Tuesday, 27 September 2022

ابو شوڪت حمزو ــ انقلابي شاعِرُ

 

سنڌي نظم جي تاريخ تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته پروڙ پوي ٿي ته سنڌي شاعرن وحدت الوجود، وحدت الشهود، گل مينا، بلبل ۽ تاريخي رومانوي داستانن جي ٻيڙي تي سوار ٿي پنهنجي فڪري پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙو پيغام ڌارين ٻولين جي استعارن پهاڪن ۽ رمزن کي بنياد بڻائي لغوي چڪرن ۾ ڦاسائي پيش ڪيو آهي. ۽ اهڙي پيغام کي سمجهڻ لاءِ عام ماڻهو کي وري به ڪنهن ڏاهي ۽ سمجهو جي محتاجي ئي ڏسڻي پئي آهي.

سٺي شاعر ۽ اديب جو هونءَ ته ڪارج اهو هجڻ گهرجي ته هن جو پيغام سمجهڻ لاءِ سندس پڙهندڙن کي ڪنهن ڏاهي ۽ نه وري لغت جي ضرورت پوي، اهڙي شاعري جو ڪوبه حاصل مطلب نه نڪرندو آهي جنهن جو ڪوئي سماجي ڪارج نه هجي، ڊگهي ماضي ۾ وڃڻ کان سٺو آهي ته صرف انگريز جي دور کان وٺي سنڌي شاعري تي پنهنجي وت وس آهر بحث ڪريون ته اهو به سچ آهي ته انگريز جي دور ۾ سنڌي نثر عروج تي پهتو ۽ سنڌي نظم نويسن جهڙوڪ بيدل بيڪس، مصري شاهه آخوند گل محمد هالائي، غلام محمد شاهه گدا، عبدالحسين سانگي ۽ مرزا قليچ بيگ پنهنجا جوهر ڏيکاريا پر سندن شاعري حقي تڪي مذهبي رومانوي ۽ عشقي داستانن ۾ گنجريل رهي سندن دور ۾ سماجي طور تي ڇا وهيو واپريو انهيءَ بابت ڪا گهڻي تفصيل ڪونهي هونءَ ته هجڻ ايئن گهربو هو ته سندن شاعري پنهنجي دور جو آئيني طور سامهون اچي پر اهڙي ڪا اڳڀرائي نظر نٿي اچي، انهن جي شاعريءَ ۾ ڌرتي ڌڻين جي درد جو درمان ۽ ڇوٽڪاري جي راهه لاءِ فڪري رستا هموار ڪرڻ جي جستجو ڪونهي، مٿي ڄاڻايل شاعرن جي شاعري وقت جي وهڪري جي ابتڙ هئي. انهيءَ وقت سنڌي سماج ٽن غلامين ۾ جڪڙيل هو هڪ انگريز، ٻيو هندو ۽ ٽيون سنڌي وڏيرو پر مٿين شاعرن جي شاعري ۾ عشق ۽ عقل جي لڙائي، راڻي کي راضي ڪرڻ جون التجائون، دلبر، مهتاب، محبوب جو چهرو گل لالا مثل ۽ عاشق مزاج هئڻ جون ڳالهيون آهن. مٿين سڀني شاعرن جي شاعري تي هرو ڀرو اوائلي سنڌي شاعرن جو اثر رهيو آهي پر انهيءَ سان گڏو گڏ انهن ڀرپور نموني ڌارين ٻولين جا لفظ به استعمال ڪيا آهن. شاعريءَ جي سماجي ڪارج بابت عبدالواحد آريسر صحيح چيو آهي ته ”جنهن شاعر جي شاعري ۾ ڌرتي وارن جي ڳالهه نه آهي ان شاعر جي شاعريءَ ۽ هڪ وئشيا جي مُرڪَ ۾ ڪو به فرق نه آهي.” جديد سنڌي شاعري جي ڪلاسيڪل سرواڻ شيخ اياز شاعري جي سماجي ڪارج بابت اهو لکيو آهي ته ”شاعري هڪ منار جيان هوندي آهي جنهن ۾ پنهنجي دور جو رخ هوندو آهي، جيڪا شاعري عوام کي ڪو رخ نه ڏئي سگهي اها شاعري نه هوندي آهي“.

اهڙي قهري دور ۾ سنڌ جي سرزمين تي هڪ اهڙو انقلابي شاعر به ٿي گذريو آهي جنهن جي شاعري جو محور صرف ئي صرف سماج آهي ۽ بس. هن عام ٻولي ۾ سٺن ۽ سولن لفظن منجهه اظهاريو آهي، پنهنجو انقلابي پيغام اهڙي ته روانيءَ ۽ آساني سان ڏنو آهي جنهن کي هاري ناري عام ماڻهو پڙهيل اڻپڙهيل پڙهي ٻڌي سمجهي پنهنجو مارڳ ٺاهي سجاڳ ٿي وڃي ٿو ۽ وقت جو قهار يعني وڏيرو هوش وڃائي ويهي رهي ٿو. ابو شوڪت حمزي جي شاعري، باطني معنيِ جي چڪرن کان آزاد آهي.

ابو شوڪت حمزي پنهنجي پيغام ۾ سنڌي شاعريءَ جي روايتي موضوعن کي دفن ڪري انقلابي شاعري ڪئي ۽ سنڌ جي روايتي وڏيرن کي اهڙو ته چٽو بيان ڪيو جنهن جو مثال نه اڳ ۽ نه هاڻي ملي ٿو هن انگريز دور ۾ مزاحمتي / انقلابي شاعري ڪئي سندس شاعري سڌي سنئين ۽ موضوعاتي آهي.

ابو شوڪت حمزو 1894ع ۾ چڪ لڳ ڳوٺ حضرت هنباهه ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، هن عملي سياست ۾ قدم رکندي سرڪاري نوڪري کي ٽي ڀتر ڏئي خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي سنڌ جو اصول پرست سياستدان بڻجي ويو ۽ پنهنجي لاڏاڻي 1944ع تائين مختلف تحريڪن جهڙوڪ، خلافت تحريڪ، هاري حقدار تحريڪ، سنڌ آزاد تحريڪ، عدم ادائگي ٽئڪس تحريڪ، ڪانگريس خواهه مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ رهيو. ابو شوڪت حمزي خان جي شاعري سياست ، سماجي، مذهبي ۽ صحافتي ڪردار تي ڪيترن ئي محققن لکيو آهي جهڙوڪ، علي محمد راشدي، حسام الدين راشدي، سيد محبوب علي شاهه، عبدالستار آدم (سکر وارو)، محمدعلي خان (سکر وارو)، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، مولانا عزيزالله ٻوهيو، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر ڪريم لاشاري، ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، غلام علي چنا، گوهر سنڌي وغيره، پر سواءِ چڪ واسي محترم آزاد بخاري کانسواءِ ڪنهن به هن جي شاعري تي تفصيلي روشني نه وڌي آهي.

ابو شوڪت حمزو سياست جي ميدان ۾ پنهنجي شاعري جو ڳٽڪو انقلابي ڏنڊو کڻي داخل ٿيو هو، هي اهو دور هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جون تحريڪون جاري هيون. انگريز پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي وڏيري ۽ هندو کي لقب ۽ لنگيون نوازي سنڌي هاري ۽ غريب ماڻهو جو نڪ ۾ دم ڪيو هو. ان وقت سنڌي معاشرو، جهالت ۽ غربت سبب سودخوري، پير پرستي ۽ مختلف گندين رسمن ۾ ڦاسي چڪو هو.

ابو شوڪت حمزو پنهنجي دور جو ڏاهو ماڻهو هو، هن کي پنهنجي ديس جي مسئلن جي چڱي طرح خبر هئي، انهيءَ ڪري هن پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي اهڙي ته انقلابي شاعري ڪئي جيڪا ظالم وڏيري لاءِ خطرو ثابت ٿي ۽ هاري لاءِ همت جو ذريعو بڻي. هن پاڻ پنهنجي شاعري جا ٽي ڪتاب ڇپرايا، جنهن جا نالا هئا انقلابي ڏنڊو، انقلابي ڪهاڙو ۽ انقلابي بم گولو. پهرين ٻن ڪتابن جي شاعري محفوظ رهجي وئي باقي انقلابي بم گولو ڄڻ ته ابو شوڪت حمزي جي لاڏاڻي سان گڏ هن دنيا مان گم ٿي ويو.

افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ جي هن اوائلي انقلابي شاعر سان محققن سنڌ جي ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾ جائز مقام نه ڏنو.

