تحرير ؛ ذوالفقار
شام
مولوي حاجي احمد ملاح پنهنجي زماني کان وٺي اڄ تائين لاڙجوسڀ کان وڏو عوامي
شاعر آهي لاڙ جي زندگي لاڙ جي زبان جي سموري فطري ۽ تهذيبي سونهن جو نمائنده شاعر آهي.
مولوي حاجي احمد ملاح اسان جي ويجهڙائي واري وقت جو اهو وڏو شاعري ۽ عالم آهي جنهن
تمام گهڻو لکيو پر هن جي زندگي تي تمام گهٽ لکيو ويو جيڪو لکيو اهو به اڻ پورو ” نورالقرآن“
جي نالي سان سندس ڪيل قرآن شريف جو ترجمو سندس علم ۽ محنت جو سڀ کان وڏو دليل آهي،
هن نه رڳو عربي زبان جي اکرن جو ترجمون ڪيو پر قرآن شريف جي حڪمن هدايتون ۽ تعليم جي
روح جو به ترجمون ڪري ڏيڪاريو اها سندس وڏو ادبي ۽ مذهبي خدمت آهي. هن پنهنجي تخليق
جي هٿن سان انساني زندگي جي اکين تي ٻڌل انسان دشمن روايتن ۽ رسمن جي پٽين کي کولي
ماڻهن کي زندگي جون باوقار راهون ڏيکاريون، پستي کان بلندي ڏانهن اونداهي کان روشني
ڏانهن، رات کان صبح ڏانهن هلڻ جي تلقين ڪئي سندس بيشمار سنڌي بيت، غزل، ڏوهڙا، ڪافيون،
مولود، مدائون، مناجاتون ان علمي جدوجهد جا ثبوت آهن، مولوي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري
تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي خواهش سان منهنجي ڏنل درخواستن جي نتيجي ۾ يونيورسٽي آف سنڌ مهرباني
ڪري مونکي سنڌي شعبي مان مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي
جائزو موضوع تحت ايم، فل لاءِ رجسٽر ڪيو شروع ۾ ڊاڪٽر هدايت الله آخوند کي منهنجو گائڊ
سپروائزر مقرر ڪيو ۽ هاڻي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب منهنجو گائڊ سپروائزر آهي، مون
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جي رهنمائي ۾ پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو آهي هن تحقيقي ڪم دوران
تحقيق جو طريقيڪار اهو اختيار ڪيو جيڪو تحقيق جو طريقيڪار اهو اختيار ڪيو جيڪو تحقيقي
ڪم لاءِ طريقيڪار اڄ تائين اختيار ٿي رهيو آهي، مون مولوي حاجي احمد ملاح(
169-1877جر سوانح عمري جي باري ۾ سندس اباڻي ڳوٺ ۽ انجي ڀرپاسي جي ماڻهن کان ڄاڻ حاصل
ڪئي ان کان علاوه جن مدرسن ۾ مولوي صاحب پڙهيو يا پڙهايو انهن مدرسن سان لاڳاپيل ماڻهن
سان ڪچهريون ڪيون، مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري جا سمورا ڪتاب پڙهيا سندس ڳايل شاعري
ٻڌي سندس ڪتابن ۽ سندس شخصيت بابت جيڪي به سنڌ جي اديبن شاعرن ۽ عالمن لکيو آهي انهن
لکيل مهاڳن، ڪالمن، مضمونن ۽ مقالن کي پڙيهو هن ڪم کي مختلف ڪتابن جي مطالعي ۽ لئبريرين
جي مدد سان هن سطح تي پهچايو آهي جن لئبريرين ۾ مطالعو ڪيو انهن ۾ گورنمنٽ اسلاميه
ڊگري ڪالج بدين، گورنمنٽ گرلس ڪاليج بدين دارالسلطانيه لئبريري، مولوي حاجي احمد ملاح
لئبريري، مولانا خير محمد نظاماڻي لئبري ۽ شيخ محمد سومار لئبريري اچي وڃن ٿيون، ايم.
فل جي هن تحقيقي ڪم کي مون ستن بابن ۾ ورهايو آهي جيڪي هن ريت آهن.
