادي زندگي بسر ڪندو هو. ننڍن ۽ وڏن سان عزت سان هلندو هو. ڪو به ماڻهو وٽس ايندو هو ته ان جي مراد پوري ڪندو هو. ماڻهن جي عيب ثواب ڏي نه نهاريندو هو. ڏينهن ۾ ٽي ڪچهريون ڪندو هو ۽ صبح جو عام ماڻهن ۽ طالبن جا ڏُک سور معلوم ڪندو هو. منجهند جو عالمن سان ڪچهري ڪندو هو. شام جو فيصلا ۽ نبيرا ڪندو هو، جڏهن ته رات جو مانيءَ کان پوءِ فقيرن سان ڪچهري ڪندو هو. ان بعد محفل سماع ٿيندي هئي. هن صوفي شاعر جي ڪلام ۾ تصوف ۽ عشق جا راز ۽ رمزون بيان ٿيل آهن. محبت جي مهراڻ جون ڇوليون ۽ صوفياڻيون صدائون آهن. سيد چيزل شاهه جي ڪلام ۾ قرباني، محبت ۽ انسانيت جو درس ملي ٿو. سيد چيزل شاهه پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي منصور، سرمد، شاهه عنايت، سچل فقير، روحل فقير ۽ سيد رکيل شاههوانگر دم هڻي ٿو ته ڪٿي شاهه ڀٽائي، ڪبير ڀڳت، گرونانڪ ۽ ساميءَ وانگر عجز ۽ نياز جو پتلو بڻجي وڃي ٿو. ڪٿي وري رومي، جامي ۽ سعديءَ وانگر طالب ٿي، زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿو. سندس ڪلام ۾ هر رنگ موجود آهي.
سيد چيزل شاهه، 15 شعبان 1404هه/ 1984ع تي وفات ڪئي. کيس فتح پور ۾ ئي دفن ڪيو ويو. ’بحر العميق‘ جي نالي سان سندس شاعريءَ جي ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن. تازو ڇاپو حڪيم اعجاز حسين چانڊيي جو ترتيب ڏنل ’بحر العميق‘ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2010ع ۾ شايع ٿيو آهي. 
(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا)
(الف) خاندان:
مرشد ڪامل، سلطان العارفين مجدد امام سخي دوران حضرت سائين چيزل شاهه صوفي القادري رحمت الله عليه جو دود مان عاليه حسيني علوي هاشمي آهي، حضرت امام علي رضا عليه الصلواه و سلام سان سلسله ۽ نسب هجڻ سبب رضوي پڻ آهي.
سلسله ۽ شجره بحر العشق جي حوالي مطابق هن ريت آهي:
حضرت سائين چيزل شاه (عزيز شاه) بن سيد رکيل شاهه بن سيد نور محمد شاهه بن سيد رکيل شاهه بن سيد عزيز الله شاهه بن اول شاه، بن سيد ولي شاهه، بن سيد محمد بقا شاهه، بن سيد رستم شاه، بن سيد ولي شاه بن سيد رستم شاه، بن سيد عبدالنبي شاه بن سيد سليمان شاه، بن سيد لاشار شاه، بن سيد حامد شاه، بن سيد جان نثار شاه، بن سيد عبدالنبي شاه، بن سيد ننگر شاه، بن سيد عارب شاه، بن سيد طاهر شاہ، بن سيد ننگر شاه، بن سيد حسين شاه، بن سيد حيات شاه، بن سيد حسين شاه، بن سيد بائث شاه، بن سيد حسين شاه، بن سيد عبدالولي شاه، بن سيد عبدالحميد شاه، بن سيد فريد شاه، بن سيد عبدالله شاه، بن سيد جنيد شاه، بن نظام الدين شاه، بن سيد محمد شاه، بن سيد قاسم شاه، بن سيد عبدالحميد شاه، بن سيد علي شاه، بن سيد يونس شاه، بن سيد اسحاق شاه، بن سيد عالم شاه، بن سيد جعفر شاه، بن سيد عقيل شاه بن سيد موسيٰ شاه، بن سيد محمد تقي شاه، بن سيد علي نقي شاه، بن سيد امام علي رضا شاه، بن امام موسيٰ ڪاظم بن سيد امام جعفر صادق، بن امام محمد باقر، بن امام زين العابدين، بن حسين عليه السلام، بن يعسوب الدين امير المؤمنين علي ڪرم الله وجه ولي و وصي رسول الله صه.


(ب) سڪونت آباءِ وجداد:
سائين چيزل شاه جا وڏا عربستان، عراق، ايران مان هجرت ڪري بلوچستان جهڙي گرم ۽ وارياسي علائقي ۾ آباد ٿيا. سندس رهائش جو هنڌ فتح پور آهي، سائين جن جي ڏاڏنگ مان سيد عبدالنبي ”سوا ڪيسري“ وارو ولي، صاحب ولايت هو ۽ بزرگ سلطان العارفين روضي ڌڻي رکيل شاه نوراني عشق، حقيقت سان رڱيل ۽ فيض رسان مشهور ۽ معروف آهن، وڌيڪ تفصلي احوالي بحرالعشق ۾ مرقوم آهي.


