Thursday, 14 February 2019

جمال يار جو شاعر ؛ جمال مرادگبول.



”جمال“ جي معنيٰ ئي آهي سونهن. سونهن تَريءَ هيٺيان لڪائي سگهبي ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته اُها ”سِج“ آهي جنهن جو ذرو جڏهن ”چَنڊ“ جي منهن تي پوي ٿو ته انهيءَ سان به پيو سڄڻن کي ڀيٽجي، جيڪي سدائين سوجهرو آهن. هاڻي جنهن کي ”جمال“ جي تخلص جي چاليهئين پتي به نصيب ٿئي اهو ڪهڙي مقام تي هوندو، اها ڳالهه سمجهڻ مشڪل نه آهي. اهو انهيءَ ڪري نه ته منهنجو به ساڳي تخلص آهي. پر اِهو انهيءَ ڪري ته منهنجي شناسائي به انهيءَ سونهن سان آهي جنهن کي ادبي دنيا ۾ ”جمال مراد“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات جشنِ معمور جي مشاعري ۾ ٿي جڏهن پاڻ پنهنجي وڏائي ڏيکاري سمنڊ جي ڇولين (ميرپور ساڪرو) مان نڪري اچي ڍولو مارل (لطيف ننگر) جي پَٽن تي پهتو. اها سندس وڏائي به هئي ته قرب به هئو. ان کانپوءِ اڄ تائين وِيلَ نه وسرندڙ هن سونهن جي پَرتَوي جي علم ۽ فن مان آئون مسلسل فيضياب آهيان. مون سندس ڪچهرين ۽ شاعري مان جيڪي پِرايو آهي انهيءَ موجب ”جمال“ صاحب رِوايتن جو امين شاعر آهي، پختو سُخنور آهي، فني لحاظ کان استاد شاعر آهي. دؤر جديد ۾ جيڪي شاعر پنهنجين فني صلاحيتن سان معتبر مقام حاصل ڪري چُڪا آهن، انهن مان هڪ معتبر شاعر آهي. مضبوط ايمان ۽ صالح عقيدي سان هو سماجي براين کان ”باغي“ شاعر آهي. بي ربط سماجي نظم ۽ معاشري جي اڍنگي چال خلاف هو سخت مزاحمتي شاعر آهي. اخلاقيات جو مجسم، انسانيت جو علمبردار ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان محبت ڪندڙ هِن شاعر وٽ اعليٰ انساني قدرن جا جهجها جهول ڀريل آهن. سندس ڪلام ۾ اهو سڀڪجهه ملي ٿو جيڪو سماج جي هڪ صالح ڪردار جي ڪردارسازي لاءِ ضروري آهي. پنهنجي ڪلام ۾ هو ٻنهي جهانن جي خلقڻهار جي حمد هيئن ٿو بيان ڪري ته.
تنهنجو در داتا ڇڏي، ٻيو ڪنهن جو در مان ڳوليان،
تو سِوا مالڪ مِٺا، مان عرض هي ڪنهن کي ڪيان.

ظاهري ڪر ڪا ضيائي، ۽ جهجهو روشن ’جمال‘،
ڪر اميدون منهنجون پوريون، سڻ تون سائين سڀ سوال،
تون ئي ڪل تي آهين قادر، رحم توکان ٿو گهران.
مالڪِ دوجهان جي مِهر سان رحمت العالمين آيو جنهن جي اچڻ سان نه صرف ٻئي جهان روشن ٿيا بلڪه سک، امن ۽ آسودگي جا ڄڻ ڪڪر وسي پيا. بي سهارن، اڀرن، يتيمن ۽ اڙيالن جو واهرو آيو. شاعر وٽ دليل آهي ته:
مهر ڪئي مالڪ مٿس، ٻئي جڳ مليا جنهن کي ’جمال‘
سڀني سيني سان لڳايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

زنده دفن ڪيئون ٿي، نازڪ نياڻيون جڏهن،
ان دؤر ۾ ته دلبر، ڏيندڙ ڄمار آيو.
ساڳي موضوع جي شاعرانه رِوايتن کي اڳتي هن طرح ٿو نباهي ته:
چارئي تنهنجا چڱا، جن جان ڪئي توتان فدا،
تون خدا جو آهين نائب، جان مِن اي جاودان!
شاعرانه اسلوب ۾ هي حقيقتون دلڪش به آهن، ته ساڳي وقت عقائد جي نشاندهي سان گڏ ايمان افروز پڻ آهن. نعتيه مضمون ۾ شاعرانه دلڪشي جو هڪ سهڻو مثال هن شعر ۾ به آهي ته:
جهومڻ لڳا جهنگ ۽ جبل، بر پٽ بهاري ٿي وئي،
ڪونجون، ڪبڪ، قمري، ڪوئل چيهن جي پڻ چينگار ٿي.

اسلامي تاريخ جو وسيع مطالعو رکندڙ هيءَ شاعر قديم روايتن جو امين آهي يا جديديت جو جهنڊو بُلند ٿو ڪري اهو فيصلو ته شاعري جا نقاد ئي ڪندا منهنجي ڄاڻ صرف ايتري آهي ته جيڪو شاعر رِوايتي شاعري ڪري ٿو اهو ئي دورِ جديد سان هم آهنگ ٿي سگهندو. جيڪو اُڏام کٽولي کان آگاهه هوندو اهو ئي جهاز کان آگاهه ٿيندو. جديد سائنس انهن ئي ”ٿيوريز“ (
Theories) کان شروع ٿي آهي. جيڪو شاعر علم عروض کان آگاهه هوندو اهو ئي شعر جي بحرن ۽ وزنن ۾ تجربا ڪري سگهندو. اها فني جدت آهي، جيڪو تاريخ کان واقف هوندو اهو نون نتيجن جي ڳالهه ڪندو. جيڪو عقيدن کان آگاهه هوندو اهو ئي انهن سان اتفاق يا مخالفت ڪندو. جنهن کي حُسينيت جي خبر ئي نه هوندي اهو يزيديت کي ڇا ننِديندو. انهن کي ڪربلا جي ڪرب جي ڇا خبر ۽ ڪوفين جي طاقت کي سائين جمال صاحب وانگيان ڪيئن سمجهندو ته، ڪوفي ته آهن ئي ڪمزور، اصل طاقت ته ربّ جي رضا آهي جنهن کي ڪربلا ۾ امام عالي مقام قبول ڪيو ته:
سؤ دفعا هو سج کان وڌ، تن جو جوهر ۽ ’جمال‘،
ڪوفين کي ڪهڙي طاقت، اصل هي هو امتحان.

ڪربلا جي ڪوس جو آ، درد ڀريو داستان،
دشمنن دوکو ڪري، قيدي ڪيو ڪُل ڪاروان.
اڳتي ڏسو شاعر پنهنجي درد آشنائي تي ڪيترو نازان آهي ته:
ڪُل قصيدا ڪيترا، آيا لکي شاعر اديب،
هي شهيدي شان تي، سارو ترانو دنگ آ.
سنڌ جو اهو ڪهڙو شاعر هوندو جنهن کي لطيفي رنگ جو آشريواد نه مليو هوندو.
 
سنڌ جو هيرو سچو سرڪار، آ عبداللطيف،
روشني جو چمڪندڙ مينار آ، عبداللطيف.

لاڙ جو هيءَ سهڻو سخنور لطيف کانپوءِ ملاح جي رنگ جي چادر به اوڍي ٿو ته:
ڏيهه ڏوري ايندو هئين تون، اڄ نهارڻ کان به وئين،
يار ڪهڙا حال ٿئي، بس ايئن کيڪارڻ کان به وئين.
مزاحمتي شاعري جا هيٺيان مثال پڙهو ۽ پوءِ ڏسو ته اسانجو هي سُجاڳ شاعر ڪهڙن ڪهڙن قلمي محاذن تي جنگ جوٽيو بيٺو آهي.
 
ڪو عدل انصاف ناهي ملڪ منهنجي ۾ ’جمال‘،
قوم جي ڄَڻ هي ڪهڻ جو، ڪارخانو ٿي ويو.

ڪِٿ بلوچن جي مٿان، ٿا بم وسائين بي گناهه،
مدرسو باجوڙ جو، ناحق نشانو ٿي ويو.
***
سنڌ صوبو رهندو هڪڙو، جيسين آهي جڳ ’جمال‘،
رهجي ويندا هِتِ اڌورا، تنهنجا کوٽا سڀ خيال.