هن انقلابي شاعر پنهنجي شاعري ۾ سنڌي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي ۽ سندس شاعري فني توڙي فڪري لحاظ کان وقت جو آئينو آهي، سندس شاعري عام فهم ۽ مقصديت سان ڀرپور آهي.

 

هڪ دم اٿو غريبو اڄ وقت آهي آيو،

دنيا ۾ ڌاڪو پنهنجو گڏجي اوهان ڄمايو،

 

باطل جو ڀوءُ رکو ڇو؟ طاقت اوهان ۾ آهي،

ظالم کي زور لائي پنهنجي اڳيان جهڪايو،

 

ابو شوڪت حمزو جڏهن عملي سياست ۾ قدم رکيو تڏهن ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ هلي رهي هئي. پاڻ جڏهن خلافت تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي تڏهن مولانا تاج محمد امروٽي جن سان سٺو واسطو ٿي پيو. ابو شوڪت حمزو ڳالهه کي ڳالهه جي حد تائين رکڻ وارو ڪونه هو، هن جو چوڻ هوندو هو ته زندگيءَ جو مقصد ئي اهو آهي ته هر ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿارجي پوءِ ڀل ڪيترو به نقصان ٿئي ۽ جڏهن انسان ظلم ڏاڍ ۽ ناانصافي خلاف آواز نٿو اٿاري ته سمجهجي ته زندگي جو مقصد فوت ٿي ويو يا ضمير مرده ٿي ويو. ابوشوڪت حمزي پنهنجي زندگي ۾ هيٺين طبقي کي بيدار ڪرڻ لاءِ واعظ به ڪيا ته تقريرون به. حمزي خان کي ڪيتريون ئي تڪليفون آيون پر هن مرد مجاهد حق ۽ سچ جو علم بلند ڪيو. هن ان وقت سنڌ اندر ٿيندڙ سياسي سماجي حالات کي اهڙي طرح ته پنهنجي شاعري ۾ آندو آهي جو سندس جا نظم پڙهڻ کانپوءِ اڻ ڄاڻ ماڻهو کي به ان وقت جي حالات جي خبر پوي ٿي. انهيءَ دور ۾ جهالت زورن تي هئي ۽ بدنصيب سنڌي هاري وڏيرن هٿان ۽ سود خورن هٿان ظلم جو شڪار ٿي رهيو هو، هاري جي عام اخلاقي حالت هڪ حيوان وانگر هئي، پيٽ ۾ بک، بدن اگهاڙو، ٻار بکيا، ۽ جهڳا ڪچا تنگ ۽ تاريڪ هئا، عورتن کي معاشري ۾ جائز مقام ڪونه هو ۽ ماڻهو ناچن، رنڊين ۽ شغل تماشن کي پسند ڪندا هئا. جهالت سبب ڪجهه ريتون رسمون اهڙيون ٿي پيون هون جن ۾ فرض پوري ڪرائڻ بجاءِ فضول خرچيون عام هيون، سنڌ جو پير ڀنگوڙو، بي علم ۽ زاني هو جنهن جو صرف ڏن سان ڪم هو انهيءَ کي مريدن جي ڳڻتي يا ڪو فڪر ڪونه هو، جنهن جو هردم مقصد اهو هو ته هاري / مريد سدا سکيا نه پر صفا ڄٽ هجن. سنڌي وڏيري وري ڇيڙ ۽ بيگر ذريعي غريب هارين کي ٻانهو بڻائي ڇڏيو هو ۽ ان جو مقصد اهو هو ته هاري سدا سُڃا ۽ اَڻ پڙهيل هجن. وڏيرا چورن جا ساٿاري هئا، سندن حصو پتي وٺندا هئا پر هندو پنچائت کان ڊڄندا هئا. جڏهن غريب هاري هندو سود خور جي ظلم جو شڪار ٿيندو هو ته وڏيرا هاري بجاءِ هندن جو ساٿ ڏيندا هئا. پنهنجي ڍل معاف ڪرائي وٺندا هئا پر هارين کي ڪجهه به نه ڏيندا هئا، عورتون کڻائڻ، نڪاح ٽوڙائڻ وڏيرن کي ڄڻ ته مباهه بڻجي چڪو هو. وڏيرا ۽ زميندار پاڻ شادين جو شوق ۽ سرتين رکڻ جو شوق ته ڪندا هئا پر پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن جي شادي نه ڪرائيندا هئا. سنڌي وڏيرن جو حد جي عملدارن سان سهڪار هو، جمعدار سندن وڏو يار هو ۽ انهن سان ٺهيل مختيارڪار هو-----

سنڌ جو هاري بي علم ۽ غريب هو وڏيري جي ڇيڙ ۽ بيگر هن جي مٿان هر وقت نازل هئي اهڙي صورتحال کي هيئن بيان ڪري ٿو.

 

گهڻا ظلم آهن وڏيرن هٿان،

اَٻوجهن ۽ بي علم هارين مٿان،

نه هاري کي انسان ڄاڻن مگر،

زميندار وٽ جانور کان بدتر،

سدا تن سندي ڇيڙ بيگر وَهن،

ڏسي ڪو چوي ڄڻڪه ٻانها اَٿن،

 

جڏهن وڏيرن پنهنجي ڇاڙتن کي بڇيو ته هاري غريبن کي ڇيڙ لاءِ حاضر ڪيو ته هاري ويچارن اهي عرض ڪيا ته سائين اسان ٻڏئون پيا اسان کي بخشيو ته ڇاڙتن هيئن چيو.

 

وڏيري چيو آهي مڃيو سو اوهان،

ٻڏو يا بچو مڃون ڇو اسان،

اسان جي چوڻ سان نٿا جي هلو،

اوهان جو مٿو ۽ اسان جو کلو.

 

جڏهن سنڌ واهه غريبن گڏهن سان گڏ ٻڌو. ان کانپوءِ انگريز سرڪار گورنر جي درٻار ڪئي جنهن ۾ ڪنهن به غريب هاري کي نه گهرايو ويو پر زميندارن کي لُنگيون ڏنيون ويون تڏهن حمزي خان پنهنجي نظم درٻار لکي جنهن جا ڪجهه بند هيٺ پيش ڪجن ٿا.

 

سکر ۾ گورنر جي درٻار ٿي،

وڏيرن سندي گرم بازار ٿي،

زميندار سيڻاهه وانگر سيٽجي،

چڙهي ويٺا ڪرسين مٿان ڦوڪجي،

 

سن 1937ع واري اليڪشن ۾هاري اٻوجهه کي ووٽ جي اهميت ٻڌائي ۽ نظم(ووٽ جي اهميت) لکيو جنهن جا ڪجهه بند هيٺ پيش ڪجن ٿا.

 

اهو ووٽ جو ڪين حقدار آهي،

ته هي پير آهي ڪي پڳدار آهي،

اهو ووٽ جو ڪين حقدار آهي،

ته ڀوتار، زميندار آهي.

وڏو آهي حقدار سو ووٽ جو،

رکي قوم جو درد دل ۾ گهڻو

ڪري پاڻ قربان جو قوم تان

اوهان ووٽ گھوريو انهيءَ جي مٿان.

 

شاهه فيصل ظاهر مهر

هنباهه ـــ چَڪ

دعا

خدا پاڪ توکان مدد ٿو گهران،
تهان پوءِ هٿ ۾ قلم ٿو کڻان.

لکان هال هارين غريبن سندو،
دنيا جي وڏن بدنصيبن سندو.

سَهنِ ٿا اهي ظلم جي سِرَ مٿان،
وڏيرن هٿان سود خورنِ هٿان.

وڏي ڊيگهه آهي انهيءَ ڳالهه کي،
نه طاقت قلم کي لکي ڇا لکي.

هجي عمر خضري ڪريان جي بيان،
ته پورو ٿئي ان جو هڪ داستان.

اکين ۾ هجي آب تالاب جيان،
وڃي خشڪ ٿي جي انهيءَ تي رئان.

نڪو دين تن وٽ نه دنيا وٽن،
جهالت ڪيو آ برو حال تن.

هارين جي عام اخلاقي حالت

ڏسڻ ۾ ته انسان آهن اهي، حقيقت ۾حيوان آهن اِهي،
نه تن پيٽ پورو بدن ڪيئن ڍڪن، گذارو ٻچن جو ڪري ڪيئن سگهن.