(بدين)
بدين شهر جي بديڻ جي نالي سان 16 صدي جي لکيل ڪتابن ۾ ذڪر ٿومغلن جي زماني
۾ هن شهر جي ڀل ڀلان هئي 1780 ۾ مدد خان پٺاڻ هن شهر کي ڦري لُٽي ساڙي ڇڏيو پراڻي بدين
جا نشان هاڻوڪي بدين جي ڏاکڻي طرف دڙن جي شڪل ۾ 1978ع تائين موجود هئا هاڻ انهن دڙن
تي ماڻهن جي آبادي آهي، پراڻي بدين جي سڙڻ کان پوءِ هڪ هندو سيٺ نالي سانولي هاڻوڪو
بدين شهر ٻڌايو جنهن کي سندس نالي پٺيان سانول پور سڏيو ويو پر ڪجهه سالن کان پوءِ
وري پراڻي بدين شهر نالي سان بديڻو سڏجڻ لڳو بدين شهر تي بدين جو نيلو هن شهر جي هڪ
پريي مڙس بديڻو جي نالي پٺيان پيو هن وقت هن ضلع جي 5 تعلقه آهن جن ۾ بدين، شهيد فاضل
راهو (گولاڙچي)، ماتلي، تلهار ۽ ٽنڊو باگو اچي وڃن ٿا، بدين 1975ع ۾ ضلعو ٿيو.
(مولوي حاجي احمد ملاح جا ابا ڏاڏا )
مولوي حاجي احمد ملاح جا ابا ڏاڏا صدين کان سمنڊ ڪناري آباد آهن ملاح ذات
جي تاريخي پٺ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته ملاح سنڌ جي قديم ذاتين مان هڪ ذات آهي،
ڪن محققن جو خيال آهي ته سنڌ جا قديم رهواسي دراوڙ هئا ملاح نسل جي باقيات آهن، ڪن
محققن جو اهو به خيال آهي ته ملاح مون جي دڙي جي اوج واري زماني ۾ سنڌ ۾ موجود هئا،
ملاحن کي مهاڻو، ميربحر، ميه،ميڌ ۽ ميراڻي به چيو ويندو آهي، لاڙ جي شهرن ٺٽي ۽ بدين
هن ذات جا ڪافي قبيلا رهن ٿا، ابراهيم حيدري، دادو، سانگهڙ ۾ به ملاح قبيلي جا وڏا
ڳوٺ آباد آهن.
(مولوي حاجي احمد ملاح جو جنم، ننڍپڻ ۽ تعليم)
مولوي حاجي احمد ملاح (1877ع) روپا ماڙي جي آمهون سامهون ڳوٺ ڪنڊي، ديهه لوهڻ
تپو چورهڏي يونين ڪائونسل ڀڳڙا ميمڻ، تعلقي بدين ۾ هڪ مسڪين هاري ناگيو ملاح جي گهر
۾ پيدا ٿيو سندس والده جو نالو مائي سڀائي هو، مولوي حاجي احمد ملاح جو والد سندس جنم
کانپوءِ چند سالن ۾ گذاري ويو مولوي حاجي احمد ملاح 11 هن سالن تائين مال چاريو 11هن
سالن کان پوءِ ڳوٺان چوري ڀڄي وڃي ٻهڊمي ۾ مولوي عبدالله منڌرو وٽ قرآن پڙهيو، سجاول
۾ پڙهيو بدين ۾ پڙهيو آخر ۾ گهڙي واري مدرسي ۾ سندس دستار بندي ٿئي.
مولوي حاجي احمد ملاح سڀ پهرين پير عالي شاهه جيلاني جي زير نگراني ۾ هلندڙ
مدرسي مظهرالعلوم ۾ پڙهائيندو هو 1932ع ۾ غريب آباد ۾ پنهنجي مدرسي انوارالعلوم جو
بنياد رکيو جنهن مدرسي کي پاڻ هلائيندو هو.
شهر ۾ هڪ لئبريري مولوي احمد قائم ڪئي، شهر کان اوڀر طرف وڏيري گلکان سيٺ
ڀائيواري تي ورتل ڪجهه ايڪڙ زمين آباد ڪرائيندو هو، سندس جوڙايل مسجد جي اڳيان هڪ ڪمري
واري ماڙي هوندي هئيجت ڪچهريون مچنديون هيون، راڄ ڀاڳ جا فيصلا به ڪندو هو، اليڪشني
عملن ۾ حصو وٺندو هو،مولوي غريب آباد ۾ ٻه چار دڪان به جوڙايا هئا جتان مسواڙ جا پئسه
به کيس ملندا هئا.