توسان گڏ آهن اسانجا، توکي ڪهڙي آ مجال،
تنهن ڪري پيو تون ٻڌائين قوم ساريءَ کي قوال.
***
ڪراچي سنڌ جي دل آ، امن جو شهر چئبو هئو،
انهيءَ ئي شهر ۾ اڄڪلهه، لهن ٿا سِرَ هزارن جا.
***
’جمال‘ آخر عمر ساري، رئيسن کي نه رهڻو آ،
سدائين يار ڪرسيءَ تي، وڏيرن کي نه رهڻو آ.
***
جوئا چوريءَ ۽ گهٽڪي تي، ٿيو ڪو ضابطو ناهي،
کپي ٿو ظالمن کي زر، اسانجي ساڪري هِن ۾.
***
هتي پيا ماستر صاحب، مزا ماڻين ميڊيا جا،
ڪي اخبارن جا ايڊيٽر، اسانجي ساڪري هِن ۾.
هِنن اَٺن منتخب ڪيل شعرن ۾ ڪهڙي حقيقت آهي جيڪا ”سَچ“ سان ٽمٽار ناهي. ڪهڙو ٻول آهي جنهن جو اثر تير ۽ تفنگ کان گهٽ آهي. سنڌ جي تقسيم تي مزاحمت ڪندڙ هيءَ سُڄاڻ شاعر جيڪو ساڪري جي سماجي حالتن تي به آواز اُٿاري ٿو ته، ڪراچي ۾ تسلسل سان ٿيندڙ ڪوس تي به اشڪ هاري ٿو. باجوڙ جي ڏک ۾ به ڏکارو آهي ته بلوچن سان ٿيندڙ ناانصافين تي به نالان آهي. جتي به انسانيت کي چيڀاٽجي ٿو ته هِيءُ باهمت شاعر ڳالهائي ٿو ۽ همت سان حق ۽ سچ جو آواز بُلند ڪري ٿو. هو پُر اميد آهي ته سدائين ظالم کي ڪرسي نصيب نه هوندي، سدائين انسانيت جا فيصلا درندا نه ڪندا. ظلم ۽ استبداد جي ماحول ۾ ايڏيون حوصلي واريون ڳالهيون صرف ’شاعر‘ ئي ڪري سگهي ٿو. ٻاٽ اونداهي ۾ لاٽ صرف شاعر جي اک ئي ڏسي سگهي ٿي. اِها اک اسانجي جمال مراد صاحب کي الله پاڪ نصيب ڪئي آهي ۽ پنهنجي سڄي عمر هِن انهي حق ۽ صداقت جي گس تان ٿيڙ ناهي کاڌو، جنهن جي شاهدي طور سندس سڀ شاعري موجود آهي.
 
تاريخ جو گهرو مطالعو ڪندڙ هيءَ شخص پنهنجي سماج ۾ ڳائجندڙ لوڪ داستانن کي به اشارن ۽ ڪناين ۾ استعمال ڪري لوڪ کي پنهنجائپ جو احساس ڏياري ٿو ۽ خاص طرح ’برووي‘ جو ذڪر جيڪو اسانجي تمام گهٽ شاعرن ڪيو آهي. جمال صاحب اتي پهچي پنهنجي لوڪ داستانوي مطالع جو ڏس ڏئي ٿو جيڪو سندس شاعرانه ذوق جو به مظهر آهي. بروي ۽ مجنون جو ڳالهيون راءِ ڏياچ تائين هنن شعرن ۾ پڙهو.
 
ماس بروي هو ڏنو، ۽ سِر وڍي راءِ ڏياچ،
ڪئين پچن، کامن، پتنگ ٿا، نينهن ۾ نازڪ نواب.
***
محب هو مُرڪي چيو، هِت بيهه اچان ٿو مان مِٺا،
بنڊ ٿي مان بيهه رهيس، محبوب جي ان موٽ تي.
مشاعرن ۾ جڏهن ’هوٽنگ‘ ڪو استاد شاعري ڪري ٿو ته اُها اصلاح جي شڪل وٺي ٿي پر جڏهن ڪو اڻڄاڻ ويٺو ڄاڻن تي چٿرون ڪري ته اُها ’هوٽنگ‘ اصلاح جي بدران ’جهالت‘ چئبي. جمال صاحب انهيءَ هوٽنگ ڪرڻ واري کي هيئن ٿو تنبيهه ڪري ته:
ڪونه هئي ڪنهن کي خبر، هردم هلي ٿي هِت هوٽنگ،
چئه ڀلا هليا وڃون، يا بند هي گفتار ڪر.
ڪنهن شاعر جي استادانه صلاحيتن جو هڪ امتحان ’طرح‘ تي شعر لکڻ به آهي. محترم ’معمور يوسفاڻي‘ صاحب جي ٻن طرحي مصرعن تي جمال صاحب جا غزل لاجواب آهن. اچو ته ٻن طرحي غزلن جا ٻه بند پڙهي لطف اندزو ٿيون:
ڏينهن، هفتا ۽ مهينا، سال صديون ويا مَٽي،
همنشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.
***
تنهنجو مرڪڻ ۽ ملڻ، ٻيو خوب خوش ٿي خود کلڻ،
ساري دنيا کان سڄڻ، دستور تنهنجا ٻي طرح.
طرحي غزلن کان علاوه به غزل جي شاعر وٽ رومانس جي پچار جهجهيري هجي ٿي، جيڪا ئي غزل جو روح آهي. جمال صاحب به انهي پچار کان واندو ڪونهي.
 
ٿو ڪرين حملن تي حملا، فوج پنبڻين جي وٺي،
تنهنجي نيڻن جي نظر جا، اڄ نوان نيشان ٿيا.
حقائق نگاري جو اظهار به شاعرانه جرئت جو ئي جوهر آهي. جمال صاحب انهيءَ انگ ۾ به يڪتا آهي ته:
وئي عمر اڌڙوٽ گذري، ناهي پيري ڪا پري،
آجيان ڪئي مون اڇن جي، وار ڪارن منهن مَٽيو!
اها ڳالهه صحيح آهي ته جمال صاحب فن سُخن جي سڀني صنفن تي دسترس رکي ٿو. سندس غزل به سُهڻا ته نظم به شاندار، جن مان لاڙ جي مِٽي جي مخصوص هٻڪار اچي ٿي، پر منهنجي ذاتي راءِ اِها آهي ته هو ’ڪافيون‘ جهجهيون لِکي، سندس ڪافين ۾ جيڪو مٺاس آهي، لات آهي ۽ فني پختگي آهي، اُها شاعر جو فني سفر ۾ اعليٰ مقام ٺاهي ٿي. سندس ڪلام ۾ رواني به واهه جي آهي. ڪافي جو بند پڙهو ۽ پوءِ منهنجي دعويٰ تي فيصلو ڏيو.
 
اوهان جي اڪنڊ ٿي تري روز تن ۾،
اصلئون اوهانجي محبت آ من ۾،
اچو يا اماڻيو، نياپو، نيشاني،
اسانجي هِن دلبر دوست جي سخن جي سفر جي خوبين ۽ صلاحيتن جي ڪٿ اڃان ٿي ئي ڪونهي، جڏهن سنڌي ادب ۽ شاعري جا نقاد سندس ڪلام جي زرخيزي ۽ ڪارج جي ڪٿ ڪندا تڏهن ئي سندس علمي ۽ شاعرانه حيثيت جي پروڙ پوندي.
 
ٻوليءَ جي خوبين، صنعتن، فني ڪاريگرين، پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ ڪناين جي خزاني سان مالال هن سخنور جي سخنوري تي ڪو استاد شاعر ئي قلم کڻي سگهي ٿو. اسين ته سندس سحر انگيز شخصيت جي سحر ۾ ئي گهيريل آهيون. عمر دراز جا دعاڳو ۽ سندس اولاد جي ڀاڳن جا خواهشمند آهيون. جيترو جمال صاحب زندگيءَ جي معاملن کي منهن ڏيڻ ۾ باهمت آهي، جيترو شاعرانه خيال جي اظهار ۾ حوصلهء مند آهي، اوترو ئي دوستيءَ جي ناتن نڀائڻ ۾ سچو ۽ جرئتمند آهي. دوستن ڏانهن پير ڀري وڃڻ ۾ کيس سياري، اونهاري جون تبديليون روڪين ئي ڪونه، آئون ذاتي طور سندس قرب جا قدم ڀري اچڻ جو سدائين مقروض رهيو آهيان، آئون وٽس پڄان نه پڄان، سندس اچڻ جو سدائين آسروند آهيان ۽ پاڻ اهي ڀال ڀلائي سگهندو به آهي. سندس هِن شعر سان ڳالهه کي مڪمل ڪبو ته:
حُسن تنهنجي جا هزارين، معتقد آهن مريد،
مون جهڙا مِسڪين ٿيا، مزدور تنهنجا ٻي طرح.
 

