Saturday, 16 February 2019

هڪ سلڇڻو شاعر ؛ مقصود گل



منظور سولنگي
            تاريخ 5 آگسٽ 1989ع تي مونکي جي نوڪري تعليم کاتي ۾ ملي ۽ اونهاري جي موڪلن ۾ پوسٽنگ تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ڀٽو ۾ تنهنڪري روزانو لاڙڪاڻو کان رتوديرو ۽ اتان مني بس تي ميرپور ڀٽو وڃڻو پوندو هو. ان وچ ۾ سائين قاضي مقصود ”گل“ کي ڏسڻ جو موقعو مليو. شايد ڪتابن جي دوڪان، سنڌڙي ڪتاب گهر تي هڪ اڌ دفعو کيس ڏٺم.سائين ان وقت شگر مل ۾ نوڪري ڪندو هو. سندس شخصيت ڏسڻ لائق هئي. اڇي ڊريس ۾ ملبوس تمام چڱو لڳندو هو، ۽ سياري ۾ مٿان ڪارو ڪوٽ ۽ ٽفن باڪس هٿ ۾ گڏوگڏ ڪو ڪتاب وغيره به ساڻ. اڇا وار ۽ مُک تي مُرڪ . ڏسڻ مان ائين ڀائنبو هو ڄڻ ڪو ساگر خاموشي سان وهندو رهي. حالانڪه قاضي صاحب سان ڪڏهن به ڪچهري ڪو نه ٿي هئي، نه ئي ڏيٺ ويٺ. پر پوءِ به هڪ بس ۾ همسفر، مان سندس شخصيت کان ڪافي متاثر ٿيس. ان لاءِ ته هر انسان پنهنجي وصفن ۾ سڃاپرو هوندو آهي. ۽ مون هن شخصيت کي هميشه سوچن ۾ گم ڏٺو. پوءِ هو ڇا؟ ۽ ڇو؟ سوچيندو هو. پر هميشه سوچن جي ساگر ۾ غرق ڀاسندو هو. ان کان پوءِ ڪنهن دوست غالبن ذوالفقار قادري جو پڻ رتوديرو مان گڏ هلندو هو اسڪول ۽ رتيديري جو رهواسي هو، کان خبر پئي ته هي سائين اديب ابن اديب، شاعر ابن شاعر قاضي مقصود ”گل“ آهي، پوءِ خبر پئي ته سندس سوچ ڪهڙي هوندي. پاڻ مونکي سيبائتي، پرڪشش شخصيت لڳو.نيڪ انسان محبت جو ماڻ ۽ صبر ۾ سوايو. هرڪنهن سان خلق سان ملندو ۽ جلندو هو، ملنسار رلڻو ملڻو ۽ حد درجي جو شريف النفس پاڻ ارپڻ واري شخصيت هو. سياڻن سچ چيو آهي ته، ”ڀت بڻياد تي ويندي آهي.“ سندس خاندان به علمي ۽ ادبي آهي. بزرگ شخصيت قاضي عبدالحئي ”قائل“ جو فرزند اَرجمند هجڻ جي حوالي سان شاعر ابن شاعر. سنڌ جي اندر قاضي خاندان، جنهن کي سنڌ ۾ علمي صبقت حاصل آهي جو فرد هو. سندس والد قاضي عبدالحئي ”قائل“ استاد سان گڏوگڏ اعليٰ پائي جو اديب_ شاعر، سماج سڌارڪ سندس علمي ادبي ۽ سماجي خدمتون آشڪار آهن. هن صاحب جي خوشنصيبي چئبي جو سندس اولاد به نالي چڙهي نڪتي. ۽ هو پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ مهارت رکندڙ. جن مان قاضي خضر حيات مصوري جي دنيا جو وڏو نالو، سندس ننڍو پٽ قاضي منظر حيات علم ادب مصوري جي دنيا جو ماهر، قاضي اختر حيات مصوري جي دنيا جو نامور نالو ۽ قاضي مقصود ”گل“ سيبائتو شاعر، تخليقار ۽ اديب جي حيثيت سان سڃاپرو آهي.
            مقصود گل شاعر جي حيثيت ۾ گلن ۾ مهڪندڙ گلاب جي گل جيان نظر اچي ٿو. شاعري جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪيل اٿس، سندس انداز به نهايت سيبائتو، نماڻو ۽ سگهڙ پرائي محب الوطني وارو آهي. جي شاعري تي نظر ڌربي، ته به اسان کي منفرد نظر اچي ٿو ۽ ايئن پيو لڳي ته ڀانت ڀانت جا گل پيا وکرندي نظر اچن. جي ڪڏهن استعارن جي صورت ۾ ته ڪڏهن تشبيهن جي مورت ۾ ته ڪڏهن تمثيلن ۽ تشبيهن جي انداز ۾، مٿيان سڀ انداز منفرد ۽ خودرو. ڪنهن جي به طتبع ئي نه، سي به مڪمل نموني سنڌيانه انداز سڀ پنهنجي سماج تان ورتل کنيل. وري جي موضوعن جو اڀياس ڪريو ته ”ڏندين آڱريون ڏيارائي ٿو ڇڏي“. موضوع به وسعت پذير، ڪٿي جماليات جا ڳڻ ويٺو ٿو ڳائي، ته ڪٿي مزاحمتي انداز اپنائي. ڪٿي مزاج جون وايون وات اٿس ته ڪٿي اجتماعي قدرن تي پيو واڪا ڪندو ته وري ڪٿي قومي گيت جهونگاريندي نظر اچي پيو. ڏسو ته سهي هر رخ ۾ گلاب جي گل جيان پيو ڀاسندو، ڪٿي ٻهڪندڙ انداز ته ڪٿي جلندي نظر اچي ٿو. هر رخ ۾ موتين جي مالها. جيڏانهن به نظر ڪريو. ڪٿ به فڪر جي کوٽ نظر نه ٿي اچي. شاعري جو مقصد به اهوئي آهي ته، هر رخ کان عام جي تربيت ڪرڻ لاءِ انهن جي اخلاق کي سنواري ۽ سڌاري. ان لاءِ ته شاعر معاشري جا اڳواڻ ٿين ٿا. ۽ هو هر بري ۽ نيڪ کي چڱي ريت سڃاڻي وٺن ٿا ۽ پنهنجي قوم جا مخدوم هوندي به خادم ئي رهن ٿا، ۽ انهن کي صلاحون ڏئي سڌي رستي وٺرائڻ ۾ مددگار آهن.مقصود گل شاعري جي هر صنف تي پنهنجو ڪونتل ڪڏايو آهي. خاص ڪري غزل سندس پسنديده صنف پيو ڀانئجي. پر پاڻ هر مسلمان جيان شاعري جي ابتدا حمد نعت سان ڪئي اٿس. پياري حبيب جو شان بيان ڪندي چوي ٿو:
ٿڌڙو بستر ٻانهن سيراندي، تون ته ستل آن فرش تي.
طور تي موسيٰ هوش وڃايو، تنهنجي جتي وئي عرش تي.
تنهنجو شان قلم ڇا لکندو ڄاڻي رب جي ذات پرين.