(ت) والادت باسعادت:
حضرت چيزل شاه صاحب جمعي جي رات ماهه جمادي الثاني 1332هجري سنه ۾ مرشد ڪامل سائين رکيل شاه جي گهر فتح پور شريف ۾ تولد ٿيا، يعني رب القدوس هن علائقي تي پنهنجو لطف و رحمت جي برسات جاري رکي.
هڪڙي ڏينهن والده ماجده کيس وهنجاري سينگاري پينگهي ۾ سمهاري کيس لوڏڻ لڳي، اوچتو سائين چيزل شاه جي سر مبارڪ سان لڳ ڪارو نانگ ڏٺو، بي بي سانئڻ خوف کان روضي ڌڻي سائين رکيل شاه وٽ ويئي، سائين رکيل شاه عبادت الله ۾ مصروف هئا، بي بي صاحبه سڄي حقيقت ڪئي. ان تي سلطان العاشقين فرمايو ته، اهو نانگ نه بلڪ اهو عشق جو تاج آهي، ڪو به خوف نه ڪر، وڃي ٻيهر ڏس، بي بي سانئڻ حضرت چيزل شاه جا وار مبارڪ ڪاري نانگ وانگر دراز ڏٺا.
هڪڙي ڏينهن سائين چيزل شاه ٻارن سان راند ڪري رهيو هو ته، کيس هڪ مجذوب ساوڻ فقير ڏسي فرمايو ته: بلند اختر شهزادو دنيا جي دوريشن جا امام ٿيندا ۽ ٻارن کي چيائين ته، هن سان نه وڙهجو. ان تي اتي بيٺل عام ماڻن چيو ته، چريا هي ٻار آهن. ڪڏهن وڙهندا، ته ڪڏهن کيڏندا، ان تي ساوڻ مجذوب چيو ته، هي شهزادو دنيا جي عاشقن جو امام مجدد آهي، ان سان ٻار ڇو وڙهن؟ سائين جن جو حليه مبارڪ هن ريت آهي:

1. رنگ گندمي، ڪشاده پيشاني
2. ڪارا ڊگها چمڪدار وار
3. سياهه ابرو هلال وانگر
4. ٻاجهاريون وڏيون چمڪدار ۽ تابدا چشم
5. نڪ نوڪدار
6. شهپر گهاٽا مگر سنت، نبوي موجب، موزون سونهاري ڏاڙهي مٺ برابر.
7. پير، لڪ دار
8. قد ۾ قداور ۽ موزون قامت.

(نوٽ) محفل سماع دوران سائين مالڪن جي حليه مبارڪ لاءِ هي چوڻ لازمي ٿئي ٿو ته، هر گهڙي هر ساعت چهري مبارڪ جي ڪيفييت نياري نياري رهندي هئي.


(ث) تعليم و تربيت ۽ شادي مبارڪ:
فرمان آهي ته، و علمنا من الدني علمامون کان انهن کي علم عطا ٿيل آهي، روز ازل کان عاشقن کي معرفت علم لدني حاصل آهي، مگر دنيا جي ظاهري دستور مطابق حضرت چيزل شاه کي سائين رکيل شاه قرآن پاڪ جي تعليم وٺڻ لاءِ پير سيد رسول بخش شاه جن وٽ ويهاريو. جڏهن درس قرآن پاڪ جي ابتدا ٿي ته مرشد ڪامل راند روند ترڪ ڪري ڇڏي. درس قرآن پاڪ کان فارغ ٿي، سائين سلطان العارفين جي حضور ۾ پهچي، ات رهندا هئا، جتي کيس روحاني تعليم به ملندي رهي، پاڻ عربي، فارسي ۽ اردو جي ظاهري تعليم سان سينگارجي ويا. ديني دنيوي ۽ روحاني علم سان رڱجي ريٽا ٿي ويا.
جڏهن سائين جن جي عمر چوڏنهن سال ٿي، ان وقت سنت نبوي موجب، بمطابق شريعت محمدي شادي مبارڪ ڪيائون. سندن شادي ڏاڏنگ مان ٿي. ٻي شادي جيڪب آباد جي بخاري ساداتن مان ٿي، جنهن مان کين پٽ جو اولاد ڪونه ٿيو.


(ج) بيعت ۽ طريقت
مرشد ڪامل سائين چيزل شاه ايڪويهه سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد محترم جي هٿ تي بيعت ڪري صوفي القادري مسلڪ ۾ شامل ٿيا.
ظاهري دنيا وارن لاءِ مرشد جو هجڻ ضروري آهي. هڪ حديث آه ته: ”من لاشيخ له فاشيخ هو الشيطان“ جنهن کي مرشد نه آهي انهي جو مرشد شيطان آهي.
اگرچه عاشقن کي راهه ۽ رسم جي خبر ازل کان آهي، تاهم ظاهر راهه عشق لاءِ رهبر جي ضرورت آهي. جيئن اتباع، انڪسار، خضوع ۽ خشوع جي ذريعي منزل، حق ڏانهن راغب ٿئي، طالبن کي انهيءَ رمز مان گذرڻ ضروري آهي. مرشد ڪامل ئي پنهنجي مريد کي ورد وظائف ڏئي جي تڪميل لاءِ آماده ڪندو آهي. ان طرح طريقت جي ذريعي ئي معرفت کي پهچبو آهي.
اهل تصوف وٽ پنج ڏاڪا هوندا آهن، جن جي ذريعي عاشق واصل بالله ٿين ٿا.

1.                                        شريعت: يعني اسلامي ارڪان ۽ عقائد جي پختگي
2.                                    طريقت: يعني مرشد حق جي اتباع
3.                                  معرفت: يعني رسول مقبول صه تائين رسائي ۽ خدا جي ساڃاهه ۽ ڪل ڄاڻ ملي.
سائين چيزل شاه جي نظريه ۾ حقيقت تائين پهچڻ کان پوءِ معرفت حاصل ٿئي ٿي.
4.                                  حقيقت: يعني الله تبارڪ و تعالي جي ڄاڻ ۽ پاڻ ۾ پرتو پسڻ.
5.                                    بقا دوام: يعني خدا جي ذات ۾ گم ٿي وحدت ۾ وحدت ٿيڻ.

