Saturday, 2 June 2018

اياز گُل : خوابن جي وادين جو شاعر



اياز گل انگريزي ٻولي (Ayaz Gul) سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر آهي جنهن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ خيرپور ميرس ۽ پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي تان پڻ نشر ٿئي ٿو.
زندگي جو احوال
نئين ٽهيءَ جو نمائنده شاعر، جنهن جو پورو نالو اياز علي ولد رجب علي دل آهي، هُن سکر شهر ۾ 6 مارچ 1959ع تي جنم ورتو، کيس ننڍپڻ کان ئي علم ادب سان لڳاءُ رهيو، ادبي دنيا ۾ اياز گل جي نالي سان مشهور آهي. هن 1980ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1981ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪري بعد ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ ورتي. هن وقت شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. اياز گل نوجوانن ۾ مقبول شاعر آهي، هن 1971ع کان شاگردي واري دور ۾ شاعري جو آغاز ڪيو، سندس پهريون شعر 1973ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”اديُون“ رسالي ۾ شايع ٿيو. هيل تائين ٻين ڪتابن کان علاوه سندس 6 شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ پڻ اياز گل جو نالو نمايان رهيو آهي. هُو سٺو فوٽوگرافر پڻ آهي، موسيقيءَ سان گهڻي دلچسپي اٿس. سندس گهر ۾ آڊيو، وڊيو ڪئسيٽن ۽ تصويرن جي لائبريري آهي.
اياز گل 1996ع کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ان کان علاوه کيس مختلف انتظامي ۽ اعزازي ذميواريون پڻ مليون آهن، جن ۾:

علمي خدمتون
ميمبر سينيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2003ع کان اڄ تائين. ميمبر سينڊيڪيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (2009-2006)، ميمبر بورڊ آف گورنرس، تعليمي بورڊ، سکر (2006ع کان اڄ تائين)، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو (08-2007)، سيڪريٽري ۽ ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي)، شاهه عبداللطيف، يونيورسٽي (1991ع کان اڄ تائين)، ميمبر صلاحڪاري بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، انچارج ’تنوير عباسي‘ چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (2003ع کان اڄ تائين)، ميمبر بيدل يادگار ڪاميٽي، روهڙي / سکر.، جنرل سيڪريٽري سکر هسٽاريڪل، سوسائٽي. سنڌ.
ايوارڊ
اياز گل کي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ، شيلڊون ۽ ميڊل پڻ مليا آهن. گولڊ ميڊل (ايم. اي، سنڌي ادب ۾ پهرين پوزيشن تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان) 1980ع، -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- جي طرفان اوارڊ (ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ تي) 1978ع، ينگ رائيٽرس گلڊ اوارڊ (ڪتاب ’گل ۽ تارا‘ تي) 1979ع، سِگا طرفان گولڊ ميڊل (ڪتاب. ’ڏينهن ڏٺي جا سپنا‘ تي) 1992ع، -استاد بخاري- سنگت اوارڊ (ڪتاب: ’توبن ڪهڙا ڇانورا‘ تي) 1992ع، اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان شاهه لطيف اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي)1997ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي) 1997ع، سچل سرمست اوارڊ (سچل يادگار ڪاميٽي طرفان) 1997ع ۽ 2000ع، تيرهون اسٽار اوارڊ (سائوٿ ايشيا پبليڪيشن طرفان) 2003ع، پي. ٽي. وي طرفان (بهترين شاعر جو اوارڊ) 2000ع ۽ 2001ع، ’شيخ -اياز-‘ شيلڊ (حسن ڪاڪردگيءَ تي) 2002ع. ۽ ٻيون شيلڊون.
ادبي خدمتون
اياز گل ڪجهه عرصو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سچل چيئر ۾ به ڪم ڪيو. سنڌي شعبي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي مخزن ”ڀٽائي“ جو ايڊيٽر ۽ معاون به رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي رسالي ”سنگت“ جو بنياد وڌائين. سندس ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: 1. سوچون سرها گل (تاج جويي سان گڏ شاعري) 1978ع، 2. گل ۽ تارا (ٻارن لاءِ شاعري) 1979ع، 3. پِيلا گل پلاند ۾ (غزل) 1980ع، 4. ڏينهن ڏٺي جا سپنا (شاعري) 1984ع، 5. توبن ڪهڙا ڇانورا (شاعري) 1992ع، 6. دک جي نه پڄاڻي آ (شاعري) 1997ع، 7. سکر جون يادگيريون (سهيڙيل ۽ ايڊٽ ڪيل) 2001ع، 8. پوان شل قبول (تنوير عباسيءَ تي لکيل مقالن جي ترتيب) 2006ع، 9. روشن آسانجهي (ايڊيٽنگ ۽ ترتيب) 2008ع.
جڏهن ته سندس ڪتاب ”زنگ لڳل زندگي“ ۽ ”رنگن واري دنيا“ ڇپائيءَ هيٺ آهن. هُن جا غزل، وايون ۽ گيت عابده پروين، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ، برڪت ڀٽ، ثمينه ڪنول، شازيه خشڪ ۽ رحمت ميرالي سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي داد ماڻيو. اياز گل پنهنجي شريڪ حيات، ’مستور بخاري‘ ۽ پٽ ’پرين ايا‘ سان گڏ سکر ۾ رهائش پذير آهي. مستور بخاري، پاڻ ليکڪا ۽ آرڪيالاجي شعبي سان لاڳاپيل آهي.
(وڪيپيڊيا)
اياز گُل : خوابن جي وادين جو شاعر
غلام شبير لغاري