            سندس نعت ۾ به اسان کي نوان خيال ۽ روپ ملن ٿا، جيئن هن نعت کي ڏسو ته هن دور جي حالتن جي عڪاسي ڪندي سهڻي سردار جي حضور ۾ ڌرتي جي دردن جون دانهون به ڏنيون اٿس:
ڌرتي تي اڄ باهه بمن جي ڀڙڪا ڏئي ڀڙڪي ٿي.
موت مصيبت بڻجي تنهنجي ڪل امت تي ڪڙڪي ٿي.
رحمت جي ڪا رحم نظر سان برسائج برسات پرين.
قصيدو به سهڻو جوڙي ٿو، جيئن:
اڙين جو هت هميشه آڌار ياعلي آ،
محشر ۾ مومن جو مهندار ياعلي آ.

ڌرتي سان سڪ ۽ چاهت انساني خمير ۾ سمايل هجي ٿي، ڇو ته هو انهي مٽي جي پنوڙي مان سرجيو آهي. لازمي آهي. ته سڪ سوائي رهندي. بقول روميءَ جي:

بشنواز چون حکايت مي کند_ از جدائي ها شکايت مي کند

وري لطيف ان راز کي هيئن بيان ڪيو آهي:

وڍيل ٿي وايون ڪري ڪٺل ڪوڪاري

هن پڻ پنهنجا ساريا، هو هڏن لئه هنجون هاري.

            رومي جي بيت جي معنيٰ آهي. ”جڏهن بانسري اصل کان ڪٽجي ٿي ته پوءِ وصل جي واين ۾ درد ڀريل آواز به تڏهن کانئس نڪرن ٿا. ساڻيهه، ديس ڏيهه، اهو هنڌ جاءِ يا ڀيڻي آهي. جتي انسان شڪم مادر کان پوءِ اک کولي ٿو. اتي پروان چڙهي ٿو، اهائي سرزمين، جيڪا سندس ابن ڏاڏن ۽ پڙڏاڏن جا لاش پنهنجي مقدس سيني اندر سمائي ٿي. اها زمين انسان جو محبوب ۽ مٺڙو ديس هجي ٿو. جنهن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته:

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري

مقصود گل به پنهنجي ڌرتي سان ايمان جي حد تائين عشق ڪري ٿو. جي هن کي ڌرتي جو شاعر چئجي ته ڪو مبالغو نه ٿيندو. ۽ اهڙو پاڻ به اقرار ڪيو اٿس:

ڌرتي جي سڪ سيني لائي، پيار وفا کي پنهنجو ڀانئي.
چنڊ ستارا مرڪون ميڙي، باک ڀليري سوچ سهيڙي

صبح ٿيڻ جي ساک ڏيان ٿو لهندي سج کان لاک وٺان ٿو.
سنڌوءَ مان سنگيت کڻان ٿو، لاک رتا مان گيت لکان ٿو
پنهنجي فن ۾ ماهر آهيان، مان ڌرتي جو شاعر آهيان.

     يا شاعري جذبن جو آواز به آهي، ته احساسن جو عڪس به. شاعر ۽ رومان الڳ نه پر گڏوگڏ هلن ٿا. جت شاعر هوندو تت رومان اَوس ٿيندو. مقصود گل سنڌي ٻولي جو منفرد ۽ برجستو شاعر آهي سندس شاعري ۾ جماليات جو پهلو نت نئي انداز ۾ ساڀيان پذير آهي.

تنهنجي صورت ڏسي چنڊ ٿي چلولو، چنڊ سان گڏ ستارا به ٿا رقص ڪن

تون جي مرڪين ته فطرت به مرڪي پوي، تنهنجي آئي نظارا به ٿا رقص ڪن.

            ٻارن لاءِ لکڻ اولو ڪم آهي. ڇو ته ان لاءِ ٻار ٿيڻو ٿو پوي. ۽ گهڻا اديب ۽ شاعر ان کي وقت جو ذيان ٿا چون. پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ٻار لاءِ لکڻ ان ڪري ضروري آهي، ته اڄ جو ٻار مستقبل جو معمار آهي. ۽ جيستائين ٻارن جي ذهني اوسر نه ٿيندي تيستائين جو اهڙي وڏي بار کڻڻ جو متحمل نه ٿي سگهندو. ان ڪري ضروري بنجي ٿو پوي ته ٻار لاءِ لکجي. ان حوالي سان مقصود گل ٻارن لاءِ تمام گهڻو لکيو آهي کيس ٻارن جو اديب ۽ شاعر چوڻ جڳائي ٿو، مثلا لاءِ سنڌ جي ٻرندڙ معاملي کي ٻاراڻي انداز ۾ ڪيئن ٿو پهچائي ڏسو:

ڊم، ڊم، ڊم ڪالا ڊيم، ٺا، ٺا، ٺا ٺا ڪالا ڊيم

ڪو نه کپي ٿي ڪالا ڊيم، ڪو نه کپي ٿي ڪالا ڊيم.

مقصود گُل جي خوشبوءِ

دنيا ته دم گذر آ،
ڪنهن جو پڪو نه گهر آ.

مقصود گل جي خوشبوءِ،
موجود هر شهر آ...

هڪ هو عظيم انسان،
شاهد ته هر بشر آ.

هر بزم ڪچهري ۾،
مٿانهون معتبر آ...

دعاگو سدائين ’ساس‘
’ارڏا‘ سداءِ ٿر آ...
ملهار سنڌي
محبتن جي موسم ۾ گذاري ويل هند ۽ سنڌ جي مهان شاعر مقصود گل سموري زندگي محبتون ورهايون، سچائيءَ جي راهه تي زندگي بسر ڪئي هئي، پيار ۽ امن جا گيت لکيا هئا، جنهن پنهنجي گيتن ذريعي ڌرتيءَ تي ٿيندڙ انيائن خلاف ڀرپور آواز بلند ڪيو هو. سندس علمي، ادبي خدمتون ايتريون ته وسيع آهن جو انهن جي سهيڙڻ لاءِ تمام گهڻي وقت ۽ مطالعي جي ضروت آهي.
15 اپريل 1950 تي رتيديري جي مشهور تعليمي ماهر، شاعر ۽ اديب قاضي عبدالحئي ”قائل“ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن خوبصورت شاعر 1975ع کان وٺي شاعريءَ جي شروعات ڪئي هئي ۽ سنڌي شاعريءَ جي سمورين صنفن ۾ هزارين شعر لکيا، جن سنڌ جي علمي، ادبي حلقن ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي هئي. سندس پهريون شهري مجموعو ”ڪرڻا ڪرڻا“ جي نالي سان ڇپيو هو. جنهن ۾ ٻارن لاءِ شاعري هئي بعد ۾ سندس رومانوي ۽ مزاحمتي شاعريءَ تي ٻڌل ڪتاب ”رت ڀنا رابيل“ ڇپيو هو جنهن کي تمام گهڻي مقبوليت ملي هئي جڏهن ته ٻارن لاءِ سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”هٺيلي هرڻي“ پڻ انتهائي اهم آهي.