(نوٽ: چئن مقامن کان پوءِ حقيقت دوام آهي ڪثرت مان ڦري وحدت ۾ گم ٿي، واحد ٿيڻ آهي.)

پهرين ڏاڪي جي صورت ۾ عبادات، تذڪير ۽ تهليل جون سڀ راهون سر ڪرڻيون آهين. هن ۾ امرو نواحي کي اهميت آهي. مثلا:

(1) ومااناڪم الرسول فخذوه و مانهيٰ ڪم عنه فانتهو.
(۽ جيڪو توهان کي رسول ڏئي، ان کي وٺو ۽ جنهن کان توهان کي روڪي ته پوءِ رڪجي وڃو.)
(2) ومن يطع الرسول فقد اطاع الله
(۽ جنهن رسول جي تابعداري ڪئي، تنهن الله جي تابعداري ڪئي.)
(3) واطيعو الله واطيعو الرسول
(۽ خدا جي تابعداري ڪريو ۽ رسول جي تابعدري ڪريو.)
(4) فلا و ربڪ الايو منون حتيٰ يحڪوڪ.
(۽ پوءِ قسم آهي تنهنجي رب جو اهو تيسين مومن نه آهي جيسين توکي (حضور اڪرم) حاڪم نه مڃي.)
ان وقت ئي طريقت ۽ رياضت ۽ مجاهدن جي ضرورت ٿئي ٿي، طريقت جي ذريعي ٽئين ڏاڪي تائين پهچي ٿو، ٽئين ڏاڪي کان پوءِ چوٿين ڏاڪي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.

معرفت جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته، هستي رسول مقبول ڇا آهي، مثلا:
(1) لولاڪ لما خلقت الافلاڪ
(۽ جيڪڏهن توکي (محمد صه) پيدا نه ڪريان ها ته دنيا کي پيدا نه ڪريان ها.)
انا ارسلناڪ بالحق بشيرا و نذيرا
(اسان توکي حق سان بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو.)
انا من نور الله و خلق ڪلهم من نوري
(مان الله جي نور مان آهيان ۽ ڪل مخلوق منهنجي نور مان آهي.)
اول مان خلق الله من نوري
(پهرين الله تعالي منهنجو نور پيدا ڪيو.)


مجاهدات
حضرت سائين چيزل شاه پنهنجي مرشد نوراني جي حڪم سان مجاهدات ۽ رياضت ۾ همه تن مصروف رهندا هئا ڇو ته طريقت ۾ هي ڳالهيون گهڻي اهميت جون حامل آهن.
فان مع العسريسرا ان مع العسريسرا
(تحقيق سختي سان آساني، تحقيق آساني سان اَهنج آهي.)
موتوا قبل ان تموتوا.
(مرو مرڻ کان اڳ)
يمشي علي الراس بدون القدم
(پيرن جي بجاءِ مٿي ڀر هلڻو آهي.)
انهيءَ کان سواءِ هيٺين ريت ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي:
الحياه الدنيا الامتاع الغرور
(دنيا جي زندگي تڪبر ۽ وڏائي جو سامان آهي.)
توڪل علي الله ان الله يحب المتوڪلين
(الله تي ڀروسو رکو، تحقيق الله تعالي توڪل ڪندڙن سان محبت ڪري ٿو.)

هڪ دفعي سائين پاڻ مجاهده ۾ مستغرق ٿي ويا. ڪيترا ڏينهن لنگهي ويا، امان سانئڻ کي خيال ٿي پيو، وڃي روضي ڌڻي کان حقيقت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، روضي ڌڻي فقير فيض محمد کي چيو ته، شهزادي کي ڏس، صحبت ڪري چويس جو هو ڪاهي پيو آهي. مڇ ۾ عشق مولا جو باهه آهي، هڪ مچ مان لنگهي ٻئي ۾ ٽپي پيو، متان مچ کيس ساڙي ڇڏي عربي ۾ مقوله:
العشق ناريحرق ڪلم شيءِ ما سوا الله
عشق باهه آهي سڀ کي ساڙي ٿو، سواءِ الله جي.
فقير فيض محمد سائين جن وٽ پهچي حَق موجود چئي ويهي رهيو. پر پاڻ استغراق ۾ مست ۽ محو رهيا. آخر فقير واپس ٿي روضي ڌڻي وٽ عشاءَ جي وقت حاضر ٿيو. جڏهن سماع جو رهاڻ شروع ٿيڻ واري هئي ته به پاڻ سائين جن روضي ڌڻي جي آڏو حاضر ٿيا. روضي ڌڻي فقير کان خبر معلوم ڪئي، جنهن جواباً عرض ڪيو ته، ”قبلا سائين جن جي فرمان موجب ات ويس، پر هتي عشق جو غلبو ۽ مستي حال آهن، ڪنهن صحبت جي ضرورت ڪونه آهي. مان ويهي ويهي موٽي آيس پاڻ واجهائي به نه ڏٺائون.“ روضي ڌڻي فرمايو ته، ”سڀاڻي مان پاڻ ويندس.“ ٻئي ڏينهن حضرت سائين نوراني جن پاڻ فقيري کاڌو کڻي وٽس ويا، جڏهن سائين چيزل شاه مرشد نوراني رکيل شاهه صاحب کي ايندو ڏٺو، هٿ ادب جا ٻڌي جهڪي بيهي رهيا، پاڻ سائين رکيل شاه ويٺو ته سائين چيزل شاه ادب کان گوڏا ڀڃي ويٺو. روضي ڌڻي هدايت ڪندا ۽ سمجهائيندا رهيا، سائين جن ڌيان سان ويٺي ٻڌو، ڪجهه وقت جي ڪچهري کان پوءِ سائين جن شهنشاهه نوراني سان گڏجي خير سان گهر روانا ٿيا.
ان وقت همه اوست ۾ داخل ٿي نئون ٻول دهريائون:
دور ہے یارو دیس ہمارا کہاں عجب سے آیا ہے
واہ واہ سیراسی ہے جگ کا کس نے آپ بںایا ہے
ظاہر اپںا نام دھرا کر عابد لوگ سڈایا ہے
چیزل میری ذات ںہ کائی ںا تو کس کا جایا ہے