گل رڳوخوشبو جي ڪري نٿا سڃاتا وڃن، پر گل احساسن جي ٻولي به هوندا آهن، گلن سان ڪيئي نازڪ سڀاءُ ۽ من ڀاونائون جڙيل هونديون آهن، گلن جون به ڪئين ڪهاڻيون آهن، گل ڳاڙهو گلاب هجي يا سفيد موتيو،گل پنهنجي سونهن ۽ خوشبو جا ڌڻي آهن، گلن مان عيب نٿا ڪڍيا وڃن ڇو ته گلن سان ماحول مهڪندا آهن، گل جو نالو وٺڻ سان حواسن مٿان خوشبو جي ململي چادر اوڍجي وڃي ٿي، گل صدين کان زندگي جي حسناڪين جو اهڃاڻ رهيا آهن، انهن سان ڪيئي تشبيهون جڙيل آهن، فطرت جون سهاوڻيون گھڙيون گذارڻ لاءِ ماڻهو گلستان جو رخ ڪندا آهن، ۽ آئون خيالن جي خوشبو جو واس وٺڻ لاءِ هڪ گل جي نگري ۾ ڀٽڪندو آهيان، ۽ عرق گلاب مان نيڻ پسائي، خمارن ۾ مدهوش ٿي ويندو آهيان، اهو گل جنهن ادب جي باغ کي پنهنجي مڌر خوشبو سان واسي ڇڏيو آهي، ايازگل جنهن جي شاعري جو واس سنڌ جون هوائون وٺن ٿيون، هن جا گيت ڪارونجھر جي چوٽي تي مورن جيان کيڙا ڪن ٿا، ته ڪينجھر ڪپ تي نيرڳين جيان تڙڳن به ٿا،
دک جي نه پـڄاڻي آ
هر شخص ڪهاڻي آ
احساس بنا ماڻهو
اخبار پراڻي آ
شاعري جي صنف غزل کي آڪاش جي وسعتن تائين پهچائيندڙ، ڀٽائي جي دڳ جي هن مسافر سنڌ جي سهڻي شهر سکر ۾ رجب علي دل جي گھر ڇهين مارچ 1959ع ۾ جنم ورتو، سندس نانءَ ايازعلي رکيو ويو، ڪنهن کي گمان نه هو ته سکر جي باغيچي ۾ ٽڙيل گل جي خوشبو سان سنڌ جون محبوب هوائون مهڪنديون، فضائن ۾ سرهاڻ پکڙندي، ننڍپڻ ۾ اسڪول جي هوشيار شاگرد ستين ڪلاس ۾ پڙهائي دوران ڪوتا رچي، سندس رڳ رڳ ۾ شاعري رچڻ لڳي، ڏات جي راڻي پنهنجي نفيس ڀاڪرن ۾ ڀريس، ته ايازعلي مان ايازگل بڻجي ويو، من جي ڀاشا ڪاڳرن جي ڇاتي تي اوتي، شاهڪار تخليقون سرجڻ شروع ڪيائين؛
توکان ٿيندي ڌار
کلندي کلندي يار
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري
هن مرڪن ۽ لڙڪن جون وارتائون شاعري جي سڳي ۾ پوئيندي، غزل جي صنف کي نئين رنگ ۾ رچي، سنڌي غزل جو مزاج ئي بدلائي ڇڏيو؛
چلڪو تنهنجي چوليءِ جو
ڏينهن هيو ڄڻ هوليءِ جو
تاريخن ۾ کتو پيو آ،
جھنڊو منهنجي ٻولي جو
سنڌي شاعري جي کيتر جي هن گل لاءِ مها ڪوي شيخ اياز چيو هو ته “هن جو نالو منهنجي نالي سان ائين وابسته آهي، ڄڻ منهنجي شاعري جي ٽاريءِ مان ڪوئي گل ڦٽو آهي”. شيخ اياز جي انهن لفظن جي سچائي اڄ اياز گل جي ڪلام مان ليئا پائي رهي آهي، سندس شاعري اهڙو باغ آهي، جنهن ۾ چئوڏس گلن جي مهڪڻ جو سماءُ آهي؛
عطرن جي سرهاڻ تون بيشڪ ڄاڻين ٿو
سوچن ڇا ڦهلائي، توکي ڇا معلوم
اياز گل جي شاعري جي دلبري آهي، جو اها عشق جي اکين سان پڙهي وڃي ٿي، ۽ سهاڳڻين جي مينديءِ رتل هٿن جي خوشبوءَ جهڙا موهيندڙ احساس من ۾ پيهي وڃن ٿا، ۽ دلين جا صدين جيڏا ٿڪ لهي وڃن ٿا، جڏهن موکي جي متارن جيان شاعري جا اڃارا رند من جي پياس اجھائڻ لاءِ ادب جي مٽن ڏي ورن ٿا ته ايازگل جي شاعري خمارن جا کيپ چاڙهي ٿي ڇڏي؛
لڙڪ هئا، گيت هئا، گلاب هئا
صرف پاڳل اکين جا خواب هئا
اسان ۾ يار برابر گھڻيون برايون هن
ڪٿي چئون ٿا اسان تي لٿا ڪتاب هئا.
عبدالواحد آريسر هن لاءِ لکيو آهي ته “ آءُ چوندو آهيان ته شيخ اياز، شاعري جي لفظن کي عقابن وانگر فضائن ۾ اڏائيندو آهي، ۽ ايازگل به پنهنجن خيالن، لفظن ۽ اشارن کي رنگين پوپٽن جي روپ ۾ ڪنهن باوقار محبوب ڏانهن سنيها ڏئي موڪليندو آهي.” اياز گل جي شاعري لاءِ ائين به لکيو اٿس ته “اياز گل نفيس جذبن ۽ نازڪ خيالن جو شاعر آهي، جيتوڻيڪ سندس شاعري ۾ تلوارن جو تيخ به ملي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ اُهي تلوارون ٿري رڍ جي پشم مان ٺهيل تلوارون آهن، نه ڪي مهاراجا پرتاب سنگهه جي ڪارين جون جوڙيل آهن.” منهنجي خيال ۾ ايازگل جي شاعري تي شيخ اياز ۽ عبدالواحد آريسر جي انهي راءِ کان پوءِ هن کي ڪنهن ٻي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي؛
ڇاهي يار ! جدائي توکي ڇا معلوم.؟
ميلي جي تنهائي توکي ڇا معلوم.؟