هن ڪافي اهم ڪتاب ترجما پڻ ڪيا هئا جنهن ۾ شيخ اياز جي شعري مجموعي ”هرڻ لکي ڪيڏانهن“ جو اردو ۾ ترجمو آهي ۽ ”چشم کدهر“ جي نالي سان، سچل سرمست جي مثنوين جو اردو ۾ ترجمو عشق سمندر جي نالي سان ۽ ڪرشن چندر جي ڪهاڻين کي سنڌيءَ ۾ ”زندگي ڏي موٽ“ جي نالي سان ترجما ڪيائين جيڪي پڻ ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه سندس ٻه شاعريءَ جا ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپائيءَ هيٺ آهن جڏهن ته هُن رتوديرو مان ٻارن لاءِ سلسليوار رسالو گلدستو پڻ جاري ڪيو هو، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر هو. ”رتوديرو تاريخ جي آئيني ۾“ پڻ سندس اهم ڪتاب آهي.
ان کان علاوه سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌ جي اشوز تي هو لڳاتار ڪالم پڻ لکندو رهيو هو.
هو سموري زندگي متحرڪ رهيو. سندس ڪيترائي ڪتاب نثر توڙي نظم ۾ اڻ ڇپيل آهن، کيس ادبي خدمتن طور ”سچل سرمست ايوارڊ“، ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ، سچل چيئراچيومينٽ ايوارڊ، مهراڻ ايوارڊ، سنڌ چلڊرين اڪيڊمي ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ هئا. هو استاد شاعر هو. اداري جي حيثيت رکندڙ عالم ۽ اديب هو. جڳ مشهور شاعر شاڪٽر عطا محمد حاميءَ کي پنهنجو استاد سڏيندڙ مقصود گل پڻ نرالي لهجي جو شاعر هو. سندس ڪيترن ئي گيتن وڏي مقبوليت حاصل ڪئي هئي جن ۾ سڄڻ سنڌيءَ جي آواز ۾ ڳايل غزل ”تنهنجو حسين خيال وساري نه ٿو سگهان“ غلام شبير سمون جي آواز ۾ ”وقت گذري نه ٿو“ ۽ ٻيا ڪافي ڪلام تمام گهڻو مشهور ٿيا، سندس هڪ غزل جون سٽون آهن ته:   لوڪ ساري ٿئي ڏٺو هي ديد جوڌو ڪونه هو/باهه ڏيندڙ باغ کي پنهنجو ته هو ڪيو ٻيو نه هو!  هُن چيو مذهب کپي پر مون چيو انسانيت/بس سمجهه جو ڦيرو هيو ۽ ٻيو ته ڪو  جهڳڙو نه هو!
مقصود گل روايتي انداز جو شاعر نه هو. هن سنڌي شاعري ۾ نوان لاڙا پڻ متعارف ڪرايا هئا، سرڪش سنڌي ۽ راشد مورائي جي لاڏاڻي کانپوءِ سنڌي ادب لاءِ سندس وڇوڙو تمام وڏو نقصان آهي، هو علم عروض جو وڏو ماهر هو. سنڌ سان کيس عشق جي حد تائين لڳاءُ هو تڏهن ته سندس شاعرِيءَ ۾ ڌرتيءَ جو پيار جھلڪا ڏيندي نظر اچي ٿو. سنڌڙي جي سينڌ جو اڄ مون کنيو آهي قسم/ڀل ته ڏي ايذاءَ تون پر سچ تي کڻبو قلم.
مقصود گل هڪ وڏي شاعر سان گڏ ناميارو سماج سڌارڪ، اعليٰ تعليمي ماهر ۽ بهترين انسان پڻ هو، هو هڪ خوددار انسان هو. زندگيءَ جو ڪافي عرصو سخت بيماري ۾ مبتلا هجڻ باوجود هُنَ ثقافت کاتي يا ڪنهن ٻئي جي اڳيان مدد لاءِ هٿ نه ٽنگيو هو، افسوس! هڪ انتهائي وڏو شاعر، وڏو انسان اسان کان وڇڙي ويو آهي! رتوديرو شهر سوڳ ۾ ورتل آهي، لفظ نه ٿا ملن ته هيڏي وڏي شاعر کي ڀيٽا ڏيان! بس هڪ شاعر جو بيت ٿو ياد اچي ته:
ساڳي خوشبو ڏين ڇڄي گل گلاب جا

وڃي امر ٿين، ڪوي مرن ڪين ڪي!

سياست، صحافت ۽ ادب جي شعبن ۾ لاڙڪاڻو هميشه اڳرو رهيو آهي. هتان جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگيءَ سبب نه رڳو ملڪي پر بين الاقوامي شهرت ۽ مڃتا ماڻي آهي. ادب جي شعبي ۾ اهڙا ڪيترائي خاندان آهن جن ڪيترين ئي پيڙهين کان وٺي ساهت جي آبياري ڪئي آهي. اهڙن ئي خاندانن مان رتي ديري جو قاضي خاندان پڻ هڪ آهي، جنهن جا فرد ادب کان علاوه ٻين شعبن ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. انهن فردن مان هڪ گھڻ پاسائين شخصيت قاضي مقصود حيات ولد قاضي عبدالحئي ”قائل“ آهي، جيڪو 15 اپريل 1950ع تي رتي ديري ۾ پيدا ٿيو. کيس سنڌي ادب ۾ مقصود گل جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.
قاضي مقصود گل ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ورتي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتي ديري مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي ۽ پوءِ حيدرآباد مان تعليم جون سنَدون حاصل ڪيون. بِي اي ڪرڻ بعد پنهنجي خانداني پيشي استاديءَ سان 1969 ۾ وابسته ٿيو. پهرين پوسٽنگ هاءِ اسڪول سيتا روڊ ضلعي دادو ۾ بحيثيت ڊرائنگ ٽيچر ٿي. ان دؤران اقتصاديات ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. 1973 ۾ شگرمل نئون ديرو ۾ تربيتي آفيسر طور چونڊيو ويو، جنهن کان پوءِ سندس ترقي ٿي ۽ ڊپٽي مئنيجر بڻجي ويو. گل، هن وقت قاضي عبدالحئي قائل ماڊل اسڪول رتوديرو جو پرنسپال آهي.
مقصود گل جي شخصيت جا هونئن ته ڪافي پهلو آهن پر سندس بنيادي سڃاڻپ جو اهم حوالو شاعري آهي، جنهن ۾ شروعاتي دؤر ۾ اصلاح پنهنجي والد کان ورتائين ۽ پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر ڊاڪٽر عطا محمد حامي کان رهنمائي حاصل ڪندو رهيو. هن جي شاعريءَ جو اڪثر موضوع ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين جا ڏک ۽ تڪليفون رهيو آهي. جڏهن به ڪنهن ظالم، قومي حقن تي راتاهو هنيو ته هن جو قلم تلوار جي تيز ڌار جيان وهيو. ڪيترن ئي سالن کان اخبارن ۾ سندس چؤسٽا شايع ٿيندا رهيا آهن جيڪو سلسلو روزاني عوامي آواز ۾ ڪافي وقت تائين جاري رهيو. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حوالي سان ٺهڪندڙ انهن چؤسٽن ۾ پڻ هڪ دؤر جي منظوم تاريخ سمايل آهي.
مقصود گل کِلڻو، مِلڻو، محبتي ۽ زنده دل ماڻهو آهي. ساڻس گڏ ويهي ڪچهريون ڪبيون آهن ته وقت جو احساس ئي ناهي رهندو. هن جي گفتگو ۾ اهڙو ته سحر آهي جو هر ماڻهو ساڻس ملاقات ڪرڻ بعد سندس محبت جو قائل ٿيڻ کان سواءِ رهي ئي نه ٿو سگھي. چوندا آهن جيڪي ماڻهو ظاهر ۾ تمام گھڻو خوش لڳندا آهن انهن جي اندر ۾ دردن جون ڪهاڻيون سمايل هونديون آهن. گل پنهنجي والد جي وڇوڙي جي درد جي ڪٿا هن سٽن ۾ به بيان ڪئي ته:
تن کان پُڇجي درد ڪهاڻي،
جن کان پنهنجا ڌار ٿيـن ٿـا.
سڄاڻ قلمڪار علي دوست عاجز مقصود گل جي شاعري جي مجموعي ”رت ڀنا رابيل“ ۾ ”شاعر گل ۽ خوشبو گيت“ جي سِري هيٺ لکيو آهي: ”سائين قاضي صاحب فطري طور معصوم جذبن جو ڌڻي آهي، سندس شاعريءَ ۾ گلن جهڙي ڪوملتا، خوشبو ۽ نفاست آهي، جن جي اقرار توڙي انڪار جي موسيقي روح جي تارن کي ڇُهندي ٿي وڃي اهڙي معصوميت مون ٿورن ماڻهن ۾ ڏٺي آهي.“
روئي   ٿا   کِلون  ۽  نير  هاريون،
اسان جي به ڄڻ آهي ٻارن جي دنيا.