جهڳا پڻ جدا تنگ تاريڪ تن، نه گرمي نه سردي نه بارش جهلن،
نه تهذيب تن ۾ ڪا گفتار جي، منجهن آهه عادت بري گار جي.

ڏين ماءُ کي گار جئن زال کي، ڍڳي ڍور کي خواهه ٻئي مال کي،
نه آداب مجلس جا ڄاڻن اهي، نڪي ڪنهن چڱي کي سڃاڻن اِهي.

قسم ڳالهه هر هڪ تي سَوَ سَوَ کڻنِ، خدا کان اِهي ڪين هرگز ڊڄن،
گهٽائن نه گارين ۾ زالون سندنِ، سکن ٻار ٻولي اها جا ٻڌن.

ننڍي ئي سکن علم جيڪي اهو، لَڇڻ ٻڌايان انهن جو ٻيو،
برا حال زالن سندا پاڻ ڪن، سڄو ڏينهن مردن سان رونبو هڻن.

سڄو ڏينهن مردن سان ڏاٽو هڻن، وري شام جو گاهه سِرَ تي کڻن،
ڪري گاهه سو ڌرتتيءَ جو کڻن، اچي گهر ۾ سانجڻ جو سعيو به ڪن.

هٽن تي اهي موڪلن جوءِ کي، نه سوچن ڪري غور اڳ پوءِ کي،
چوي جوءِ کي واڻيو آهه لُچُ، ٺهي ڪين مون سان چوان صاف سچ.

اهو روز مون سان پيو ٿو کَهي، ٺهيل آهه توسان وٺڻ تو ٺَهي،
سُمهن خواه کائن پچائن اتي، ڍڳا ڍور پيشاب ڇِيڻو جتي.

ڇڏن ڇوٽ پيشاب پاچي منجهان، نه ڄاڻن سي ڪعبه ۽ قبلي منجهان،
وضو ڪيئن ڪجي غسل ڪيئن لاهجي، پليتي ڪنا پاڪ بت ڪيئن ڪجي.

پُڇن ڪين ڪنهن کان اِهي مسئلا، رهن علم کان سي سدا ويسلا،
سيارو سڄو ڪي ته تڙ ڪين ڪن، هجي غسل واجب ڪرڻ اگرچه تن.

وهن واهه جنهن وقت ساوڻ اچي، انهيءَ وقت لاهن اهي غسل کي،
سنگت مولوين سان اهي ڪين ڪن، نڪي واعظ تن جو اچي سي ٻڌن.

سڄي رات جاڳن جي ناچو نچن، ڪري پنڌ ڊوڙي ڀڳت تي وڃن.
مزو تن کي ميلن مان ڏاڍو اچي، جتي ڪو تماشو ۽ رنڊي نچي.

عجب تن جون رسمون چئي ڇا چوان، نمونه طرح ٿورڙو ٿو لکان.

Sunday, 25 September 2022

انسان دوست وحدت الوجودي فڪر رکندڙ شاعر؛ خوش خير محمد هيسباڻي

 


خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي سوانح حيات

سنڌ ڌرتي اھا مقدس ڌرتي آھي جنهن جي سيني تي هميشه تاريخ جي عظيم ڪردارن جو جنم ٿيو آھي جن ڪردارن پنهنجي فن فڪر ذريعي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آھي. مطلب ته اسانجي هن مقدس ڌرتيءَ کي اھو اعزاز حاصل آھي ته اسان جي ڌرتي تاريخ ۾ ڪنڌ اوچو ڪري ھلندڙ عظيم ھستين تاريخ جي ڪردارن شاعرن اديبن جي ماءُ رهي آھي. شاھ لطيف کان ويندي سچل، سامي، بيدل، نانڪ، گودڙيي جھڙن ڪردارن کي جتي ھن ڌرتي پنهنجي سيني مان جنم ڏنو اتي سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي چمڪندڙ ستاري تصوف جي پرچارڪ شاھ سچل جي سلسي جي صوفي شاعر فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جو جنم به اسان جي ھن سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان ٿيو.

جنم

فقير خوش خير محمد ھيسباڻي رئيس غلام حيدر ھيسباڻيءَ جي گھر ۾ سن 1809ع ۾ ڳوٺ گل محمد ھيسباڻي اڳوڻي ضلعي نواب شاھ ھاڻوڪي ضلعي نوشھرو فيروز ۾ جنم ورتو. فقير صاحب جن کي ٻيا به ٽي ڀائر هئا جن ۾ شير محمد، مير محمد ۽ عرض محمد هئا. فقير خوش خير محمد سڀني ڀائرن کان وڏو هو.
فقير خوش خير محمد ھيسباڻي جا وڏا اصل عربستان جا رهاڪو هئا جيڪي پوءِ اتان لڏي بلوچستان ۽ پوءِ سنڌ ۾ اچي ھميشه لاءِ رھائش پذير ٿيا، جنهن وقت هيءُ خاندان سنڌ ۾ آيو، تڏهن سنڌ تي ڪلهوڙن جو راڄ هو ۽ هي خاندان به آدم شاھ ڪلهوڙي سان گڏجي سنڌ آيو هو. سنڌ ۾ اچڻ سان، هي خاندان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ڪي ڪاڇي جي طرف، شاھ گودڙئي جي ڀرسان ميهڙ تعلقي ڏانهن هليا ويا، ته ڪي ڪنڊياري تعلقي ۾ ڀونئري لڳ اچي آباد ٿيا، جتان وري ڪي ڪرونڊيءَ طرف (خيرپور ضلعي ۾) رھائش پذير ٿيا” (1)

تعليم

فقير خوش خير محمد ھيسباڻي پنهنجي زندگيءَ جا شروعاتي تقريبن ويهه ورهيه پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ گذاريا ۽ پاڻ اتي ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون سندن استاد ان وقت جو مشهور عالم آخوند بخش علي گاڏهي هو. فقير خوش خير محمد جو جنھن گھر ۾ جنم ٿيو اھو گھر ۽ سندس خاندان اڳ ۾ ئي علم ادب سان چاھ رکندڙ ھو فقير سائينءَ جا وڏا عربي، فارسي ۽ قرآن شريف جو علم پڻ ڄاڻندا هئا. فقير سائين جي گھر مائٽن جي علمي ماحول ۽ سندس وڏن جي اثر سبب، فقير صاحب جو به لاڙو علم ڏانهن گهڻو رهيو.
خوش خير محمد ھيسباڻي نوشھرو فيروز جي نقشبندي بزرگ پير شھاب الدين جي فرزند پير عبدالحئي جو طالب ھو. ڪن سوانح نگارن موجب خير محمد جي وڏن جي ان درگاھ سان عقيدت ھئي ڪي سوانح نگار لکن ٿا ته خير محمد ھيسباڻيءَ جو ان درگاھ سان تعلق عثمان فقير سانگي جي اثر ھيٺ ٿيو. بهرحال ان ڳالھ تي ڪو به اختلاف ناھي ته فقير خوش خير محمد نوشھري جي نقشبندين جو طالب ھو. ھن ڪيترين ئي ڪافين ۾ به مرشد عبدالحئي سان عقيدت جو اظھار ڪيو آھي ” (2)

جيئن مٿي بيان ڪري آياسين ته خوش خير محمد جا وڏا نوشهرو فيروز جي مشهور ۽ معروف اولياءَ پيرعبدالحئي صاحب جا طالب هئا، تنهن ڪري پاڻ فقير صاحب جن به اتي وڃي رهيا ۽ پاڻ وڌيڪ تعليم به اتي پرايائون اتي سندن استاد ۽ مرشد شهاب الدين صاحب هو. نوشھرو فيروز کان پوءِ تعليم وري به پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان تڳرن ۾ استاد مولوي عبدالقدوس وٽ ختم ڪيائون.

