Monday, 30 April 2018

باليءَ وارو مير علي نواز “ناز”


مير علي نواز ناز 9 آگسٽ 1884ع تي ڪوٽڏيجي ۾ جنم ورتو.
سوانح
رياست جو ٽيون نمبر حڪمران هو. هزهائينس مير علي نواز ”ناز“ (His Highness Mir Ali Nawaz Naz) وڏي ناز ۽ اندز سان پليو. هن جي تعليم ان وقت جي لائق استادن جي هٿان ٿي. انگريزي تعليم جي لاءِ هندستان جي وڏي تعليمي ماهر خواجا غلام سبطين جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. کيس خواجا صاحب جي رفاقت ۾ چيفس ڪاليج لاهور ۾ داخل ڪيو ويو. اتي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ کيس، ”امپيريل ڪئڊيٽ ڪور ديرادون“ موڪليو ويو. فوجي سکيا وٺڻ بعد هو ڪيپٽن ريڊئي جي ساٿ ۾ ولايت ويو ۽ نَوَ مهينا لنڊن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ هن سڄي يورپ سان گڏ مصر، ايران ۽ عراق جو به سير ڪيو. ولايت مان موٽڻ کانپوءِ هو هندستان جا به گهڻا ئي شهر گهمندو، خيرپور آيو. انهيءَ سفر کيس دنيا جي لاهن چاڙهن کان گهڻو واقف ڪيو ۽ گهڻا ئي مشاهدا ۽ تجربا پلئه پيس. رياست خيرپور جي والي ۽ سندس والد مير امام بخش خان 8 فيبروري 1921ع تي وفات ڪئي ۽ مير علي نواز ”ناز“ کي برادري جي پڳ ٻڌرائي ويئي. 25 جون 1921ع تي سرڪاري طور تي سندس تخت نشيني عمل ۾ آئي. مير صاحب ولي عهدي ءَجي زماني کان ئي يورپ ۽ هندستان جي سير ۽ سفر جي ڪري گهڻو تجربو پرايو هو. سندس دل جوش ۽ جذبي سان ڀريل ۽ دماغ بهترين صلاحيتن سان سينگاريل هو. سندس ذات ۾ قوم ۽ وطن جي بهتريءَ لاءِ وڏيون اميدون هيون. کيس به پنهنجي رياست کي مثالي رياست بنائڻ جو خيال آيو. گاديءَ تي ويهڻ شرط رياست ۾ وڏا سڌارا آندائين. رعيت تان ڇيڙ ۽ بيگر جي پراڻي مصيبت معاف ڪيائين. تعليم تي اڳين کان وڌيڪ ڌيان ڌريائين. رياست جي سموري زمين جي ماپ ڪرائي ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا. خيرپور شهر ۾ پاڻي جي نلڪن ۽ بجلي جو بندوبست ڪيو ويو. سرڪاري نوڪرن لاءِ پينشن جو بندوبست ڪري، سندن سروس بوڪ رکيا ويا. اڳين عدليا مير صاحب ۽ وزيرن جي هٿ ۾ هوندي هئي، پر هاڻ عدالتي کاتو کولي ڊسٽرڪٽ جج، سيشن جج ۽ سب جج مقرر ڪيا ويا. انهن سڌارن سبب رياست جي آبادي وڌي ويئي ۽ اُپت ۾ واڌارو ٿيو. رياست ۾ خوشحالي آئي ۽ هرڪو سکيو ستابو ٿيندو ويو، جنهن ڪري مير صاحب جي عوام ۾ هر دلعزيزي وڌندي ويئي. ميرعلي نواز ”ناز“ بنيادي طرح هڪ آزاد طبيعت جو ماڻهو هو. ولايت ڀيٽيل هيس. سو لاهور جي هڪ ڳائڻي اقبال بيگم عرب بالي جي محبت ۾ وٺجي ويو. شايد قدرت کي اهو ئي منظور هو. مير صاحب جون اکيون مائي صاحبا ۾ ۽ وري مائي باليءَ جون اکيون ميرصاحب جي مايا ۾ کپي ويون. ٿورن ئي ڏينهن جي ميل ميلاپ کانپوءِ مائي بالي مائٽن سان ملڻ جي بهاني، مير صاحب جو ارڪو ترڪو کڻي لاهور هلي ويئي. ائين ٻين ٽپڙن سان گڏ ميرصاحب جا وڏن کان ورثي ۾ مليل اٺن لکن جا هيرا جواهر به هضم ٿي ويا. بيگم اقبال عرف بالي جو لاهور وڃڻ ڇا ٿيو. مير صاحب کي جدائي جهوري وڌو. وڏا وس ڪيائين، منٿون ميڙون ڪيائين، ويندي بمبئي جي گورنر کي درخواست ڪيائين، جيئن محب موٽي ملي ۽ جدائي جي ڊگهي رات ختم ٿئي. پر وريو ڪجهه به نه ۽ ميرصاحب جدائي جي باهه ۾ جلندو رهيو. آخر هڻي گهڻن سالن کانپوءِ وڃي مير صاحب جي منٿن جو اثر ٿيو ۽ مائي بالي ”هيرا منڊي“ مان نڪري خيرپور آئي ۽ مير صاحب جي پَٽ راڻي بڻي. ائين عشق ۾ جلڻ، جدائي جي غم ۽ پوءِ محبوب جي ملڻ ۽ درٻارين ۽ٻين ماڻهن طرفان فضول خرچين ۽ رياست جي ڪاروهنوار ڏانهن ڌيان نه هئڻ سبب، رياست جو نه رڳو خزانو خالي ٿي ويو، پر انتظام به درهم برهم ٿيڻ لڳو. راوي روايت ڪن ٿا ته ميرصاحب جو سالو ميان بگو سَون جا نوٽ سُلفي ۾ وجهي ساڙڻ لڳو. حال وڃي اتي بيٺو جو ڪجهه مهينا سرڪاري ملازمن کي پگهارون به ملي نه سگهيون. اهو حال ڏسي برطانيا سرڪار، وزارت جو عهدو ڪڍي، رياست جي حڪومت جو انتظام هڪ ڪائونسل جي حوالي ڪيو. ان ڪري ميرصاحب جا اختيار گهٽجي ويا ۽ سندس خرچ پکي لاءِ به ماهوار وظيفو مقرر ڪيو ويو. نيٺ وڏي ڊڪ ڊوڙ کانپوءِ ٻن ٽن سالن ۾ اها ڪائونسل ختم ڪرائي، وزير ورتو ويو. ڪائونسل جي ناڪامي کانپوءِ هو صرف آئيني سربراهه رهيو ۽ حڪومت جي سڄو ڪاروهنوار انگريز وزير جي هٿ ۾ رهيو. محدود پگهار مان مير صاحب جي خرچ جو پورائو ٿي نه سگهيو ۽ هو ڏاڍو ڏکيو وقت گذارڻ لڳو. هڪ طرف عشق جو ڪاروبار، ٻئي طرف اختيارن جي ڪمي ۽ تنگدستيءَ سندس زندگي کي زهر بنائي ڇڏيو. پنهنجي غم غلط ڪرڻ لاءِ هو سارو وقت شعر و شاعري، راڳ ويراڳ ۽ شيل شڪار ۾ گذارڻ لڳو. ميرعلي نواز ”ناز“ بنياد طور تي هڪ جذباتي ۽ عاشقانه مزاج ماڻهو هو. سنڌ کان ٻاهر هندستان جي جداجدا جڳهن ۽ يورپ، ايران ۽ مصر جي مختلف شهرن جي سير سفر ڪري، فطرت جو وڏو مطالعو ڪيو هئائين. ان کانسواءِ گهر ٻار کان وڇڙي وڃڻ، ڪافي وقت جي شفقت کان محروم رهڻ ۽ عشق جي اوڙاهه ۾ اچڻ ڪري، سندس دُکي دل مان دانهون نڪرڻ لڳيون. دراصل اهي دانهون پرت جو پچارون بڻجي، سندس دلي جذبن جي ترجماني ڪرڻ لڳيون ۽ موزون لفظن جي سانچي ۾ اچي شعر بڻجي ويون. هو وڇوڙي جا ورلاپ ڪندي هڪ سٺو شاعر بڻجي ويو. غم غلط ڪرڻ لاءِ سخن جي مشق جاري رکيائين ۽ شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. سندس تخلص ”ناز“ هو ۽ آغا قزلباش دهلي جو شاگرد هو . ميرصاحب جي همعصر ۽ شاعر دوستن ۾ مولوي محمد صادق راڻيپور وارو، مرزا قليچ بيگ، نواب گل محمد خان زيب جهل مگسي وارو، مخدوم الهه بخش عاصي کهڙن وارو، فقير هدايت علي نجفي، عبدالرزاق ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي اڪثر وٽس اچي روح رچنديون ڪندا هئا. اردو شاعرن مان آغا شاعر قزلباش، مولانا سُهاءِ، حفيظ جالندهري ميرصاحب جا مداح ۽ درٻاري شاعر هئا. ميرصاحب هڪ درويش ماڻهو هو، هو مذهبي ڇڪتاڻ کان پري هوندو هو. سندس دلي تمنا هوندي هئي ته سنين ۽ شيعن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ گهرجي. ان لاءِ هن راڻيپور جي مشهور اديب ۽ عالم مولانا محمد صادق جي مدد سان هڪ اردو رسالو ”دعوت الاعتمام بدين الله الاسلام“ لکي شايع ڪرايائين ۽ ”دين الله“ نالي هڪ خدائي تحريڪ جو بنياد رکيائين. هن تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هر فرقي مسلمان کي عام دعوت ڏني ويئي اها تحريڪ به شهنشاهه اڪبر جي ”دين الاهي“ وانگر ڪامياب ٿي نه سگهي ۽ ميرصاحب جي وفات کانپوءِ ختم ٿي ويئي. ميرصاحب، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ پڻ شاعري ڪئي.
مير علي نواز ناز جا ڇپيل ڪتاب
ميرعلي نواز ”ناز“ جا نثر ۽ نظم ۾ ڪل 13 ڪتاب تصنيف ڪيل آهن، جيڪي هن ريت آهن. (1)خلوت عشق (2)طوفاني عشق (3)آتش عشق (4)بياض ناز (شاعري) (5)خمڪده خيام مئڪده نازڪ (عمر خيام جي پنجاهه رباعين جو منظوم ترجمو) (6)گنجينئه خرد (رباعيون جن جو فارسي ترجمو فقيرهدايت علي نجفي (تارڪ) لعلو رانوڪ واري ڪيو) (7)گلدسته ناز (اردو غزل) (8)ڪليات ناز (اردو) (9)سياحت يورپ (هي ڪتاب اردو ۽انگريزي ٻنهي زبانن ۾ يورپ جي سفر بابت آهي) (10)داستان ليلى مجنون (نثر-اردو-انگريزي) (11)خطبهءَ مدارت (12)دعوت الاعتمام بدين الله لاسلام (نثر ۾) (13)گاڊس رليجن (هي ڪتابڙو مٿين ڪتاب دعوت الاعتمام جو انگريزي ترجمو آهي) اهي سڀ ڪتاب سندس زندگي ۾ ئي شايع ٿيل آهن. مٿين ڪتابن کانسواءِ 1987ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ميرصاحب جي سنڌي، سرائيڪي ۽ چونڊ اردو ڪلام جو مجموعو ”ڪليات ناز“ پڻ ڇپرايو ويو آهي. جيڪو 213صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ميرصاحب جو ڪجهه اڻ ڇپيل ڪلام پڻ شامل اشاعت ڪيو ويو آهي. انهي ڪتاب جو مؤلف پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ آهي.
لاڏاڻو
ميرعلي نواز ”ناز“ 28ڊسمبر 1935ع تي وفات ڪئي. سندس لاش کي ٻه سال امانت طور ڪوٽڏيجي جي امام بارگاهه ۾ رکيو ويو. جتان 19 فيبروري 1937ع تي ڪربلا مولا موڪليو ويو.
(وڪيپيڊيا)
باليءَ وارو مير علي نواز “ناز”
پروفيسر نذير احمد سومرو
ڪن شهرن ۽ ڪن شخصيتن جو تهذيبي ۽ تاريخي داستان، ڪڏهن عجيب ۽ ڪڏهن عجيب تر ٿئي ٿو. عام مشاهدو ته اهو آهي؛ ڪن شهرن، ڳوٺن، رياستن يا منجھن رهندڙ شخصيتن جي تاريخ پنهنجي دؤر جي فروغ ۾ توسيعي معنيٰ جي لحاظ کان گهڻو ڪري ڪيترن ئي ملڪن جي تاريخ کان به گهڻي وڏي هوندي آهي. اهڙا شهر يا ڳوٺ پنهنجي شخصيتن جي حوالي سان سڃاڻپ ۽ انهن جي ڪارنامن جي ڪري ڪيترن ئي جماعتن ۽ سياسي پارٽين تي فوقيت رکندا آهن. ڪجهه شهر ۽ شخصيتون ته پنهنجي سيني اندر تاريخي سفر اهڙي طرح سمائي ڇڏيندا آهن، جو اهي پنهنجي شاندار ماضيءَ جو، اکين ۽ ذهنن کي نيرو ڪندڙ روشنيءَ ۾، پنهنجي سفر جي ڪهاڻي ٻڌائيندي نظر ايندا آهن. اهڙن شهرن يا رياستن منجهان رياست خيرپور ۽ ان جو مثالي، دردمند ۽ عاشقاڻو مزاج رکندڙ شاعر ۽ حڪمران مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر به هڪ آهي. جڏهن رياست خيرپور ۽ ان جي واليءَ مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر جي دؤر واري تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته بي اختيار، اردوءَ جي نفيس ترين شاعر، مرزا اسد الله خان غالب جو هيءُ شعر ذهن جي پردي تي اڀري اچي ٿو:
محفلين در هم ڪري هي، گنجفه باز خيال،
هين ورق گرداني ڪه نيرنگ يک بتخانه هم.