مقصود گل مصور به آهي ته بيباڪ ڪالم نگار پڻ. مختلف سياسي سماجي مسئلن تي هن مستقل مزاجيءَ سان ڪالم به لکيا آهن، جن ۾ سندس انداز بيباڪ ۽ جُرئت منديءَ وارو رهيوآهي. شاعري ۽ ڪالم نگاري جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کان ڪافي مختلف شعبا آهن، پر هن ٻنهي سان تمام ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي. هن سنڌ جي سينڌ جو قسم کڻي چيو ته سچ تي قلم کڻڻ کان ڪڏهن به نه مُڙبو پوءِ ڀل ته ڪيترا به ايذاءَ ڇونه اچن:

سنڌ جي سينڌ جو مون اڄ کنيو آهي قسم،
ڀل ته ڏي  ايذاءَ  تون پر سـچ تي کڻبو قلم.

قاضي مقصود گل شاھ لطيف ادبي سنگت رتي ديري جو سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت رتي ديري جو سيڪريٽري، سنڌڙي ڪتابي سلسلي جو سرواڻ، ٻاراڻي ادبي رسالي ”گلدستو“ جو روح روان ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو ميمبر هئڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ادبي ۽ سماجي ادارن سان مختلف حيثيتن ۾ سلهاڙيل رهيو آهي. انهيءَ حوالي سان سندس حيثيت هڪ منتظم واري به آهي، ته پبلشر واري پڻ. سنڌڙي ڪتابي سلسلي پاران هن ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپرايا، جن کي پڙهندڙن پاران مانائتي موٽ ملي.
قاضي مقصود  گل بحيثيت شاعر، ڪالم نگار، منتظم ۽ پبلشر ته پنهنجون خدمتون اڄ سوڌو سرانجام ڏيندو رهي ٿو، پر هُو هڪ ڀلو ڪهاڻيڪار به آهي، ته سيبتو مترجم پڻ. هن خاص طور تي ٻهراڙي جي پسمنظر ۾ تمام خوبصورت منظر ڪشي ۽ ماحول مطابق ٺيٺ ٻوليءَ واريون ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس ڪهاڻيون جديد ڪهاڻيءَ جي گھرجن مطابق آهن. ”ڪرامت“ سندس بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي.
قاضي مقصود گل نه فقط گھڻو، کرو ۽ وقتائتو لکيو آهي، پر انهيءَ مواد کي وقت سِر شايع به ڪرايو آهي. سندس لکيل تحقيقي مقالا ۽ مضمون موقعي جي مناسبت سان مختلف رسالن ۽ اخبارن جي خصوصي ترتيب ڏنل صفحن ۾ اڪثر شايع ٿيندا رهيا آهن. مٿين سڀني صنفن کان علاوه هن ترجمي واري شعبي ۾ پڻ پاڻ ملهايو آهي. سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”زندگيءَ ڏي موٽ“، سچل سرمست جي فارسي ڪلام جو اردو ترجمو ”عشق سمندر“، شيخ اياز جي شاعري جو اردو ۾ ڪيل ترجمو ”اي آهو چشم ڪِڌر“ ان ڳالھ جو دليل آهن. ان کان علاوه سندس ڪتابن ۾ ”رت ڀنا رابيل“ شاعري، ”وِکريل موتي“ ترتيب، ”ڪِرڻا ڪِرڻا“ ٻاراڻي شاعري، ”هٺيلي هرڻي“ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ ”رتوديرو“  (تاريخ) شامل آهن. مقصود گل ڌرتيءَ ڌڻين کي هميشه محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيندي چيو ته:
گل ورهايو محبت مان جھوليون ڀري،
ڪيــن   نفرت  جا  اڇليو  پٿر دوسـتو.


Thursday, 14 February 2019

جمال يار جو شاعر ؛ جمال مرادگبول.



”جمال“ جي معنيٰ ئي آهي سونهن. سونهن تَريءَ هيٺيان لڪائي سگهبي ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته اُها ”سِج“ آهي جنهن جو ذرو جڏهن ”چَنڊ“ جي منهن تي پوي ٿو ته انهيءَ سان به پيو سڄڻن کي ڀيٽجي، جيڪي سدائين سوجهرو آهن. هاڻي جنهن کي ”جمال“ جي تخلص جي چاليهئين پتي به نصيب ٿئي اهو ڪهڙي مقام تي هوندو، اها ڳالهه سمجهڻ مشڪل نه آهي. اهو انهيءَ ڪري نه ته منهنجو به ساڳي تخلص آهي. پر اِهو انهيءَ ڪري ته منهنجي شناسائي به انهيءَ سونهن سان آهي جنهن کي ادبي دنيا ۾ ”جمال مراد“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات جشنِ معمور جي مشاعري ۾ ٿي جڏهن پاڻ پنهنجي وڏائي ڏيکاري سمنڊ جي ڇولين (ميرپور ساڪرو) مان نڪري اچي ڍولو مارل (لطيف ننگر) جي پَٽن تي پهتو. اها سندس وڏائي به هئي ته قرب به هئو. ان کانپوءِ اڄ تائين وِيلَ نه وسرندڙ هن سونهن جي پَرتَوي جي علم ۽ فن مان آئون مسلسل فيضياب آهيان. مون سندس ڪچهرين ۽ شاعري مان جيڪي پِرايو آهي انهيءَ موجب ”جمال“ صاحب رِوايتن جو امين شاعر آهي، پختو سُخنور آهي، فني لحاظ کان استاد شاعر آهي. دؤر جديد ۾ جيڪي شاعر پنهنجين فني صلاحيتن سان معتبر مقام حاصل ڪري چُڪا آهن، انهن مان هڪ معتبر شاعر آهي. مضبوط ايمان ۽ صالح عقيدي سان هو سماجي براين کان ”باغي“ شاعر آهي. بي ربط سماجي نظم ۽ معاشري جي اڍنگي چال خلاف هو سخت مزاحمتي شاعر آهي. اخلاقيات جو مجسم، انسانيت جو علمبردار ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان محبت ڪندڙ هِن شاعر وٽ اعليٰ انساني قدرن جا جهجها جهول ڀريل آهن. سندس ڪلام ۾ اهو سڀڪجهه ملي ٿو جيڪو سماج جي هڪ صالح ڪردار جي ڪردارسازي لاءِ ضروري آهي. پنهنجي ڪلام ۾ هو ٻنهي جهانن جي خلقڻهار جي حمد هيئن ٿو بيان ڪري ته.
تنهنجو در داتا ڇڏي، ٻيو ڪنهن جو در مان ڳوليان،
تو سِوا مالڪ مِٺا، مان عرض هي ڪنهن کي ڪيان.