ايازگل جي شاعري پنجابي، انگريزي، اردو ۽ هندي ۾ پڻ ترجمو ٿي آهي، هن جا غزل سنڌي شاعري جو روح آهن، موسيقي جو رستو وٺي، سندس شاعري مقبوليت جا ڏاڪا پار ڪيا آهن، ٽي سئو کان وڌيڪ گيت ريديو ۽ ٽي وي تي رڪارڊ ٿيل اٿس، جيڪي مشهور ۽ مقبول فنڪارن ڳاتا آهن، ۽ سندس شاعري جا مجموعا “سوچون سرها گل” تاج جويو سان گڏ ڇپيو، “پيلا گل پلاند ۾” “ڏينهن ڏٺي جا سپنا” “توبن ڪهڙا ڇانورا” “دک جي نه پڄاڻي آ” “ميلي جي تنهائي” ڇپيل آهن. ڪيڏي نه وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، جو ايازگل جي شاعري جو هڪ مجموعو “دک جي نه پڄاڻي آ” ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۽ شاهه عبدالطيف يونيوسٽي خيرپور جي ايم اي سنڌي جي سليبس ۾ شامل آهي. مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون پڻ مليون اٿس. ڪي ئي علمي، ادبي ۽ فلاحي تنظيمن جو عهديدار ۽ ميمبر رهيو آهي، ۽ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ 800 کان به وڌيڪ ادبي پروگرامن ۾ مهمان خاص ۽ صدارت طور شرڪت ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل ٿيس،
هن جي شاعري ۾ استعارا ستارن وانگر، تشبيهون پوپٽن جيان ۽ خيال ٿر جي ڪنهن ڀٽ تان ڀڄندڙ هرڻ وانگي ڇال ڏيندا محسوس ٿيندا آهن؛
تنهنجون ٻانهون ڄڻ ڀٽون ٿر جون،
وچ ۾ آءُ ڄڻ ڏهر وانگي.!
هن جي شاعري جي هر پهلو تي نگاهه ڊوڙائجي ٿي ته چوڏهين جي رات ۾ محبوب جي کليل زلفن جهڙو موهه ملي ٿو، سندس شاعري رومانس جي رنگن جي هوليءِ ٿي لڳي؛
ڏسندي ڏسندي پوڙها ٿي ويا،
خواب اکين جا ڳوڙها ٿي ويا.
اڄ ايازگل جي سالگرهه آهي، ڪيئي اميدن جا پلئه سلهاڙيندي، اها دعا ٿا ڪريون ته غزلن جا رنگين گل ٽڙندا رهن، ۽ آس آهي ته اهڙيون سريليون ڪوتائون سرجيندو رهي ۽ سنڌي ادب جو جھول ڀريندو رهي؛
تون جو سمنڊ جيان کارو ٿي ويو آهين
جذبا پنهنجا پوءِ اڃارا ڪئين ڪندا.
ميلي جي تنهائيءَ جو مالڪ: اياز گل
روشن شيخ
جيئن مرزا غالب جي شعرن جو ”قرض“ دهليءَ جا ڪيترائي نسل نه لاهي سگهيا آهن. ائين ئي سائين اياز گل، جي شعرن جو قرض.... سنڌ جا ڪيترائي نسل نه لاهي سگهندا. ڇو ته اياز گل جنهن پيار سان سنڌي غزل کي اڳتي آندو آهي، ڀلا پوءِ..... اهڙي محنتي/ محبتي شاعر کي وساڻ معنيٰ زندگيءَ کي وسارڻ برابر آهي.
۽ اسين..... جيڪي ڪالهوڪا ٻارَ ٿي ڪري ويسر جي مرض جا شڪار ٿي پيا آهيون، پر.... پر.... سائين اياز دوستن کي سندن جنم ڏينهن تي ضرور ياد ڪندو آهي ۽ سائين اياز جي اهڙي يادگيريءَ کي آئون ته اڪثر ان پيار سان ڀيٽا ڏيندو آهيان، جيڪو پيار لالچ کان بلڪل پاڪ هوندو آهي.
امداد سومري صاحب! هنن ئي صفحن تي ڪي سال اڳ ۾ هڪڙو سوال اٿاريو هو ته ”لکڻ مان ڇا ٿو ٿئي!؟“ پر آئون ڪافي سال گذرڻ کانپوءِ.... امداد صاحب کي اُهو عرض ٿو ڪيان ته ”سائين لکڻ مان گهڻو ڪُجهه ٿئي ٿو!!“ لکڻ ذريعي ئي هن سينوارجي ويل سماجَ ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف، هيئن به چئي سگهجي ٿو،
مسيحا! سنڌ جي سورن جو ڪو علاجُ به ڳول
رڳو بيان نه ڏي ۽ رڳو خطاب نه ڪر
ڇا اياز گل جي اها مٿين شاعري ان سوسائٽيءَ کان نفرت جو جو چٽو عڪس ناهي!؟ جنهن سوسائٽيءَ ۾ مسيحا عزرائيل جو ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙي ئي ”سوڳوار صورتحال“ جي حوالي سان سائين اياز گل هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ”بيان ۽ خطاب ڪلچر، اسان سڀني کي جاهليت، نالائقيت، مايوسيءَ، منفي سوچ ۽ تباهيءَ ۽ برباديءَ جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪيندو پيو وڃي“ ۽ واقعي ئي اڄ اسان وٽ گهڻو علم هوندي به جاهليت سان گڏ ”زنده باد مرده باد“ وارو ڪلچر عام ٿي ويو آهي ۽ اهو ڪلچر (زنده باد، مرده باد) اسان جي هن ديس لاءِ هڪ هاڃيڪار ڪلچر آهي. مسيحائن کان ويندي ٽي وي چئنلن جي مالڪن تائين سڀ ڪنهن کي پنهنجو پيٽ پيارو آهي. مسيحا پيٽ لاءِ قاتل ٿو بڻجي. جڏهن ته ٽي وي مالڪ وري ديس جي ڪلچر کي لوڙهيندي دير ئي نٿو ڪري ۽ اهڙي هاڃيڪار ڪلچر لاءِ ڇا اياز جون سٽون؟ (رڳو بيان نه ڏي....) هن سماج کان نفرت جو هڪ انوکو مثال ناهن؟
ديس لاءِ سائين اياز جا لکيل هيءُ ٽيڙو اوهان پڙهي ڏسو....
ديس وسارين ٿو؟
سؤلو آ، ان کان گهڻو
پاڻ نه مارين ٿو؟
ديس وسارين ٿو!
اندر ۾ ڄڻ متقل
نانگ ويهارين ٿو
۽ اڄ 6 مارچ هن لاڏلي شاعر جو جنم ڏينهن، آئون کيس دل جي گهراين سان سائين اياز کي جنم جون واڌايون پيش ڪيان ٿو ۽ زندگيءَ جي 53 هين سال ۾ قدم رکندڙ سائين اياز ڪو عام شاعر ناهي. متان اوهين سمجهو ته آئون ڪو سائين اياز وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ هيءُ سٽون لکي رهيو آهيان.
پر اصل حقيقت هيءُ آهي ته اسان وٽ سياست تي لکندڙ کوڙ سارا دوست ويٺا آهن ۽ ڪالهه... رات مون اِهو سوچيو ته ڇو نه هن هفتي سنڌي ٻوليءَ جي اُن شاعر کي ياد ڪجي، جنهن لاءِ سڀ ڪجهه ”پرينءَ“ جو پيار ئي آهي (ياد رهي ته سائين اياز جي پُٽ جو نالو به ”پرين“ آهي)