ڊاڪٽر اسد جمال پلي
لطيف ننگر- عمرڪوٽ
 
0345-3455058


دلربا درشن ڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو،
دلربا درشن ڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو،
نُور جو جَلوو پَسايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
شمع جي ٿي سوجهري سان، شام جون ماڙيون ڏٺيون،
محب مس هو مُسڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
جنهن جي آمد سان سڀيئي، بُت ڀُري ڀورا ٿيا،
ويرين کي غم وَرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
زير ظالمَ ٿي ويا، سَڪرات سڀني کي لڳي،
جابرن کي جنهن جُهڪايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
ڪيتريون بَدعادتون ۽ بند بُرائيءَ کي ڪَيو،
ٿي ڀَلو تن تنهن کي ڀانيو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
جنهن اَشاري ساڻ آڱر، جي وِڌو چيري قَمر،
”بُوجهل“ بيوس بَنايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
شانَ ”احمد“ جي اڳيان، هر ڪنهن جي هستي وئي هَلي،
مُصطفيٰ تن کي مَڃايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
دُشمنن جي لاءِ دوزخ، ٿي دنيا ويئي سڄي،
جوش ۾ جن جيءَ جَلايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

جنهن تي ٿيو ”قُرآن“ نازل، ”ٽيھ روزا ۽ نَماز“،
قُرب مان ڪلمون پڙهايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
خُود خدا جنهن کي پَسائي، قُدرتي ڪاريگري،
عربي عرشن تي گهرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
ميزبان سان گڏ ٿي ”مَلڪنَ“، آجيان ”احمد“ جي ڪئي،
”مرحَبا محبوب آيو، جڳ سڄو روشن ٿيو“.
رهنما راڻي سان رب سڀ، رازَ جون ڳالهيون ڪري،
باغ جنّت جو گُهمايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
”لااِلٰهَ“ جي لات سان، مُوذي منافق ويا مَري،
ٿي سڀن جو ويو صفايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
ٻئي جَهان جنهن کي مليا، ٿي مِهرَ مالڪ جي ”جمال“
سڀني سيني سان لڳايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
**********
دلرُبا دلبر لکان، يا رُوحَ جو رهبر لِکان،
دلرُبا دلبر لکان، يا رُوحَ جو رهبر لِکان،
ناز پرور مان لکان، يا سُونهَن جو سرور لکان،
چنڊ جيئن چهرو لکان، يا گُلبدن گوهر لکان،
پرت پَرور مان لکان، يا درد ڏيندڙ دلرُبا،
دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
تو سوا آرام ناهي، ۽ نٿي سُهڻا سَري،
رات ڏينهن بس تُنهنجي دلبر، تات ٿي تن ۾ تري،
حال هيڻو ٿي پيو، ۽ مامري ۾ مَن مَري،
ڪيئن لکان مان جيءَ جا جانب، تو ڏنو جورو جَفا،
دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
تو ڪيو مونکي سدائين، بيوَسو ۽ بي قَرار،
رات ڏينهن تنهنجو سدا، اکڙين ۾ آهي انتظار،
پيچ پختا مونسان پائي، جيءَ منهنجي کي جيار،
ڇڏ اجايا محب ماڻا، ڪين ٿي مونکان خفا،
دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
ياد آهي، ياد رهندو، تنهنجو بس جَلوو “جمال”،
عشق اُلفت جو رَهي ٿو، جيءَ اندر ڏاڍو جَلال،
مهرباني ڪر ملڻ جي، تُنهنجي من ۾ آ مَقال،
شاد ۽ آباد توکي، شل ڪري خاوند خُدا،
دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
**********
ڪُوڙا سياسي ليڊر
وري صاف ڪُوڙا، ڪي ڪردار ايندا،
ڏوهاري ڏيهن جا، ڪي ڏهڪار ايندا،
اَٻُوجهن ۽ اڀرن لئه، ڪي آزار ايندا،
وَري سُورَ ساڳيا، ۽ ويچار ايندا،
وٺي ووٽ پوءِ، ٿي وهلور ويندا،
ٻٽن ئي ڏينهن ۾، ٿي مغرور ويندا.

ڪندا ڪونَ ڪم ڪو، رُڳو دم دِلاسا،
مِلڻ ۽ کِلڻ ويو، ڪندا پويان پاسا،
مَڻن جي هُئي محبت، اُها ٿي وئي ماسا،
نوان ڄڻ پيا موري، غمن جا گوساٽا،
گُناهن ۾ غافل، ٿي غرقور ويندا،
غريبن جي لاءِ، ٿي ناسُور ويندا.

زمينن جا کاتا، پلاٽن تي قبضا،
ملندو نه نلڪو، نڪو روڊ رستا،
سدائين سراسر، ڪندا ڪُوڙ ڪورا،
ڪيو ڇا اڳوڻن، ڪندا هاڻ هي ڇا،
بُکن ۾ ٿي بيحال، مزدُور ويندا،
اَٽي، ۽ لٽي لئه، ٿي مجبوُر ويندا.

انڌن ۽ منڊن جو، ويندا فنڊ کائي،
ڏسي جُهور پوڙهي، ۽ مسڪين مائي،
هَلي چال اهڙي، ڪندا لائي چائي،
ڇڏيندس نه گهر ۾، رهيو پيسو پائي،
ڀَري ڀِڀّ پنهنجا، ٿي ڀرپُور ويندا،
ڇڏي ديس پنهنجو، لڏي ڏُور ويندا.

“جمالَ” آهي جڳ ۾، هي قانُون ڪهڙو،
ملي جنهن کي ڪُرسي، سو نِڪري ٿو اهڙو،
سَکر سان سچو آ، غريبن لئه ڪُوڙو،
تڏهن جابرن سان، اسان جو آ جهيڙو،
زماني ۾ ظالم، ڇَڏي زور ويندا،
ڪڏهن نيٺ آخر، ٿي ڪمزور ويندا.


Wednesday, 9 January 2019

سائين مير محمد پيرزادو ….. چوڻ ڏکيوآهي



رکيل مورائي
مني صديءَ جي ڄمار ماڻي، مٽيءَ جي مهانتا جا گيت لکندڙ شاعر سائين مير محمد پيرزادو اڄ پاڻ اُن مٽيءَ ماءُ جي جهوليءَ ۾ سمهي رهيو آهي، جنهن جهوليءَ کي اسان زندگيءَ ۾ ابدي آرامگاهه چوندا آهيون.
چانڊوڪين جهڙي جرڪندڙ مرڪ چهري تي رکندڙ سائين مير  محمد چڱي عرصي کان الڳ الڳ بيمارين سان، جهڙيندو رهيو ۽ عملي توڻي تخليقي طور زندگيءَ جي هر خوشگوار رنگ جا گيت لکي موت کي للڪاريندو رهيو، پر جنهن کي موت چئجي ٿو آخر اهو ئي زندگيءَ تي فتح حاصل ڪري ٿو ائين هر انسان حيات مان هٿ ڪڍي ڇڏي ٿو، جيئن ڪالهه ٻن پهرن جو سائين مير محمد پيرزادي پنهنجي حيات مان هٿ ڪڍي ڇڏيا. ۽ اڄ هو مٽيءَ جي جهول ۾ ابدي آرامي آهي.
شخص کي هليو وڃڻو آهي، اڳ يا پوءِ، پر جيڪي شخص پوئتي رهجي وڃن ٿا انهن لاءِ پنهنجي کوٽ پوري ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. سائين مير محمد پنهنجي هڪ حياتيءَ جا سمورا ڏينهن گذاري ويندو رهيو، هن کي وڃڻو ئي هئو، پر نقصان انهن جو ٿيو آهي، جيڪي پوئتي رهجي ويا آهن.
ڪيترن ئي حوالن ۾ جيڪو ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي ان ۾ اڄ سائين مير محمد موجود نه آهي ۽ هن جي غير موجودگي شايد گذرندڙ عمر  ايندڙ عمر اسان سڀني کي تڪليف ڏيندي رهندي، اسان اهي سڀ جيڪي ڪنهن به تعلق ۾ ساڻس جڙيل رهياسين. سندس گهر ڀاتين، اولاد، عزيزن مائٽن کان ٻاهر جن شخصن کي سدائين ڏک رسندو، اهي شخص اُهي آهن جن جو ساڻس ادبي، نظرياتي ۽ هڪ عالم طور واسطو رهيو آهي، ۽ هڪ تڪليف ساهتي پرڳڻي جي آخري شهر سڪرنڊ کي به لڳاتار رهندي، جنهن شهر کيس جهڙوڪ ٻيو جنم ڏنو هئو.
اهو سچ آهي ته هن جي مٽيءَ ٻلهڙيجيءَ جي هئي ۽ آخر ۾ به انهيءَ مٽيءَ ساڻ وڃي ملي. اڄ هو پنهنجن انهن پيارن سان گڏ آهي، جن سان هن رانديون رهيون، پٽي ۽ سليٽ کڻي ٻوڪي ٻڌي علم جا پهريان سبق پڙهڻ لاءِ ويندو هئو، ٻلهڙيجيءَ جي مٽيءَ تي هن پهريان قدم کنيا، پهريان سبق پڙهيو. پهرين دوستن جو حلقو جوڙيو، اهڙو حلقو جيڪو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين اکين ۾ رهندو آهي ۽ دل ۾ ديرو ڪري ويٺل هوندو آهي. جيستائين اکيون بند ٿينديون آهن ۽ دل ڌڙڪڻ ڇڏيندي آهي، تيستائين اهي يار گڏ گڏ هوندا آهن اهي معصوم محبتن سميت شخص جي وجود جو اهڙو حصو هوندا آهن، جهڙي امڙ جي ٿڃ رت جي صورت ۾ انسان جي وجود ۾ موجود هوندي آهي.
۽ سڪرنڊ سائين مير محمد جي آخري ابدي سڃاڻپ! علم ۾ ادب ۾، سياست ۾ وطن دوستيءَ ۽ روشن خياليءَ ۾ سچ پچ جيترو سائين مير محمد سڪرنڊ کي ڏنو، اوترو ئي سڪرنڊ کيس موٽائي ڏنو.هن کيس گيت ڏنا، سڪرنڊ کيس مڃتا جي موٽ ڏني، هن شعور جي ڏياري ٻاري سڪرنڊ جي نوجوانن  ان ۾ تيل بدران پنهنجو رت وجهي ان کي روشن رکيو. جنهن روشنيءَ ۾ سندس خوبصورت چهرو سدائين ٻهڪندو نظر آيو ۽ اهو ئي سندس ٻهڪندڙ چهرو جناح اسپتال جي وارڊ ستين جي بيڊ تي بيسُڌ ستل هوندي به ٻهڪندو رهيو.
اهو ضرور  هئو ته نوجواني کي پار ڪري ٻڍاپي جا آثار سندس چهري تي پنهنجا نشان ڇڏي ويا هئا ٻيءَ طرح اهو مرڪندڙ مهانڊو  جنهن جي  ۽ اندر ۾ رهجي ويل اڻ ڳڻيا گيت ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڇلون ڏيئي رهيا هئا، پر زندگيءَ جي پويان ايندڙ  ابد جي ڊوڙ ايتري تيز هئي جو کيس انهن گيت جي اظهارڻ جو موقعو ئي نه ڏنائين. ائين سائين مير محمد ڪيترائي اڻ اظهاريل گيت پنهنجي اندر ۾ سانڍي ڪالهه ٻن پهرن جو اسان سڀني اکن  بنا موڪلائي پنهنجي ان زندگيءَ ۾ پير پاتو جنهن زندگيءَ کي مختلف مذهبن ۽ نظرين الڳ الڳ اظهاريو آهي ۽ جيڪا زندگي پنهنجي الڳ الڳ روپ مٽائڻ جي صورت ۾ جاري آهي ازل کان ابد تائين!
ازل ۽ ابد جي وچ ۾ڪيترائي انسان پنهنجي پنهنجي عمر ڪاٽي روانا ٿي وڃن ٿا. ڳائجن  اهي ٿا، ياد اهي ڪيا وڃن ٿا جيڪي پٺتي ڪجهه امرُ ڇڏي وڃن ٿا جيڪو ڪڏهن به مري نٿو، روپ نٿو بدلائي، چهرو نٿو تبديل ڪري، يقينن سائين مير محمد پيرزادو هڪ شخص جي حوالي ۾ اهڙو شخص هئو ۽ هڪ تخليقڪار طور به اهڙو تخليقار هئو جيڪو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ۾ به سدائين رهڻو آهي. ڀلي هو پنهنجي زندگيءَ جي هڪ روپ کي تبديل ڪري ڪنهن ٻي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪري چڪو آهي.
پوئتي رهجي ويل اسين شخص جيڪي ساڻس ڪنهن به تعلق ۾ جڙيل هئاسين ان کان ٻاهر سنڌ ۽ سنڌي ادب، سنڌي شاعريءَ جي حوالي ۾ هو سموري سنڌ کان ڪڏهن وسري سگهي. اهو چوڻ ڏکيو آهي. ڪنهن دوست کي سندس شاديءَ تي ڪو ڪتاب گفٽ ڪندي، سائين مير محمد جو هڪ شعر لکيو هوم
تنهنجي شاديءَ ڪوٺ ملي،
پهتس ڳوڙهن جهول ڀري.
اڄ جڏهن ڏيڍ ڏينهن جي نه ملڻ کانپوءِ هو اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو آهي ۽ سندس وڇوڙي جي سُڌ پئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به شعر تڪڙ ۾ ياد نه اچي رهيو آهي ڄڻ حافظو موڪلائي ويو آهي، اهو حافظو جنهن ۾ سندس ڪيترائي شعر ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪجهه محفوظ رهندو هئو. ۽ ڳوڙها آهن جيڪي رڪجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.
(روزاني عوامي آواز 9 جنوري 2019ع)