بي بي سانئڻ شهنشاه کان خبر پڇڻ آئي ته کيس شهنشاهه فرمايو ته، ”تون چوين ٿي ته منهنجو پٽ آهي، مان دعويٰ ڪريان ٿو ته منهنجو پٽ، پر پاڻ چيزل شاهه چوي ٿو ته، مان ڪنهن جو ڄايو نه آهيان، پاڻ سائين چيزل شاهه ايتري ته رياضت ۽ مجاهده ڪيو. شهنشاهه راضي ٿي کيس هر راز اسرار غيبي خزانن جو مالڪ بڻائي ڇڏيو آهي.“
رياضت ۽ مجاهدي دوران عجب عجب ڪرشما نمودار ٿيا، جو حقيقت، معرفت کان لنگهي وڃي بقا بالله کي رسيا.


(خ) همه از اوست ، همه اوست
فرهنگ: وحدت مان ڪثرت ۽ ڪثرت ئي وحدت:
مجاهدات جي دوران عجيب و غريب عجائبات ڏسڻ ۾ اچن ٿا، حال ۾ مستي ۽ خودي اجاگر ٿئي ٿي. اهڙي ريت سائين چيزل شاهه جن عجائب ۽ مظاهر، قدرت ۾ وحدت ڏٺي، يعني ڪثرت مان وحدت مان ڪثرت جتي دوئي جا پردا چاڪ ٿي ويا.
پاڻ فرمائن ٿا ته:
اپني مهر مولا سي معراج ڪيا....
مطلب ته خدا خود اسم جو اولو بشري پهري اثبات ۾ آيو ۽ معراج ڪري، ارتقا جو مقصد سمجهايو. (عملي طريقي سان)
در دروںی جسم کی هين بادشاهی مين کیا؟
بادشاهی کچھ نهين، هم خود خدائی مين کيا؟
مطلب ته سائين چيزل شاه چوي ٿو ته، مان پنهنجي جسم اندر راز پاتم، ظاهري بادشاهي ڪجهه به نه آهي. بلڪه مان جو ڪجهه ڪيو، اهو خدا بڻجي ڪيو، ڇو ته مان خود خدا آهيان. انهي کان سواءِ وحدت ڪل جا گهڻا راز مختلف ڪلامن ۾ واضح فرمايا آهن:


(و) وصال:
حديث: الا ان اولياءَ الله لايمونتون بل ينقلبون من الدار الي الدار:
اولياءَ الله مرن نه ٿا، بلڪ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن منتقل ٿي وڃن ٿا.
16 مئي 1984ع اربع ڏينهن شام جو 8 وڳي بمطابق سنه 1404هجري بروز اربع، تاريخ 15 ماهه شعبان تي هن جهان مان برقعو مٽايو ۽ دارالبقا ڏانهن روانا ٿيا. (قالوانا لله و انا اليه راجعون رضينا بقضا الله) پاڻ سائين جن ڪل ٻاهتر ورهيه اولي بشري ۾ رهي درس حقيقت ڏنو ۽ طالبن جي تاس اجهائي، راهه محبت ۾ شهيد ٿي شهادت جو سبق پنهنجي طالبن کي سيکارڻ ۾ وقت گذاريائون. بمصداق، من مات في حب الله فقد مات شهيد يعني جو شخص محبت اللهي ۾ مري ويو اهو فوتي شهيد آهي.


(هه) رهڻي ڪهڻي:
حضرت چيزل شاهه سادي زندگي بسر ڪندا هئا، ننڍن ۽ وڏن سان عزت ڪندا هئا. ننڍن ۽ وڏن سان عزت سان هلندا هئا، ڪوبه ماڻهو وٽس ايندو ته ان کي بامراد ڪندا هئا. انهن ماڻهن جي عيب ۽ ثواب ڏي ڪونه نهاريندا هئا. پاڻ قرآن پاڪ جي فرمان ”فامالسائل فلا تنهر“ پوءِ سوالي کي ڇڙب نه ڏيو. جي مجسم تصوير هئا.
پاڻ فرمائيندا هئا ته، اهڙن طالبن کي ڏسڻ سان ٺرندا آهيون، جيڪي سوالي کي نٿا جهڻڪن.
سائين جن روزانه ٽي دفعا ڪچهري ڪندا هئا.
(1)                                صبح جو عام ماڻهن ۽ طالبن جا ڏک سور معلوم ڪرڻ ۽ انهن سان عام ڪچهري.
(2)                            شام جو عام ماڻهن سان ڪچهري، مختصر فيصلن جا تصفيه ڪرڻ ۽ ڪچهري.
(3)                          رات جو ماني کائڻ کان پوءِ فقيرن سان ڪچهري ڪندا هئا.
محفل سماع ٿيند هئي، ان ۾ ويهي حقيقت جي رازن کي کولي سمجهائيندا هئا.