فقيريءَ ڏانهن لاڙو

فقير خوش خير محمد ٿورو علم پرائي، مير علي مراد خان ٽالپر، رياست خيرپور جي واليءَ وٽ، وڃي نوڪري ڪئي. مير صاحب شروعات ۾ کيس ڪارائو ڪري رکيو، پر آخر سندن ايمانداري، هوشياري ۽ سچائي ڏسي کين مختيارڪار ڪيو. خوش خير محمد فقير بابت هي ڳالهه مشهور آهي ته هڪ ڏينهن فقير صاحب پنهنجي وڏي اٽالي سان شاهي شان و شوڪت ۽ ٺٺ ٺانگر سان ٺٽ جي پتڻ تان درياءَ پار ڪرڻ لاءِ اچي رهيا هئا ته واٽ تي هڪ سولنگي قوم جي پوڙهي مائي گاھ جي ڀري ٺاهيو ويٺي هئي، جڏهن فقير صاحب جن جي اٽالي تي نظر پيس، تڏهن چوڻ لڳي ته ابا آهي ڪو ماڻهو، جيڪو مون کي هيءَ ڀري کڻائي؟ فقير صاحب جن يڪدم ٽپ ڏيئي، گهوڙي تان لٿا ۽ مائيءَ کي ڀري وڃي کڻايائون. فقير صاحب جي اميراڻي پوشاڪ ڏسي، مائي سمجهي وئي ته هي ڪو امير ماڻهو آهي، سو هٻڪندي ۽ ڊڄندي چوڻ لڳي ته مون ته ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ٿي چيو، توهان کي ته ڪونه چيم، فقير صاحب کي ڄڻ دل تي ڪنهن هٿوڙو وهائي ڪڍيو. وائڙو ٿي چوڻ لڳو ته مائي آئون ماڻهو نه آهيان ڇا؟ مائيءَ وراڻيو: ابا اوهين ته ڪامورا آهيو. مائيءَ جا اهي لفظ ٻڌي فقير صاحب حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته شايد هنن ڪپڙن ۽ ٺاٺ باٺ جي ڪري، آئون انسانن جي قطار کان ٻاهر نڪري ويو آهيان! بس ان وقت ئي فقير صاحب جي خيال ۾ انقلاب اچي ويو. هڪدم نوڪري ڇڏي، پنهنجي مرشد پير عبدالحي صاحب وٽ نوشهرو فيروز ويو ۽ اتان طلب ورتائين ۽ باقي زندگي فقيري ۾ گذاريائون. فقير خوش خير محمد جي تصوف ۽ فقيريءَ ڏانهن لاڙي بابت خير محمد جي عقيدتمندن جوچوڻ آهي ته فقير سائين جن کي رندي طريقو، حضرت شاھ عنايت جهوڪ واري جي سلسلي جي هڪ عارف بالله “جوڳ ڌڻيءَ ” نالي درويش کان مليو. سندن جوڳ ڌڻيءَ سان به ملاقات اتفاقي ٿي جو ھڪ دفعي جوڳ ڌڻي نوشهرو فيروز کان اچي لانگهائو ٿيو ۽ پير صاحب جن جي اوطاق ۾ اچي ٽڪيو. فقير خير محمد صاحب جن به اڪثر ڪري اتي رهندا هئا ۽ اوطاق ۾ آيل مهمانن جي خدمت چاڪري ڪندا هئا. فقير صاحب جن دستور موجب “جوڳ ڌڻيءَ” جي خدمت ڪئي. فقير خير محمد صاحب ننڍي کان ئي حق ۽ ھيڪڙائي جو پارکو هو، سو پاڻ جوڳ ڌڻيءَ کي چيائين ته قبلا، ڪا الاهي عشق جي عنايت ٿئي ! مست فقير سندس صورت سيرت ۽ اخلاق سبب اڳ ئي مٿس راضي هو، تنهن ڪري ان جي اها گهر موٽائي نه سگهيو ۽ فقير خير محمد کي هڪل ڪري چيائين ته منهنجي پٺيان ٿي ويهه فقير خير محمد صاحب، ارشاد موجب ائين ڪيو. جوڳ ڌڻيءَ کيس اسم اعظم سمجهايو ۽ آخر ۾ ٻڌايائينس ته جيڪڏهن اڳيان ويهاري سبق ڏيانءِ ها ته مون وانگر مست فقير ٿي پوين ها هاڻي تون سالڪ رهندين.

شادي ۽ اولاد

فقير صاحب جن پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي خاندان مان ئي صرف هڪ شادي ڪئي جتان فقير صاحب جن کي چار فرزند ٿيا جن ۾ در محمد مست، خير محمد (ٻيو) در محمد (ٻيو) خير محمد (ٽيون) اچي وڃن ٿا، فقير خوش خير محمد ھيسباڻي پنهنجي مرشد ۽ استاد پير عبدالحئي صاحب جن سان گڏ حج تي به ويا مدينه شريف پهچڻ بعد فقير صاحب جن جڏهن حضرت رسول مقبول جي مبارڪ روضي جي زيارت ڪئي، تڏهن هي ڪلام چيائون:

مک ماهي دا ماھ منير هويا،
ساڏا دمدم ساھ سڌير هويا. ”

وفات

خوش خير محمد ھيسباڻيءَ 1294ھ 2 محرم تي ٽڳڙن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي عيسوي سن 1877ع آھي کيس ان ڳوٺ ۾ ئي دفن ڪيو ويو. 1905ع ۾ ٽڳڙن جي ڳوٺ کي درياھ پائڻ لڳو ان ڪري سندس لاش کي ڪڍرائي خيرپور ضلعي جي تعلقي فيضگنج جي ڪرونڊي شھر کان ٽي ڪلو ميٽر اوڀر دفن ڪيو ويو اھو ڳوٺ اڄ تائين صوفي خوش خير محمد ھيسباڻي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو اتي سال به سال 17،18، ۽ 19 ذوالحج تي ميلو لڳي ٿو.” (4)

سماجي ڪردار

فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي سوانح حيات جي مطالعي مان جتي اسان کي ھن درويش جي علم ادب ۽ عقل جو پتو پوي ٿو اتي سندس زندگيءَ ۾ انسان دوستي انساني ڀلائي سماج جي ماڻھن سان محبت ڪرڻ بابت ڄاڻ ملي ٿي ته پاڻ نه صرف هڪ شاعر ھئا بلڪه سماج ۽ سماج جي ماڻھن جو خيال ۽ احساسن جو قدر رکندڙ انسان دوست مثالي سماجي ڪردار پڻ ھئا.
پاڻ ميرن سان تعلق واري وقت ۾ سفارش ڪري ڪيترائي قيدي آزاد ڪرائيندا ھئا مير علي مراد سندس ڏاڍي عزت ڪندو ھو ۽ سندس سفارش تي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيندو ھو. ماڻھن کي جو اھا خبر پئي جو ھر چور چڪار جو مائٽ صوفي خير محمد کي ايلاز منٿون ڪري پنهنجي قيدين لاءِ سفارش ڪرائيندا ھئا. آخر مير علي مراد به تنگ ٿي پيو. ھڪڙي ڏينهن ھن صوفي خير محمد کي سمجهايو ۽ کانئس ڏاڙھيءَ تي ھٿ رکرائي واعدو ورتائين ته ھو ٻيهر ڪنهن ڏوھيءَ جي سفارش نه آڻيندو. ھي فقير اڃا ڏاڙھيءَ تي انجام ڏيئي درٻار مان مس ٻاھر نڪتو ته اتي ئي ھڪ پوڙھيءَ اچي اللھ جو نانءُ وڌس ته مونکي منهنجو پٽ ڇڏائي ڏي. پاڻ ان دم ئي
موٽي آيو درٻار ۾ ۽ مير کي ان پوڙھيءَ جي پٽ کي ڇڏڻ جي سفارش ڪيائين. مير علي مراد کلي چيس ته فقير اڃا ھاڻي ڏاڙھي ڏئي وئين ۽ ھاڻي ئي سفارش کڻي آيو آھين! خير محمد ھيسباڻيءَ مير کي چيو ته پوڙھيءَ اللھ جو نانءُ وڌو ، تارازيءَ جي ھڪ پُڙ ۾ پنهنجي ڏاڙھي وڌم ۽ ٻئي ۾ اللھ جو ناءٌ اللھ جو نانءٌ منهنجي ڏاڙھيءَ کان ڳرو ٿي پيو مير کلي نيٺ فقير جي اھا سفارش به مڃي” (5)

همعصر ۽ شاگرد

فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جن جا طالب ڪافي انداز ۾ هئا، جن ۾ سيد محمد علي شاھ منگرجي وارو، قاضي محمد پريل ٽالپر وڏن وارو، شاھ محمد ديدڙ، درياءَ خان ڪلهوڙو پڻ آھن. فقير صاحب جن جو پنهنجي مصروف زندگيءَ ۾ درس تدريس جو ڪم گهٽ ٿو نظر اچي جنهن جو سبب اھو به ٿي سگھي ٿو ته سندن گهڻو ڌيان الاهي ياد ڏانهن هوندو هو جنهن ۾ ھو محو هوندا هئا شايد ان ئي سبب جي ڪري پاڻ ڪي گهڻا شاگرد تيار ڪري نه سگھيا پر پوءِ به پاڻ سنڌ جي وڏن شاعرن عالمن ۽ صوفي بزرگن سان ڪشاديون ڪچهريون ضرور ڪندا ھئا جنهن ڪري سندن همعصر فقير ۽ اهم صوفي شاعر به گهڻا ئي ٿي گذريا آهن، جن مان عثمان فقير سانگي، فقير نانڪ يوسف اڳڙن وارو، فقير بيدل روهڙيءَ وارو ۽ فقير غلام حيدر شر گودڙيو وغيره اچي وڃن ٿا.