منهنجي ننڍپڻ جون يادون، جيڪي مون کي اڃا تائين ٻکَ ھنيون بيٺيون آهن، انهن ۾ هڪ ياد مير علي نواز خان “ناز” جي نالي سان لاڳاپيل آهي. منهنجي بابا سائين عبدالحميد خان سومري هڪ ڏينهن پنهنجا ضروري ڪاغذات اٿلائيندي هڪ اهڙو دستاويز به ڏيکاريو، جنهن جي پيشانيءَ تي حڪومتِ برطانيا جي سرڪاري مُھر ۽ نشان بجاءِ رياست خيرپور جي حڪمران مير علي نواز خان “ناز” جي گول دائري ۾ تصوير ۽ ٻه هرڻيون (رياست خيرپور جو سرڪاري مونوگرام) ڇاپيل هيون.
منهنجي والد صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته رياست خيرپور جي حڪمران ميرن منجهان مير علي نواز “ناز” ٽالپر پهريون حڪمران هيو، جنهن جي حڪومت واري دؤر ۾ رياستي دستاويز (Affidavit)، پگهار جون ٽڪليون، سڪا ۽ رياست جي سرڪاري ملازمن لاءِ سروس بڪ ۽ پينشن جا فارم جاري ۽ رائج ڪيا ويا. رياست خيرپور ۽ هاڻي تعلقي گنبٽ جي شهر گنبٽ جي اتر ۾ کهڙا-رپڙي روڊ تي هڪ ڳوٺ علي بخش سروهيءَ جي رياست واري دؤر جي ٻن تپيدار ڀائرن مرحوم مولوي نور محمد سروهيءَ ۽ ميان فيض محمد سروهيءَ يا ڳوٺ جي وڏيري علي بخش سروهيءَ، سائين حاجي در محمد سومري ۽ سائين عبدالحميد سومري کي اهڙا سڪا ڏيکاريا هيا، جن تي هڪ پاسي رياست خيرپور جو مونوگرام ۽ ٻئي پاسي رياست جي حڪمران مير علي نواز خان “ناز” جي شبيهه ۽ سن اڪريل هئا.
ائين لکڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته رياست خيرپور جي حڪمران مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر کي برصغير جي مغليه گهراڻي جي شهنشاهه شاهجهان جهڙي حيثيت حاصل هئي. جيئن شاهجهان پنهنجي دؤر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا، مسجدون ۽ مدرسا جوڙايا ۽ انهن لا مالي امداد ڪئي، تيئن مير علي نواز خان “ناز” به پنهنجي حڪومتي عرصي ۾ شيعه عقيدي واري مڪتبهء فڪر رکڻ جي باوجود، ديوبند طرز جي ٺيڙهي واري مدرسي جي مالي امداد هڪ طرف ڪئي، ته ٻئي طرف مڪتبئه بريلوي جي مدرسي، درگاهه/خانقاهه کهڙا نزديڪ گمبٽ سان پڻ مالي سهڪار ڪيو. درگاهه عاليه کهڙا جي مخدوم سجاده نشينن سان پڻ مير علي نواز خان “ناز” جا گهرا ۽ گهاٽا لاڳاپا رهيا. کهڙا جي مخدومن واري درگاهه جي موجوده سجاده نشين مخدوم نديم احمد هاشميءَ کي پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ جيڪي نوادرات مليا آهن، تن ۾ مير علي نواز خان “ناز” جا خط ۽ سندون، سندس ئي دستخط ڪيل ۽ مُهرن سميت شامل آهن.
اهو به ڪيڏو نه تاريخي ۽ حسين اتفاق آهي، جو جيئن مغل شهنشاهه شاهجهان جي گهرواريءَ جو نالو ممتاز بيگم هو، ائين مير علي نواز خان “ناز” جي ٻيو نمبر گهر واريءَ جو نالو به ممتاز بيگم هو. مير علي نواز خان “ناز” جي ممتاز بيگم سان شادي حيدرآباد دکن ۾ ٿي هئي ۽ ممتاز بيگم جو تعلق حيدرآباد دکن جي هڪ معزز گهراڻي سان هو. شاهجهان ۽ مير علي نواز “ناز” ٻنهي پيار واريون شاديون ڪيون. ممتاز محل پنهنجي عاشق مڙس شاهجهان جي هٿن ۾ دم ڏنو، پر اسان جي هن عاشق مزاج شاعر ۽ حڪمران مير علي نواز خان “ناز” پنهنجي محبوبه ۽ زال بالي بيگم جي ٻانهن ۾ پساهه پورا ڪيا. جيڪڏهن رياست جي راڻي بالي بيگم، مير صاحب جي حياتيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ها ته عين ممڪن هيو ته هن جي مزار مٿان خيرپور رياست جي شهرن، ڪوٽ ڏيجي يا ڪوٽ بنگلي ۾ تاج محل جهڙو ڪو محلات-نما مقبرو مير علي نواز خان “ناز” ۽ بالي جي محبت جو “يادگار” هجي ها.