سندس مقولات هيٺين ريت آهي:
(1)                                ”الشيخ في القوم کانبي في الامت“ جيئن نبي امت ۾ هوندو آهي، ان طرف مرشد پنهنجي قوم (مريدن) ۾ هوندو آهي. (ٻئي هدايت لاءِ هوندا آهن.)
(2)                            ڏاڍو شوق شريعت سان رک.
ٻڌي توڪل طريقت تون سک
هل حقيقت ساڻ معرفت مطلب قلزم ڪاڻ
نانهه جو نڪتو سڃاڻ
(3)                          فقيرن ۽ مسڪينن سان محبت ڪرڻ نبي جو ڪم آهي، انهن سان گڏ ويهڻ پرهيزگارن جو ڪم آهي.
(4)                          غريب الله جو عيال آهي، انهن سان خنده پيشاني سان ملو ۽ عيب ۽ ثواب ڏي نه نهاريو.
پوشاڪ هن ريت هوندي هئن:
ڊگهي پهراڻ مٿان گيڙو رنگ جو دستار مبارڪ، ڪڏهن سائي ۽ نيري دستار پائيندا هئا. اونهاري جي موسم ۾ ڀرت ڀريل ٽوپي پهريندا هئا. هٿ مبارڪ ۾ عصا (لٺ) رومال به جهليندا هئا، چيچ ۾ منڊي پائيندا هئا، پيرن ۾ ڀرت ڀريل جتي پهريندا هئا، ڪڏهن بوٽ به پائيندا، اونهاري جا ٻه مهينا جون ۽ جولاءِ ڪڏهن آگسٽ ۾ پنهنجي عيال عزيز ۽ فقراءَ سميت ڪوئٽه ۾ گزاريندا هئا. گهڻو عرصو درگاهه فتح پور ۾ رهندا هئا. طالبن جي عرض موجب انهن جي ڳوٺن ۽ گهرن ۾ پير گهمائي خوشيون ۽ روشنيون بخشيندا هئا. خاص موقعن تي پنهنجي مرشد ڪامل پاران عطا ٿيل تاج پهريندا هئا. هر سال حضرت شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي ميلي تي حاضري ضروري ڀريندا هئا.


(ي) اولاد
سائين چيزل شاه کي الله تعالي ٽن فرزندن سان نوازيو:
(1)                                سائين صادق علي شاه، جيڪي هن وقت سجاده نشين آهن، فقيرن کي هدايت ۽ رشد عطا ڪري رهيا آهن، ننگر بٺي سان مسڪينن فقيرن ۽ مسافرن کي ڍؤ ڪرائن ٿا. حضرت سائين جن وانگر معمول مطابق ڪچهريون ۽ ٻيا مقرره اصول اختيار ڪندا رهن ٿا.
(2)                            سائين نياز حسين شاه عرف علي حيدر شاه.
(3)                          سائين رکيل شاه عرف علي اڪبر شاه.
ٽيئي فرزند پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ڇا حسن جمال ۾، قرب ڪمال ۾، سخا و عطا ۾ مروت ۽ محبت ۾، قال خواهه حال ۾ ڪنهن لفظي تعريف جا محتاج نه آهن.

خانواده سلاسل، طريقت
(1)                                جناب سرور ڪائنات، فخر موجودات حضرت محمد صه.
(2)                            حيدر ڪرار وصي رسول الله حضرت علي ڪرم الله وجه عليه السلام.
(3)                          شهيد ڪربلا، امام الشهداءِ حضرت امام حسين عليه السلام.
(4)                          سيد الصابرين و امام العاشقين حضرت زين العابدين عيله السلام.
(5)                            امام پنجم، انوار پيهم امام حق حضرت محمد باقر عليه السلام.
(6)                            روشن ضمير حضرت امام جعفر صادق عليه السلام (مدينه)
(7)                           حضرت موسيٰ ڪاظم ڪاظمين شريف عراق
(8)                           حضرت امام علي رضا مشهد مقدس ملڪ ايران.
(9)                              شيخ المشائخ حضرت معروف ڪرخي رح ڪرخ، ترڪستان.
(10)                           سردار السالڪين حضرت سري سقطي رحه اصفهان، ايران.
(11)                            حضرت خواجه جنيد بغدادري رحه، بغداد، عراق.
(12)                        خواجه شبلي ابوبڪر رحه مڪه معظمه، عربستان.
(13)                      مخدوم ابوالفضل عبدالواحد بن عبدالعزيز رحه، شهر يمن، ملڪ يمن.
(14)                      حضرت ابوالفرح عبدالله طرطوسي طرطوس، مصر.
(15)                        ابوالحسن علي بن محمد يوسف هنڪاري رحه، هنڪاري ترڪستان.
(16)                        مخدوم ابي سعيد بن علي مبارڪ مخزومي رحه، مخزوم، مصر.
(17)                       حضرت پيران پير محي الدين عبدالقادر رحه جيلاني، گيلان، عراق. (هتان قادري طريقو شروع ٿئي ٿو.)
(18)                       حضرت سيد عبدالرزاق شاهه رحه، بغداد عراق.
(19)                          اڪمل اولاوليا حضرت شهاب الدين-ملڪ روم.
(20)                       حضرت محمد شاهه بن احمد شاهه رحه-مڪه معظمه عربستان.
(21)                        حضرت حسن شاهه بغدادي-بغداد، عراق.
(22)                    حضرت محمد شاه بغدادي-بغداد، عراق.
(23)                  حضرت سيد علي شاه-شهر مدائن، ايران.
(24)                  حضرت سيد موسيٰ شاهه-تهران، ايران.
(25)                    حضرت سيد مير حسن شاهه-سرحد، شام.
(26)                    سيد ابوالعباس احمد شاه بن مير حسن شاه سرحد، شام ۽ يمن.
(27)                   حضرت خواجه بهاؤالدين ابراهيم-شهر بخارا، ترڪستان.
(28)                   ابوالفتح شمس الدين عرف شيخ شاهي – ملتان، پاڪستان.
(29)                      حضرت سيد عبدالمالڪ شاهه- بيجاپور، ڏکڻ هندستان.
(30)                     حضرت عنايت الله شاه، شاه عنايت شهيد جهوڪ سنڌ، ميران پور.
(31)                      مخدوم سيد اسماعيل شاه ٺٽو، سنڌ پاڪستان.
(32)                  مخدوم ابراهيم شاه ڊٻ وارو جهوڪ، ميرانپور.
(33)                مخدوم محمد زاهد شاه جهوڪ ميرانپور سنڌ.
(34)                حضرت فضل الله شاه قلندر، جهوڪ ميرانپور، سنڌ
(35)                  حضرت خواجه ابراهيم شاه، جهوڪ ميرانپور، سنڌ
(36)                  حضرت خواجه محمد شاهه، جهوڪ ميرانپور، سنڌ
(37)                 حضرت نوراني عبدالستار شاه، جهوڪ ميرانپور، سنڌ.
(38)                 حضرت پير رکيل شاه، فتح پور، بلوچستان پاڪستان.
(39)                    حضرت پير روشن ضمير مجدد و امام سيد چيزل شاه صاحب، فتح پور، بلوچستان.
(40)                     صوفي القادري سيد صادق علي شاه صاحب سجاده نشين درگاهه فتح پور بلوچستان.