( شخصيت، لباس، حليو، رهڻي ڪهڻي.)
مولوي حاجي احمد ملاح عوامي زندگي جي سمورن وهڪرن ۽ آبشارن ۾ شامل رهيو، سندس
ذاتي دوستي جو دائرو وسيح هو، علي ٽالپور کان وٺي بدين جي ربڏني لنڊ تائين جي ماڻهن
سان سندس جيءَ جون واٽون هيون، غريب حال سارو مهمانوازيون ۽ سخاوتون به رهيون جيڪو
مهمان آيو ان کي ماني ۽ هنڌ به ملندو هو مسئلن جي حل لاءِ خط پٽ به لکندو هو، غريب
آباد واري ماڙي تي ماڻهن جا ميڙ هوندا هئا، سادو لباس پائيندو هو هن ڪڏهن به پاڻ وٽ
هڪ وقت تي ٻه ڪپڙن جا وڳا نه رکيا هن جي منهن ۾ ڪاوڙ نه هوندي هئي، اڪثر پنڌ هلندو
هو ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ به پنڌ هليو ويندو هو، بي ڍپو * بهادر انسان هو هن جي سموري عمر جدجهد
۽ جستجو ۾ گذري لکڻ پڙهڻ سان کيس وڏو عشق هو، ميگهواڙن جي ٺاهيل جتي پائيندو هو، هٿ
۾ وريل مٺ وارو نيٽ کڻندو هو کجي جي ٽوپي ان مٿان اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي هڪ ڇيڙو پاسي ڇڏي
ڏيندو هو، پٽڪي مٿان مفرل ويڙهي اڌ منهن ڍڪي ڇڏيندو هو، سياري ۾ ڪوٽ پائيندو هو، کاڌي
۾ چانورن جي ماني ۽ ڪکن جي سهل مڇي سندس پسند جو کاڌو هو، ناس جي ڏٻلي ۽ نڪ اگهڻ لاءِ
ڳاڙهو رومال اڪثر هٿ ۾ هوندو هو.
(شادي اولاد ۽ لاڏاڻو)
مولوي حاجي احمد ملاح جت شادي ڪرڻ چاهي ٿي ات سندس شادي نه ٿي، سندس شادي
ويجهي عزارت ۾ عارب ملاح جي نياڻي مائي حوا سان ٿئي،جنهن مان کيس ٽي پٽ عبدالرحمان،
عبدالرحيم ۽ عبيدالله ٿيا ۽ هڪ نياڻي مائي حليمان ٿي، مولوي حاجي احمد ملاح وڏي عمر
تائين صحتمند هو 92 سالن جي ڄمار ۾ 19 جولاءِ 1969ع تي پنهنجي غريب آباد واري گهر
۾ جهان ڇڏيائين معصومن جي مقام ۾ کيس دفن ڪيو ويو سندس وفات تي بدين شهر بند ٿي ويو
سنڌ جي ناموراخبارن مولوي حاجي احمد ملاح نمبر ڪڍيا سنڌ جي عالمن،اديبن،دانشورن ۽ سياستدانن
سندس جنازي ۾ شرڪت ڪئي اڄ تائين سندس ڏيهاڙا ۽ ورسيون ملهايو وڃن ٿيو.
( مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري جي شروعات)
مولوي حاجي احمد ملاح پنهنجي منظوم سوانع عمري ۾ چيو ته آهي ته هو ننڍپڻ کان
ئي شاعري ڪندو هو اڳتي هلي مختلف مدرسن ۾ مختلف عالمن وٽ پڙهڻ ۽ زندگي جي مختلف گسن
تي مختلف خزائون بهارن جي اثر ڪري سندس شاعري ۾ پختگي پيدا ٿي شاعري ۾ سندس ڪو به استاد
نه هو، باقي هو اردو ۽ فارسي شاعرن کان متاثر ضرور هو.