جي تنهنجي پيار جو پاڇو انهيءَ تي ناهي ني!
هي زندگي ته رڳو رُڃَ، رُڃَ آهي ني!
پري جو آهيون ته ڄڻ، درد جي سفر ۾ هئون
ٻنهي کي وقت پيو ڳاههَ وانگي ڳاهي ني!
سڄي حياتي جنين رات ۾ گُذاري آ
ڪڏهن ته ڪوئي، انهن تي به ڏينهن لاهي ني!
وِصال پنهنجو مقدر به ٿي سگهي ٿو پر
سوال آهي اهو، هوءَ ڀي ته چاهي ني!

گرمين جي حوالي سان مشهور شهر ”سکر“ ۾ پيدا ٿيندڙ اياز گل جي طبيعت بلڪل ”گُل“ جهڙي آهي. وڏي ڳالهه ته مهان ڪويءَ شيخ اياز جي ”سالگرهه“ به هن ئي مهيني جي شروعاتي تاريخ ۾ آهي. ائين کڻي چئون ته مارچ مهينو اسان جي ”ادبي استادن/ مرشدن جو مهينو آهي ته ان ۾ ڪو حرجُ ناهي. شيخ اياز جي شاعريءَ جو تسلسل اياز گل به آهي، جنهن هن مهل تائين سنڌي ادب کي شاهوڪار شاعري ڏني آهي. پنهنجي پهرين شعري مجموعي ”سوچون سرها گل“ کان ويندي.... ”ڏک جي نه پڄاڻي آ“ اياز گل جيڪو پورهيو ڪيو آهي، اهو سڄو پورهيو، پيار جو پورهيو آهي.... ۽ هاڻ.... اُهو پيار جو پورهيو سائين اياز ”ميلي جي تنهائي“ تائين اچي پهچايو آهي. اسان جون اکيون ”ميلي جي تنهائي“ لاءِ منتظر آهن.
اوهان کان پري ڀي نهاري سگهان ٿو!
مان اهڙيون اکيون، ڪيئن ڌاري سگهان ٿو!
ڀلي مان حسابن ۾ ڪمزور پوءِ ڀي
سندءِ مهربانيون شماري سگهان ٿو!
نئون نانءُ دل تي، لکان ڪيئن ٻيو ڪو؟
ٻريل کي وري ڪيئن ٻاري سگهان ٿو؟


۽ سائين اياز جي سالگرهه جي ڪيڪ تي ”ميڻ بتيون“ نه پر اسان جون ”نينهن بتيون“ ٻرنديون. ڇاڪاڻ ته سائين اياز جي شاعريءَ جون پاڙون، هن ڌرتيءَ ۾ کتل آهن.