پراڻي خيرپور رياست ۽ موجوده ضلعي خيرپور جي ناظمه سيده نفيسه شاه کي هڪ خط لکي چڪو آهيان، جنهن ۾ کيس گذارش ڪئي اٿم ته پراڻي رياست خيرپور جي راڻي بالي جي ياد ۾ خيرپور شهر ۾ ڪو يادگار کڙو ڪرايو يا ٺهرايو وڃي. ٻيو نه ته به گهٽ ۾ گهٽ خيرپور جي ضلعي اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرائي، خيرپور شهر کان ڪوٽ ڏيجي ڏانهن ويندڙ قومي شاهراهه تي ٺهيل “وَن يونٽ” بلڊنگ جو نالو مٽائي ۽ بدلائي “بالي بلڊنگ” رکيو وڃي. ائين جيئن حيدرآباد ۾ ٿڏي سڙڪ تي ٺهيل “ون يونٽ بلڊنگ” جو نالو مٽائي “شهباز بلڊنگ” رکيو ويو آهي.
جيئن اردوءَ جي ڪن نقادن، مغليه خاندان جي آخري حڪمران بهادر شاهه ظفر، لکنوءَ جي آخري تاجدار واجد علي شاهه، رامپور جي نواب ڪلب علي خان جي شاعريءَ تي پاڻي ڦيريو، تيئن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اڌ اديب به رياست خيرپور جي واليءَ ۽ ڪلاسيڪل شاعر مير علي نواز خان “ناز” جي شاعريءَ تي اِيئن منڌيئڙو پاتو. جيئن اردوءَ جي هٿراڌو نقادن فارسيءَ جي بلند پايه شاعره ۽ اورنگزيب جي ڌِيءُ زيب النساء عرف حافظ مخفيءَ جي شاعري کي سندس شاعريءَ ۾ شروعاتي استاد، فارسيءَ جي نامور عالم ۽ ايراني نزاد شاعر ملا سعيد اشرف جي کاتي ۾ لکي ڇڏيو. ملا سعيد اشرف ته رڳو حافظ مخفيءَ جي شاعريءَ جي شروعات ۾ اصلاح ڪندو هو، حد ته اِها آهي جو ايران جي مشهور اديب گلچين معاني، زيب النساء مخفيءَ جا ٻه ٽي شعر ۽ هڪ اڌ قطعو کڻي سندس ڏاڏي شاهجهان جي ذاتي طبيب حاذق گيلانيءَ جي ذهن ۽ فڪر جي پيداوار ڄاڻايا آهن. (ڏسو مضمون: معمائي ديوان مخفي، از محمد گلچين معاني. ماهانه “هنر وَ مردم” تهران، ايران. شمارو 172، صفحو 38).
1942ع ۾ لاهور پاڪستان مان شايع ٿيندڙ هڪ ڪتاب “ڪلماتِ الشعراء” امن حوالي طور کڻي، احمد گلچين جي شعرن کي حاذق گيلاني جا شعر سمجهي، ان جي کاتي ۾ ڄاڻائي ٿو. اهي سڀ شعر “ديوان مخفي” مرتب عبدالباري آسي، نول ڪشور پريس ڪانپور/لکنؤ، يو-پي انڊيا ۾ 1942ع کان گهڻو اڳ موجود آهن. هي نسخو سائين حاجي در محمد سومري ۽ بابا مرحوم عبدالحميد سومري کي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان تعليم پوري ڪري سنڌ موٽڻ مهل هڪ دوست “بسمل ڪان پوريءَ” برِصغير جي اهم ڪميونسٽ ليڊر سيد جمال الدين بخاريءَ جي روبرو علي ڳڙهه ۾ ڏنو هو ۽ اهو نسخو خيرپور جي پراڻي لائبريريءَ ۽ سڄي برِصغير يا پاڪستان جي سٺن وڏن ڪتب خانن ۾ پيل آهي.
فرض ڪجي ته مير علي نواز خان “ناز” جي اردو شاعري سندس درٻاري شاعرن جي ڪيل آهي ۽ هو شعر ئي ڪونه چوندو هيو ته پوءِ مير علي نواز خان “ناز” جي سموري سنڌي شاعري ۽ رباعيات عمر خيام جي ڪيل سنڌي منظوم ترجمي کي ڪنهن جي کاتي ۾ رکجي ۽ لکجي؟ ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن تان نشر ٿيندڙ سندس ڪلام:
عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان
يا
تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان
يا سرائيڪي ٻوليءَ ۾:
اڄ خواب دي وچ سهڻا ياد آيا
اڄ به موسيقي ۽ ڳائڻ وڄائڻ وارن، توڙي عام ٻڌندڙن کي طراوت بخشن ٿا، ۽ انهن جي سالن پڄاڻا به بيحد مقبول آهن. ولي عهد مير علي نواز خان “ناز” جو ننڍپڻ ڪوٽ ڏيجي ۾ ۽ ڦوهه جواني وارو عرصو لاهور، ڀوپال، دهلي، لکنؤ ۽ رياست حيدرآباد دکن ۾ گذريو. ان حالت ۾ اردو زبان هن لاءِ نئين ۽ اوپري ڪانه هئي. اردوءَ جي شاعراڻي دنيا ۾ شاعرِ انقلاب جو لقب ماڻيندڙ، حضرت جوش مليح آبادي، لاڙڪاڻي جي هڪ ادبي تنظيم “بزمِ ادب” جي طرفان ٿيل مشاعرن ۾ اها ڳالهه ڪيترائي دفعا ورجائي هئي ته رياست خيرپور جي ولي عهد مير علي خان “ناز” سان هن جو يو.پي ۽ رياست حيدرآباد دکن جي ڪيترن ئي وڏن ۽ سٺن شاعرن کي تپرس ۾ آڻي ڇڏيندي هئي. ان کان سواءِ هِز هائينس مير علي نواز خان “ناز” جي اردو شاعريءَ جا ثبوت علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جا شايع ٿيل رسالا پنهنجو پاڻ شاهدي ڏيڻ لاءِ تاريخ جي صفحن ۾ اِئين قيد آهن، جيئن خيرپور جو هيءُ نازڪ مزاج شاعر حڪمران باليءَ جي محبت ۾ قيد هيو. سندس اردو شاعريءَ ۾ هيٺ ڏنل غزل يا ڪي ٻيا غزل اردوءَ جي ڪنهن به وڏي غزل گو ۽ ڪلاسيڪل شاعر جي شاعريءَ جي مقابلي ۾ آڻي سگهجن ٿا. مير علي نواز خان “ناز” جو هر غزل تغزل سان ٽٻ هوندو هو. مير صاحب جي هن غزل جا ڪجهه بند پڙهو، ته داد ڏيڻ لاءِ توهان خود ڪنڌ ڌوڻڻ تي مجبور ٿي پوندؤ:

کو گئـي جـــب تيــــرا مڪـــان ديکـــا،
مِٽ گئي جــــــب تيرا نِشـان ديــکــــا.
آ گئـــي مــوت ان ڪــي جاتــي هِــي،
يـــه تــــماشــــه ڀــي ناگهـــــان ديـــکــــــا.
اُن ڪِــي مُٺِي ۾ جــان هي ميــرِي،
دل ڪِســـي نـــي مِرا ڪهــــان ديکا؟

اردوءَ جي نقادن جيان سنڌي اديبن پنهنجي طرفان طبع آزمائي ۽ حاشيه آرائي ڪري لکيو ته مير علي نواز خان “ناز” جي شاعري سندس درٻاري شاعرن جي محنت ۽ خوشامد جو ڪارنامو هو. اِئين مير علي نواز خان “ناز” پاڻ ۽ سندس سموري شاعري، اهڙين حاشيه آرائين واري جُهڙ ۽ ڪڪرن ۾ لڪائڻ جي ۽ کيس افسانوي ڪردار بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي. اهوئي سبب آهي جو هِز هائينس مير علي نواز خان “ناز” جي زندگيءَ جا کوڙ حصا بي نقاب ٿي نه سگهيا آهن. مولانا سُها يا آغا حشر قزلباش دهلوي ۽ حفيظ جالنڌري يا اهڙا ٻيا کوڙ شاعر مير علي نواز خان “ناز” جي دهلي، لکنؤ، ڀوپال، رام پور ۽ رياست حيدرآباد دکن واري دؤر جا ملاقاتي ۽ واقف هئا. التبه اهو گهڻي حد تائين ممڪن آهي ته مولانا سُها يا آغا حشر قزلباش، مير علي نواز خان “ناز” جي شاعريءَ جي شروعاتي اصلاح ڪئي هجي. اهڙو اشارو رياست خيرپور جي آخري اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ شاعر، پروفيسر عطا محمد “حامي” پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب “ڪليات ناز” (مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1988ع) جي صفحي 10 ۽ 14 تي ڪيو آهي.
ڏک ۽ ويچار ان ڳالهه جو آهي ته وقت جي اديبن، قلمڪارن ۽ تاريخ نويسن هز هائينس مير علي نواز خان “ناز” جي معاملي ۾ ڏاڍي ڪنجوسيءَ ۽ بخل کان ڪم ورتو آهي ۽ غلط روايتن ۽ مفروضن کان ڪم وٺي “ڌُڪا” هنيا آهن. ايتري قدر جو يو-پي انڊيا جي شهر “امروهه” مان لڏي ايندڙ، پاڪستان کان پوءِ واري دؤر ۾ ميرن جي درٻار سان لاڳاپيل اديب ۽ شاعر سيد قاسم رضا “نسيم” امروهي به پنهنجي تصنيف “تاريخ خيرپور” (شايع ٿيل 1955ع) ۾ هز هائينس مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر سان انصاف ڪونه ڪري سگهيو آهي. نسيم امروهي پنهنجي 200 صفحن واري هن ڪتاب ۾ خيرپور رياست جي حڪمران مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر جي درٻار سان ۽ ان سان لاڳاپيل شاعرن ۽ مير علي نواز خان “ناز” جي دؤر ۾ شاهي محلات ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۽ مير علي نواز خان “ناز” جو باليءَ سان ٿيل پيار ڀرئي وِهَانوَ ۽ ان ۾ ٿيل شادماني کي به باءِ پاس ڪري ويو آهي. مير علي نواز خان “ناز” جي درٻار سان لاڳاپيل ٻين شاعرن کي ته ڇڏيو پر پاڪستان جي قومي تراني جي لکندڙ ۽ اردوءَ جي نامور شاعر حفيظ جالنڌريءَ جو به نالو ڪو نه ٿو کڻي، جيڪو هز هائينس مير علي نواز خان “ناز” جي درٻار جو باقاعده پگهاردار ملازم ۽ شاعر هو. نسيم امروهي پنهنجي ڪتاب “رياست خيرپور” جي صفحي 95 تي لکي ٿو ته:
“سن 1920ع ۾ گهريلو معاملات ڪي متعلق مير علي نواز خان “ناز” ولي عهد اور ميان محمد ابراهيم ڪي درميان سخت اختلاف رائي پيدا هو گيا اور مير علي نواز “ناز” ناراض هو ڪر دهلي چلي گئي.”
مرحوم نسيم امروهيءَ اها ڳالهه ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ ڳالهه مرحوم عطا محمد حامي پنهنجي ڪتاب “ڪليات ناز” جي صفحي 6 تي ٻڌل ڳالهه لکي آهي، پر حقيقي شاهدي ان دؤر جي هڪ اديب ۽ برِصغير جي مشهور زمانه صحافي ۽ ايڊيٽر اخبار “رياست” ديوان سنگهه مفتون پنهنجي ڪتاب “ناقابل فراموش” ۾ ڪيترن ئي صفحن تي لکي ۽ ڏئي ٿو. مير علي نواز خان “ناز” کي نه نسيم امروهيءَ ڏٺو هو ۽ نه ئي عطا محمد حامي صاحب مير صاحب سان مليو هو، پر ديوان سنگهه مفتون نه رڳو مير علي نواز خان “ناز” کي دهليءَ ۽ ڀوپال ۾ ڏٺو هيو، پر ساڻس ڪيئي يادگار ڪچهريون پڻ ڪيون هيون. سرڳواسي ديوان سنگهه مفتون پنهنجي شاهڪار اڌ آتم ڪٿا واري ڪتاب “ناقابل فراموش” جي صفحي 62 تي لکي ٿو ته:
“مرحوم مير صاحب خيرپور رياست دهلي ۾ آئي تو ايڪ روز ملني ڪي ليئي دفتر ‘رياست’ ۾ ڀي تشريف لائي. مير صاحب ڪا وزن مرحوم مولانا شوڪت علي سي دوگني ڪي قريب ٿا. آپ (مير صاحب) زينه پر چڙه نه سڪتي ٿي، اپني ڪار ڪو نيچي کڙا ڪيا اور اپني اي-ڊي.سي. ڪو اوپر ڀيج ڪر راقم الحروف (ايڊيٽر رياست) ڪو بلوايا. مين موجود نه ٿا، واپس چلي گئي، جب دفتر پهنچا تو معلوم هوا ڪه مير صاحب خيرپور آئي ٿي، چناچه اگلي روز ان ڪي جائي رهائش، جو دريا گنج ۾ ايڪ ڪوٺي ۾ ٿي، پهنچا. مير صاحب سي مِلا، دو گهنٽي ڪي قريب باتين هوتي رهين. يه اپني مظلوميت ڪي حالات بتاتي رهي ڪه ان ڪا وزيراعظم مسٽر ٽائٽن (آئي.سي.ايس) جس ڪو برطانيا حڪومت ني خيرپور ۾ پوري اختيارات ڪي ساٿ وزيراعظم مقرر ڪيا ٿا، ڪيون ڪه اُس زماني ۾ رياست خيرپور ريزيڊنٽ پنجاب ڪي ماتحت نه ٿي بلڪه سنڌ ۾ هوني ڪي باعث گورنر ممبئي ڪي ماتحت ٿي ان ڪو تنگ ڪر رها هي اور يه اپني اِس وزيراعظم سي انتهائي پريشان هين.”
اکين ڏٺي ۽ ڪنن ٻڌي کان وڌيڪ ٻي شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ان مان صاف پڌرو آهي ته ولي عهد مير علي نواز خان “ناز” جو جهڳڙو سندس والد ماجد مير امام بخش خان ٽالپر سان نه، جيئن مرحوم عطا محمد حامي ۽ نسيم امروهيءَ لکيو آهي، پر مير علي نواز خان “ناز” جو جهڳڙو بي تحاشه ۽ لامحدود اختيارن واري فرعوني دماغ ۽ سوچ رکندڙ حڪومت برطانيا جي مقرر ڪيل هڪ انگريز آفيسر “ٽائٽن” سان هيو. مٿين ٻنهي صاحبن اهو به غلط لکيو آهي ته مير صاحب هتان ڪاوڙجي دهلي ويو هيو، پر ولي عهد مير علي نواز خان “ناز” خيرپور مان سڌو ڀوپال ويو هيو، ڇاڪاڻ ته ان زماني جي برطانوي حڪومت جي قانونن پٽاندڙ رياست ڀوپال جو فرمان روا، سڄي برِصغير جي رياستن جي حڪمرانن جو “چانسلر” هيو ۽ ان وقت رياست ڀوپال جي واليءَ جو هوم منسٽر اسرار احمد خان ڪنهن زماني ۾ رياست خيرپور ۾ وزيراعظم رهي چڪو هو. (ڏسو ڪتاب “ناقابل فراموش” از ديوان سنگهه مفتون، صفحو 39).
اهو به مير علي نواز خان “ناز” جو پنهنجي رياست سان محبت جو هڪ اعليٰ مثال ۽ روشن ثبوت آهي ته رياست خيرپور ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ خاطر رياست جي بااختيار حڪمراني، جنهن جي وات مان نڪتل “الفاظ” قانون جو درجو وٺندا هئا، تن کي ختم ڪري رياست خيرپور ۾ هڪ هاءِ ڪورٽ قائم ڪئي ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جو مايه ناز فرزند نفيس ۽ نازڪ انسان، قانون کي سڀني لاءِ هڪ جهڙو سمجهندڙ علامه آءِ آءِ قاضي به مير علي نواز خان “ناز” جي دوستيءَ جي مضبوط ڌاڳي ۾ ٻڌجي، حيدرآباد جون ٿڌيون هوائون ڇڏي خيرپور جي ڪاڙهي واري موسم ۾ رياست جي هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ پوءِ چيف جسٽس ۽ هوم منسٽر بڻيو هو. نسيم امروهيءَ جهڙي متعصب تاريخ نويس جتي انڊيا مان لڏي ايندڙن “نالي ۾ نِهال” عام ماڻهن جو ذڪر به پنهنجي ڪتاب “تاريخ خيرپور” ۾ وڏي طمطراق سان ڪيو آهي، اتي سنڌ جي هن قابل ترين فرزند علامه آءِ آءِ قاضي جو صرف نالو لکي ذڪر ڪري ٿو.
اڄ به خيرپور شهر ۾ مير صاحبن جي ٺهرايل بادشاهي محلات جي ڀرسان گذرندي مير علي نواز خان “ناز” جي دؤر واري شاندار ماضيءَ کي ياد ڪندي فارسي زبان جو هِيءُ شعر بي اختيار منهنجي چپن تي پاڻ هرتو اچي ويندو آهي ته:
دَر حريم بزم مستان،      دَورِ   صُبح  وَ شام نيست،
گردش جام است، اين جا گردش ايــــام نيـــســـت.