( ڪن عالمن ۽ اديبن جا مولوي حاجي احمد ملاح بابت رايا)
مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري، شخصيت، بهادري، سچائي، جدوجهد زندگي جا وڏا
پٽ ولاريا سندس شخصيت ۽ شاعري بابت ڪافي اديبن لکيو ۽ ڳالهايو جن ۾ مخدوم طالب الموليٰ،
غلام مصطفيٰ قاسمي شمشرالحيدري، سرويچ منشي، رسول بخش پليجو علي احمد بروهي، جي ايم
سيد، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي
الانا، شيخ سومار، مظهرالحق صديقي، هدايت پريم تهمينه مفتي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر،
حليم باغي، عبدالواحد آريسر ۽ ٻيا ڪافي اديب دانشور هئا جن مولوي حاجي احمد ملاح جي
شاعري ۽ شخصيت تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي اهو سلسو اڃان جاري آهي.
( مولوي حاجي احمد ملاح جي بدعت
خلاف فڪري ۽ عملي جدوجهد)
سنڌ ۾ قبر پرستي ۽ اڪثر زيارت گاهن تي لڳندڙ ميلن ملاکڙن ۾ پيدا ٿيندڙ اخلاق
ڊسمن سماجي براين خلاف وڏو جهاد ڪيو، سندس شاعري ۽ جدوجهد جو وڏو حصو غير ضروري قبرپرستي،
شرڪ ۽ وهم پرستي خلاف هو، سندس ان ويڙهه ۽ جدوجهد ۾ وڏو مان مرتبو مليو سندس ان جستجو
۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ وڏيو تبديليون آيون ۽ وڏيون تاريخي سماجي اٿلون پٿلون ٿيون.
( مولوي حاجي احمد ملاح جو دور)
مولوي حاجي احمد ملاح ٿلهي ليکي ٻن دورن مان گذريو هڪ 1877ع کان 1947ع تائين
جو دور ۽ ٻيو 1947ع کان 1969ع تائين جو دور هڪ وڏو انگريز سرڪار جي بادشاهي ۽ ڏاڍائي
جو دور هو، بيو دور پاڪستان جي جدهجهد ۽ پوءِ جمهوريت لاءِ ويڙهه جو دور هو هن تي انهن
ٻنهي دورن جو اثر آهي، سندس شاعري ۾ ٻنهي دورن جي خوشبو سمائيل آهي هي ٻئي دور سنڌ
جا وڏا بحراني دور هئا.
(مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري جا موضوع)
مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري جا اهي سڀ موضوع آهن، جيڪي زندگي سان ۽ ان
دور جي سماجي حالتن سان واسطيدار رهيا آهن، توحيد، اخلاق، تايخ، عشقِ رسول، عشق، محبت
۽ حادثا مولوي حاجي احمد ملاح انهن موضوعن تي مختلف صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي، انهن موضوعن
تي سندس ڪيل شاعري تمام گهڻي مقبول آهي، لاڙ جا عوامي فنڪار ۽ مولودي سندس شاعري کي
غمي توڙي خوشي جي موقع تي ڳائيندا آهن.
(مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري
جون صنفون)
مولوي حاجي احمد ملاح گهڻي شاعري ٽن گهاڙٽين ۾ ڪئي آهي، بيت، نظم ۽ غزل، مولود،
ٽهه اکريون، مداحون جي گهاڙيٽن ۾ به سندس شاعري موجود آهي پر هن وڌ ۾ وڌ شاعري نظم
۽ غزل جي گهاڙيٽي ۾ ڪئي آهي، بيت جي گهاڙيٽي ۾ قرآن شريف جو ترجمون ڪيو اٿس باقي ٻي
ڪنهن به موضوع تي بيت جي گهاڙيٽي ۾ شاعري نه ڪئي اٿس.
( نظم )
مولوي حاجي احمد ملاح جي شاهڪار شاعري نظم جي گهاڙيٽي ۾ ڪيل آهي، سنڌ ۾ ايران
۽ هندستان مان آيو نظم مان اسان وٽ ٻه مفهوم ورتا ويندا آهن هڪ نظم معنيٰ شعر پوءِ
اهو ڪهڙي به صنف ۾ لکيل هجي يعني نثر جي ابتڙ ٻيو نظم معنيٰ شاعري جي هڪ خاص صنف جنهن
۾ خيال جو تسلسل هجي هي صنف سنڌ ۾ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ آئي.