شعر و شاعري

فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ھٿ اکر شاعري ذايع ٿيڻ بابت ڊاڪٽر تنوير عباسي لکن ٿا ته:
سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن متعلق عام روايتن وانگر فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام جو سندس ئي ھٿن سان لکيل نسخو درياھ ۾ لوڙھيو ويو !خوش خير محمد جي خاندان جي بزرگ سائين فقير فتح علي ھيسباڻيءَ ٻڌايو ته صوفي خير محمد جي پٽ در محمد مست (جيڪو سچ پچ مست ھو) ائين چئي نسخو درياھ ۾ ڦٽي ڪيو ته بابي ڀي اللھ نال گھڻيان ٺڳيان ڪيتان ھن”.(6)
اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي ته هن درويش جو ڪلام ائين ضايع ٿيڻ کانپوءِ به ختم نه ٿي سگهيو ۽ هن صوفي شاعر جو ڪلام فقير سائينءَ جي مريدن عقيدتمندن ۽ سنڌ جي اهل علم ماڻهن جي ڪوششن سان سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي جاءِ والاري. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ اھا ڳالھ بنا ڌڙڪ جي چئي سگھجي ٿي ته ھن صوفي درويش جو ڪلام نج انسان دوست وحدت الوجودي فڪر رکندڙ صوفياڻو ڪلام آھي.
هوت ملئي هنج ۾ جاءِ اهڙي جوڙ
ٿانءُ رک ٿانهر جو ٻيا ٽپڙا سڀئي ٽوڙ
وٺ راهه رب جي منهن نه ڪاڏي موڙ
توڪل رساوئي توڙ، خوشي سان خير محمد چوي .
حوالا:

1. www.google.com// htp.sindhiadabiboard.com
2.
عباسي، تنوير “ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي”، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2008ع ص 21
3. www.google.com//htpsindhiadabiboard.com
4.
عباسي،تنوير “ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي”، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2008ع ص 24
5.
ايضاً ص 23
6.
ايضاً ص 11

 

نينهن پڙھائي نماز
عشق ٿي آيو امام اسان جو
حضرت عشق اسان جو دائم
ڏينهن قيامت تائين قائم
نوڙي ڪيو سي نياز
سجدو ٿي آيو سلام اسان جو
عشق جي بازي عاشق ڄاڻن
مام محبت سالڪ سڃاڻن
رند ڪي سمجھن راز
ڪلمو قرآن آھي ڪلام اسانجو
خير محمد بيان چوان مان
اعليٰ عشق جو شان چوان مان
عرش ۾ آھي آواز
جلدي پهچايو پيغام اسانجو.

جانب جدائيءَ جو مون کي ڏاڍو آھ عذاب

ساعت ساعت سڄڻ ٿيون اکيون ھارن آب

لالڻ لاچاريءَ کان ٿيون ڏين عجيب عتاب

ماندي ھت مري ٿي تنھن ڏي مڪئي ڪونه جواب

خيرمحمد خوش خواب، ڪيئن ويچارن وڇڙين اچي؟.

 

آيا اڄ ڪي سلام عجيبن جا

خط پروانا ڪيئي لکيائون

هاواڻا هئا حبيبن جا

 

ڪانگ نياپو چئج نڌر جو

قاصد قول قريبن جا

 

خير محمد خوش دلبر مليو

وٺجان ڪنجڪ ڪريمن جا.

وڇڙيا ملن يار لھندا غم غبار

گڏ ٿي گذاريون دم نه ٿيون ڌار

دلڙي اُداسي من گھڻو ماندو

برھ ڍولڻ کان مور نه واندو

لَئون سڄڻ جي ڪيو لاچار

روز سڄڻ لئه ڪانگ اڏايان

پنڌ پِرينءَ جا واٽ واجهايان

تن اندر آ ڍوليا تنهنجي تار.


مصطفي آڪاش ـــ رنگن ۽ اوجاڳن جو شاعر

 


سنڌ ڌرتي اُها خوشنصيب زمين آهي جنهن انيڪ ڏات ڌڻين ۽ تخليقار ذهنن کي وجود ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو خمير ڏنو آهي، جن جي ڏات جا ڏيئا فهم رکندڙن جي ڏهرن ۾ ٻَري رهيا آهن، سنڌ جي اُنهن مڙني شاعرن پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي اهنجن ۽ سورن کي شاعريءَ جي رليءَ ۾ سبيو آهي، بلڪل ساڳئي انداز ۾ مصطفيٰ آڪاش پڻ ڌرتيءَ سان پيار جي معاملي ۾ عاشق شاعر آهي، هُن پنهنجي انفرادي ڏکن ۽ محرومين کي پوري ديس جي درد وانگر محسوس ڪري پنهنجي شاعري ۾ اجتماعيت جو اهڙو انداز پيش ڪيو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت بي پناه سنجيدگي ۽ سراپا حسن سمايل آهي، اهو وڏي واڪي چئي سگهجي ٿو ته آڪاش جي شاعري هن دور جي سنڌي شاعريءَ جو مٿيون مسند آهي، سندس غزل، بيت ۽ نثري نظم ذاتي تجربن تي ٻڌل ڳوڙهيون تحريرون ۽ خيالن جي مِصري لڳندا آهن، ان شاعري جا لفظ آڪاش مصطفيٰ جي گوناگون ادبي مصروفيتن سان گڏ سندس، پيار، اوسيئڙي، اڪيلائي، پيڙا، نڀاءُ ۽ ڏات مينهن بڻجي اوڙڪون ڪري وسڻ وارا اعليٰ معيار جا تجربا، مشاهدا ۽ احساسن سمفنيون ٿي سامهون اچن ٿيون، جن ۾ استعارا ۽ تشبيهون روح ۽ جسم جي تاڃي پيٽي جيان لڳندا آهن، هُن تفصيلي انداز ۾ انهن ڪيفيتن تي لکيو آهي ته لفظ معنيٰ جي تسبيح ڪيئن ٿا پڙهن، حساسيت ۽ نازڪپڻو اکرن جو ويس ڪيئن ٿو پهري، ڪاڳر جي زمين تي لفظن جا شاهڪار مقبرا ڪيئن ٿا اَڏجن. اڪثر پڙهندڙن جي راءِ آهي ته آڪاش جي رومانٽڪ ۽ مستقل قدرن واري شاعريءَ کي اهميت اُن ڪري به حاصل آهي ته سنڌ جو هر نوجوان سندس خيالن جي اُڏام سان گڏ ٻوليءَ جي مٺاس کي پنهنجي روح ۾ ڦڙو ڦڙو ٿي ڳڙندي محسوس ڪري ٿو، فيس بڪ تي سندس ڏنل ڏات جي بوندن تي مختلف پڙهندڙن جا ايندڙ رايا کيس هڪ اعليٰ مسند تي ويهارڻ جي لاءِ ڪافي آهن، هر پڙهندڙ کي سندس تشبيهون ۽ استعارا ۽ خيالن جا ميلا پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏين ٿا، حساس ذهنن کي اُڏام جا نوان گس ۽ پيچرا جوڙجي ملن ٿا
                                                 - نثار ٻانڀڻ
----------------------

مصطفى آڪاش صحتمند سوچ رکندڙ نوجوان شاعر آهي. کيس موجوده وقت جي جديد سائنسي سهوليتن جهڙوڪ موبائيل ۽ انٽرنيٽ تائين سُٺي پهچ حاصل آهي. ان ڪري مون سندس شاعري پهرين فيس بوڪ تي پڙهي، پوءِ پرنٽ ميڊيا ۽ نيٺ کيس روبرو ٻُڌڻ جو به موقعو نصيب ٿيو. مصطفى جهڙو شڪل صورت ۾، ملڻ ڳالهائڻ ۾ خوبرو آهي، شاعري پڙهڻ وقت به اهڙو ئي وڻندڙ شخصيت جو ڌڻي آهي.
سمجهان ٿو ته مصطفى جي شاعري، اسان جي موجودهه ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي. منجهس اسان جي آس پاس جا منظر، پسمنظر موجود آهن. هن جي شاعري ۾ ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي گهرج پوري ڪندڙ موضوع شامل آهن.
مصطفى شاعري جي ڪنهن هڪ اڌ صنف تائين محدود نه آهي. هن پابند شاعري به ڪئي آهي، ته آزاد نظم، نثري نظم به لکيا اٿس، بلڪ ائين چئجي ته جنهن خيال مصطفى کان جيئن قلمبند ٿيڻ چاهيو، هن، ان کي ان نسبت واري صنف ۾ لکيو ۽ ان سان نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.
جلاوطن ننڊون“ سندس پُڻيٺي جو مجموعو آهي، پر هن ۾ آڪاش تائين اڏام رکندڙ شاعري، نه وسرندڙ، ۽ وري وري پڙهڻ جهڙي شاعري شامل آهي.