ظاهري ڪر ڪا ضيائي، ۽ جهجهو روشن ’جمال‘،
ڪر اميدون منهنجون پوريون، سڻ تون سائين سڀ سوال،
تون ئي ڪل تي آهين قادر، رحم توکان ٿو گهران.
مالڪِ دوجهان جي مِهر سان رحمت العالمين آيو جنهن جي اچڻ سان نه صرف ٻئي جهان روشن ٿيا بلڪه سک، امن ۽ آسودگي جا ڄڻ ڪڪر وسي پيا. بي سهارن، اڀرن، يتيمن ۽ اڙيالن جو واهرو آيو. شاعر وٽ دليل آهي ته:
مهر ڪئي مالڪ مٿس، ٻئي جڳ مليا جنهن کي ’جمال‘
سڀني سيني سان لڳايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

زنده دفن ڪيئون ٿي، نازڪ نياڻيون جڏهن،
ان دؤر ۾ ته دلبر، ڏيندڙ ڄمار آيو.
ساڳي موضوع جي شاعرانه رِوايتن کي اڳتي هن طرح ٿو نباهي ته:
چارئي تنهنجا چڱا، جن جان ڪئي توتان فدا،
تون خدا جو آهين نائب، جان مِن اي جاودان!
شاعرانه اسلوب ۾ هي حقيقتون دلڪش به آهن، ته ساڳي وقت عقائد جي نشاندهي سان گڏ ايمان افروز پڻ آهن. نعتيه مضمون ۾ شاعرانه دلڪشي جو هڪ سهڻو مثال هن شعر ۾ به آهي ته:
جهومڻ لڳا جهنگ ۽ جبل، بر پٽ بهاري ٿي وئي،
ڪونجون، ڪبڪ، قمري، ڪوئل چيهن جي پڻ چينگار ٿي.

اسلامي تاريخ جو وسيع مطالعو رکندڙ هيءَ شاعر قديم روايتن جو امين آهي يا جديديت جو جهنڊو بُلند ٿو ڪري اهو فيصلو ته شاعري جا نقاد ئي ڪندا منهنجي ڄاڻ صرف ايتري آهي ته جيڪو شاعر رِوايتي شاعري ڪري ٿو اهو ئي دورِ جديد سان هم آهنگ ٿي سگهندو. جيڪو اُڏام کٽولي کان آگاهه هوندو اهو ئي جهاز کان آگاهه ٿيندو. جديد سائنس انهن ئي ”ٿيوريز“ (
Theories) کان شروع ٿي آهي. جيڪو شاعر علم عروض کان آگاهه هوندو اهو ئي شعر جي بحرن ۽ وزنن ۾ تجربا ڪري سگهندو. اها فني جدت آهي، جيڪو تاريخ کان واقف هوندو اهو نون نتيجن جي ڳالهه ڪندو. جيڪو عقيدن کان آگاهه هوندو اهو ئي انهن سان اتفاق يا مخالفت ڪندو. جنهن کي حُسينيت جي خبر ئي نه هوندي اهو يزيديت کي ڇا ننِديندو. انهن کي ڪربلا جي ڪرب جي ڇا خبر ۽ ڪوفين جي طاقت کي سائين جمال صاحب وانگيان ڪيئن سمجهندو ته، ڪوفي ته آهن ئي ڪمزور، اصل طاقت ته ربّ جي رضا آهي جنهن کي ڪربلا ۾ امام عالي مقام قبول ڪيو ته:
سؤ دفعا هو سج کان وڌ، تن جو جوهر ۽ ’جمال‘،
ڪوفين کي ڪهڙي طاقت، اصل هي هو امتحان.

ڪربلا جي ڪوس جو آ، درد ڀريو داستان،
دشمنن دوکو ڪري، قيدي ڪيو ڪُل ڪاروان.
اڳتي ڏسو شاعر پنهنجي درد آشنائي تي ڪيترو نازان آهي ته:
ڪُل قصيدا ڪيترا، آيا لکي شاعر اديب،
هي شهيدي شان تي، سارو ترانو دنگ آ.
سنڌ جو اهو ڪهڙو شاعر هوندو جنهن کي لطيفي رنگ جو آشريواد نه مليو هوندو.
 
سنڌ جو هيرو سچو سرڪار، آ عبداللطيف،
روشني جو چمڪندڙ مينار آ، عبداللطيف.

لاڙ جو هيءَ سهڻو سخنور لطيف کانپوءِ ملاح جي رنگ جي چادر به اوڍي ٿو ته:
ڏيهه ڏوري ايندو هئين تون، اڄ نهارڻ کان به وئين،
يار ڪهڙا حال ٿئي، بس ايئن کيڪارڻ کان به وئين.
مزاحمتي شاعري جا هيٺيان مثال پڙهو ۽ پوءِ ڏسو ته اسانجو هي سُجاڳ شاعر ڪهڙن ڪهڙن قلمي محاذن تي جنگ جوٽيو بيٺو آهي.
 
ڪو عدل انصاف ناهي ملڪ منهنجي ۾ ’جمال‘،
قوم جي ڄَڻ هي ڪهڻ جو، ڪارخانو ٿي ويو.

ڪِٿ بلوچن جي مٿان، ٿا بم وسائين بي گناهه،
مدرسو باجوڙ جو، ناحق نشانو ٿي ويو.
***
سنڌ صوبو رهندو هڪڙو، جيسين آهي جڳ ’جمال‘،
رهجي ويندا هِتِ اڌورا، تنهنجا کوٽا سڀ خيال.