(ترجمو: مستن جي حرم واري محفل ۾ سندن صبح ۽ شام به نه رهيا، هتي مئه جي پيالن جي ته چرپر آهي پر سندن شاندار ماضيءَ وارن ڏهاڙن جي ڦير گهير ناهي.)
افسوس! جو هتي گردشِ ايام ته ڇا پر گردشِ جام به ڪونهي. بادشاهي محلات جا دَر دروازا، اڱڻ، شاهي ڪمرا ائين گونگا ۽ ٻوڙا ٿي چڪا آهن، جيئن ڪوٽ ڏيجيءَ ڀرسان رياست خيرپور جي ميرن واري صاحبيءَ جو يادگار ڪوٽ وارو بنگلو اداس، خاموش ۽ پنهنجي شاندار ماضيءَ جي دور تي نوحه خوان آهي. مومل راڻي، ليلا چنيسر، سسئي پنهون کي ته شاهه جهڙو شاعر ملي ويو. پر افسوس! جو مير صاحب جي قرباني، برطانيه جي ونڊسر محلات جي مسافر شهنشاهه ايڊورڊ آئين وانگر گهٽ ڪونهي. الائي ڇو مون کي خيرپور شهر جي فيض محل ڀرسان گذرندي محسوس ٿيندو آهي ته اجهو ان محل جي شاهي دروازي مان هز هائينيس مير علي نواز خان “ناز” ٻاهر نڪرندو ۽ آغا حشر قزلباش، مولانا سُها ۽ پير علي محمد راشديءَ جي دروازي تي آجيان ڪندي چوندو ته:
“هلو! هلو! اندر هلو! اڄ باليءَ جي برٿ ڊي جي خوشيءَ ۾ وڏو مشاعرو ڪرايو اٿم، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جا چوٽيءَ جا شاعر پنهنجا شعر پڙهندا.”
پر ان حقيقت ۾ هاڻي ته ڪابه حقيقت ڪانه رهي آهي. اهو سوچي اداس ٿي ويندو آهيان ۽ ائين هڪ دفعي اتان گذرندي چشم تصور ۾ ان درهم برهم ٿيل خوبصورت زماني جو خيال آيو ۽ ٿڏي تي ئي سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور جي سيڪريٽري تاج سروهي ۽ علي گل ملاح مون کي چيو؛ ڪٿي ۽ ڪهڙي نظاري ۾ گم ٿي ويا آهيو؟ ڀر واري هڪ بنگلي مان ڪيسيٽ پليئر تي ڪنهن ڳائڻيءَ جي آواز ۾ قتيل شفائي جا ٻول فضا کي به اداس ڪري رهيا هئا:

يي اجنبي سي منزلين، اور رفتگان ڪي ياد،
تنھايون ڪا زھر ھي، اور هم هين دوستو!
آنکون مين اُڙ رهي هي، لٽي محفلون ڪِي دهول،
عــبــرت ســرا ئي دهـــر هي، اور هم هين دوستو!

مددي مواد:
1. مسلم شميم سيڪريٽري بزم ادب لاڙڪاڻو، ظاهر نوري، جواد احمد ۽ مهدي رضويءَ جون لاڙڪاڻي واريون يادون.
2. “تاريخ خيرپور”، نسيم امروهي، 1955ع.
3. “ناقابل فراموش”، ديوان سنگهه مفتون، 1957ع.
4. “ڪليات ناز”، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ، 1988ع.
5. پير علي محمد راشديءَ سان ذاتي ملاقاتون.
6. علي احمد بروهي ۽ تاج صحرائيءَ جون ذاتي يادگيريون.

(سنڌ سلامت ڪمپيوٽر جي ٿورن سان)

هزهائنس مير علي نواز ناز ”تنهنجي رمز سهڻا”

تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجھان،آسان به آ دشوار به آ.
تنهنجي وعدي تي  اعتبار ڪهڙو،  انڪار به آ اقرار به آ.
تون  دور رهين  بي نياز مولا، سڻ  فرياديء جو   آواز مولا،
هن  بي گناهه جي  مارڻ   لئي،   تکو  تير به  آ تلوار  به آ.
حسن  تجلا    نور  چوان،  شمس  و قمر   مخمور    چوان،
ٻڌ  فريادا   بلبل جي  صدا،  جاٿي گل به آ تاتي خار به آ.
دولت زر جي نه خواهش مون کي،مهرو وفا جو آهيان غلام،
هن  ساري  جهان   ۾ “ناز”   غريب    نادار     به آ زردار به آ.