تعارف ڪلام
هڪ بي بصير، هڪ صاحب بصيرت ۽ اهل نظر جي ڪلام تي تبصرو ڪري ته انهيءَ صاحب بصيرت جي اوصاف حميده، ڪلام جميله جي مدحت جي ڪماحقه تعريف نه ٿي سگهي ٿي، تاهم ڪجهه نه ڪجهه نڪات جي وضاحت ڪرڻ سان وڌيڪ رازن کلڻ جو رستو هموار ٿي وڃي ٿو. ان استواريت لاءِ بنده سعي ڪري ٿو، اميد ته حسب نيت ڪم جي تڪميل لاءِ اجر دارين سان مملو ٿيندو. آمين ثم آمين.
سائين چيزل شاه جي ڪلام شيرين ۾ ڪافي خوبيون ۽ خصوصيتون آهن. جن مان همه اوست هم ازاوست سر – فهرست آهن، عجز و نياز ۽ طلب حق لاءِ واضح اشارا ۽ حڪم ملن ٿا، جيڪي متلاشي حق لاءِ رهنما ثابت ٿين ٿا.

(الف) صنائع و بدائع
حضرت سائين چيزل شاه جو ڪلام اگرچه ڇند وديا تي آهي، تنهن هوندي به صنائع ۽ بدائع جون خوبيون موجود آهن.

1-                                      سلاست: سائين جن جي ڪلام ۾ هر مقصد آسان نموني سان سلجهائڻ آهي، مثلا:
1.                                        چشمن سان تير هڻڻ، نيڻ کڻن.
2.                                    دکن درد هزار، مليا ساٿ سورن جا.

2-                                  بلاغت: سائين جن جي ڪلام ۾ عام مفهوم وارن لفظن ۾ بلند خيالات جا آثار ملن ٿا.
1.                                        آيا سر تي سور عاشق
راتيان ڏينها روڄ ۾ رڙ
2.                                    عاشق الف سان اکڙيون اڙايون
بي جو ڀولو لاهيو تن.

3-                                فصاحت: سائين جن جي ڪلام ۾ هر مقصد چٽي طرح سمجهايل آهي.
1.                                        دم ويسارو دل کان ناهي
ياد هميشه يار ميان!
2.                                    اسم اعظم دا باب، اهو ئي
پير مغان ته پڙهايا هئه

4-                                صنعت تلميح: سائين جن جي ڪلام ۾ تاريخي ۽ داستاني واقعات جي ذريعي معرفت حقيقي جا درست ڏنل آهين.
1.                                        دارا سڪندر در تنهنجي
نانگا گهمن ٿا نرالا
2.                                    سک منصوري مام سڃاڻي
سر سوريءَ تي نيزي چاڙهي
دارا ايران جو شهزادو هو. سڪندر، دنيا جو فاتح هو، اهي به گداگر آهن مالڪ وٽ. اهڙي طرح هر دينوي لحاظ وارا امير خواه غريب مرشد وٽ گداگر آهن.
منصور حلاج هڪ همه صفت بزرگ هو، جنهن همه اوست ۽ همه ازوست جو نعرو هڻي عوام کي باخبر ڪيو.

5-                                  صنعت، تجاهل، عارفانه: اهڙي ڳالهه جيڪا ڄاتل سڃاتل هجي پر اڻ ڄاڻ بڻجي پڇجي ته ڇا آهي.
1.                                        اربع عناصر نام سڏائين،
ڪاڏهن آئين ڪاٿي ڄائين.
جيتوڻيڪ صاحب ڪمال ماڻهوءَ کي سڃاڻي ٿو، اهو ڪٿان آيو ۽ ڪٿي ڄائو، پر سمجهاڻي خاطر سوال پڇي مقصد کي واضح ڪرڻ گهري ٿو.
2.                                    ڪيئن مسافر ڪاڏهن آئين،
ڪاٿي آ تنهنجي اصلي جاءِ.
هن ۾ آمد جي جاءِ بابت ڳالهه پڇيل آهي، مگر ڪلام ۾ اڳتي هلي اصلي مڪان جي وضاحت ڪيل آهي.