پري ٿي سگهان ٿو، سڀن موسمن کان
مگر ڪيئن ڌرتي ڌُتاري سگهان ٿو

سو ڌرتيءَ جي هن دادلي شاعر لاءِ ڪالم جي ڪلائيمڪس..... ۾ به ايترو چوندس ته، ”سائين! هيپي برٿ ڊي!!“
روزانه عبرت تان ورتل
شاعري
منهنجي ڌرتي وارا اڄ ڀي
سانجهي ويلَ سويرا ڳولن
سنڌڙي سورج آهي جنهن کي
سوَ سوَ گهور انڌيرا ڳولن
آ چاهيان ٿو سي چُمن جيڪي
سنڌ جي سڪ جا حوالا نيڻ
ڪالھه هڪڙو ئي هٿ کڄيل هو اڄ
هڪ، ٻه، سئو، هزارَ ٿيندا وڃن
سنڌ جو ڪرين ٿو سودو!
تنهن کان ته خودڪشي ڪر
ٿورو تون جاڳُ ۽ پو
جيئڻ جي خاطري ڪر
اسان ھجون نه ھجون
شل اوھانکي ياد ھجون
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
وقت ڪيا ويرانا ماڻهو
تنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو
توکي ارپڻ آيا آهن
لڙڪ کڻي نذرانا ماڻهو
مان جو اڄڪلهه هيکل آهيان
جوڙن ٿا افسانا ماڻهو
منهنجو هُو هڪڙو ڀي ناهي
تنهنجا سڀ زمانا ماڻهو
وڇڙي ويندا جي وڇڙڻ جا
ڳولن روز بهانا ماڻهو
ڪهڙا جڳ سان ليکا ڪرڻا
يار اسان مستانا ماڻهو
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
توکان ٿيندي ڌار، کِلندي کِلندي يار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔
تنهنجي پويان ڪير اسان جي، سپرين لهندو سار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔
ساهه ۾ تنهنجي ساهن جي، اڃان به آ مهڪار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔
رات کُٽي ۽ باک ڦٽي پيئي، جنهن پل ويڙهيئي وار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔
پاڻيء تي ڄڻ ليڪا هئا، تنهنجا قول قرار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔
وري ملڻ جي مهل وري، شال هينئين جا هار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
اُجاڙ گهرَ جي ڪَٻٽَ جو، ڪتابُ ٿي ويندين
جي خوابَ ڏِسندين نه پيارا ! ته خوابُ ٿي ويندين
سدائين بند رهين جي، کُلين نه ڪنهن آڏو
پئي پئي ئي ائين تون خراب ٿي ويندين !
نه ڪنهن جي جاڳَ ۾ هوندين، نه ڪنهن جي سپني ۾
اگر ائين ئي ڏُکيو ڪو نصاب ٿي ويندين
هي جيڪي پيرَ کنيا ٿي نه !، پيارَ ڏي اَڄڪلهه
ڳڀا ڳڀا تون مٺا ! بي حساب ٿي ويندين
وطن جو نانءُ گهڻو ئي وتئه، ڪيئي ڪجھه نه
ائين ڪندو جي رهين، مهڻي ــ هاب ٿي ويندين
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
هزارين گهرَ جو اُجاڙي ٿي خودڪشي اَڄڪلهه
مِرُون ڀي ڪين ٿيڻ چاهي آدمي اَڄڪلهه
کِڙي ٿو چَنڊُ ۽ سورجُ به روزُ نِڪري ٿو
مگر ٿئي ئي نٿي پوءِ به روشني اَڄڪلهه
کُلي به روئجي ته پَڇتاءُ، گهٽِ ٿئي ئي نٿو !
کِلي به ڪين ٿئي ٿي، دِلي خوشي اَڄڪلهه
شهرَ ۾، ڳوٺَ ۾، واهڻَ ۾، هُوءَ ملي ئي نٿي
ڪٿي ڪٿي نٿو ڳوليان مان، زندگي اَڄڪلهه
اسان، اوهان کي ائين ڀي ڪڏهن وَڻيا آهيون ؟
نٿي وَڻي جي، مڙيئي خير شاعري اَڄڪلهه
سدائين پيرَ ڪڍڻ جو ئي ڊَپُ رهي هر دَم
اها به ڪهڙي ڀلا آهي دوستي اڄڪلهه ؟
اسان کي ڪهڙي پئي آ، جو سچُ ڳالهايون !؟
سُڪونَ سان ٿا ڪيون پاڻَ، نوڪري اَڄڪلهه


چنڊ جي چانڊاڻ جهڙو شاعر ؛ قمر شهباز



رکيل مورائي

سنڌي ٻوليءَ جي قد آور شخص ۽ شاعر قمر شهباز ساهتي پرڳڻي جي اهم شهر نواب شاهه ۾ تيرهين اپريل اوڻويهه سئو اٺٽيهن ۾ جنم ورتو. هو قمرالدين ٻگهئي مان قمبر شهباز بڻيو، اعليٰ تعليم پرايائين ۽ ڪيترن ئي اعليٰ ادارن جي سربراهي ڪيائين، سنڌ ۽ ان کان ٻاهر ادب جي نمائندگي ڪيائين. ادبي وفدن جي اڳواڻي ڪيائين. سنڌي ادب ۾ هڪ آبرو دار سڃاڻ ماڻيائين، هڪ درجن کان وڌيڪ ڪتابن جيترو مراد سنڌي ادب جي جهول ۾ وجهي، سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيائين. سنڌي رسالن ۽ اخبارن جي مختلف ادارن ۾ ويهي سهائتا ڪيائين. ڪيترن ڪتابن جيترو مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ ڇڏيائين.
قمر شهباز جي ادبي سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪار کان وڌيڪ هڪ وڏي شاعر واري آهي. جيتوڻيڪ هن شاعري توڻي نثر ۾ ايترو لکيو آهي، جيترو هڪ عمر ۾ ڪنهن به اعليٰ تخليقڪار کي لکڻ گهرجي.
سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خاص مقام رکندڙ قمر شهباز نثر ۾ ڪهاڻيون به لکيون ته ڪالم به لکيا، ريڊيو ناٽڪ به لکيا ته ٽي وي ناٽڪ به لکيا، فلمي گانا به لکيا ته فلمي ڪهاڻيون به لکيون، ساڳئي وقت هن ريڊيو پاڪستان تي هڪ وڏي صداڪار طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، هن لڳ ڀڳ وڏين سڀني اخبارن ۾ ڳڻپ کان گهڻا ڪالم لکيا، جن ۾ جيتري سنجيدگي آهي، اوتري ئي طنز ۽ مزاح به موجود آهي، هن جا ناٽڪ جن به ڏٺا ۽ ٻڌا اهي اهڙي شاهدي ڏيندا ته هو هڪ اعليٰ ناٽڪ نويس پڻ هئو، سندس ناٽڪن جو مجموعو ”واچوڙن ۾ لاٽ“ جي نالي سان ڇپيل پڻ آهي ۽ ڪيترائي ناٽڪ هو عمر جي آخري حصي ۾ گڏ ڪري رهيو ته جيئن اهي ڇپجي سگهن پر عزرائيل کيس ايتري مهلت نه ڏني.
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ قمر شهباز جو پنهنجو حصو آهي، جيڪو سنڌي افسانوي ادب جي تاريخ ۾ سدائين ياد ڪيو ويندو. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هن جو پنهنجو اسٽائيل آهي، جڏهن هو باقائدي تخليقي طور ڪهاڻي لکڻ کان پري هليو ويو ته، هن ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ انهن ۾ به ڪهاڻي جي گهڻن ئي عنصرن کي شامل ڪيو. جنهن ڪري سندس ڪالم نهايت تخليقي بڻجي ويا جن کي اڳتي هلي ”ڪالم ڪهاڻي“ ڪوٺيو ويو ۽ سندس ڪهاڻين جيتري ئي پذيرائي ماڻيائون. سندس ڪيترائي تخليق ڪيل ڪردار سندس پڙهندڙن جي دلين ۾ اڄ به جيئرا جاڳندا موجود آهن.
ڪالمن کان الڳ قمر شهباز ڪيترن اديبن ۽ عالمن بابت ڪيترائي اهم مضمون، مقالا ۽ خاڪا لکيا آهن، ساڳئي وقت هن ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا آهن. جن کي به سهيڙڻ جي گهرج آهي، ايئن ڪري اسان سنڌي ادب کي وڌيڪ شاهوڪار ڪنداسين.
هي ته سندس اهو ادبي پورهيو آهي، جيڪو هو لڳاتار ڪندو رهيو. پر سچ اهو آهي ته سنڌ ۾ سندس اهم ۽ اصلي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. سندس شاعريءَ جا ڇپيل ٻه ڪتاب ئي سنڌي شاعراڻي ادب ۾ سندس سڃاڻپ بڻيل آهن. جن جا نالا آهن.
1: چنڊ رهين ٿو ڏور
2: بهارن کي چئجو
قمر شهباز، شاعريءَ ۾ جيڪو مرتبو رکندڙ آهي ان جو ذڪر اسان جي ادبي تاريخ ۾ محفوظ آهي. هڪ ئي وقت هو جهڙو حسين شعر لکي سگهندو هئو، اهڙو ئي نثر به لکي سگهندو هئو، جيئن ته هو هڪ صداڪار به هئو، ان ڪري اهو شعر توڻي نثر، اسٽيج تي پڙهڻ جو به هڪ اعليٰ فن رکندو هئو. سندس شعر پڙهڻ جو هڪ باڪمال نمونو هئو، جن کيس ٻڌو هوندو، اهي اهڙي شاهدي ڏئي سگهندا.
سندس فلمن لاءِ لکيل گيت به ٻڌڻ جهڙا آهن ته ڪتابن ۾ ڇپيل شعر به پڙهڻ جهڙا آهن، جن ۾ هو خاص سڃاڻپ رکي ٿو. هاڻ کيس فقط ٻڌي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته هُو هاڻ اسان وٽ جسماني طور موجود نه آهي، اڄ اسان لاءِ کيس ياد ڪرڻ جي صورت فقط هيءَ آهي ته!
هاءِ! اسان جا نيڻ نماڻا
اڄ به تنهنجي لاءِ ويڳاڻا