شاه جي رسالي ۾ سر سريراڳ جو فلسفو





Sunday, 29 April 2018

ڪشنچند بيوس : جديد سنڌي شاعريءَ جو ”وليم ورڊس ورٿ“


ڪشنچند تيرٿ داس کتري ’بيوس‘، جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيڻ وارو شاعر هو. هن 25 فيبروري 1885ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، سندس پيءُ تيرٿ داس کتري حڪيم هو، بيوس کي ٻه ٻيا ڀائر به هئا، هڪ تولا رام، جيڪو انگريزي ماستر هو ۽ ٻيو موتيرام ڪورٽ ۾ ڪلارڪ هو. ٽئي ڀائر اڃا پڙهندا هئا ته سندن پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو. ان ڪري ڪشنچند لاءِ نوڪريون ڪرڻ ۽ گهر جون ذميواريون سنڀالڻ ضروري ٿي پيو. پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس ماءُ گهر ۾ حڪمت ڪرڻ لڳي، کيس پاڙي وارا ”ڏاهي“ ڪري چوندا هئا. بيوس پورهيت ماءُ جي خرچ تي پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو، هڪ ڏينهن هاسٽل جي سپرنٽينڊنٽ رات جو دير سان ڪشنچند جي ڪمري جي بتي ٻرندي ڏٺي، وڃي ڏٺائين ته 16 سالن جو نوجوان ڪرسيءَ تي ننڊ پيو هو ۽ پاسي ۾ ڪاغذ جي هڪ ٽڪري تي هڪ نظم لکيو پيو هو، جيڪو پڙهي ڏاڍو متاثر ٿيو. ٻئي ڏينهن بيوس جي ڪلاس ٽيچر کيس مبارڪ ڏيندي چيو ته ”تون هڪ ڏينهن ضرور مهان شاعر ٿيندين“. اهو سال 1901ع هو، ان کانپوءِ 1925ع کان 1940ع تائين بيوس پنهنجي ابدي ڏات ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو بهترين شاعر بڻجي ويو. هن جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد رکيو. ٽئگور کان متاثر ٿيو ۽ سندس شاعريءَ جي مطالعي لاءِ انگريزيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪيائين ۽ لاڙڪاڻي جي گيان باغ ۾ 1940ع کان 1947ع تائين هفتيوار ادبي ڪلاس هلائي، ٽئگور جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ليڪچر ڏيندو رهيو. بيوس ٻارن لاءِ نهايت خوبصورت شاعري ڪئي آهي. ان زماني ۾ دادا شيوڪ ڀوڄراج، بيوس جي ٻاراڻن ناٽڪن ۾ ڪردار ادا ڪندو هو ۽ اُهي ناٽڪ بيوس جي گهر ٻاهران ٿيندا هئا. اتي ٻالڪن جي ٻاريءَ جا ميڙ به ٿيندا هئا. هن فرشتي صفت انسانلاڙڪاڻي ۾ ٻارڙن جو پهريون وڏو ميڙ به ڪوٺايو هو. سندس ٻاراڻن گيتن جو ڪتاب ”موجي گيت“ جي نالي سان ڇپيل آهي. 
بيوس سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ سدائين زنده رهندو. هن جي شاعراڻيءَ واٽ تي هلندي، هوند راج دکايل، هري دلگير، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جا ديو قامت شاعر ٿي اڀريا. بيوس جي شاعريءَ جي ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: 
”سامونڊي سپون“ (1929ع)، ”شيرين شعر“ (1929ع) ”ڦول داني“ (بيوس ۽ ٻين جي شاعري (1939ع)، ”گرو نانڪ جيون ڪوتا“ (1935ع)، ”موجي گيت“ (1935ع) 
انڊلٺ (هڪ فصلا ناٽڪ: 1939ع)، ”شعر بيوس“ (1951ع)، ”بيوس گيتا نجلي (1960ع)، سڏ پڙاڏو ساڳيو (بيوس جي شاعريءَ جو گڏيل ڪتاب: 1984ع)، ڪُليات بيوس (مرتب: محمود شاهه بخاري 1991ع)، ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ (مرتب: نصير مرزا 2001ع)، شايع ٿيل آهن. ان کان سواءِ سندس شاعراڻي ڏات، شخصيت ۽ فن تي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏيئي ڇپايا ويا آهن، جهڙوڪ: ”ڪشنچند بيوس“ (ليکڪ: هري دلگير 1982ع)، ”بيوس جي ڪوتا جوجائزو“ (مرتب: هري دلگير 1993ع)، ”بيوس هڪ اڀياس 1972ع)، ”شاعر ته بيوس“ (بلديو گاجرا 1983ع)، ”بيوس هڪ گلدستو“ (ليکڪ هري دلگير 1993ع) وغيره. 
ياد رهي ته ڪشنچند بيوس جي هر شعري ڪتاب ۽ سندس فن ۽ شخصيت تي لکيل ڪتابن جا ڪيترائي ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. ڪشنچند بيوس 23 سيپٽمبر 1947ع تي وفات ڪئي.
(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا)

ڪشنچند بيوس : جديد سنڌي شاعريءَ جو ”وليم ورڊس ورٿ“
عباس ڪوريجو

ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، اهو جملو اسان هميشه ٻڌو آهي. اهڙو ئي هڪ تاريخي ماڻهو ڪشنچند بيوس پڻ آهي، جنهن جديد سنڌي شاعري ۾ موضوع ۽ فڪر جي نواڻ آندي. ڌارين تشبيهن کان منهن موڙي ڏيهي تشبيهون ڪتب آنديون. هن شمع ۽ پرواني جو ذڪر ڪرڻ بجاءِ ٿڌڙي هير جي جهونڪن جو ذڪر ڇيڙيو. هن پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي جنم ڀوميءَ جي جهوپڙين، پکين، جيتن ۽ وڻن جو ذڪر ڪيو، جيڪو سندس شاعريءَ جي لهجي کي عام فهم ڪرڻ لاءِ ڪافي هيو نه ته هن جا همعصر يا پهرين وارا شاعر فارسيءَ جا قصه برزبان ياد ڪيون ويٺا هيا ۽ پاڻ لکڻ ۽ پاڻ سمجهڻ جي ريت نڀايون پئي آيا. ان ماحول ۾ بيوس جي شاعري هوا جو اهو جهونڪو بڻجي آئي جنهن ان غلط رخ ۾ لڙهندڙ شاعري جي ٻيڙي کي اصل رستي طرف لاڙيو ۽ تاريخ بڻجي ويو. سنڌي شاعري ءَ ۾ جدت جو ڏيئو ٻاريو، جنهن کي اڳتي هلي شيخ اياز سج جيان روشن بڻايو.

ولادت ۽ حسب نسب:
سنڌ جو عوامي شاعر ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جو باني ڪشنچند تيرٿداس کتري، تخلص ”بيوس” سن 1885ع ۾ لاڙڪاڻي جي زرخيز زمين تي پهرين اک کولي، سندس پڙڏاڏو ملتان مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو هو، ان ڪري ئي سندن ملتان سان ويجهڙو تعلق پڻ رهيو. بيوس کي ٻه ڀينر ۽ ٻه ننڍا ڀائر هيا۽ اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون اٿس.
تعليم ۽ پيشو:
ننڍپڻ ۾ ئي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان سنڌي فائنل پاس ڪيائين،  انگريزي، فارسي ۽ هندي تعليم پڻ حاصل ڪيائين، استادي پيشو اختيار ڪيائين جنهن سان مرڻ گهڙيءَ تائين نڀايائين. هو هڪ اعلى آدرشي استاد هو، هن رام پنجواڻي ۽ هري دلگير جهڙا شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا. گهڻو وقت وليد اسڪول لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ماستر ٿي رهيو، پوءِ شاهه محمد اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر بڻيو، جتان فيبروري 1940ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.

طبيعت ۽ تخلص:
نماڻپ ۽ نهٺائي هن جي طبيعت ۾ ننڍپڻ کان ئي شامل هئي، شرميلو ۽ حجابي رهيو، ايتري حد تائين جو جڏهن به کيس ڪنهن شاعرانه محفل ۾ شعر پڙهڻ لاءِ گهرايو ويندو هو ته پاڻ نه ويندو هو پر پنهنجو شعر موڪلي ڏيندو هو.پنهنجو تخلص ” بيوس” شايد ان ڪري به مناسب سمجهيائين جو هن سمجهيو ٿي ته انسان ڪيترو به با اختيار ڇو نه بڻجي وڃي پر فطرت جي آڏو ڪٿ نه ڪٿ بيوس بڻجي ويندو آهي.اهو ئي سبب آهي جو پاڻ کي بيوس، ويچارو، نماڻو، مسڪين ۽ نٻل ڪوٺرايو.