Friday, 21 December 2018

تون ڳاتا گيت بغاوت جا شيخ اياز جو تعارف


شيخ اياز جو تعارف
                 شيخ اياز سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو مبارڪ علي رکيو ويو پر هي اڳتي هلي شيخ اياز جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو. والد پاران کيس 3 مارچ 1928ع تي پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول نمبر 3 ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان 31 مارچ 1934ع تي چار درجا پاس ڪري نيو هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. 31 مارچ 1939ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري 11 اپريل 1939ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو ۽ اپريل 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1943ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ 1945ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين.
48-1947ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين. پهريائين هاءِ ڪورٽ ۾ عبدالحئي قريشي ۽ جمال صديقي سان ۽ بعد ۾ خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان وڪالت ڪئي. ان کانپوءِ سکر ۾ پريڪٽس ڪرڻ لڳو. اياز هڪ ذهين نوجوان ٿي اڀريو. سندس اسڪول ۾ انقلابي خيال اسريا. سندس ويهن سالن جي ڄمار ۾ اشتراڪيت مطالعي جو خاص موضوع رهي. اسڪول ۾ استاد کيئلداس فاني سندس سوچ ۽ شاعراڻي فن کي اوج ڏنو. هن شاعري جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي. هن جو پهريون غزل شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”سدرشن“ جي جنوري – فيبروري 1938 واري شماري ۾ شايع ٿيو. سندس تخليق جو عنوان ”مرد خدا“ هو.
اياز هڪ وڪيل جي حيثيت سان زندگيءَ جي ڪارزار ۾ گهڙيو. وڪالت سان گڏ سندس شاعريءَ جو دور به ڏينهون ڏينهن سنڌ ۾ نمايان نظر اچڻ لڳو. ٽه ماهي مهراڻ -1955ع ۾ سندس ٽيهارو کن بيتن شايع ڪري هڪ شاعر کي اثرائتو بڻايو ۽ هو شاعر جي حيثيت ۾ ايترو اڀري آيو جو مڃجي ويو ۽ رجعت پسند ڌرين کي صدمو رسيو. اياز ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي ڇپجڻ سان هڪ وڏي شاعر واري مڃتا حاصل ڪئي. 1965ع ڌاري ڌرتي جي حقن جي حاصلات واري جاکوڙ جي ڏوهه ۾ کيس خطرناڪ قرار ڏئي گرفتار ڪيو ويو ۽ سکر جيل ۾ رکيو ويو. 1968ع ۾ ساهيوال جيل ۾ رکيو ويو ۽ ايوب جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين قيد ۾ رهيو. 1970ع ۾ هي شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو. شيخ مجيب جي گرفتاري ۽ بنگلاديش ٺهڻ تائين اياز کي جيل ۾ رکيو ويو.
اياز جي پهرين شادي بيگم زرينا سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پٽ انيس ۽ سليم ۽ 3 ڌيئرون ياسمين، نگهت ۽ روحي ڄايون. هن ٻي شادي بيگم اقبال سان ڪئي، جنهن مان کيس 3 ٻار مونس، سرمد ۽ وينگس ڄايا. 1965ع ڌاري وراثت ۽ ٻين ڳالهين ڪري اياز ۽ بيگم اقبال ۾ جدائي ٿي وئي. 1976ع ۾ اياز کي ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت دوران سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ هن پنهنجو مدو چئن سالن تائين پورو ڪيو. انهن چئن سالن ۾ اياز کان ڪيترائي دوست رسي ويا. انهي دوران ڪن کي گهربل نوڪريون مليون ۽ ڪن وري داٻو ڏئي ورتيون. 1962ع ۾ اياز جا شعري ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو، 1963 ۾ خطن جو ڪتاب ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي 1963، 1964ع ۽ 1968 ۾ آمرن پاران ضبط ڪيا ويا.
1980ع ۾ وائيس چانسلري جو مدو مڪمل ڪرڻ بعد اياز سکر ويو. 1980ع ۾ سندس شعري مجموعو ”لڙيو سج لڪن“ ۾ ڇپيو جنهن ۾ سندس طبع تي مايوسي، قنوطيت ۽ موت ڏي توجهه نمايان آهي. هن جواني وارن ڏينهن ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم کي آجپي جو ذريعو ڄاتو پئي پر آخري عمر ۾ هن جي خيالن ۾ ڦيرو آيو ۽ هن دعائون چوڻ شروع ڪيون. ان جو اهو به سبب ٿي سگهي ٿو جو سوويت يونين قائم نه رهڻ ڪري هيڏي وڏي تبديليءَ اياز جي سوچ تي اثر وڌو. اياز زندگي جو گهڻو عرصو سکر ۾ رهيو. آخري ڪجهه سال ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ رهيو. دل جي بيماري ۽ ٻين عارضن سان جنگ ڪندو رهيو. هي علاج لاءِ لنڊن به ويو، پر اتان موٽڻ بعد به مڪمل طور صحتياب نه ٿيو. 28 ڊسمبر 1997ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين ۽ 29 ڊسمبر تي کيس ڀٽ شاهه تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. اياز سنڌ جي جديد شاعري جو باني آهي. هي بيت، دوها، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، هائيڪا ڏيڊ سٽا، ڪهاڻين سميت نثر جا بيمثال نمونا ڇڏي ويو آهي. انهن جو ادبي ۡڪٿ اياز جي جي وڃڻ بعد ساڻس پيار ڪرڻ وارن لاءِ وڏو آٿت آهي. اياز کي سندس لکڻين تي ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا آهن.

سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز

ڪامريڊ ڪريم بلوچ 
                 شيخ اياز سنڌ جو ڪارڊ آهي. اياز ڪامريڊ سوڀي لاءِ چيو ته سوڀو اسان جو لعل قلندر آهي ۽ موهن جو دڙو جنهن کي سيڪ ۽ سم چوطرف ويڙهي وئي آهي پر اسان ان جي حفاظت نه ڪري سگهيا آهيون. تيئن ئي اياز شاعرن جو به لعل قلندر ۽ موهن جو دڙو آهي. اسان سندس فڪر ۽ شاعري عام ماڻهن تائين نه پهچائي سگهيا آهيون. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ شيخ اياز جي شاعري شامل ناهي ڪئي وئي. شيخ اياز جي ٽهيءَ جي شاعرن جي جيڪا شاعري درسي ڪتابن ۾ موجود آهي تنهن کان اياز جي شاعري وڌيڪ سگهاري ۽ تعميري آهي. 
                 شيخ اياز جي سموري شاعري سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جو هڪ اعليٰ ڪرشمو آهي ۽ ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان پوءِ ئي نروار ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن تڏهن اهي ٻولين سان گڏ پنهنجي پنهنجي دور جا عڪس ۽ تاريخ ٿيندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪرشمي پاڻ سان گڏ پنهنجي دور کي ٻيا شاعر ۽ اديب به ڏنا آهن. اسان جي سنڌي شعر ۽ سنڌي ادب جو اڄ اهو ئي مقصد آهي ته اسان جي هر مادياتي، روحاني ڪاوش جو سماجي ڪارج، جيئن اياز چٽي وڏي واڪي پنهنجي شعرن ۾ چيو آهي ته، ” جيترو به انسان پنهنجو ماتا ڌرتيءَ سان پيار محنت عشق ڪندو اوترو ئي تاريخ ان جاڳڻ ڳائيندي“
مرنداسين ته مٽي مان، پنهنجا جڙندا ڪيئي جام
نوان نوان متوالا ايندا، هڻندا تن جي هام. جيڪڏهن اياز جي سموري شاعريءَ جو اسان پوري دل سان مطالعو ۽ تحقيق ڪريون ته پوءِ اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ چوڻو پوندو ته ” اياز سنڌ آهي ۽ سنڌ اياز آهي“ اسان ڪجهه تاريخي مطالعي ڏانهن ٿا اچون ته تاريخ ڇا ٿي چوي، جڏهن به اسان ڪنهن زبان، ٻولي ۽ ادب جو گهرو مطالعو ۽ تحقيق ڪريون ٿا ته پوءِ اسان پهريان ان جي روايتن، مزاج، ثقافت، سماجي قدرن، اقتصادي حالتن جو پوري نموني سان جائزو وٺون، ڇا قوم جي معاشري يا سوسائٽيءَ جي مڪمل تاريخ لکيل آهي يا نه ؟ پوءِ ان کي گهري نموني سان ان تاريخ کي پنهنجي آڏو رکون ڇا اها قوم ماڻهن جي چوگرد تاريخ سان ڪهڙا ظلم ستم ۽ قهر ٿيل آهن. 
اياز جي شاعري ڪهاڻيون، ماضيءَ جي سياسي، سماجي، اقتصادي، نفسياتي حالتن جو پورو پورو عڪس آهن، ان جي شاعريءَ کي پڙهڻ کان بعد اسان کي پوري سڌ پوندي ته ڪنهن خاص دور ۾ قوم جي نفسياتي روحاني يا مذهبي ڪيفيتون ڪهڙيون هيون ۽ ماڻهن جو رجحان ڪهڙي طرف مائل هو، طاقتور قوتون عوام ۽ رياست تي قابض ڌريون ۽ قابض گروپ ماڻهن جي نفسياتي نوعيت ڪهڙي هئي. اياز جي شاعري پڙهڻ مان ماڻهن جو پوريءَ طرح مزاج، فطرت، رهڻي ڪهڻي تائين. پڙهندڙن کي پوري طرح خبر پوندي جڏهن اسان ان جي شعر جو جائزو وٺندي ان نتيجي تي پهچي فيصلو ڪنداسين ته گذريل ٻه سئو سالن ۾ شاهه لطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ ڪو به اهڙو شاعر سنڌ ۾ پئدا نه ٿي سگهيو آهي جو وڏي اعليٰ درجي جي ۽ هر طرف کان پوري طرح عوام جي عڪاسي ڪري سگهي. 
سچل، بيدل بيڪس شاهه جو رستو ته ورتو ۽ ان پنڌ تي هلڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر هنن رڳو شاهه جي محاڪاتي ۽ افسانوي پسمنظر، محاورن، تشبيهن ۽ روحاني رمزن کي پنهنجي شعر جو موضوع بڻايو پر ڪا به نئين شيءَ پيدا نه ڪري سگهيا. شاهه جي خيال ۽ زبان جي ندرت کي نه پهچي سگهيا. اهڙي نموني پنهنجي سر هڪ مڪتبهء فڪر و ادب ٿي ويو. هن کان پوءِ جيڪي شاعر هن جي تقليد و تتبه ڪندا رهيا ۽ پنهنجي فن ۾ ڪا به انقلابيت ۽ جدت پيدا ڪري نه سگهيا. اهو ئي سبب آهي جو شاهه جي دور کان پوءِ جي شاعرن جي ڪلام ۾ اسان کي مشڪل سان ڪي سٽون ملن ٿيون جي زنده رهڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، ورنه سندن سموريءَ جو سموري شاعري شاهه جو کوکلو پڙاڏو آهي بلڪ جان آهي ۽ ڪنهن حد تائين بي معنيٰ پڻ آهي ، ان کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي مسلسل جمود کي ٽوڙڻ لاءِ پهرين ڪوشش ”ڪشن بيوس“ ڪئي ۽ ڪامياب نظم لکي سنڌي شاعريءَ ۾ نون لاڙن جي شروعات ڪئي. پر هي شاعر به تقليد کان بچي نه سگهيو. سندس ڪيترائي شعر اردو شاعريءَ تان اڌارا ورتل آهن ۽ قافيه علامه اقبال جي ”بانگ درا“ تان بيوس کان پوءِ جن شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهن ۾ راج دکايل، کيئل داس، فاني، هري درياڻي، دلگير جا نالا ڳڻڻ ۾ اچن ٿا پر اهي به شاعريءَ جو جمود ٽوڙي نه سگهيا ۽ اياز شاعريءَ کي دائمي تحريڪ ۽ زندگي بخشي سندس گيتن جي ترنم سنڌيءَ شاعريءَ جي ستل گرنار کي جاڳائي ڇڏيو، شاعري مجموعي طرح عوامي جذبن جو آواز ٿئي ٿي ۽ ان جي شڪل ۽ فتح گمنام ماڻهن جو ذڪر، وطن تان جان گهورڻ وارن جو ذڪر، سنڌ جي حب الوطنيءَ جو ذڪر به ملي ٿو. اياز جو جنم 23 مارچ 1936ع شڪارپور ۾ ٿيو، جنم جو پورو نالو مبارڪ علي، ادبي نالو ” شيخ اياز “ والد جو نالو غلام حسين، شروعاتي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۽ انٽر تائين شڪارپور ۾ پڙهيو ۽ بي اي به اتان ئي ڪيائين پي ايڇ ڊي جا ٻه ٽرم رکيل هئا. هن جو گائيڊ ڊاڪٽر گربخشاڻي گذاري ويو. 1947ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪيائين ۽ وڪالت ۾ اول جناب عبدالحئي قريشي ۽ جناب جمال صديقي سان پارٽنر ٿي رهيو ۽ سائين جي ايم سيد سان متحده محاذ ۾ به پڻ رهيو. 1965ع ۾ جنگ جي دوران جيل به ويو ۽ 1968ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي، ولي خان ۽ ٻين 11 ماڻهن سان گڏ ساڳي آرڊر هيٺ ساهيوال جيل ۾ به رهيو. ايوب خان جي حڪومت 1970ع ۾ شيخ مجيب سان گڏ عوامي ليگ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ ۾ به رهيو. ان وقت اهو مشهور هيو ته ” اياز کي مجيب سنڌ جو گورنر بڻائڻ وارو آهي“ مجيب جي گرفتاريءَ بعد هن کي 8 مهينا سکر سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي هن کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻايو جنهن وقت سندس شاعري سرد مهري ۾ رهي. شيخ اياز جڏهن ڏهن ورهين جو هو ته شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. اياز فارسي، اردو جي تعليم پنهنجي والد غلام حسين کان حاصل ڪئي. اياز جو شاعريءَ جو استاد کيئل داس هيو. اياز سنڌي زبان جو بهتري شاعر ۽ عالمي ادب جو اسڪار آهي. سندس شاعريءَ جا 44 ڪتاب، نثر جا 14 ڪتاب آهن. اردو جو سٺو شاعر هو سندس ٻه ڪتاب اردو شاعريءَ ۾ آهن. اياز شاهه لطيف جي رسالي جو اردو ترجمو پڻ ڪيو. شاهه لطيف پراڻي سنڌي ٻولي کي محفوظ ۽ زنده رکيو آهي. شيخ اياز سنڌي ٻولي جي گم ٿيل لفظن کي ڳولهي هٿ ڪري نئين سر جيئاري ڇڏيو آهي. اياز جڏهن هندستان ويو ته اتي هڪ محفل ۾ موهن ڪلپنا اياز کي چيو ته ” تنهنجي ڪويتا ٻڌي مون کي راڻو پرتاب جي زندگي جو هڪ واقعو ياد ٿو اچي، راڻو پرتاب ڪنهن مهم تي ويل هيو. ڪنهن کي معلوم نه هيو ته هو چتور جي قلعي ۾ واپس موٽي آيو آهي ۽ اوچتو ڪنهن پوڙهي راجپوت پنهنجي پٽ کي چيو ته راڻو موٽي آيو آهي ۽ قلعي ۾ آهي. هن جي پٽ حيرت مان کانئس پڇيو ابا توکي ڪيئن معلوم ٿيو ته راڻو قلعي ۾ موٽي آيو آهي. جنهن تي پيءُ وراڻيو ته تون تلوار جا ساندهه ست زپڪا ٻڌا جڏهن هن جي پٽ هائو ڪندي ڪنڌ ڌوڻيو تڏهن هن جي پيءُ چيو ته سانده ست ڀيرا ايتري زور سان تلوار جا زپڪا فقط راڻو ئي ڪري سگهندو آهي.