6-                                  صنعت حرفي تجنيس: اهڙا لفظ جيڪي ساڳئي هڪ آواز سان شروع ٿين.
1.                                        جيرا جوش جلايا
”ج“ هر لفظ جي شروعات ۾ آهي.
2.                                    نازين نال نويا
”ن“ هر لفظ جي شروعات ۾ آهي.

7-                                 استخاره: سائين جي ڪلام ۾ عام ڳالهين کي مخصوص راز ڏانهن ڀيٽي مقصد سمجهايل آهي.
1.                                        ڏسي باهه مچ تون،
پتنگ وانگي پچ تون.
باهه مچ جو مقصد عشق الاهي آهي، پتنگ مان مراد عاشق حقيقي آهي، مگر استعاري طور مچ ۾ پتنگ ڪم آيل آهي.
2.                                    لهر ۾ لڙهندا ڪنڌي نه ڪائي،
توڪل ترهي تاريو آ.
لهر گردش دنيا جي، ڪنڌي آرام جي جاءِ، ترهو ڪاٺي جو تختو ۽ سهارو، اهي سڀ شيون سمنڊ سان لاڳاپو رکن ٿيون، مگر عاشق انهن کي دنيا جي صفتن سان ڀيٽي پنهنجي حبيب کي ٻڌائي ٿو ته، توڪل ۽ تنهنجي محبت جي باعث عاشق حقيقت کي پهچي ويو آهي.

8-                                 ڪنايه: اهڙي لفظي معنيٰ جيڪا هوبهو نه هجي، مگر ڪنهن خوبيءَ سبب استعمال ڪري ٻئي شيءِ سان ڀيٽجي.
1.                                        مشرگان مارن تير تفنگ،
ابرو نين اڙاون جنگ.
مشرگان ظاهري طور ڪمان ناهن، مگر ڪنايه طور ڪمان جي مفهوم ۾ لکيل آهن.
ابرو ۽ نيڻ جنگجو نه آهين، مگرل تمثيل طور جنگجو ڄاڻايل آهن.

9-                                    صنعت تضاد يا مطابقت: اهڙو ڪلام جنهن ۾ متضاد لفظ به هجن ته پاڻ ۾ مطابقت به رکن.
1.                                        ڪل پوندي ڪين مون،
ٿي نفي مان اثبات.
نفي جو ضد اثبات، پر ٻئي هڪ ٻي سان نسبت رکن ٿا.
2.                                    ٿي شتاب شمع تي،
پتنگ جان پچاوين،
شمع ۽ پتنگ هڪ ٻئي جا ضد آهن، مگر پاڻ ۾ محبت جي ڪري نسبت رکن ٿا.

10-                                 اصطلاح: اهڙا لفظن جا ميڙ جيڪي ڪن واقعن جي حقيقت سان تعلق رکي ٻئي معني ۾ ٻڌائين.
1.                                        سچو سنڌرو ٻڌم ساهي،
راضي آهيان تنهنجي راز تي.
سنڌرو ٻڌڻ تيار ٿي ڪم شروع ڪرڻ (اصطلاح)
2.                                    سور سڀيئي پاتم جهولي،
ماءُ ڏکان دي ڏتڙم لولي.
سور جهولي جهلڻ ڏکن جي لولي اصطلاح آهن.

11-                                  ملمع: ڪلام ۾ ثابتيءَ لاءِ قرآن پاڪ مان حوالا درج ڪيل آهن.
قم باذني قول ڪها ڪر
”قم باذني“ منهنجي اجازت سان اٿ عربي فرمان آهي، جيڪو حضرت عيسيٰ عليه السلام ڏانهن منسوب آهي. ”فاذڪ روني اذڪرڪم“ پري ناهين توکان وار ميان. ”فاذڪروني اذڪرو ڪم“ تون مون کي ياد ڪر، مان توکي ياد ڪريان، هر هڪ مومن کي امر ڪيل آهي.

12-                              صنعت تضمين: ڪلام يقيني بنائڻ لاءِ قرآن پاڪ کان ضامن آيت پيش ڪري ٿو.
1.                                        وهي يتوڪل صلي الله فهو حسبه.
2.                                    هذا ايحبونهم في الظلمات.
3.                                  من ذالذي يشفع عنده الا باذنه.
4.                                  ان الذين آمنو
سائين جن جي ڪلام ۾ ٻيون به گهڻيون صنعتون موجود اهن، مگر طوالت سبب اختتام ڪجي ٿو.

(ب) صوفيانه رنگ
سائين جن جي ڪلام ۾ عجز و نياز به آهي، ته سرمستي به موجود آهي. سائين چيزل شاه جن جنهن ماحول ۾ پلي جوان ٿيا، اهو ماحول ئي روحاني هو، يعني ڄمندي ڄام هئا. سندن ڪلام ۾ روح ۽ رب جي وچ ۾ يڪرنگي جو نعرو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ڪثرت ۽ وحدت ۽ وحدت مان ڪثرت جي مام ملي ٿي.
1.                                        بيرنگ برقعو پائي
آيو آدم هت اظهار ٿي.
2.                                    بيرنگ برقعو بشريٰ پاتم،
سڀ چيزل سينگار.
3.                                  قلندر لعل اپني سي، جلالي هون جلالي هون،
نشا وحدت خمر پيئا، موالي هون موالي هون.

سائين جن جي ڪلام ۾ سچل سرمست واري سرمستي آهي ته وري شاهه ڀٽائي واري عجز و انڪساري به ڪثرت سان ملي ٿي.