توسان گڏ آهن اسانجا، توکي ڪهڙي آ مجال،
تنهن ڪري پيو تون ٻڌائين قوم ساريءَ کي قوال.
***
ڪراچي سنڌ جي دل آ، امن جو شهر چئبو هئو،
انهيءَ ئي شهر ۾ اڄڪلهه، لهن ٿا سِرَ هزارن جا.
***
’جمال‘ آخر عمر ساري، رئيسن کي نه رهڻو آ،
سدائين يار ڪرسيءَ تي، وڏيرن کي نه رهڻو آ.
***
جوئا چوريءَ ۽ گهٽڪي تي، ٿيو ڪو ضابطو ناهي،
کپي ٿو ظالمن کي زر، اسانجي ساڪري هِن ۾.
***
هتي پيا ماستر صاحب، مزا ماڻين ميڊيا جا،
ڪي اخبارن جا ايڊيٽر، اسانجي ساڪري هِن ۾.
هِنن اَٺن منتخب ڪيل شعرن ۾ ڪهڙي حقيقت آهي جيڪا ”سَچ“ سان ٽمٽار ناهي. ڪهڙو ٻول آهي جنهن جو اثر تير ۽ تفنگ کان گهٽ آهي. سنڌ جي تقسيم تي مزاحمت ڪندڙ هيءَ سُڄاڻ شاعر جيڪو ساڪري جي سماجي حالتن تي به آواز اُٿاري ٿو ته، ڪراچي ۾ تسلسل سان ٿيندڙ ڪوس تي به اشڪ هاري ٿو. باجوڙ جي ڏک ۾ به ڏکارو آهي ته بلوچن سان ٿيندڙ ناانصافين تي به نالان آهي. جتي به انسانيت کي چيڀاٽجي ٿو ته هِيءُ باهمت شاعر ڳالهائي ٿو ۽ همت سان حق ۽ سچ جو آواز بُلند ڪري ٿو. هو پُر اميد آهي ته سدائين ظالم کي ڪرسي نصيب نه هوندي، سدائين انسانيت جا فيصلا درندا نه ڪندا. ظلم ۽ استبداد جي ماحول ۾ ايڏيون حوصلي واريون ڳالهيون صرف ’شاعر‘ ئي ڪري سگهي ٿو. ٻاٽ اونداهي ۾ لاٽ صرف شاعر جي اک ئي ڏسي سگهي ٿي. اِها اک اسانجي جمال مراد صاحب کي الله پاڪ نصيب ڪئي آهي ۽ پنهنجي سڄي عمر هِن انهي حق ۽ صداقت جي گس تان ٿيڙ ناهي کاڌو، جنهن جي شاهدي طور سندس سڀ شاعري موجود آهي.
 
تاريخ جو گهرو مطالعو ڪندڙ هيءَ شخص پنهنجي سماج ۾ ڳائجندڙ لوڪ داستانن کي به اشارن ۽ ڪناين ۾ استعمال ڪري لوڪ کي پنهنجائپ جو احساس ڏياري ٿو ۽ خاص طرح ’برووي‘ جو ذڪر جيڪو اسانجي تمام گهٽ شاعرن ڪيو آهي. جمال صاحب اتي پهچي پنهنجي لوڪ داستانوي مطالع جو ڏس ڏئي ٿو جيڪو سندس شاعرانه ذوق جو به مظهر آهي. بروي ۽ مجنون جو ڳالهيون راءِ ڏياچ تائين هنن شعرن ۾ پڙهو.
 
ماس بروي هو ڏنو، ۽ سِر وڍي راءِ ڏياچ،
ڪئين پچن، کامن، پتنگ ٿا، نينهن ۾ نازڪ نواب.
***
محب هو مُرڪي چيو، هِت بيهه اچان ٿو مان مِٺا،
بنڊ ٿي مان بيهه رهيس، محبوب جي ان موٽ تي.
مشاعرن ۾ جڏهن ’هوٽنگ‘ ڪو استاد شاعري ڪري ٿو ته اُها اصلاح جي شڪل وٺي ٿي پر جڏهن ڪو اڻڄاڻ ويٺو ڄاڻن تي چٿرون ڪري ته اُها ’هوٽنگ‘ اصلاح جي بدران ’جهالت‘ چئبي. جمال صاحب انهيءَ هوٽنگ ڪرڻ واري کي هيئن ٿو تنبيهه ڪري ته:
ڪونه هئي ڪنهن کي خبر، هردم هلي ٿي هِت هوٽنگ،
چئه ڀلا هليا وڃون، يا بند هي گفتار ڪر.
ڪنهن شاعر جي استادانه صلاحيتن جو هڪ امتحان ’طرح‘ تي شعر لکڻ به آهي. محترم ’معمور يوسفاڻي‘ صاحب جي ٻن طرحي مصرعن تي جمال صاحب جا غزل لاجواب آهن. اچو ته ٻن طرحي غزلن جا ٻه بند پڙهي لطف اندزو ٿيون:
ڏينهن، هفتا ۽ مهينا، سال صديون ويا مَٽي،
همنشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.
***
تنهنجو مرڪڻ ۽ ملڻ، ٻيو خوب خوش ٿي خود کلڻ،
ساري دنيا کان سڄڻ، دستور تنهنجا ٻي طرح.
طرحي غزلن کان علاوه به غزل جي شاعر وٽ رومانس جي پچار جهجهيري هجي ٿي، جيڪا ئي غزل جو روح آهي. جمال صاحب به انهي پچار کان واندو ڪونهي.
 
ٿو ڪرين حملن تي حملا، فوج پنبڻين جي وٺي،
تنهنجي نيڻن جي نظر جا، اڄ نوان نيشان ٿيا.
حقائق نگاري جو اظهار به شاعرانه جرئت جو ئي جوهر آهي. جمال صاحب انهيءَ انگ ۾ به يڪتا آهي ته:
وئي عمر اڌڙوٽ گذري، ناهي پيري ڪا پري،
آجيان ڪئي مون اڇن جي، وار ڪارن منهن مَٽيو!
اها ڳالهه صحيح آهي ته جمال صاحب فن سُخن جي سڀني صنفن تي دسترس رکي ٿو. سندس غزل به سُهڻا ته نظم به شاندار، جن مان لاڙ جي مِٽي جي مخصوص هٻڪار اچي ٿي، پر منهنجي ذاتي راءِ اِها آهي ته هو ’ڪافيون‘ جهجهيون لِکي، سندس ڪافين ۾ جيڪو مٺاس آهي، لات آهي ۽ فني پختگي آهي، اُها شاعر جو فني سفر ۾ اعليٰ مقام ٺاهي ٿي. سندس ڪلام ۾ رواني به واهه جي آهي. ڪافي جو بند پڙهو ۽ پوءِ منهنجي دعويٰ تي فيصلو ڏيو.
 
اوهان جي اڪنڊ ٿي تري روز تن ۾،
اصلئون اوهانجي محبت آ من ۾،
اچو يا اماڻيو، نياپو، نيشاني،
اسانجي هِن دلبر دوست جي سخن جي سفر جي خوبين ۽ صلاحيتن جي ڪٿ اڃان ٿي ئي ڪونهي، جڏهن سنڌي ادب ۽ شاعري جا نقاد سندس ڪلام جي زرخيزي ۽ ڪارج جي ڪٿ ڪندا تڏهن ئي سندس علمي ۽ شاعرانه حيثيت جي پروڙ پوندي.
 
ٻوليءَ جي خوبين، صنعتن، فني ڪاريگرين، پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ ڪناين جي خزاني سان مالال هن سخنور جي سخنوري تي ڪو استاد شاعر ئي قلم کڻي سگهي ٿو. اسين ته سندس سحر انگيز شخصيت جي سحر ۾ ئي گهيريل آهيون. عمر دراز جا دعاڳو ۽ سندس اولاد جي ڀاڳن جا خواهشمند آهيون. جيترو جمال صاحب زندگيءَ جي معاملن کي منهن ڏيڻ ۾ باهمت آهي، جيترو شاعرانه خيال جي اظهار ۾ حوصلهء مند آهي، اوترو ئي دوستيءَ جي ناتن نڀائڻ ۾ سچو ۽ جرئتمند آهي. دوستن ڏانهن پير ڀري وڃڻ ۾ کيس سياري، اونهاري جون تبديليون روڪين ئي ڪونه، آئون ذاتي طور سندس قرب جا قدم ڀري اچڻ جو سدائين مقروض رهيو آهيان، آئون وٽس پڄان نه پڄان، سندس اچڻ جو سدائين آسروند آهيان ۽ پاڻ اهي ڀال ڀلائي سگهندو به آهي. سندس هِن شعر سان ڳالهه کي مڪمل ڪبو ته:
حُسن تنهنجي جا هزارين، معتقد آهن مريد،
مون جهڙا مِسڪين ٿيا، مزدور تنهنجا ٻي طرح.
 