                                                                     - مٺل جسڪاڻي                 
آئون مصطفيٰ آڪاش جي شاعري کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ، پر شاعري به ڀلا ڪا پڙهڻ جي شيءِ آهي! نه ، شاعري ته احساسن جي راڳڻي آهي، شاعري ته بي چين روحن جي وياڪلتا جو سڏڪو آهي يا وري سمبارا جي پيرن جي پيڙ- شاعري پڙهي نه ٿي سگهجي فقط محسوس ئي ڪري سگهجي ٿي. آءٌ مصطفيٰ جي شعر کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته منهنجو احساس پکين جي آوازن جهڙي لئي سان هم ڪلام ٿئي ٿو. بارش ۽ مٽي جي ميلاپ مان جنم وٺندڙ خوشبوءَ جو احساس جاڳي ٿو پئي. عڪسن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي هڪ باترتيب هجوم سان شناسائي ٿئي ٿي. جنهن جي وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي.
شاعري ته آهي ئي خود زندگي جي وضاحت.، وضاحت جون ڀلا ڪهڙيون وضاحتون ڪبيون. سوين عڪس عڪسن، احساسن ۽ ڪيفيتن جو ميڙ آهي مصطفيٰ آڪاش جي شاعري ۾. ڪو نقاد چئي سگهي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه ته اڳ ۾ به ورجائبو رهيو آهي ته پوءِ آڪاش جي شاعري ۾ نئون ڇا آهي ؟ ان سوال جو روايتي جواب اهو ٿي سگهي ٿو ته آڪاش جي پيشڪش جو انداز يعني اسلوب نئون آهي پر آئون نئين اسلوب تي اڪتفا ان ڪري به نه ٿو ڪريان جو مصطفيٰ آڪاش جي شاعري ۾ مون کي وڏي خوبي سندس شعرن ۾ آيل سواليه ۽ عجب جون نشانيون محسوس ٿين ٿيون. مون کي سندس شعرن ۾ معصوم ٻار جو تجسس نمايان نظر اچي ٿو، معصوميت جو اهو تجسس جيڪو ڏسڻ، چکڻ، ڇُهڻ، سمجهڻ ۽ سکڻ چاهي ٿو. سکڻ جي اها تڙپ مصطفيٰ آڪاش کي گهڻو اڳتي وٺي ويندي - شال هُو ان تجسس کي ماٺو ٿيڻ نه ڏي ..
-
                                                                          جعفر جاني
ادب جي آبياري انساني تهذيب ۽ سڌاري جي اهم نشاني ۽ مهذبپڻي جي روايت آهي. جڏهن دنيا مقتل گاهه ٿي وڃي، منافقيون سماج کي وڪوڙي وڃن، ادارا سمورا کوکلا ٿي وڃن ۽ ماڻهن جو ڪنهن به نظام تي ڀروسو قائم نه رهي تڏهن ادب ۽ اديب جو رستو سندس دلجوءِ جو سبب هوندو آهي. مصطفيٰ آڪاش جي شاعري جي هي وک “جلاوطن ننڊون” پڻ اهڙي علامت آهي، ڇوته کيس احساس آهي ته
لاش پويان لاش ملندا ٿا رهن،
اڄ ته مقتل گاهه رياست ٿي وئي.
انهي بيگانگي ۽ ويڳاڻپ ۾ نفيس ترين صنف شاعري ذريعي سماج ۽ انسان جي اندر جي اڌمن جو اظهار اميد جي نشاني ۽ نئين سورج جا ڪرڻا آهن. مصطفيٰ جي شاعري ۾ صرف سندس ننڊون جلاوطن نه آهن پر هو هر جلاوطن ننڊ جي پيڙا جو داعي آهي. سندس شاعري انفراديت ۾ اجتماعيت ۽ جز ۾ ڪل ۽ ڪل ۾ جز وانگر آهي. سندس رنگارنگي اظهار جدوجهد جي نشاني آهي. سندس شاعري جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهي، جيڪو کيس ڪافي اڳتي وٺي ويندو آهي. کيس مقتل گاهه واري رياست ۾ ننڊن جو بچاءُ ڪرڻ گهرجي ۽ جلاوطني هوندي به پنهنجي ماڳ ۽ منزل تان نه هٽڻ گهرجي. اسان جون نيڪ آشائون هميشه گڏ آهن ۽ کيس اهڙي سهڻي ڪتاب جون واڌايون هجن.
-
                                                 مبارڪ علي لاشاري
مون جو چيو ميندي کيت کي ، اٿي ڦٽي پئو،
مون کي ڪيئي سئو ، رتا گهرجن هٿڙا.
شيخ اياز جو هي ڪرشمه ساز بيت ارداس هئي يا حڪم ! پر ڏسندي ڏسندي سوَن جي بجاءِ هزارين ميندي رتا هٿڙا اڄ پُسي سان ڪڪوريل ڪِرڙن جيئن وک وک تي ، هولي ڏڻ تي هاريل رنگن جئان ڌرتي کي لال گلال رنگن سان منور ڪري رهيا آهن . منجهن سونهن سڳنڌ جا انوکا ، اڻ مِٽ ، تجليدار جهان نظر اچڻ لڳا آهن . انهن روشن رنگن کي سرجڻ ۾ اسان جي نئين ٽهيءَ جي سرجڻهارن ۾ هڪ نئون آواز مصطفيٰ آڪاش جو به شامل ٿي ، اسان جي سماعتن ۽ بصارتن کي لطف جا ڇڄ ڀري ارپڻ لڳو آهي ، ڪنڌ ڪوٽ جي گرم موسمن ۾ جنم وٺندڙ مصطفي آڪاش پنهنجي سڀاءُ توڙي شاعراڻن احساسن ۾ بنهه منفرد، ٿڌي گهڙي جهڙي طبع رکندڙ هي دوست ٿڌن مٺن احساسن سان ٽمٽار املتاس جي وڻ جيان ڀاسندو آهي.
-
 مفتون ڪورائي
مصطفي آڪاش ـــ رنگن ۽ اوجاڳن جو شاعر
شاعر عام ماڻهوءَ کان اُتم هوندا آهن، ڇو ته جئين شاعر سوچي ٿو، لکي ٿو، تئن عام ماڻهو سوچي يا لکي نٿو سگھي. شاعر جنهن ڪرب مان گذري سوچي ۽ لکي ٿو ۽ وري لفظن کي تاڃي پيٽي وانگر اُڻي وزن بحر ۽ رڌم ۾ پورو آڻي جيڪا آفاقي ڳالهه ڪري ٿو، اُها عام ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني بڻجي ٿي. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جو بنيادي موضوع وري به زندگي آهي ۽ جيڪا شاعري الهام ٿي لهي سچ پچ ته اها دنيا جا سمورا رنگ ۽ سمورا احساس ڇيڙي وجھي ٿي. اسان جو پيارو ساٿي مصطفي آڪاش اڃان عمر جي ان حد تائين پهتو آهي، جنهن کي جوانيءَ ۾ سموري دنيا رنگين لڳندي آهي ۽ وري ان عمر ۾ عشق جھڙو واءُ لڳي ته دنيا اڃان به ست رنگي ڀاسندي آهي. ان ست رنگي دنيا جومسافر مصطفي آڪاش به ڏک سک، روئڻ پرچڻ، لڙڪ مرڪ ۽ محبوب جي ماڻن جھڙا تجربا رکي ٿو، جيڪي سندس شاعريءَ ۾ پسي سگھجن ٿا.
شاعر بنيادي طور عاشق مزاج، حسن پرست ۽ پيار ڪندڙ هوندو آهي، انڪري کيس زندگيءَ ۾ جيڪي به ڏک، درد ۽ رسوايون ملن ٿيون، اهو ئي سندس شاعريءَ جو وچور هوندو آهي. مصطفي آڪاش جي سموري شاعري پڙهي اهو محسوس ڪري سگھجي ٿو ته هو به انهن وارتائن مان گذري آيو آهي. سندس شعري مجموعو ”جلاوطن ننڊون“ انهن احساسن تي ٻڌل مجموعو آهي جيڪي هر ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ڪري ٿو،ڇو ته مصطفي آڪاش رڳو پنهنجي ئي تجربن کي شاعريءَ ۾ قيد ناهي ڪيو پر هن جي ارگرد جي زندگيءَ به سندس شاعريءَ جو محرڪ بڻي آهي. اهوئي سبب آهي جو مصطفي آڪاش هڪ سٺو ۽ متحرڪ شاعر ٿي اُڀري پنهنجي ٽهيءَ جي گھڻن شاعرن کي پوئتي ڇڏي اڳتي نڪري آيو آهي ۽ پنهنجي ڊڪشن سان الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي.