سياسي ۽ سماجي لاڙو:

بيوس مهاتما گانڌيءَ جو پوئلڳ هو ۽ ڪانگريس سان وابسطه رهيو، گانڌيءَ جي نظريئي موجب هميشه کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ديسي شيون استعمال ڪندو هو. گانڌيءَ لاءِ هي شعر چيو اٿس:
”
سملي جي اوچائيءَ وارو، اوچو تنهنجو شان گانڌي
چوٽ بلنديءَ تي پهچايو، ڪانگريس نشان گانڌي”

گانڌيءَ کان پوءِ بيوس رابندرناٿ ٽئگور جي شخصيت مان متاثر هيو، ٽئگور جو ڪتاب ”ساڌنا” سمجهڻ ۽ پڙهڻ خاطر بيوس باوجود وڏيءَ عمر هجڻ جي انگريزي سکيو. هر آچر تي پنهنجي سنگت کي ٽئگور واري سکيا ڏيندو هو ته دنيا جي هر نظاري مان خوشي ۽ آنند ڪيئن حاصل ڪجي، حياتيءَ جي هر پهلوءَ مان راضپو ۽ سک ڪيئن تلاشجي. مصيبتن جو مرڪي مقابلو ڪرڻ جو درس هن طرح ڏنو اٿس:

”اک لڙڪ سان، منهن مرڪ ڀريو ياد ڪنداسين
فرحت ڀري دنيا ۾ نه فرياد ڪنداسين.”

شوقيه پيشو:

استادي کان علاوهه بيوس حڪمت جو ڪم به ڄاڻندو هو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو هو، رٽائرمينٽ کان پوِءِ بيوس ” هوميو پيٿي” طريقي سان حڪمت شروع ڪئي هئي، اڄ جي ڪاسائي ڊاڪٽرن جيان نه هو، غريب غربي جو مفت علاج ڪندو هو.
بيوس جو حڪمتي رايو هو ته ڳائو کير کائڻ سان ڪمزور ٿيل نظر ٻيهر تيز ٿي سگهي ٿي، ان کي نظر ۾ رکندي بيوس هڪ ” ڀاڳيا اسڪيم” ٺاهي هئي، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي جي ويجهو پلاٽ به خريد ڪيو هئائين پر زندگي جي بي وفائي ان اسڪيم کي اڌ ئي رهيل رکيو.

شاعري ڏانهن لاڙو:
ڏات ته بيوس جي من اندر اوتيل هئي ۽ ڏانءَ کان روشناس ٿيندو رهيو پر سن 1900ع ۾ ڦوهه جواني کان شاعري جي شروعات ڪيائين، شاگردي دور ۾ هڪ رات برسات جي ڇم ڇم کان متاثر ٿي شعر لکيو هئائين ۽ لکندي لکندي ڪرسيءَ تي ئي ننڊ اچي ويس، جيڪو رات جو ئي هاسٽل سپريڊينٽ پڙهي ورتو ۽ صبح جو پنهنجي آفيس ۾ گهرائي پٺي ٺپيندي چيو هئاينس، ” بيوس! ڪنهن ڏينهن اعلى درجي جو شاعر ٿيندين.”
اهو شعر هتي پيش ڪجي ٿو:

”اڄ، مڙي بادل کڙي آيا، ٽڙي ٽانگر به خوب
پڻ چڙي ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي ٿڌڪار ۾.”

شاعريءَ جا موضوع:

بيوس جي شاعري۾ هر فڪر ۽ خيال سمايل آهي، پر ان وقت جون سماجي ۽ سياسي تبديلين جو اثر پڻ هن جي شعر تي نظر اچي ٿو، هتي انهن مان ڪجهه جو مختصر ذڪر هتي پيش ڪريون ٿا.
 1 . قومي جذبو: بيوس جي زماني ۾ خلافت هلچل، ڪانگريس تحريڪ، آزاديءَ جي تحريڪ، هاري حقدار هلچل، هندو مسلم ايڪتا ۽ ٻيون تحريڪون هليون پئي، ان ڪري بيوس جي شعر ۾ پڻ قومي درد جو جذبو موجود آهي.
” اهي مائرون ڀلي مرڪن، جي ٻاروتن ۾ لولي ڏين
ته صدقي ديس تان تن من، ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت.
ڇڏي واپار ڌنڌن کي، ڏئي تالا مدرسن کي
اچن گڏ ملڪ جي سڏ تي، ڦٽائي عيش ۽ عشرت”

2 . روحانيت ۽ تصوف: بيوس جي ڪافين ۽ ڪتاب ” سامونڊي سپن” ۾ صوفي فڪر تي طبع آزمائي ٿيل آهي ، 
”پڃري آدم دي وچ ڪيئن آئين، هئين ته شير خدائي يار
هئين ته مرغ هوائي يار”
بيوس طبيعتن ڀي فقير منش هو، حقيقي يار جي ڳولا ۽ ان سان ملڻ جي تڙپ هن جي شعرن ۾ نظر اچي ٿي.
” لالڻ لقاءُ تنهنجو، هر جا نظر اچي ٿو،
توکي ڏسان ٿو آڏو، دشمن اگر اچي ٿو.”
.....
”
گهُر نه هرگز، گهرج اندر ناقصائي جو نشان
فڪر بيوس ڪر فنا، طلب و تمنا واسطي.”
3 . جيون ڪوتا: بيوس گرونانڪ جي جيون ڪوتا پڻ رچي، ان کان علاوهه تلڪ مهراج، ڀڳت ڪنور رام، وشنداس قمبر واري، راڻي پرتاب سنگهه ۽ ٻين جي زندگيءَ تي مرثيا ۽شعر چيا اٿس. وشنداس قمبر واري جي پرلوڪ پڌارڻ تي هي:
” هو هليا هنگلاج ڏي، سامي سفر پورو ڪري،
ٿو قمبر ڪيهون ڪري، اڄ ڳاٽ ڳوڙهن سان ڀري.”

4 . فطرت: فطرتي منظرن جي عڪسيت يا محاڪات بيوس جي شاعري ۾ چپي چپي نظر اچي ٿي، هتي ڪجهه مثال بيان ڪجن ٿا.
” کير ڌرتيءَ تي وهائي، ٿي سهائي راتڙي”
”
سبز پوشي، مخملي تهه، آهه ڌرتيءَ تي چڙهيو.”
”واسينگ ڦڻ پٽن ٿا، هڪ ٻئي سان مڻ مٽن ٿا.””سهڻا لغڙ سدائين ٿو انڊلٺ مان ٺاهين!”
” جڏهن وڻن ۾ واءُ اچي ٿو، پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو.”
”
ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو، بيوس من ۾ ناد وڄي ٿو.”

 5 . موجي گيت/ٻاراڻي شاعري: حياتيءَ جا پويان 10 سال بيوس ٻاراڻِي شاعري کي ارپيا، ٻارن لاءِ لکيل سندس اهي گيت ايترا ته سولا ۽ ترنم ۽ رڌم سان ڀرپور آهن جو درسي ڪتابن کان وٺي سنڌي گيتن تائين بيوس ئي بيوس نظر اچي ٿو.
”
ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو، منهنجو اهي ملوڪڻو”
”
اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، باهه ببوءَ ۾ دود دکايون”

”
آءُ لهي تون تارا آءُ، مونسان گڏجي ماني کاءُ،
ڇو مچڪائين خالي وات، ٽمڪ ٽمڪ تاريلي رات.”

”تارن ۾ تولاءِ گهڙيال، وقت جو جنهن مان جاچين حال.”

”
مٺڙا گهوڙا اوري آءُ، خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ.”

”
آيو پاڻي ليٽ ڪري، ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري،
ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي، مون هيءَ پنهنجي پاڻ بنائي،
ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٺهنديون، ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون،
ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي، مفت ۾ ايندي ، مفت ۾ ويندي.”

 6  . سماجي براين خلاف شاعري:
بيوس وياج، زميندار جي داداگيري، جوا، شراب، بيروزگاري، ڌيءُجنم ۽ ٻين سماجي براين کي پڻ پنهنجي شاعري جو موضوع بڻايو آهي.
”خون مسڪيني ٿي چوسيو، سَودخورن ڄور جيان،
گهرج جي گهوٻي لڳي ۽ وياج جو وارو وريو.”

”
جي زميندار پليا تنهنجي پگهر پورهئي تي،
سي سگهيا قدر نه تنهنجو سڃاڻي ڪڙمي.”

”چار پيسا تيل کاتي، چار ڏوڪڙ تيل تي،
ٿي لڳي کوٽي کڻت ۾، ٿي بڻيو کوٽو کنڌو.”