سچ پچ اڄ هو اسان وٽ نه آهي پر سندس ڪوبه شعر پڙهجي ٿو، سندس ڪا به ڪهاڻي پڙهجي ٿي، سندس ڪو به ڪالم پڙهجي ٿو ته اکين اڳيان سندس باوقار شخصيت اچي وڃي ٿي ۽ اسان جا نماڻا نيڻ کيس ڏسڻ لاءِ واجهائين ٿا. ها! اسين کيس ڏسي نٿا سگهون پر کيس ياد ته ڪري سگهون ٿا. کيس ياد ڪرڻ ڄڻ سنڌي ادب جي تاريخ کي ياد ڪرڻ آهي، ڄڻ پنهنجو پاڻ کي ياد ڪرڻ آهي. ڄڻ سنڌ کي ياد ڪرڻ آهي.


سنڌ جي ارڏي دانشور، ليکڪ ۽ شاعر قمر شهباز جي ياد ۾
حميد ڀٽو
سنڌ ۾ موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهيل سوين اهڙن ماڻهن جنم ورتو آهي جن موهن جي دڙي جي 7 هزارن سالن جي تهذيب ۽ تمدن کي جيئارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اهڙن ئي ارڏن ۽ موهن جي دڙي جي ماڻهن جهڙو ماڻهو قمر شهباز پڻ هڪ آهي. تنهنجون يادون، مٺڙا ماڻهو، بادل جئين برسن، هاءِ اڃايل منهنجون اکٽيون بوندن لئه ترسن..! جهڙيون خوبصورت سٽون سرجيندڙ سرجڻهار سائين قمر شهباز 5 مئي تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو پر جيسيتائين ڪائنات ۾ سنڌ ڌرتي جو وجود آهي اوسيتائين قمر شهباز سنڌ واسين جي دلين تي راڄ ڪندو رهندو، هو يارن جو يار، ڌرتي جي وفادار ۽ حلالي پٽ هجڻ سميت سنڌ جي ادب، ثقافت، ٻولي تهذيب، تمدن سميت فن جو پارکو ۽ رکوالو هو جنهن پنهنجي ڏاهپ وسيلي هميشه سنڌ ڌرتي جي تقدس کي مٿانهون رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. قمر شهباز سرڪاري نوڪرين ۾ ڪيترن ئي اعليٰ عهدن تي فائز رهڻ دوران سنڌ جي مسئلن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي هئي.

هن سنڌ جي وڏي ليکڪ، دانشور، ڪالم نگار، ڊراما نگار، صداڪار، ڪمپيئر، هدايتڪار، سماج سڌارڪ ۽ شاعر قمر شهباز 13 اپريل 1938ع تي محمد مقبول ٻگهي جي گهر نواب شاهه ۾ جنم ورتو. بنيادي ۽ ثانوي تعليم بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگلش ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ مختلف ڪاليجن ۾ بحيثيت ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پڙهائيندو رهيو. ايس ايم ڪاليج ڪراچي ۾ تدريسي عمل سان وابسته رهيو جنهن بعد سندس بدلي ڪندي کيس ڪنڌڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال طور موڪليو ويو، جنهن دوران ملازمت جي حوالي سان سندس مصروفيتون فن، ادب ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائڻ هو، هن ڪنڌڪوٽ ۾ ئي اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيو جيڪو ناٽڪ هن پاڻ لکيو ۽ ان ۾ اداڪاري به ڪئي.