(بيت)
سنڌ جي روايتي شاعري بيت آهي سنڌ ۾ قديم شاعري بيت جي گهاڙيٽي ۾ ڪيل آهي بيت
کي ڳاهه، گنان، ڏور، ڏوهيڙو به ڇيو ويندو آهي، نڙ بيت بيتن جي هڪ شڪل آهي، مولوي حاجي
احمد ملاح قرآب شريف جو منظوم ترجمو بيت جي گهاڙيٽي ۾ ڪيو آهي.
(مولوي حاجي احمد ملاح جا ڇپيل ڪتاب )
ديوانِ احمد
غزلياتِ احمد
بياض احمد
هيڪڙائي حق
فتح مصنوي لنواري حج
معرفت الالعه
نورالقرآن
گلزارِ احمد
(غزل)
غزل عربي قصيدي جي پهرين ٻن مصراعن تشبيب مان ڦٽو، قصيدو جڏهن ايران ۾ آيو
ته ايرانين قصيدي جي باقي مصراعن کي ڇڏي تشبيب جي ٻن مصراعن کي وڌائي غزل ٺاهيو سنڌ
۾ غزل ايران مان آيو آهي، هندوستان، پاڪستان ۽ سنڌ ۾ وڏا غزل جا شاعر ٿي گذريا آهن،
مولوي حاجي احمد ملاح، نظم کانپوءِ باقي شاعري جو حصو غزل جي صنف ۾ ڪيو اٿس، ديوانِ
احمد غزليات احمد گلزار احمد گلشن احمد بياض احمد مولوي حاجي احمد ملاح جي غزلن جا
ڪتاب آهن. (
سنڌ سلامت ڪمپيوٽر تان ورتل)
مولانا
حاجي احمد ملاح جي شاعري ( ناهه ڌڻي ري ڪا درگاهه )
بسم
الله احد الله، حاضر ناظر، سو هر گاهه،
صدقو
تنهن تان ساه پساه، صائق صاحب کي ساراه،
واهواه!
واحد کي واهواه! ناهه ڌڻي رِي ڪا درگاه،
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
خالق
خلقي خلق سموري ــ ماڻهو، جن ملڪ حضوري،
اُڀ،
زمينون، نکٽ نوري ــــ ماڻڪ، موتي مشڪ کٿوري،
راتيون
ڏينهن، مندون ۽ ماه، ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه،
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
عجب
اوپائي ڪيئن اوپاج ــــ در، ياقوت، عقيق ۽ عاج،
کير،
کٽونبا کنڀيون کاج ــــ اَمان، انب، انجير، اناج،
وڻ
ٽڻ، وليون، ونئڻ ڪپاه ــــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه،
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
آهه
اصل ۾ آب مني ــ جنهن مان گل ٿيا گھوٽ وني،
ڪي
ڪي غربا، ڪي ته غني ــ رنگ برنگي جوڙ بني،
صافي
نگ سفيد، سياه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
عربي
ٻولي، عجمي ڳالهه ــ لڳن سکڻ ۾ جنهن جي سال،
قادر
جا ڏس ڪم ڪمال ــ جھڙي مائٽ ڪن مقال،
تهڙي
وات ڳڀورن ڳاه ــ ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ڪڪر
کي جڏهن قادر چوءِ، موجب حڪم هلن ٿا پوءِ،
وسن
ولايتن تي، وڃيو پوءِ، وڏڦڙي جو واڪو پوئي،
تار
ترايون تڙ، تلاه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
جھم
جھم جھر وسن جھالارا ــ ڪاريون ڪنڍيون ڪڏڪارا،
صحرا
چهرا سونهن سارا ــ اوڀڙ ڪن عجيب نظارا،
گلشن
ورشن، گولون گاه ــ ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
مني
ڪنيءَ جون ڏس تون موجون ــ گادي چڙهيو گل ڪري ٿو گوجون،
شاه
سڏائي، شامل فوجون ــ الله ڏياريس اي سڀ اوجون،
قدرت
حق تي ڪل گواه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
قادر
قدرت جو ڪلتار ــ مالڪ ملڪن جو مختيار،
ساري
ڏيهه سندو ڏاتار ــ بيشڪ باري آهه ڀتار،
سارو
عالم هڪ آڪاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
مشرڪ
تي ٻيلي ناهه ميار ــ جيڪي جوڙي هٿ سين يار،
تنهن
جي تيرٿ لاءِ تيار ــ پٿر پوڄي ساڻ پيار،
ناهس