”هن طرح حاصل ڪيل، تعليم ڏيوالو ڏنو،
مُور موڙيءَ جو ته ڇڏ، پر وياج جو لاهي نه بار.”

”
تنهنجي ڄمڻ تي، ٿو وڃي راڪاس گهر گهمي،
تنهنجو پلڻ، جيئڻ، نپڻ، جنجار استري.”

”
کٽندڙ جو ٿئي، اڌ منهن ڪارو،
هارائيندڙ جو سارو ڪارو.”

7 . ناصحانه شاعري: بيوس قدرت جي عام نظارن کي به اهڙي ته دلڪش منظر ۾ تبديل ٿو ڪري جو دل ٿڌڙي هير بڻجي، اسر ويلي باغ ۾ ڇٻر تي پنڌ ڪندي نظر اچي ٿي. قدرتي جيت جڻين جي تمثيل کي جيئرو ڪرڻ ته ڪو بيوس کان سکي. تڏ ۽ ماکيءَ جي تمثيل مان ڏکين ڏينهن لاءِ جمع ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. سندس هڪ ٻيو نظم ” آڱريون ۽ منڊي” پڻ وڏائي نه ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو. دورانديشي ۽ نياز نوڙت تي لکيل بيوس جا مٿيان ٻئي نطم ناصحانه شاعري جو مثال آهن.
ادبي ملڪيت/سرمايو:
سندس هيٺيان ڪتاب ملن ٿا. ”شيرين شعر”، ”سامونڊي سپون”، ڦولداني”، ”شعر بيوس”، گرونانڪ جي جيون ڪوتا” جن کي گڏي سيد محمود شاهه بخاري پاران 1991ع ۾ سندس ڪليات ” ڪلياتِ بيوس” جي نالي سان شايع ڪرايو ويو.
نثر جا موضوع:
بيوس شعر سان گڏوگڏ ڪيترائي ناٽڪ پڻ لکيا. جن ۾ ”سورداس”، ”خوبصورت بلا”، ”پرت پوڄارڻ”، ”هرشچندر” ۽ پرهلادليلا قابل ذڪر آهن، بيوس جا لکيل ڊراما گهڻي قدر هندي ۽ اردو ڊرامن جو ترجمو آهن. بيوس جيڪي به ترجما ڪيا يا نثر لکيو، ان ۾ به سندس ٻولي ٺيٺ سنڌي ۽ انداز شاعراڻو هيو، ايتري حد تائين جو مڪالمن ۾ به تجنيس حرفي جو بار بار استعمال ڪري موضوع ۽ مڪالمي ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو.
موڪلاڻي:
جيون جي پوين سالن ۾ اڪيلائي پسند ٿي ويو، لاڙڪاڻي جو ”گيان باغ” سندس آرام ۽ سڪون جو مسڪن رهيو، پويان ڏهه سال ٻارن لاءُ گيت لکيائين. خلق خدا جو ڀلو سوچيندي آخر 23 سيپٽمبر 1947ع تي پرلوڪ پڌاريائين.
جديد سنڌي شاعري جي شروعات:
بيوس جا همعصر يا اڳ وارا جيڪي به مشهور ۽ نالي چڙهيا شاعر هيا، تن ۾ سواءِ خليفي گل محمد جي، سڀني جي ترڪيبن، تمثيلن، تشبيهن، استعارن ۽ عڪسن ۾ ايراني شاعري جو رنگ ڪوٽان ڪوٽ ڀريل هو. جن ۾ قاسم، فاضل ۽ حامد ته قابل ذڪر نالاآهن. فارسي شاعريءَ کي افضل سمجهڻ کان وٺي، ان جي اثر ۾ طرحي مشاعرا ڪرڻ ۽ پاڻ کي فارسيءَ جو ڏاهو پيش ڪرڻ واسطي فارسيءَ جا ڏکيا لفظ چونڊي چونڊي پنهنجي شعر ۾ شامل ڪرڻ کي باعثِ فخر سمجهيو ويندو هو.
حامد ۽ سانگي وغيرهه سسئي ۽ مارئي ءَ کي ڳائيندي ٿري ۽ لوڪ رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به ان ۾ ڌرتيءَ جو رنگ شامل ٿي نه سگهيو پر ايرانيت واري ڌاريائپ جي ڌپ پئي آئي. ايراني اصطلاح جهڙوڪ، گل و بلبل، ساقي پيماني، چمن گلستان، باغ و گلشن ۽ محبوب جي خدوخال ۾ مصروف هيا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ ايراني، عربي ۽ ترڪستاني شاعري مان نيون صنفون، خيال، فڪر ۽ خاص علم العروض داخل ٿيو پر ان جو مطلب اهو هرگز نه هجڻ کپي ها ته انهن شيرازي گلستانن ۽ عربي خيابانن ۾ سنڌي شاعر ايترو گم ٿي وياجو کانئن پنهنجي ڀلاري ڀونءِ جو جوڀن، ماروئڙن جا مال، غريبن جون جهوپڙيون جن مان جڏهن صبوح جو سج لڪي ليئا پائي، کوهه ۾ ٻڌل نار، وڻجارن جي ونين جو اڪيلاين سان ونواهه، انبن جي ٻور مٿان ويٺل چَتون، ڪينجهر کان ڪارونجهر جو حسن، ڀٽن تي ٽلندڙ مور پکي ۽ منڇر جي پيٽ ۾ اڏامندڙ پکين جا نظارا سڀ وسري ويا.
ان دور جي بيٺل پاڻي ۾ بيوس مسلسل ڪنڪر اڇلي هڪ تحرڪ پيدا ڪيو، جيڪو اڳتي هلي سنڌي شاعري ۾ تبديليءَ جو سبب بڻيو. انگريزي ادب ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سيميوئل ڪالرج جيئن بيوس به سنڌي ادب جي آبياري ڪئي ۽ ان ۾ تازگي آندي ۽ شعر ۾ قدرتي نظارن کان وٺي مٽيءَ جي خوشبو تائين پنهنجي ئي ڌرتيءَ جو رنگ رچايو. جنهن کي پوءِ شيخ اياز ۽ ان جي همعصرن عروج تي پهچايو. اسان ڪشنچند بيوس کي جديدسنڌي شاعريءَ جو وليم ورڊس ورٿ چئي سگهون ٿا.

جديد سنڌي شاعري ءَ ۾ ڪشنچند بيوس جو ڪردار:
بيوس سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن گل و بلبل جهڙن بي روح ايراني اصطلاحن کي پيرن هيٺان چيڀاٽي وليم ورڊس ورٿ جيان قدرت جي نظارن کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. هن تقليد پرستيءَ جي قطار مان ٻاهر نڪري غير مقلد ٿي ”انالحق” جو علم بلند ڪيو. بيوس جي شروعاتي شعر تي فارسي جو اثر پڻ رهيو پر هن عظيم استاد پنهنجي ڌرتيءَ جي لوڪ رنگ کي پنهنجي موزون شعر ۾ عڪسي نئين روايت قائم ڪئي.
جاري روايتي راند جا وکر ٽوڙي فارسي ۽ عربيءَ جي مقلدن جي صف مان ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي سنهنجي جو اصول اپنايو. هن جي ئي نغمن کان جديد فطري ۽ قومي شاعري جو دور شروع ٿيو. ان وقت جي وڏن عالمن ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ علامه دائود پوٽي ان کي شعر جي تاريخ جو انقلاب ڪوٺيو. بيوس نقل تان اصل ڏي لاڙو ڪيو. جديد خيالات ۽ ڪي قدر ترقي پسند لاڙا متعارف ڪرايا. بيوس پنهنجي شعر ۾ ادبي خوبين/ فن/ فڪر/صنعتن تي پڻ ڌيان ڌريو.
پراڻي دور واري شاعري سڀ جي سمجهڻ جي وس جي ڳالهه نه هئي بيوس فن جي پختائي کي هلڪو رکندي به خيال جو خاص خيال رکيو، هن جو لهجو اوپرو نه پر پنهنج لڳي ٿو. هن جي شعر ج نرم نرم ڇهاءُ من اندر ۾ لهي وڃي ٿو اهو ئي سبب آهي جو اڄ جا شاعر ڀي بيوس جي ڇهيل موضوعن تي عروضي شعر لکي پنهنجو نانءُ ڪمائن پيا.
********
  
(سنڌ سلامت جي ٿورن سان)