“ اياز ايتري رواني ۽ جوش سان سانده ست ڀيرا نظم فقط تون ئي پڙهي سگهندو آهين. اياز جواب ڏنو ته منهنجي شاعري ڪلا ۾ خوبصورت تشڪيل ڪنهن ڪو نه ڏٺي آهي.  اياز جي چواڻيءَ موجب ته ابراهيم جويو مون سان ٺٽي ۾ گڏ هو. ان محفل ۾ جمعيت الشعراءَ وارا به ويٺل هئا، اتي شيخ اياز انهن کي چيو ته ” توهان سڀ جَکَ ٿا هڻو ۽ اجايو وقت ٿا وڃايو.“ اتي وڏا وڏا نالي وارا جيڪي جفادري شاعر هئا، کين اياز چٽيءَ طرح چيو ته ” دنيا جو ادب ڇاهي؟ توهان ته بلڪل اڻپڙهيل ڄَٽ ماڻهو آهيو. توهان ڇا ڄاڻو شاعري مان ۽ توهان ته رڳو رديف ۽ قافيه ڪڍي انهن تي غزل پيا ٿا لکو. شاعري اها ته نه ٿيندي آهي ۽ انهيءَ وقت کان وٺي سنڌي شاعرن خاص ڪري غزل گو شاعرن سانگي کان وٺي هن مهل تائين سڀ اڻپڙهيل شاعر هوندا هئا، ڇڙو ٿوري ڪا ۽ انڌي منڊي شاعري پڙهي هئائون، فارسيءَ تي پورو عبور هئڻ ئي ڪو نه مان انهي دور کي اڻپڙهيل شاعرن جو دور سمجهان ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ هينئر جيڪا نواڻ آئي آهي سا بيوس جي شاعريءَ جو اثر آهي. جمعيت الشعراءَ وارا غزل جي طرح ڏيندا هئا. مثال طور هڪڙي طرح ڏيندا هئا ان ۾ قافيه به ڏيندا هئا جيئن” اندام، مندام گلفام“ وغيره ۽ ٻيا شاعر ڄڻ ان جوڙ جڪ (ڪيلڪيوليشن) کي حل ڪندا هئا، شاعر وري اردو اديبن جي ديوانن تان قافيه کڻندا هئا ۽ قافين جي سڄي لسٽ ٺاهي غزل لکندا هئا ان بابت مون کي غلام محمد گرامي صاحب سڀ ڪجهه ٻڌايو ته اياز سائين هاڻي منهنجو ان ڏينهن کان ئي وٺي شاعريءَ تان ارواح کڄي ويو هو.“
اياز نوبل پرائيز بابت هن طرح ٻڌايو آهي ته جيڪي ادبي ترجما ٿيل آهن جهڙوڪ، فرينچ، اٽالين، سوئيزرلينڊ، روسي زبان هجي يا انگلش ۾ منهنجو ڪو به ڪتاب انگلش ۾ ترجمو ٿيل ڪو نه آهي، جيئن ته ٽئگور کي ييٽس ترجمو ڪيو جيڪو انگلينڊ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو، انهي سبب ڪري ٽئگور کي نوبل پرائيز انعام مليو، فيض احمد فيض جو به ترجمو انگريزي ۾ ٿيو پر ان کي نوبل پرائيز نه مليو. علامه اقبال کي نڪلسن ترجمو ڪيو پر اهو وڏو شاعر نه هيو انهيءَ جي ڪري هن کي نوبل پرائيز نه مليو، برصغير مان ته صرف ٽئگور کي نوبل پرائيز مليو آهي ۽ انهيءَ جا سبب هئا ائين ڪو نه هو ته ٽئگور پاڻ انگريزي ۾ نه لکندو هو. ٽئگور جيڪو انگريزي ۾ لکيو هو اهو ايڏو وڏو نه آهي پر ٽئگور کي جنهن ترجمو ڪيو هو پاڻ تمام وڏي پائي جو شاعر هو ييٽس 19 صديءَ جي تمام وڏن شاعرن مان هو.  شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ” ڀونر ڀري آڪاس“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته 1947ع کان اڳ جو اڻ ڇپيل ڪلام منهنجي زهر آلود تبسم جي آڳ ۾ جلي ويو ان جي ذميوار اها بي انتها مايوسي جي اکر اڳيان اڀري واڳون ٿي وريام واري ڪيفيت هئي. جنهن جو تفصيل فقط منهنجي زندگيءَ جي ڪنهن زخم بناهن کي تازو ڪندو. باقي ڪنهن خاص دلچسپيءَ جو باعث نه ٿيندو“ شاعر جي سياسي وابستگي شاعريءَ جو انت ثابت ٿئي ٿي. اسان پنهنجي ڌرتيءَ ۽ تعليم سان گڏ زبان جي بقا ۽ بچاءُ جي اڃا جنگ جوٽي به ناهي جو سموري سنڌ ۾ سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جي پاڙ آهستي آهستي ختم ڪرڻ جي ڪوشش تيز ڪئي وئي آهي. پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي بنهه پڙهائي نه ٿي وڃي. اڃا تائين سنڌ جا سمورا ادبي ادارا ۽ رياستي ادارا ان تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. متان ائين نه ٿئي جو فقط ” سنڌي زبان ۽ سنڌ جو نالو وڃي بچي“ ڇا هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ماڊلازم آهي؟ اچو ته شاعري ڏانهن هلون. شاعر پنهنجي حسن ۽ تخليق کي ابديت بخشي ته اها انسان ذات لاءِ آجپي جو ذريعو ۽ فرحت بخش بڻبي ۽ دنيا جي هر رنج و صحت لاءِ ڇپر ڇانوءِ ٿيندي ته جيئن هو تازه دم ٿي اڳتي وڌي. 
اياز هميشه لاءِ سوچيو هو ته شاعر سماج جو ذميوار فرد آهي ۽ شاعريءَ جي ذميواري کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو. پر اياز وسيع نموني سان انسان ذات سان محبت ۽ عشق ڪيو. اياز چوي ٿو ته ” مان عشق کي راند سمجهيو هو، تاريخ منهنجي سسي نيزي پاند اڇلي ڇڏي آهي ۽ هاڻ پٺتي موٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، پر ڇا منهنجي تقدير بدران ائين ٿيڻ نه گهربي هئي ۽ پنهنجي ديس جي تقدير ڦيرائڻ لاءِ ڦيٽ نه کاوان ها ته منهنجي شاعريءَ کي اها جلا ڪٿان ملي ها؟ جا ٻول کي امرتا ڏيندي آهي. سنڌ ۾ ماڻهو سمجهن ٿا ته سڀ ڪجهه پيسو آهي. پيسو ماڻهن لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. نتيجو اهو آهي ته ماڻهو پئسي لاءِ ڪجهه به ڪري ٿو سگهي، جڏهن ماڻهوءَ وٽ پئسو گڏ ٿئي ٿو ته انسانيت جي آپي مان نڪري وڃن ٿا. انقلابي جڏهن شرابي ڪبابي ٿين ٿا ته هنن ۾ خلوص نه ٿو رهي فقط فلوس رهي ٿو. ملان پلاٽن پر مٽن جي ڪڍ دربدر آهن. اهو وساري ڇڏين ٿا ته هو رڳو چار فوٽ يا ڇهه فوٽ قبر تي جنازي نماز پڙهائين ٿا. پارسي ۾ ڪنهن جو شعر آهي ان جو ترجمو هيٺين ريت آهي ته:” اسان جا دعا مهل هٿ کڻڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته خدا جي اڳيان جيڪو هٿ اسان جي شفاعت ڪندو سو خالي آهي“ سائين جي ايم سيد جي زباني موجب ڀري ڀري پيءُ جيسين جيئن گهڙي گهڙيءَ جو جام، وري نه هي مئخانو ملندو، هي مئه ناهي مدام.
هاءِ ڄڻ اياز حافظ کي پيو ورجائي اياز جي نظر ذرا وڌي ويل آهي تصوير جو ٻيو رخ به ڏسڻ ۾ پئي آيس، جي زندگي ڪيتري نه حسين آهي، ڪيتري نه پياري آهي، امنگن جو جهول آهي، آرزوئن جي ڦلواڙي آهي، هي چنڊ ستارا، هي بادل، هي برساتون، هي گل هي باغيچا هي مٺڙا ماڻهو، هي وسندڙ وستيون هي سڀ زندگيءَ جون دوستيون آهن. اي موت تون هڪ تکي انداز نشاني وانگر ڪان ڪڇي بيٺو آهين، جنهن سيني ۾مسرت جو واسو آهي. ان ۾ پنهنجو تير چڀائي ٿو ڇڏين، اياز ته بنيادي طرح هي ساڳيو رند آهي پر شاهه لطيف جي اثر هيٺ اچي جذبي کان سلوڪ طرف لاڙو ڏيکاري ٿو. 
تنهنجا پير چمان، ڌرتي منهنجي مائڙي
ڀاڪر پيان ڀاؤ، مان ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان،
آءُ نه ٻيو ڄاڻان مذهب منهنجو ماڻهپو،
اچو ته اياز جو خيال ڏسو ته ڇا ٿو چوي،
شال وسين او سنڌڙي تنهنجا کيت وسن،
واهونديءَ جي واءَ ۾ مارو شال ملن،
جن جي ڪوٽ ڪڙن جهوريو منهنجي جيءَ کي
سائين جي ايم سيد جي زباني موجب ته هي محب وطن بي تعصب ترقي پسند ۽ آزاد خيال شاعر ۽ نثر نويس آهي. مغربي دنيا ۾ جيڪي به اهڙن خيالن جا ماڻهو آهن جن جي خيال تي نقطه چيني ۽ مخالفت هروڀرو نه ٿي ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهي ذهني ارتقا جي اهڙي درجي تي پهتا آهن جت اهڙا خيال سوين سال اڳ کان ظاهر پئي ٿيا. 
شيخ اياز جي سموري شاعري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ انصافين، آزادي ۽ آزادي جي پانڌيئڙن سان ٿيندڙ وار تائين بابت ڄاڻ هجڻ سان گڏ انقلابي واٽ وٺندڙن لاءِ مشعل راهه آهي. اياز سنڌ جي حالت زار، سنڌين سان ٿيندڙ ڪلور ۽ ويل وهندي ڏٺو تنهن سندس دل کي ڦٽي ڇڏيو، ان خون مان قلم ڀري هن سنڌ ڌرتيءَ جي امرتا ۽ ان کي بچائڻ لاءِ ايترو ته گهڻو ڪجهه لکيو آهي جنهن جو مٽ ڳولڻ مشڪل آهي. اياز جهڙا بيباڪ دلير ۽ مهان شاعر سنڌ ۾ ورلي پيدا ٿيندا جيڪڏهن شيخ اياز کي عالمي مفڪر اعظم جي حيثيت سان ياد ڪجي ته هوند وڌاءُ نه ٿيندو.