                                                                        - غلام مصطفيٰ سولنگي

مصطفيٰ آڪاش نئين ٽهيءَ جو نڪور آواز آهي،جنهن مختصر وقت ۾ پنهنجي تخليقي اظهار ذريعي گهڻن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرايو آهي،نه رڳو ڌيان ڇڪرايو آهي پر ڪافي مڃتا جون مالهائون به ماڻيون اٿس.آڪاش جي شاعريءَ جا رنگ انڊلٺي احساس جي حاصلات جي پنڌ ۾ پختا ٿي رهيا آهن،جن کي هو پنهنجي سوچ جي سندرتا ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ سڦل دڳ جو راهي بڻيل آهي.
آڪاش جي شاعري داخليت جي پهرين منزل کان خارجيت جي سفر تي سهڙڻ شروع ڪيو آهي ۽ هن وٽ جتي ذاتي درد جا عڪس بي چين دلين تي آٿٿ جي بارش ٿي لهن ٿا، اتي هن وٽ سماجڪ موضوئن جا به چڀندڙ احساس سچيت هئڻ جي عڪاسي ڪن ٿا.ان سان گڏ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جي اجتماعي سجاڳيءَ لئه باشعور ذهن جي جاڳرتائي عمل جو ردعمل هن جي تخليق کي سگهه ڏئي رهيو آهي.
آڪاش ۾ جتي تخليقي گڻ آهن اتي هو انساني گڻن جا وکر وهائيندو رهي ٿو،۽ ڪوي اميد آهي ته هن جي ڏات جو احساساتي وکربه پئي پراڻو نه ٿيندو،۽ هن جي ذات ۽ ڏات جي روشني اوندهه ۾ ڏيئي جي لاٽ مان للاٽ بڻجي سوجهري جو ڦهلاءُ وسيع ڪندي،۽ هي آڪاش مڃتا جون ڦول مالهائون پائيندو رهندو،پر هڪڙو ننڍڙو عرض ته؛” هئڻ جو حال ماضي نه ڪري.“

- 
                                                                       گل بهار باغائي

ڪنهن قبر تي اڄ به تنها، شام جو،

ڪنهن قبر تي اڄ به تنها، شام جو،
ٿا رڙن نيڻن جا سپنا، شام جو.

مرڪ جي روشن گهٽين ۾ ساڻ ها،
گم ٿيا غم ايندي رشتا، شام جو.
تنهنجي گهرَ جي ٻاهران بيٺا رهيا،
ديدَ جا ڌُنڌلا ٻه رستا، شام جو.
تن گُلن جا لاش ٿو کـڻـندو وتان،
تو جي چـوٽيءَ مان ڪڍيا ها، شام جو.
مان انهن جي ئي سهاري ٿو جِيئان،
جي وچن تو پاڻ ورتا، شام جو.
وقت تي ’آڪاش‘ ڪا ناهي ميار،
شام کي ئي خواب پرتا، شام جو.

مسافتن سان جو هم سخن ٿيون،

مسافتن سان جو هم سخن ٿيون،
ننڊون اکين مان جلاوطن ٿيون.

گلاب سان گڏ ڏنائون جيڪي،
ڪنڊن جون نوڪون اڃا چُڀن ٿيون.

وري وڇوڙن کنيا مٿي ڪر،
ته خواهشون سڀ وري دفن ٿيون.

جوان دل جون حسين آسون،
اوهان جي دم سان جوان رهن ٿيون.

شهر جون شامون ۽ سمنڊ، ساحل،
گهٽيون به تنهنجو سکي! پُڇن ٿيون.

ادب جي دنيا ڪٺور ٿي پئي.
حساس سوچون سندم ڪفن ٿيون.

سُڪون سارا ڦٽي وڃن ٿا.
اوهان جون يادون جڏهن اچن ٿيون.


جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽُو، (شيخ اياز)

 

جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽُو،
مون ائين سمجهيو،
ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي،
اي دنيا ڀرجا محڪومو!
اي مظلومو!
جي محڪوميءَ مان ڪو به ڇُٽو،
مون ائين سمجهيو،
ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي،
ڪنهن هنڌ به منهنجي قاتل جا،
جي هٿُ لڏيا،
ڀل مون کي ڏي ڪيڏو به گُهٽو،
مون ائين سمجهيو،
ڄڻ منهنجي گردن هَلڪي ٿي.

Saturday, 24 September 2022

پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،(حسن درس)


 پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،

ورڙ ان واٽ تي ويٺل، اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو.
لڳي وئي لاڙ سان آ لَنئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون
اسان کي عشق، سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو.
عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،
سڄڻ سگريٽ، سَستي جيئن سڄو ماڻھو سڙي ٿو پيو.
پُراڻو عشق پوڙهي جيئن، وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪتو
ملڻ هي مير محمد جو، جوانن کي جڙي ٿو پيو.
اوهان مُرڪي ملي آخر، هليا ويا شھر پنهنجي ڏانھن،
اسان جي ڳالھ جي ڳل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.
وطن ۾ بي وطن معشوق، عاشق جو ملڻ ڪھڙو،
زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو..!

Friday, 24 December 2021

سر يمن ڪلياڻ ۾ سمايل روحاني رمزون.

 

شفيق الرحمان شاڪر

“يمن“ جي لفظي معنيٰ آهي من کي روڪڻ جڏهن ته “ڪلياڻ” هڪ قسم جي راڳڻي آهي جيڪا رات جي وقت ڳائي ويندي آهي.هن سر جي شروع ۾ شاه سائين مالڪ حقيقيء کي سمورين جسماني ۽ روحاني بيمارين جو طبيب ڪوٺيندي کيس شفا لاء سڏڙا ڪري ٿو.هو نه رڳو طبيب پر حبيب به آهي جيڪو پنهنجي مخلوق سان ڪامل درجي محبت ۽ انيڪ احسان ڪري ٿو.

تون حبيب، تون طبيب،تون درد جي دوا،

جانب منهن جي جيء ۾، آزار جا انوا،

صاحب! ڏي شفا،ميان! مريضن کي.

“ اي جانب! تون ئي پيارو،تون ئي سڄڻ ۽ تون ئي منهنجو ويڄ آهين.بلڪه تون ئي هر درد جي دوا،هر سور لاء سڪون ، هر اذيت ۾ آٿت ۽ هر مرض لئي شفا آهين.منهن جي وجود ۾ قسمين قسمين دردن، سهسين سورن ۽ انيڪ آزارن ديرو ڄمائي رکيو آهي.توکان سواء ٻيو ڪير آهي جيڪو اهڙن لاچار مريضن ۽ بي پهچ بيمارن کي صحت ڏيئي سگھي.“

هو رڳو طبيب ئي نه آهي پر پاڻ ئي درد آهي ۽ پاڻ ئي دوا،پاڻ ئي مرض آهي ۽ پاڻ ئي شفا،پاڻ ئي سور ۽ پاڻ ئي سڪون،پاڻ ئي اذيت ۽ پاڻ ئي آٿت.هو پاڻ ئي ڪنهن کي عشق جو گھاء ۽ فراق جو وڍ ڏئي ٿو وري انهيء کي ان جي عيوض انيڪ انعام به عطا ڪري ٿو.

وڍي جن وڌياس،وري ويڄ ئي سي ٿيا،

ترت ٻڌائون پٽيون،روح ڪيائون راس،

هينئڙا ! تنين پاس،گھار ته گھائل نه ٿئين.