ڊاڪٽر اسد جمال پلي
لطيف ننگر- عمرڪوٽ
 
0345-3455058


دلربا درشن ڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو،
دلربا درشن ڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو،
نُور جو جَلوو پَسايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
شمع جي ٿي سوجهري سان، شام جون ماڙيون ڏٺيون،
محب مس هو مُسڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
جنهن جي آمد سان سڀيئي، بُت ڀُري ڀورا ٿيا،
ويرين کي غم وَرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
زير ظالمَ ٿي ويا، سَڪرات سڀني کي لڳي،
جابرن کي جنهن جُهڪايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
ڪيتريون بَدعادتون ۽ بند بُرائيءَ کي ڪَيو،
ٿي ڀَلو تن تنهن کي ڀانيو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
جنهن اَشاري ساڻ آڱر، جي وِڌو چيري قَمر،
”بُوجهل“ بيوس بَنايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
شانَ ”احمد“ جي اڳيان، هر ڪنهن جي هستي وئي هَلي،
مُصطفيٰ تن کي مَڃايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
دُشمنن جي لاءِ دوزخ، ٿي دنيا ويئي سڄي،
جوش ۾ جن جيءَ جَلايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

جنهن تي ٿيو ”قُرآن“ نازل، ”ٽيھ روزا ۽ نَماز“،
قُرب مان ڪلمون پڙهايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
خُود خدا جنهن کي پَسائي، قُدرتي ڪاريگري،
عربي عرشن تي گهرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
ميزبان سان گڏ ٿي ”مَلڪنَ“، آجيان ”احمد“ جي ڪئي،
”مرحَبا محبوب آيو، جڳ سڄو روشن ٿيو“.
رهنما راڻي سان رب سڀ، رازَ جون ڳالهيون ڪري،
باغ جنّت جو گُهمايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
”لااِلٰهَ“ جي لات سان، مُوذي منافق ويا مَري،
ٿي سڀن جو ويو صفايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
ٻئي جَهان جنهن کي مليا، ٿي مِهرَ مالڪ جي ”جمال“
سڀني سيني سان لڳايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
**********
دلرُبا دلبر لکان، يا رُوحَ جو رهبر لِکان،
دلرُبا دلبر لکان، يا رُوحَ جو رهبر لِکان،
ناز پرور مان لکان، يا سُونهَن جو سرور لکان،
چنڊ جيئن چهرو لکان، يا گُلبدن گوهر لکان،
پرت پَرور مان لکان، يا درد ڏيندڙ دلرُبا،
دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
تو سوا آرام ناهي، ۽ نٿي سُهڻا سَري،
رات ڏينهن بس تُنهنجي دلبر، تات ٿي تن ۾ تري،
حال هيڻو ٿي پيو، ۽ مامري ۾ مَن مَري،
ڪيئن لکان مان جيءَ جا جانب، تو ڏنو جورو جَفا،
دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
تو ڪيو مونکي سدائين، بيوَسو ۽ بي قَرار،
رات ڏينهن تنهنجو سدا، اکڙين ۾ آهي انتظار،
پيچ پختا مونسان پائي، جيءَ منهنجي کي جيار،
ڇڏ اجايا محب ماڻا، ڪين ٿي مونکان خفا،
دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
ياد آهي، ياد رهندو، تنهنجو بس جَلوو “جمال”،
عشق اُلفت جو رَهي ٿو، جيءَ اندر ڏاڍو جَلال،
مهرباني ڪر ملڻ جي، تُنهنجي من ۾ آ مَقال،
شاد ۽ آباد توکي، شل ڪري خاوند خُدا،
دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
**********
ڪُوڙا سياسي ليڊر
وري صاف ڪُوڙا، ڪي ڪردار ايندا،
ڏوهاري ڏيهن جا، ڪي ڏهڪار ايندا،
اَٻُوجهن ۽ اڀرن لئه، ڪي آزار ايندا،
وَري سُورَ ساڳيا، ۽ ويچار ايندا،
وٺي ووٽ پوءِ، ٿي وهلور ويندا،
ٻٽن ئي ڏينهن ۾، ٿي مغرور ويندا.

ڪندا ڪونَ ڪم ڪو، رُڳو دم دِلاسا،
مِلڻ ۽ کِلڻ ويو، ڪندا پويان پاسا،
مَڻن جي هُئي محبت، اُها ٿي وئي ماسا،
نوان ڄڻ پيا موري، غمن جا گوساٽا،
گُناهن ۾ غافل، ٿي غرقور ويندا،
غريبن جي لاءِ، ٿي ناسُور ويندا.

زمينن جا کاتا، پلاٽن تي قبضا،
ملندو نه نلڪو، نڪو روڊ رستا،
سدائين سراسر، ڪندا ڪُوڙ ڪورا،
ڪيو ڇا اڳوڻن، ڪندا هاڻ هي ڇا،
بُکن ۾ ٿي بيحال، مزدُور ويندا،
اَٽي، ۽ لٽي لئه، ٿي مجبوُر ويندا.

انڌن ۽ منڊن جو، ويندا فنڊ کائي،
ڏسي جُهور پوڙهي، ۽ مسڪين مائي،
هَلي چال اهڙي، ڪندا لائي چائي،
ڇڏيندس نه گهر ۾، رهيو پيسو پائي،
ڀَري ڀِڀّ پنهنجا، ٿي ڀرپُور ويندا،
ڇڏي ديس پنهنجو، لڏي ڏُور ويندا.

“جمالَ” آهي جڳ ۾، هي قانُون ڪهڙو،
ملي جنهن کي ڪُرسي، سو نِڪري ٿو اهڙو،
سَکر سان سچو آ، غريبن لئه ڪُوڙو،
تڏهن جابرن سان، اسان جو آ جهيڙو،
زماني ۾ ظالم، ڇَڏي زور ويندا،
ڪڏهن نيٺ آخر، ٿي ڪمزور ويندا.