شيخ صاحب: سدائين گڏ

نصير مرزا
                 شيخ اياز کي پويون ڀيرو مون 18 آڪٽوبر 1997ع تي ڏٺو، هنڌ، پرنس ڪامپليڪس واري اها لائبريري جتي هو ايندڙن ويندڙن جي آئو ڀڳت ڪندو هو، ۽ بلڪل ئي نٿي لڳو ته هاڻي هو ڪن ٻن مهينن جو مهمان آهي. بلڪل هشاش بشاش. ڳالهه ڳالهه تي مُرڪ، سبب بي سبب ٽهڪ. لڳو ڪوئي اڇو اجرو هنج آهي، جيڪو تلاءَ ۾ کنڀ کنڊيري تري پيو.
                 نٿو چوان ته ٻيا هن سان هجائتا نه هوندا! هوندا…. بلڪل هوندا…. پر آئون، به ساڻس ڪو گهٽ هجائتو ڪونه هوس. ياد اٿم، جڏهن جڏهن مون هن کي ڀاڪر ۾ ڀريو، هن ڪڏهن مون کي نه چيو. هي وري مان کي ڇا پيو ٿو ڪرين نصير!؟ هٿ ڏيندو هو ته، جيستائين ان کي چُمي ورائي نه ڏيانس، مون کي چين نه ايندو هو. موڪلائي موٽڻ وقت سندس قميص جو  دامن کڻي، هر حالت ۾ اکين تي کڻي رکندو هوس ۽ ان عمل تي به، ڪڏهن نه چيائين: هي وري ڇا ٿو پيو ڪرين. ۽ ارڙهين آڪٽوبر کان اڳ، ان ئي سال ريلوي ريسٽ هائوس ۾ مارچ مهيني ۾، يعقوب زرداري صاحب، هُن جي ڀري وڄائي، سالگره جي تقريب ڪئي هئي. يا ان کان اڳي ڀيڻ ماهتاب محبوب جي سٽيزن سوسائٽي واري هائوس وارمنگ پارٽي…. ۽ هو اُتي به ڄڻ محفل جو مور هئو…. ٻنهي گڏجاڻين ۾، ڊنر لاءِ اُٿيو ته هن جي هٿ مان ”اِسٽڪ“ وٺي، سهاري لاءِ کيس مون ئي پنهنجو هٿ پيش ڪيو هو، يڪدم چيائين، تون منهنجي ”لٺ“ ٿيڻ ٿو چاهين ڇا!؟ چيم. آءٌ توهان جي لٺ سان گڏ، اوهاجو حافظ به ٿيڻ ٿو چاهيان. چيائين حافظ ته اڪثر پاڻ ئي انڌا هوندا آهن. چيومانس. منهنجي اکين جي روشني توهان جي شاعري آهي! آءٌ اوهان جو ئي حافظ، ٿيڻ چاهيان ٿو….
شيخ صاحب جي هڪ امر سٽ آهي: ”منهنجي ڪوتا جاپ جڳن جا“. سندس اها سِٽ پڙهندي، اڄ به ڀاسندو اٿم، گهاٽي وڻ جي هيٺان، ڪنهن يوڳي جوڳي وانگي، ڪلهي تي وڏو شاهي ڪماچ رکي پنهنجن چرندڙن چپن سان مالا جپي هو چئي رهيو آهي:
شال ڌُئان مان پاپَ جڳن جا،
جن گن من جا، جن گن من جا.
مان ڀانئيان، ته شيخ اياز هڪ شاعر ئي نه، ڪوئي ساحر ۽ مها جادوگر به هو، هو پنهنجي جان جسي ۽ بدن بيهڪ ۾ بظاهر جيڪي به هو، سو ته هو هئو. پر هن جي گُهور ۽ نگاهه ۾ جيڪو اسرار، پراسراريت ۽ ”طلسم“ هو، اهڙو مون کي هن جي ٻئي ڪنهن به هڪ جيڏي يا همعصر ۾ نظر نه ٿو اچي. اگرچه عمر جي پڇاڙڪن سالن ۾، هو ”گوتم ٻُڌ وانگر“ نحيف ۽ ضعيف نظر ايندو هو پر ان جي باوجود، هن جي اکين ۾ رُڪ جهڙي سختي نظر ايندي هئي ۽ اڄ تصور ۾ سندس ان تيج ۽ تکاڻ کي جي ڏسڻ جي همت به ڪريان، ته نه ٿو ڪري سگهان. سٺ واري ڏهاڪي ۾، ”جشن روح رهاڻ“، وارن ميلن سميلن ۽ مشاعرن ۾، مون کي شيخ اياز صاحب کي ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ جو ڪڏهن به موقعو ڪونه مليو هو جو اهي ميلا جهميلا ظاهر آهي ته، منهنجي ادبي سانڀر کان اڳ جا واقعا آهن: ها! ريڊيو حيدرآباد جي آواز خزاني ۾ اهڙن موقعن جي ريڪارڊنگس منجهان سندس شعر پڙهڻ واري ريڪارڊنگ ضرور مون ڳولهي ٻڌي آهي، ۽ ان کي ٻُڌندي لڱ ڪانڊارجي وڃڻ ته، ننڍڙي ڳالهه آهي. ان کي ٻڌندي ڀانئيندو آهيان، ڄڻ ڪنهن شيش محل تي، اياز پنهنجن شعرن سان پٿراءُ پيو ڪري. ڀاسندو اٿم، ڄڻ ڌرتي ڌٻي پئي، ڄڻ جبل لرزن پيا، وڻ پاڙان اکڙجي ڪِرن پيا، ڄڻ سڄي فضا، ڀونچال سان ڀرجي وئي آهي. خاص ڪري ان رڪارڊنگ ۾ اياز صاحب جي آواز ۾ سندس هي شعر ته ٻڌڻ وٽان آهي.
مون ڏات انوکي آند آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن
ٿو آءٌ سندءِ ديورن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرج لڏن
تون هيڻو آهن هٿيارن سان
۽ ڪيڏي نه عجيب سوچ آهي منهنجي! جنهن سان مون کي محبت هوندي آهي، ان جي گهر، گهر جي دروازي ۽ چانئٺ کي جيستائين آئُون اکين سان نه چُمان. مون کي سڪون ئي ناهي ملندو، مرزا قليچ بيگ جو گهر ته خير آهي ئي منهنجي گهٽيءَ ۾ ۽ ان گهر در- جي زيارت ته هر وقت ئي منهنجي نصيب ۾ لکيل آهي. تنوير عباسي صاحب جي سرمد واري گهر سان به مون کي جڏهن پيار شروع ٿيو، ته منهنجا وڏا نصيب! مون کي ان گهر جي لان ۾ ڪاري گلاب جي ٻوٽي ڀرسان، تنوير صاحب سان جام ٽڪرائڻ جو موقعو به هڪ ڏينهن ملي ئي ويو هو. شيخ صاحب سان قربت وڌي، ته پراڻي سکر واري سندس گهر ۾، ساڻس جام ته مون ڪونه ٽڪرايو، البته جامِ شيرين ضرور هن جي هٿن مان وٺي پيتو. الاس! اهي ٻئي عظيم گهر هاڻي نيلام ٿي چڪا آهن ۽ منهنجي عشق جا اهي ٻيئي آستان، هاڻ صفهءِ هستيءَ تان ميٽجي چڪا آهن ۽ انهن لاءِ…. جيترو به ماتم ڪريان، گهٽ آهي.
ها! ڪڏهن ڪڏهن قليچ صاحب جي گهر وانگر، انهن گهرن جي درن جي زيارت ڪرڻ چاهيندو آهيان ته تصور جي ڳلين مان لنگهي، انهن گهرن جي چانئٺن تائين اک ڇنڀ ۾ ضرور وڃي پهچندو ۽ سجده ريز ٿيندو آهيان ۽ آئون ڀانئيان ته شيخ اياز صاحب جي حلقئه! احباب ۾ ڪي ٿورائي دوست احباب ۽ مون جهڙا مداح هوندا جن کي هن ڪڏهن خط لکيو، ڊائري ۾ آٽوگراف ڏنو يا خيريت لاءِ فون ڪيو هوندو، ۽ اهڙن خوش نصيبن مان، هن وقت، جيڪي جيڪي به اهڙا دوست حال حيات آهن. آئون به انهن مان هڪ خوش نصيب آهيان. شيخ صاحب مون کي ننڍا ننڍا ئي سهي، ڪي خط لکيا ضرور جيڪي منهنجي فائلن ۾ اڄ به موجود آهن، منهنجي ڊائريءَ ۾ ته، پاڻ شوق ڪري، هٿ مان وٺي جيڪو ڪجهه لکي ڏنائين، اهو سڄي جو سڄو، سندن باري ۾ سهيڙيل منهنجي ڪتاب: ”سامي سج وڙاءَ“ ۾ درج آهي، هتي اهو سمورو ته نه، صرف هي ڪي سِٽون لکان پيو.