“ جن چهڪ ڏيئي دل چاڪ ڪئي وري اهي ئي ويڄ بڻجي دل چاڪ ڪرڻ لڳا.اهڙيون ته پيار جو پٽيون ٻڌائون جو گھائل روح رچي راس ٿي پيو.اي دل! جيڪر گھرين ته توکي زماني جو ڪو ٻيو گھاء گھائل نه ڪري ته بس انهن محبوبن جي نظر ۾ ئي پنهنجو آستان ٺاهه ۽ انهن کان پاند پري هرگز نه ڪر.”

انهيء ئي سر ۾ سهڻو لطيف انهن عارف بالله بزرگن،درويشن ۽ سچن صوفين کي به طبيب ٿو ڪوٺي جيڪي محبوب حقيقيء جي عشق ۽ محبت جي سوغات مخلوق خدا ۾ مفت ورهائيندا آهن ۽ عاشقن جي الستي راهه طرف رهنمائي ڪن ٿا.

رهي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽاء،

جن کي سور سيد چئي،گھٽ منجھاران گھاء،

لڪائي لوڪاء،پاڻيهي ٻڌن پٽيون.

اهي واڍوڙيا ڪير آهن جيڪي خلق خدا جي دل ۾ الستي اکر رچائين ۽ قرب ايزديء جو وکر وهائين ٿا؟اهي ئي اهي سمجھه ۽ ساڃاه وند سريڙ رکندڙ سچا عاشق آهن جن پنهنجي سائينء کي سڃاتو.سندن سينا قرب جي ڪمان زخمي ڪيا ۽ اندر ۾ عشق الاهيء جي آتش سڀ غير ساڙي فناڪري ڇڏيو.انهن هن دوکي جي دنيا کان ڪڏهن به دوکو ناهي کاڌو.ظاهري دنيا پرست ماڻهو انهن کي ڪا اهميت نٿا ڏين ان ڪري جو انهن پنهن جي عشق کي لوڪان لڪائي رکيو آهي ۽ اهي پنهن جي درد جو تذڪرو ڪنهن سان به نٿا ڪن،اندر جو راز ڪنهن سان سلين ئي نٿا ۽ پنهن جا ڦٽ ڏيهه کي ڏيکارين ئي ڪونه! اهي دنيا جا عارضي فائدا ۽ ڪريل مفاد حاصل ڪرڻ لاء ڪا ڊڪ ڊوڙ نٿا ڪن ۽ نه ئي وري مخلوق۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لاء ڪي ناٽڪ رچائين ٿا.سندن زبانون اڪثر گنگ رهن ٿيون ايستائين جو پنهن جي نيڻن جا نير به ماڻهن کي نٿا ڏيکارين.

آيل! ان نه وسهان هنجون جي هارين،

آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين،

سڄڻ جي سارين،سي نڪي روون نڪي چون ڪي.

انهن الله وارن ابدالن جي چند ساعتن جي صحبت جيڪر نصيب ٿئي ته نصيب بدلجي وڃن ۽ انسان پتل مان سون بڻجي پوي پر جيڪي سندن صحبت ۾ رهندي به ڪري نٿا ڪن،پليديء کان پرهيز نٿا ڪن ۽ ڪنن ڪرتوتن کان ڪناره ڪشي اختيار نٿا ڪن.پنهنجي سيني کي بغض ۽.ڪيني ۽ ڪدورت جهڙي ڍونڍ کان ڌوئي صاف نٿا ڪن انهن جي هر مشقت،نشست ۽ برخواست اجائي ۽ عبث آهي.

آهي گھڻو اگھن جو،ترس طبيبن،

ڪيو وس ويڄن،تان ڪريء ريء ڪين ٿئي.

اگھن سان طبيبن جو انيڪ پيار آهي،انهن کي سندن اذيتن ۽ آزارن جو احساس آهي،کين سندن بيمارين تي گھڻي ڪهل اچي ٿي ان ڪري اهي پوري مشقت لڳائي سندن درد دور ڪرڻ جي ڪوشس ڪن ٿا پر جيئن ته اهڙن اگھن کان ڪري مور نٿي ٿئي ان ڪري اهي سگھا نٿا ٿين.

هاريا! تو هري، ڪپج ڪايا سين ڪيو،

ڪرين جي ڪري، ته ترت توانو ٿئين.

ناڪامي تنهن جو نصيب ان ڪري بڻي جو تو پنهن جون بد خصلتون ۽ بريون عادتون ترڪ نه ڪيون.ڪپج ڪاياسين ڪيو يعني تو پنهنجي جند سان نسورو ناحق پاڻ ڪيو نه ته جيڪر ڪري ڪرين ها ته سريڙ سربستو صحتمند ٿي وڃي ها.

اڳتي شاه صاحب سلوڪ جي هن سفر ۾ نڪتل مسافرن کي صلاح ٿو ڏئي ته اندر ۾ هر وقت خفي ذڪر جو خيمو کوڙي زبان کي تالو هڻ،روحاني راز سيني ۾ دفن ڪر ۽ عشق جي آگ ۾ پتنگ جيان چپ چاپ سڙي ۽پچري وڃ،ٻاهر ٻڙڪ به نه ڪڍ،جيڪر عشق جو ڀالو سيني مان آر پار به ٿي وڃي ته فرياد نه ڪر نه ڪا آه ڀر.جيرا جگر بڪيون جيڪر ان آتش عشق ۾ سڙي خاڪ ٿي وڃن تڏهن به خاموش رهه.

هيء پر اڱارن، جو ٻه ڏائين ٻرن جي،

هڪ کوري کانئيا،ٻيو ڌوڌي منجهه ڌڳن،

پاڻان لوهارن،ميڙي رکيا مچ لئي.

اڱرن ( ڪوئلن) کان سبق سک اي سلوڪ جا مسافر! جيڪي ٻه ڀيرا باه برداشت ڪن ٿا.هڪ ته کوري ۾ متل مچ اندر سڙيا مٿان وري ڌوڌيء ۾ اچي جليا.لوهارن ڏسي وائسي کين مچ مچائڻ لاء ميڙي رکيو آهي.

پر لطيف سرڪار خبردار ٿا ڪن ته ان رستي ۾ انساني نفس جيڪو حرص ۽ هوس جو پتلو آهي سو وک وک تي وڏيون رنڊڪون ٿو وجھي ۽ انسان ۾ تڪبر جو ٻج پوکي نيٺ کيس محفل محبوب مان تڙائي ٿو ڇڏي.

ڪيئن ماپيندا من ۾، خودي ۽ خدا،

ٻن تراڙن جاء، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.

ساڳي دل ۾ خودي ۽ خدا گڏ رهي نٿا سگھن،جيستائين تون پنهن جي هئڻ جي هوڏ تان نٿو لهين توکي سائينء جي ساڃاه حاصل ٿي نٿي سگھي.زبان سان ته غيرالله جو انڪاري آهين پر پورو وقت پنهنجي پرستش ۾ پورو آهين.تنهن جو پنهن جو وجود ئي تنهن جي ۽ محبوب جي وچ ۾ حجاب بڻجي ويو آهي.

ان بعد لطيف سائين ان رستي جي پانڌيئڙن لاء هڪ انمول نڪتو ٿو نروار ڪري ته هن واٽ تي   برداشت،رواداري،وسعت قلبي،صبر ۽ سهپ سواء اڳتي سفر ڪري نٿو سگھجي،مثال ڏين ٿا وڻن جو.

وڃي پڇ وڻن کان، جڏهن ميوا ڪن،

ٺڪر،ڀتر،ڇاڙيون،سهسين ٿا سهن،

آهي سخاوت سيد چئي، دل ۾ درختن،

ڦريو ٿا ڦر ڏين،نيڪيء نيت پانهنجي.

وڻن ۾ جڏهن ميوو ڀرجي ٿو ته اهي وڌيڪ ملنسار بڻجي جھڪي پون ٿا،ماڻهو انهن کي ڀتر،پٿر ۽ لڪڻ هڻن ٿا پر جواب ۾ اهي سڀ ڪجهه صبر سان سهي ماڻهن کي ميوو ونڊين ٿا.مطلب ته

صبر گھڻو سڦرو، ٻي جڳائي ماٺ،

پيو لتاڙج لطيف چئي،چرج ۾ مٿان چانئٺ،

ته ڏنجھڻ پون ڪاٺ،سڄڻ ٿين سامهان.