قمر شهباز ڪميشن پاس ڪري وفاقي سرڪار جو ملازم ٿيو، جتي ترقي جا مرحلا طئي ڪندي ڊائريڪٽر پاپوليشن ڊويزن اسلام آباد، ڊائريڪٽر ايڪسپورٽ ائنڊ انٽرنيشنل افيئرس، ڊائريڪٽر آءِ ٽي سي، جنرل مئنيجر ايڪسپورٽ ائنڊ ٽريڊ فيبرڪس، 8 سالن تائين ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گيهه ڪارپوريشن آف پاڪستان، ڊائريڪٽر ٽريڊ ڪارپوريشن، چيئرمين ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۽ سن 1998 ۾ ملازمت تان رٽائرمينٽ وٺي باقي عمر سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ وقف ڪئي. قمر شهباز نوڪريءَ دوران دنيا جي مختلف ملڪن جا دورا ڪيا، انهن ۾ برطانيا، جرمني، آمريڪا، فرانس، سوئيٽزرلينڊ، عرب رياستون، بيلجيم،يوگوسلاويا، سعودي عرب، ملائيشيا، سريلنڪا، سنگاپور، ڪويت، رومانيا، ٿائيلينڊ، مصر، هالينڊ، چين، انڊيا، هانگ ڪانگ سميت ٻيا ملڪ شامل آهن. قمر شهباز 1954ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ ان دوران اسٽيج ڊراما، ٽي وي ڊراما، ريڊيو ڊراما، فلمون، افسانا، شعر، مضمون، ڪالم لکيا، سندس ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي ناٽڪن کي تمام گهڻي عوامي مقبوليت ملي ۽ ڪيترن ئي ريڊيو جي ناٽڪن ۾ صداڪاري پڻ ڪئي. قمر شهباز ٽيليويزن جي، مختلف پروگرامن ۾ ڪمپيئر طور پاڻ مڃرايو.

هو مختلف سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۽ ادارن سان پڻ واڳيل رهيو جن ۾ ايجو ڪيشن سوسائٽي، ميمبر ائڊوائيزري ڪاميٽي براڊ ڪاسٽنگ، ميمبر سينٽرل بورڊ آف فلم سينسر، ميمبر بورڊ آف گورنرس پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سچل چيئر، ميمبر شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، وائيس پريزيڊنٽ پيس ڪاميٽي ڪراچي، سرپرست آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن ۽ مارئي فورم، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي جو سرپرست ۽ مرڪزي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر، سنڌي اسپيڪنگ يونين جي صدر سميت ٻين سماجي توڙي ثقافتي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون. قمر شهباز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”اٺون گهر“، ”ضمير جو موت“ (ڪالم ڪهاڻين جو مجموعو)، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ (شعري مجموعو)، ”قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون“ ۽ ”واچوڙن ۾ لاٽ“ (ڊراما) شامل آهن، جڏهن ته سوين ڪهاڻيون، ڊراما، شاعري ۽ اسڪرپٽ وغيره لکڻ کان علاوه هن ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مسئلن تي مختلف اخبارن ۾ مسلسل ڪالم پڻ لکي سنڌ جي مفادن جو تحفظ پڻ ڪيو.  ڪنهن سونهن ڏني ڪنهن ساهه ڏنو، ڪنهن دردن جو درياهه ڏنو،ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو آيا، ڪهڙا جيءُ جياريا وڇڙيا. جهڙيون خوبصورت سٽون لکندڙ قمر شهباز خوبصورت شاعري لکي جنهن ۾ ڌرتي جو درد سمايل هو. ڌرتيءَ جي درد لاءِ لکي ٿو ته.
سنڌو ديس دليرن جو-شهميرن جو شهزورن جو

هت ڌرتي سونا سنگ ڪري-هت سانوڻ سئو سئو رنگ ڪري

هت چانڊوڪي ڄڻ چاندي آ-هت محبت سڀ جي باندي آ

هت مهمانن کي مان ملي-هت درد وندن کي دان ملي

هت دولهه درياهه خان هو-شتي شهبازين جو شان هو

هن ديسن جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان-هن ديس ۾ ڪيئي لال مڻيا.

هو هميشه سچ ڳالهائيندو هو جنهن سبب مٿس ڪيترائي اديب ۽ ڪامورا ڏمريل هوندا هئا.سندس مختلف اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم “ڄڃ پرائي” ۾ کريون ۽ سچيون ڳالهيون ڪندو هو. قمر شهباز جو گيت چنڊ رهين ٿو دور، تون ڌرتي جو درد نه ڄاڻين، هت هر آشا باندي آهي، بيوس مجبور چنڊ رهين ٿو دور. جڏهن اهو گيت بيدل مسرور سميت مختلف فنڪارن ڳايو ته ان کي اڄ تائين تمام وڏي مڃتا ملي ٿي. قمر شهباز جي شاعري سوين فنڪارن ڳائي آهي ۽ قمر شهباز ولگر شاعري نه لکي هميشه تهذيب ۽ تمدن جي مطابق شاعري ڪئي آهي ۽ قمر شهباز طنز مزاح لکڻ جو بادشاهه ليکڪ هو هن پنج کن سنڌي فلمن جو ڪهاڻيون پڻ لکيون ۽ تن فلمن جا نغما پڻ لکيا. پاڻ جواني ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي تي صداڪاري ۽ اداڪاري پڻ ڪندو هو،
هن ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي. کيس تقرير ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ هوندو هو، کيس وڏي ليڊر واريون صلاحيتون موجود هيون ۽ ڪنهن انسان کي پرکڻو هجي ته ان سان گڏجي ڪو ڊگهو سفر ڪجي يا ڏيتي ليتي ڪجي ته ان انسان جي سڌي سڃاڻپ ٿي ويندي آهي. اتفاق سان سال 2002 کان ڪيترا ڀيرا مختلف ملڪن ۾ گڏجي سفر ڪرڻ جو مونکي پڻ اتفاق ٿيو ۽ هميشه پرڏيهي سفرن ۾ پنهنجي اولاد وانگر خيال ڪندو رهيو ۽ سندس انسانيت واريون لکين خوبيون سامهون آيون. هو هڪ مڪمل انسان هو. ۽ سرڪاري نوڪري دوران وڏي عهدي تي هجڻ باوجود ڪالاباغ ڊيم خلاف 1997ع ۾ هلندڙ مهم ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مظاهرن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي ۽ هن نوڪري جي پڻ پرواهه نه ڪئي ۽ ڌرتي جي خاطر اڳڀرو رهيو ۽ هن ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ڀوڳيو. هن دنيا جي سنڌين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌي اسپيڪنگ يونين جو عمل آندو جنهن ۾ صدر قمر شهباز ۽ ٻين عهديدارن ۾ شمشير الحيدري، حسين هارون، غلام نبي مورائي، سليم ميمڻ، ولي محمد روشن، حميد ڀٽو، رفيق ڀٽو ۽ ٻيا اديب شامل هئا.
سندس خواب هو ته دنيا جا سنڌي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين. جڏهن ته پرائيويٽ ٽي وي چئنلز کان اڳ قمر شهباز طرفان سنڌي چئنلز شهباز کولڻ جو اعلان ڪيو ويو پر مختلف ادارن طرفان سندس اعلان کانپوءِ ترت مختلف چئنلز آندا ويا ۽ شهباز چئنلز جي ڪافي ساري تياري ۽ کڏا مارڪيٽ ۾ آفيس پڻ قائم ڪيائين جيڪو خواب سندس حياتي جي آخر تائين اڌورو رهيو. قمر شهباز جي اولاد ۾ هڪ پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. جڏهن ته قمر شهباز 5 مئي 2009ع تي صبح جو 7 وڳي ڪراچي جي ڪالا پل ويجهو نيشنل ميڊيڪل سينٽر اسپتال ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس ڪراچي ۾ گذري واري علائقي جي قبرستان ۾ مٽيءُ حوالي ڪيو ويو ۽ قمر شهباز پنهنجي شاعري ۾ زندگي ۽ موت لاءِ هن طرح لکي ٿو ته: ”