”نصير مرزا! توکي منهنجي نثر نظم مان، ڀلي ته ڊيٿ ٽيون، ٻڌڻ ۾ اچن. پر مان اڃا ايترو جلدي نه مرندس. ۽ ان جو به يقين رک، ته جي منهنجي مِشن پوري نه ٿي ته مان وري ڌرتيءَ تي، موٽي ايندس.“۽ اهي سِٽون، جنهن ڏينهن حيدرآباد ۾ هن مون کي لکي ڏنيون هيون. ان ڏينهن جي شام جو CMH جي فوٽ پاٿ تي، هن مون سان ڊگهي walk به ڪئي هئي ۽ ٻئي ڏينهن مون کي محمد ابراهيم جويي صاحب جي گهران فون ڪري چيو هئائين: نصير! هاڻي حيدرآباد مان مان وڃان ٿو، سدائين گڏ.
شيخ اياز صاحب ذات جو شيخ هو، ۽ جنهن جي ذات شيخ هوندي آهي اُهي عموماً ۽ فطرتن ڪنجوس ضرور هوندا آهن. سڀ چون ٿا، شيخ صاحب به ائين هو. ممڪن آهي ائين هجي! پر اهو آئون ڪيئن چوان!؟ مون کي ته، قسم پاڪ پروردگار جو، پنهنجي ذاتي چانهه جي ڪوپ مان به هن پورو اڌ ڪوپ، آفر ڪيو هو، ۽ آگسٽ 1988ع ۾ دوست ادل سومري سان، پراڻي سکر واري هن جي گهر آئون ويو هوس، ته هو اندران گهران جامِ شيرين، شربت جي پوري بوتل اسان لاءِ کڻي آيو هو. جنهن جا گلابي نشا اڃان تائين منهنجي حواسن تي طاري آهن. شيخن لاءِ، ته اها ڳالهه به مشهور آهي ته پيار جو اظهار به هو ڏاڍي ڪنجوسائيءَ سان ڪندا آهن. پر منهنجا ڀاڳ….منهنجا وڏا نصيب، جو جڏهن جڏهن به، اياز صاحب سان آئون مليس، مون هن جي اکين ۾ پنهنجي لاءِ پيار جا درياهه اٿلندي…. ڇوليون هڻندي ڏٺا. ۽ پوءِ هي معجزو به ان ئي سبب ظاهر ٿيو هئو، جو، پاڻ حياتيءَ جي انت تي…. ڪراڙ ڪناري، پنهنجيءَ لحد ۾ ڪنهن ٻئي (even سڳن پٽن جي هٿان به نه) منهنجي ئي هٿن ۽ منهنجي ئي جسم جي لمس ۽ منهنجي ئي پيار ڀرين ساهن جي سهڪي سان، هيٺ ڌرتيءَ تي سمهڻ پسند ڪيو، ۽ يقين ڪريو…. فطرتن آئون ايڏو ته ڊڄڻو آهيان جو ڪنهن جي به لاش کي ڪلهو به ناهيان ڏيندو ۽ هيڏانهن؟ شيخ اياز جي مون سان ايڏي ته قربت ٿي وئي هئي، جو هڪ دم بهادر بنجي هن جي مڙهه سان گڏ سندس لحد ۾ لهي پيو هوس ۽ آگاهه رهو، ته 28هين ڊسمبر 1997ع تي شيخ صاحب جي وصال ۽ 29هين ڊسمبر تي، منهنجي هٿن سان لحد ۾ لهڻ ۽ قبر ۾ بند ٿي وڃڻ کان پوءِ، هن جي رنگارنگ ڏات تي برابر ته تحقيق ۽ هن جي ڪلام جي سهيڙ متعلق گهڻو ئي ڪم ٿيڻ شروع ٿي چڪو آهي پر دل چاهي ٿي جيئن راڳي هن جي گيتن، غزلن، نظمن ۽ واين کي تواتر سان ڳائڻ وڄائڻ لڳا آهن، هن جي شاعريءَ بابت اسان جي مصورن…. چترڪارن ۽ خطاطن، کي به اياز صاحب جي شاعريءَ کي پئنٽ ڪرڻ گهرجي. بلڪل ائين، جيئن غالب ۽ اقبال کي، عبدالرحمان چغتائي، آذر زوبيءَ، اسلم ڪمال ۽ صادقين وغيره جهڙن آرٽسٽن، پئنٽ ڪري، انهن شاعرن جي شاعريءَ واري حسن ڪمال کي عيان ڪري ڏيکاريو آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ هن وقت اسان وٽ به شاندار  آرٽسٽن جي کوٽ ٿوروئي آهي سائين علي نواز ڦلپوٽو، فتاح هاليپوٽو، محمدعلي ڀٽي، رضوان عمراڻي، خدا بخش ابڙو، ساجد قريشي، احمد علي مڱڻهار، محمدعلي ٽالپر…. ۽ منهنجي هاڻي اڪثر، دل اهو به پئي چاهيندي آهي، ته انهن سڀني آرٽسٽن کي خط لکان…. ته يارو! وڌي اڳتي اچو، ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جي جادوگريءَ کي پنهنجن رنگن جي ساحري سان ملائي، پاڻ کي مصوريءَ جي تاريخ ۾ امر ڪري ڏيکاريو.
۽ تڙ تڪڙ ۾ لکيل هنن رف پَنن جي آخر ۾، هي مزيدار حقيقت به پڙهو. ته شيخ اياز…. بطور عاشق جي، ڀٽائي گهوٽ وانگي ڪنهن هڪ حسينا جي چيچ پڪڙي، مطمئن ٿي ويهي رهڻ جو قائل، بلڪل ئي ڪونه هو. ۽ سکيءَ کي ڏجي ساهه گهوري اياز، مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي- چئي، وري ٻي حسينا جي…. چيچ جي تلاش ۾ نڪري پوڻ جو قائل هو، ۽ ائين روبرو يا تصور ۾ ئي سهي عورت کي گيڙڻ لاءِ هن جي وجود ۾ بي پناهه خواهش هر وقت موجود رهندي هئي (يقين نه اچي، ته ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر، جا چارئي واليوم پڙهي سگهو ٿا) هن بابت منهنجو ذاتي مشاهدو هيءُ به هئو ته، هو نئين رابطي جي تازگي ماڻڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو هو، خوشبوءِ نالي واري هڪ گيسو دراز ڇوڪري (جنهن جي گهنگهور گهٽائن سمان ڪارونڀار نڀور وارن تي، منهنجو دوست طارق عالم به مفتون هوندو هو) اها خوشبوءِ منهنجو هڪ نياپو کڻي شيخ اياز صاحب جي پرنس ڪامپليڪس واري فليٽ تي جڏهن پهتي هئي، ته شيخ صاحب يعني ستر ساله عظيم شاعر…. هڪ سيکڙاٽ شاعره جي، خوشبوءِ خوشبوءِ ڄار ۾ ڀوري ڀئونر مثل ڦاسي پيو پر اهو ته پوءِ شڪر ٿيو، جو زرينه ڀاڄائيءَ…. پرنس ڪامپليڪس جو دروازو خوشبوءِ تي سدائين لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب، جنهن شاعر جي هوءَ ملڪيت هئي…. ان کي ئي…. امانت، باسلامت… موٽي واپس ملي وڃي.