(الف) سرمستيءَ وارو ڪلام ۽ سائين چيزل شاهه

سچل سرمست
1-                                      صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.
2-                                  سچل آءُ تان ناهيان، پوءِ ساري سڌ پيام ٿو پاڻ ٻاروچو ٻول.

سائين چيزل شاهه:
1-                                      چيزل عين الله جو آهي، ڪونهي ڪوڙ خلاف
2-                                  شغل شهانا، پائي ڳل ڳچي ڳانا.
ڪري ڪير معنيٰ، چيزل ڳالهايو.
3-                                فيئون فثمه الله، وجه حق تجلا
هر جاءِ نور الله، نظر سان نياز.

شاهه ڀٽائي:
1-                                      پنهون هيس پاڻ، سسئي تان سور هئا
2-                                  سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله
سو پرين جو پساهه، سو ويري سو واهرو.

سامي صاحب جو سلوڪ:
کوجن لڌو کوج، پرچي پريم نگر جو،
ٻڌئين ٻانڀڻ چوي، تنهن ۾ سهج سروج،
هردئي منجهه هر وج، درسن ڪري دوست جو.

سائين چيزل شاه جي ڪلام ۾ طلب ۽ تات جاري رکڻ لاءِ هيٺيان ڪلام ملن ٿا:
1-                                      آڌوتي الف کان واندا ڪين وهن
2-                                  ماري نفي نفس کي ڇڏ وڃائج پاڻ
3-                                راتيان ڏينهان رڙي، وڃي هادي سان هو رسيا

ڪبير ڀڳت چوي ٿو:
1-                                      بن پيا جئا ترسي
ڪالي بدريا مورا جئا ڊلائي
2-                                  ميرا پيارا پيا پرديس
اب تو نه رهيو جاءِ نه ديس

مولانا رومي:
هر ڪجا تو با مني من خوشدلم
ور بود درقعر گوري منزلم

1-                                      من ۾ يار جي جلوي بابت رومي جو ڪلام سائين شاه جي ڪلام جي تشريح آهي.
2-                                  تو مڪاني اصل در لامڪان،
اين دڪان بربند و بکشان آ دڪان.

سائين چيزل شاه
جاچي ڏس جيءَ اندر۾ سارو ٿي سبحان،
چيزل سمجهه پوئي تون ڄاڻ هرجاءِ حاضر هڪ ٿي.

سائين چيزل شاه جي ڪلام ۾ رندي، سرمستي:
سيرت نگاري، فطرت نگاري، طلب حق لاءِ قرباني، محبت لاءِ سر جي بازي، درس انساينت جا گهڻا آثار ملن ٿا.
سندس ڪلام عجز ۽ نياز بابت پاڻ کي ڪڏهن سسئي سان، ڪڏهن هير سان ۽ ڪڏهن مارئي سان ڀيٽي ٿو. ڪڏهن طمع تياڳڻ، نفس کي مارڻ لاءِ آڌوتي، سامي، جوڳي ۽ فقيرن سان ڀيٽي محنت جاري رکڻ جو درس ڏئي ٿو.
سندس ڪلام ۾ دوئي، غيرت کي مذمت ڪيل آهي، هميشه وحدت وارو پيالو آهي، جنهن ۾ محبت، عشق پيار آهي، ان جو آسائتو آهي.
سائين چيزل شاه ڪٿي وري منصور، سرمد، شاه عنايت، سچل فقير، روحل فقير، سائين رکيل شاه وانگر دم هڻي ٿو، ته ڪٿي شاه ڀٽائي، ڪبيرڀڳت، گرونانڪ، سامي وانگر عجز ۽ نياز جو پتلو بڻجي وڃي ٿو. ڪٿي رومي، جامي ۽ سعدي وانگر طالب ٿي زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿو، ڪٿي حضرت جنيد، بايزيد بسطامي، امام معروف ڪرخي وانگر رياضت الاهي ۾ مصروف رهڻ لاءِ درس ڏئي ٿو. ڪٿي ساڌن فقيرن ۽ تارڪ الدنيا فقيرن وانگر حرص ۽ هوا کي ترڪ ڪرڻ لاءِ اصرار ڪن ٿا.
مطلب ته ڪلام ۾ هر رنگ موجود آهي، جيڪي اکين وارا آهن، اهي ڏسي سگهن ٿا، حق تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا. اڻ ڄاڻن لاءِ مامه هجي جيڪا پوءِ انهن جي دلين تان دوئي جا پردا چاڪ ڪري.
(ڪتاب بحرالعميق تان ورتل)
حضرت سيد چيزل شاه صوفي القادري رحه فتحپور بلوچستان واري جا واقعه ڪربلا بابت بيت:
ڪربلا ۾ قهر ٿيو ڪيڏا هل حشر
ڪوفين ڪاغذ لکيا رکي ڊوھ مڪر
شھزادا هليا شام ڏي سڀئي ساڻ سفر
ڪٽا اهي ڪافر چيزل جيڪي سيد سان سامهون ٿيا.

ڪربلا جي پڙ ۾ آيو حر ڪري هڪل
ڪٽڪ ڪارونڀار مئون آيو هيڪلو هيڪل
تنهن سورھ تئون صدقو وڃان آيو سختي منجھ مهل
ٻَڌي تن اندر توڪل سهڻا چيزل شير شھيد ٿيو.

ڪافئون قلم لکيو عاشقن جي ته ازل
وهواه سختي صبر سان سليو مردن انهي مهل
هيو امتحان عشق جو پر ظاهر منجھ زلل
عشق جي عين اُڇل سائين چيزل شير شهيد ٿيو.