Wednesday, 9 January 2019

سائين مير محمد پيرزادو ….. چوڻ ڏکيوآهي



رکيل مورائي
مني صديءَ جي ڄمار ماڻي، مٽيءَ جي مهانتا جا گيت لکندڙ شاعر سائين مير محمد پيرزادو اڄ پاڻ اُن مٽيءَ ماءُ جي جهوليءَ ۾ سمهي رهيو آهي، جنهن جهوليءَ کي اسان زندگيءَ ۾ ابدي آرامگاهه چوندا آهيون.
چانڊوڪين جهڙي جرڪندڙ مرڪ چهري تي رکندڙ سائين مير  محمد چڱي عرصي کان الڳ الڳ بيمارين سان، جهڙيندو رهيو ۽ عملي توڻي تخليقي طور زندگيءَ جي هر خوشگوار رنگ جا گيت لکي موت کي للڪاريندو رهيو، پر جنهن کي موت چئجي ٿو آخر اهو ئي زندگيءَ تي فتح حاصل ڪري ٿو ائين هر انسان حيات مان هٿ ڪڍي ڇڏي ٿو، جيئن ڪالهه ٻن پهرن جو سائين مير محمد پيرزادي پنهنجي حيات مان هٿ ڪڍي ڇڏيا. ۽ اڄ هو مٽيءَ جي جهول ۾ ابدي آرامي آهي.
شخص کي هليو وڃڻو آهي، اڳ يا پوءِ، پر جيڪي شخص پوئتي رهجي وڃن ٿا انهن لاءِ پنهنجي کوٽ پوري ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. سائين مير محمد پنهنجي هڪ حياتيءَ جا سمورا ڏينهن گذاري ويندو رهيو، هن کي وڃڻو ئي هئو، پر نقصان انهن جو ٿيو آهي، جيڪي پوئتي رهجي ويا آهن.
ڪيترن ئي حوالن ۾ جيڪو ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي ان ۾ اڄ سائين مير محمد موجود نه آهي ۽ هن جي غير موجودگي شايد گذرندڙ عمر  ايندڙ عمر اسان سڀني کي تڪليف ڏيندي رهندي، اسان اهي سڀ جيڪي ڪنهن به تعلق ۾ ساڻس جڙيل رهياسين. سندس گهر ڀاتين، اولاد، عزيزن مائٽن کان ٻاهر جن شخصن کي سدائين ڏک رسندو، اهي شخص اُهي آهن جن جو ساڻس ادبي، نظرياتي ۽ هڪ عالم طور واسطو رهيو آهي، ۽ هڪ تڪليف ساهتي پرڳڻي جي آخري شهر سڪرنڊ کي به لڳاتار رهندي، جنهن شهر کيس جهڙوڪ ٻيو جنم ڏنو هئو.
اهو سچ آهي ته هن جي مٽيءَ ٻلهڙيجيءَ جي هئي ۽ آخر ۾ به انهيءَ مٽيءَ ساڻ وڃي ملي. اڄ هو پنهنجن انهن پيارن سان گڏ آهي، جن سان هن رانديون رهيون، پٽي ۽ سليٽ کڻي ٻوڪي ٻڌي علم جا پهريان سبق پڙهڻ لاءِ ويندو هئو، ٻلهڙيجيءَ جي مٽيءَ تي هن پهريان قدم کنيا، پهريان سبق پڙهيو. پهرين دوستن جو حلقو جوڙيو، اهڙو حلقو جيڪو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين اکين ۾ رهندو آهي ۽ دل ۾ ديرو ڪري ويٺل هوندو آهي. جيستائين اکيون بند ٿينديون آهن ۽ دل ڌڙڪڻ ڇڏيندي آهي، تيستائين اهي يار گڏ گڏ هوندا آهن اهي معصوم محبتن سميت شخص جي وجود جو اهڙو حصو هوندا آهن، جهڙي امڙ جي ٿڃ رت جي صورت ۾ انسان جي وجود ۾ موجود هوندي آهي.
۽ سڪرنڊ سائين مير محمد جي آخري ابدي سڃاڻپ! علم ۾ ادب ۾، سياست ۾ وطن دوستيءَ ۽ روشن خياليءَ ۾ سچ پچ جيترو سائين مير محمد سڪرنڊ کي ڏنو، اوترو ئي سڪرنڊ کيس موٽائي ڏنو.هن کيس گيت ڏنا، سڪرنڊ کيس مڃتا جي موٽ ڏني، هن شعور جي ڏياري ٻاري سڪرنڊ جي نوجوانن  ان ۾ تيل بدران پنهنجو رت وجهي ان کي روشن رکيو. جنهن روشنيءَ ۾ سندس خوبصورت چهرو سدائين ٻهڪندو نظر آيو ۽ اهو ئي سندس ٻهڪندڙ چهرو جناح اسپتال جي وارڊ ستين جي بيڊ تي بيسُڌ ستل هوندي به ٻهڪندو رهيو.
اهو ضرور  هئو ته نوجواني کي پار ڪري ٻڍاپي جا آثار سندس چهري تي پنهنجا نشان ڇڏي ويا هئا ٻيءَ طرح اهو مرڪندڙ مهانڊو  جنهن جي  ۽ اندر ۾ رهجي ويل اڻ ڳڻيا گيت ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڇلون ڏيئي رهيا هئا، پر زندگيءَ جي پويان ايندڙ  ابد جي ڊوڙ ايتري تيز هئي جو کيس انهن گيت جي اظهارڻ جو موقعو ئي نه ڏنائين. ائين سائين مير محمد ڪيترائي اڻ اظهاريل گيت پنهنجي اندر ۾ سانڍي ڪالهه ٻن پهرن جو اسان سڀني اکن  بنا موڪلائي پنهنجي ان زندگيءَ ۾ پير پاتو جنهن زندگيءَ کي مختلف مذهبن ۽ نظرين الڳ الڳ اظهاريو آهي ۽ جيڪا زندگي پنهنجي الڳ الڳ روپ مٽائڻ جي صورت ۾ جاري آهي ازل کان ابد تائين!
ازل ۽ ابد جي وچ ۾ڪيترائي انسان پنهنجي پنهنجي عمر ڪاٽي روانا ٿي وڃن ٿا. ڳائجن  اهي ٿا، ياد اهي ڪيا وڃن ٿا جيڪي پٺتي ڪجهه امرُ ڇڏي وڃن ٿا جيڪو ڪڏهن به مري نٿو، روپ نٿو بدلائي، چهرو نٿو تبديل ڪري، يقينن سائين مير محمد پيرزادو هڪ شخص جي حوالي ۾ اهڙو شخص هئو ۽ هڪ تخليقڪار طور به اهڙو تخليقار هئو جيڪو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ۾ به سدائين رهڻو آهي. ڀلي هو پنهنجي زندگيءَ جي هڪ روپ کي تبديل ڪري ڪنهن ٻي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪري چڪو آهي.
پوئتي رهجي ويل اسين شخص جيڪي ساڻس ڪنهن به تعلق ۾ جڙيل هئاسين ان کان ٻاهر سنڌ ۽ سنڌي ادب، سنڌي شاعريءَ جي حوالي ۾ هو سموري سنڌ کان ڪڏهن وسري سگهي. اهو چوڻ ڏکيو آهي. ڪنهن دوست کي سندس شاديءَ تي ڪو ڪتاب گفٽ ڪندي، سائين مير محمد جو هڪ شعر لکيو هوم
تنهنجي شاديءَ ڪوٺ ملي،
پهتس ڳوڙهن جهول ڀري.
اڄ جڏهن ڏيڍ ڏينهن جي نه ملڻ کانپوءِ هو اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو آهي ۽ سندس وڇوڙي جي سُڌ پئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به شعر تڪڙ ۾ ياد نه اچي رهيو آهي ڄڻ حافظو موڪلائي ويو آهي، اهو حافظو جنهن ۾ سندس ڪيترائي شعر ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪجهه محفوظ رهندو هئو. ۽ ڳوڙها آهن جيڪي رڪجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.
(روزاني عوامي آواز 9 جنوري 2019ع)