اچو ته زهر جو پيالو پي ڇڏيون

اچو ته موت کي ڪنهن ريت پروقار ڪيون

جيئون ته اهڙي طرح جو زمانو جيئي ٿو

مرون ته موت کي هڪ ڀيرو اشڪبار ڪيون.

واقعي ئي قمر شهباز اهڙي طرح زندگي گذاري جو سندس زندگي ٻين جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻي. قمر شهباز جي سنڌ کي اڃا تمام گهڻي ضرورت هئي پر بيوقتائتي موت کيس هن جهان مان وٺي ويو. موت جي لاءِ قمر شهباز چواڻي…….موت اسان کي مات نه ڏيندو-پرت ناهي پڇتاءُ مڱڻا موٽي آءُ

شاعري
رات انڌيري ڪيسين، نيٺ اُجالو ٿيندو،
سک جو سورج ڏياڻ ته اڀريو، منزل جو ڏس ڏيندو.
ڪين رُڪياسين، ڪينَ جهڪياسين،
توڙي اوکو پنڌ، سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ.
سنڌڙي تنهنجي سينڌ نه اُجڙي،
تو تان جندڙي گهوري ڙي!
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو،
اسان کي ته گهورن سان گهائي ڇڏيائون.
بهارن جي بيباڪ مستيءَ جان موهي،
سوين پيچ الفت جا پائي ڇڏيائون.
اُفق کان سندس لال چڻگون چورائي،
اڙي ڪنهن جو جهوپو جلائي ڇڏيائون.
پري ڪر، پري ڪر، پري ڪر هي شعلا،
ڏسين ٿي ته دل ئي دکائي ڇڏيائون.
نماڻيون نماڻيون، هي نيڻن جون پياليون،
مون کان مئي جي مستي ڀلائي ڇڏيائون.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
جڏهن تنهنجي رنگين محفل ۾ سائين،
اداسيءَ جي تصوير بنجي مان آيس،
ڌڪاري ڇڏين ها ڌڪاري ڇڏين ها!
خاموش راتين ۾ هڪ سوال بنجي،
خوابن ۾ تنهنجي، ٽپي جي مان آيس،
تون ماري ڇڏين ها تون ماري ڇڏين ها!
يادن کان منهنجي جي ڇرڪي اٿين ٿو،
تصور جي تهه ۾، لڪي جي مان آيس،
وساري ڇڏين ها وساري ڇڏين ها!
جوان تنهنجي محفل سدائين آ سائين،
فقط سُرڪڙيءَ لئه، سِڪي جي مان آيس،
پياري ڇڏين ها پياري ڇڏين ها!
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ

ڇا لاءِ بهارن ۾، اڄ بوءِ ڀنل ناهي (قمر شهباز)



قمر شهباز

هر     رات           اُداسي      آ،      هر    صبح            ستم  آهي،
ڪجهه پنهنجي نصيبن جو، ڪجهه تنهنجو ڪرم آهي.

ڇا       لاءِ     بهارن      ۾،        اڄ      بوءِ       ڀنل          ناهي،
هر    مکڙي     آ      ڪومائي،      هر    گل      ۾ زخم آهي.
خاموش    فضائن    ۾      آواز       هي        ڪهڙو    آ،
آڪاس    ٿو     جهونگاري،    يا    منهنجو صنم آهي.
هر   وار    اُڃايل    کي،    ڪجهه      زياده اُڃائين ٿو،
يا     روح    ئي    پياسو    آ،    يا    پيالي    ۾ خم آهي.
تون   دل ۾    جڳهه   ڏيئي،    پوءِ    پل ۾    ڀُلي ويٺين،
هن   دل ۾    ليئو پائي،    ڏس    تنهنجو    ئي غم آهي.
ڪيئي    ڀيرا    خيال آيم ، مان  توکي وساريندس،
ڪا  ريت   ته ڪانهي  پر،     هي     دل جو مرم آهي
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ

مچ مٿان ڪي سچ جا ساکي، آيا ميڙو ٺاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
ڪاريءَ ڪڪريءَ مان برسي، ڪالاٽ لهوءَ جي آهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
پنڌ پري آ، پنڌ پري آ، آءُ لاڳاپا لاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
جيسين دم آ، غم ئي غم آ، سانت سکن جي ناهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
تنهنجي منهنجي اک جو اُلڪو، بيٺو سينو ساهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
اڄ جا سپنا ڪلهه جون يادون، کلندي چڙهنديون ڦاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
مَڇ ته ڏاڍو مڇريو آهي، بَڇ تي بيٺو باهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.