واحد تي ويساه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
مورت
تي ٿيا مشرڪ راهي ــ ڪن ته پٺي تي واٽ وراهي،
ٻڌن
ڳچيءَ ۾ ڳٽ ڳراهي ــ اي سڀ گھوڙا ڙي! گھمراهي،
هر
دم هادي هڪ همراهه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ڪهڙيءَ
صورت پوڄين صورت؟ صاحب جوڙيئي سهڻي صورت،
ماڻهو
بنيو موتي مورت ــ پٽڙي پاڻيءَ پاتي پورت،
لک
لحظي جنهن ۾ لاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
جنهن
حال تي پانڌي پنڌ پون ــ ديکيون درگاه سخن سون،
حال
ڪهن ۽ رئن، رڙن ـــــــ ان کي عرب الهه چون،
سو
تان حاڪم هيڪ الله ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
سوگڻ
صاحب رب سڳوري ـــــــ هرگز پهچون هڪ نه ٿوري،
اڇل
عنايت سڀڪا اوري ــ صدقي صدقي، گھوري گھوري،
آيم
مير محمد شاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
مٺي
محمد مير مٿي ـــــ جڏهن آيو وحي وير مٿي،
تڏهن
خلق سڄي هئي سير مٿي ــــــ تربت تي، وحي تي، تصوير مٿي،
ڪارڻ
ڪمن ڪندا هئا ڪاه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
پير
مبارڪ پرين پاتا ــــــ وحدت وائي ورايئون واتا،
ناهه
ڌڻي ري ڪو داتا ــــــ لات منات عزا سڀ آتا،
ٺلها
ته ٺوڳين ٺاهيا ٺاهه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
پرور
ڏئي ٿو پٽ ۽ کير ــ تون ٿو پوڄين پير، فقير،
ورهن
کان جي گذريا وير ــــ ساهه نه آهي منجھ سرير،
سي
ڪئين وجھندا ٻئي ۾ ساه؟ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
هو
جي جڳ ۾ جيئرا ــــــــ وڌا قبر ۾ ڪانڌين ڪيئن؟
جيئرن
سان ڪو جائز ايئن؟ آيا ڇونه اڱڻ اڄ سين؟
ڪن
عزيز اڪنڊ مان آهه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
هو
ته پڄائي پنهنجا ڏينهن ــــــــ سکي وڃي ٿيا سالڪ شينهن،
جن
کي جھڙا رب سين نينهن ـــــــــ تهڙا مٿن مره جا مينهن،
بخشين
باري ڏوهه گناه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
پنن
جنهن کان پُٽ ۽ پوٽا ــــ سي ڪيئن ٽارين ٽئي تان ٽوٽا؟
سڀ
خيال خدا ري کوٽا ـــــــ ڪاوڙجي تون ڪڍ م اکوٽا،
سمجھي
ويندين سنجھ صباح ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
حاجون
هٿ ۾ هاديءَ هيڪي ـــ غير گڏيندا غافل جيڪي،
داخل
دوزخ ڪندن ڌيڪي ـــــ سنوان صبحاڻي ٿيندا سيڪي،
لڳندن
جڏهن بدن کي باه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
پيرل
کي چؤ تون اي پوڄاري! جنهن جي وراڻي واري،
جوڙي
ڳئون يا مينهن موچاري ـــــ هو تان آهن پاڻ اَپاري،
جن
تي گوڙ ٻڌن گمراه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
پيرل
کي چؤ تون اي پانڌي! ڪونج ڪنوار جا تو آندي،
چاڪي
چمڪي وانگر چاندي ـــــــ جوڙي اهڙي حور هيڪاندي،
پاڻئون
ڏيئي پر ۾ پاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
پيرل
کي چؤ تون اي پيئار! جنهن تي لاهين جھنڊ وار،
جوڙ
مٽيءَ مان مورت ٻار ـــــ جوڙون جوڙي جوڙڻ هار،
ٻيو
سڀ ڪوڙ، قصو ڪوتاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
پيرل
مهندان پانڌ پکيڙ ـــــ ڄاڃي ماڃي ميڙ ئي ميڙ،
چؤ
ته بدن ۾ پيم بگيڙ ــــــ آيو اجل تنهين کي ٿيڙ،
نيم
نهوڙي ٿو ناگاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
پيرل
مهندان لاهي ڀاڳ ـــــ جنهن جا لازم ڄاڻين لاڳ،
باغ
بنائي تنهنجا ڀاڳ ــــــــ ڪوڙهيا! اي سڀ ڪوڙا راڳ،
ڪانهي
واحد ڌاران واه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
چؤ
ڪو پرتو پير پساءِ ــــــــ مون کي دعوا منجھ نه دساءِ،
جوڙ
ملاريون مينهن وساءِ ــــــــ پوکن پاڻِ جلد رساءِ،
وهسن
وي، وليون وڻراه ـــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ڪوبه
جواب نه ملندئي جاني ـــــ چوندئي ظاهر ساڻ زباني،
ڪُل
مَن عَلَيها فَانِي ـــــــــ ٻئي سان ٿي م ٻڌل ۽ ڏاني،
وٺ
تون هڪڙي رب جي راه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
جن،
ملائڪ، مانهو لک ـــــــــ اُڀري ڪين انهن کان ڪک،
جڙندي
مور نه هڪڙي مک ــــــــ ٺهندو پڻ نه پکيءَ جو پک،
توڻي
گڏجي ڪن گجگاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
رزق
پهچائڻ ڪم رحمان ــــــــــــــ جنهن جا عيوض بنا احسان،
ڏاتيون
ڏي، جي موجب ڏان ـــــــــــ قيمت پهچي ڪنهن کان ڪانه،
پاڏو
تنهنجو وڌ نه پنجاه ـــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ان
سکا جي صدقي سانگ ـــــ ڀائين مليم مينهن ڇانگ،
مومل
ماڻيئي، منهن تي مانگ ــــــ بدلا ڇڏ، اي بکيا ڀانگ،
ڪهڙي
پرور کي پرواه ــــــــــــ ناه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
دانهن
در ڌڻيءَ کان ڍار ـــــــــــ سي تان ڦوڪون منجھ ڦلهيار،
موٽي
پونديون منهن ۾ يار ــــــــــ ملندئي محشر ڏينهن ميار،
سرندئي
خواري خوامخواه ــــــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
هڪ
ڌڻي، جي ڇڏن ڌڻن ـــــــــ ڪم وڻي ٻيا ڪير کڻڻ،
هيڏي
هوڏي هٿ هڻن ـــــــ ته به ڊهن زمينون، اُڀ ڇڻن،
آگي
ري ير! سڀ اونداه ــــــــ ناه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
فرش
ڪنان تان عرش سڳوري ــــــــ ڏيهه سڄائي ڏس تون ڏوري،
چڱن
مٺن کي ڏسي تون چوري ـــــــــ ناه آ جھوڪو ان کان اوري،
ٻين
سڀن جا طبل تباه ـــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
شارڪ!
شرڪ سندا ڇڏ شيوا ــــــــ ڏاتر هٿ ۾ ڏيوا، ليوا،
ڪر
م سوا رب ٻئي جي سيوا ــــــ مهندان ماڻئين محشر ميوا،
جنت
منجھ جڙئي جاڳاه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
جيڪا
تنهنجي هٿ ۾ هڙ سي سڀ واحد هڪ جا، وڙ،
لڳ
م لٽيا! ڪنهن جي لڙ ــــــ قادر تنهنجو ڪل کان ڪڙ،
ڌار
م ڌارين جو ڊپ ڊاءُ ــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
مالڪ
هڪڙو ملڪ ملڪ ۾ ـــــــــــ خالق سوئي خلق، فلڪ ۾،
هٿ
انهيءَ جو هڪ چلڪ ۾ ـــــــ سڀن سنڀالي پلڪ پلڪ ۾،
ملڪ
سڄي تي مهر نگاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
يَقُول
لَههُ، ڪُن فَيَڪُنِ ـــ قائم قدرت جو قانون،
جيڪي
جوڙون گونا گون ـــــــ ان حڪم جي هيٺان هون،
ٺهن،
ڦٽن سين امر الله ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
آئون
ته ڏوهاري ڏٻرو ـــــ قادر! ڪريين منهن جو ڪم،
داور!
لاهين دل جو غم ــــ ”احمد“ کي، جي آخر دم،
نعمت
ڪلمون ڪج نيباه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